لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

مقدمو

(مصنف طرفان)

ڳوٺاڻا ٿين ڳالھين جا ڳوٿرا/ ڳھير. بھاري وري تڏهن ٿئي، جڏهن چونڪ/اوطاق ۾ چلم (حقي) جي چوڌاري ويھي، اوڀاريون لھواريون ويھي ڪندا آهن. ڳالھين کي مرچ مصالحا (۽ چھر چٽڻيون) لڳائي اهڙي ته سلوڻي نموني سڻائيندا، جو ان ڳوٺاڻي چھر جو سواد ئي ٻيو. ”ڳوٺاڻي ڳُـڙُ“ جو ميٺاڄ، مڙني کان مور ڪين وسرندو.
• ساهتيه جو سينگار، آهه ٻھراڙيءَ جي گفتار.
ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾، پھاڪن جي سڳنڌ جام. ڪاغذ ۽ قلم کڻي، وڃ موتي جهٽيندو. ڇڻ ڇڻ پئي پوندي. ڪو رڳو ٻُڪَ جهلي، يا جهولي جهلي.
• نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾.
زالون ته وري مڙسالن کان به گوءِ کڻي وڃن. گهر ۾ اٿندي ويھندي پيئيون چوڻيون چونديون ۽ پھاڪن جون پلٽاپلٽ ڪنديون. ٽپي ٽپي تي ٽوٽڪو ۽ چپي چپي تي چوڻي. سي به اوڦٽو سوڦٽو نه، پر سھڻيون ۽ سيبائتيون. ائين پيون مڻ اوڳاڇينديون. ڪراڙيون ته تيھان زور. ننڍين نيٽين کي به پھاڪا چڱا اچن. پر جيئن ئي ڳڀوراڙي يا ٻار ڪڇ لڳس، تيئن ئي چوڻيون پنھنجو پاڻ پيئيون وات مان وهندس.
سڳوري سنڌي (ساهت) ڪا غريب ڪينھي، بلڪ دنيا جي شاهوڪار ٻولين منجهان هڪ آهي. هر ڳوٺ يا علائقي، واهڻ يا وستيءَ کي پنھنجا پنھنجا پھاڪا ۽ اصطلاح آهن. جيڪڏهن سمورا، سنڌي ساهتيه جي لڙهه/مالھا ۾ پوئجن ته فرحتي زيب ۽ زينت ڪن. سنڌڙيءَ جو ساهتيه، سچ پچ آهي ئي ڳوٺن ۾. شل سنڌڙيءَ جا ڳوٺ وسن.
هن ليک ۾ منھنجو ارادو فقط ڳوٺاڻن ۾ مروج يا هالو چالو پھاڪا، وايون ۽ چوڻيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪتابن ۾ درج ڪين ڪيل آهن، سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ٻيا جوان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪري نروار ٿيا ۽ پھاڪن جي پلٽ پلٽان شروع ٿي ته سنڌي ٻولي، پنھنجو پاڻ سڌرندي ويندي. ٻين ٻولين جھڙوڪ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اکرن جي اوڙڪ کي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪاهي پوڻ کان ٻنجو اچي ويندو. سنڌ ۾، ائين ڪرڻ سان، وري ڄڻ شاهه ۽ سچل پارن جو دور چالو ٿي ويندو.
ڌيان/خيال سان جاچبو ته نظر ايندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اکرن جي اڻاٺ ناهي. اڻاٺ فقط، اڀياس جي آهي.
• جو ٽٻي ڏئي، سو ٽول لھي.
• پنڌ ڪئي بنا، ڪو ننگر نه پھتو آهي.
• طعام جي نالي ڳڌي، نه سواد اچي ۽ نه اڃ/ بک لھي.
اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون، سنڌيءَ ۾ انيڪ آهن. ڪو کيڙائو هجي، جو ويھي کارو کيڙي.
نموني جي طور، سنڌي ساهت جي خرار مان، پڙهندڙن لاءِ مُـٺ موتين جي پيش ڪجي ٿي.

(سنڌو جيڪب آباد ۴۲-۱۹۴۱ع تان کنيل)