لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

ڪ

111. ڪارو، رام کي پيارو. (چوڻي)
ماڻھن جا رنگ روپ، پاڪ پروردگار پنھنجي سشيت سان جوڙيا آهن. کيس، خلقيل سمورا ٻانھا، هڪجھڙا پيارا آهن. وٽس مقبوليتِ عام، عمل ۽ نيت کي آهي، رنگ روپ جي ناهي. جيئن ماءُ کي پنھنجو ڪارڙو پٽ مڙني ٻارن کان پيارو لڳندو آهي، تيئن مالڪ کي به رنگ جا ڪارڙا وڌيڪ پيارڙا هوندا آهن.
مطلب:
111.1 ڪاري رنگ واري کي، احساس محروميءَ ۾ پوڻ نه گهرجي.
111.2 ڳوٺن ۾ ڪي مائرون، ڪارڙن ٻارن جي دل رکڻ لاءِ، اڃا به وڌائي چونديون آهن؛ ”ڪارو، رب جو پيارو. اڇو، ڪڪڙ جو پڇو.“

112. ڪارو ڪاري؛ هڻ ڪھاڙي. (چوڻي)
ڪارو ڪاري؛ عزت خاطر قتل ڪرڻ، غيرت ۾ عورت ۽ مرد کي مارڻ. Honour Killing.
ڪھاڙي هڻڻ؛ ختم ڪرڻ.
ڪارو ڪاريءَ جي رسم، غير شرعي رسم آهي، جنھن منجهان اڳتي هلي ڪيتريون ئي برايون جنم وٺن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن لالچ ۾، عزت/غيرت جو رنگ ڏئي به ٻه جانيون ضايع ڪيون وڃن ٿيون. انھيءَ فعل کان بھتر آهي ته قانون الاهيءَ تي عمل ڪجي ۽ پنھنجي افترائي قانون تي ڪاربند ٿيڻ کان پرهيز ڪجي.
مطلب:
112.1 ڪارو ڪاريءَ جي رسم کي ئي ڪھاڙي هڻي ڇڏجي.
112.2 غلط روايتون ختم ڪرڻ گهرجن.

113. ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو. (پھاڪو)
هر ڪنھن کي کٽي ڪمائي وڻندي آهي. زال کي مڙس تڏهن وڻندو، جڏهن ڪمائي ايندو. اهڙيءَ طرح والدين به ان پٽ سان وڌيڪ پيار ڪندا آهن، جيڪو کٽي ڪمائي اچي، پوءِ ڀلي منجهس جسماني عيب ئي هجن.
ان جي برعڪس سھڻو سيبتو پٽ، نکمڻو ٿيو گهر ۾ ويٺو هوندو ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو، ٻين کي ته ٺھيو پر والدين کي به پِتي تي ڪو نه پيو پوندو.
مطلب:
113.1 کاٽو پٽ، ڪاڻو به ڀلو.
113.2 پٽ ڀلي ڪاڻو ھجي، پر کاٽو ھجي.
113.3 پٽ آنديءَ وارو، زال لڌيءَ واري وڻندا آهن.

114. ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾، سنڪٽ ڀي گهڻا. (پھاڪو)
جنھن کي جسماني عيب آهي، سو سڀڪنھن جي نظر ۾ جلدي اچي ويندو آهي ۽ سڃاتو به ان عيب سان ويندو آهي. جيئن منڊو يا انڌو، ڪاڻو يا ٽنڊو، ڇو جو ان عيب وارا، هوندا به ورلي (Rare) آهن، تنھنڪري جهٽ سڃاپجي پوندا آهن. ان عيب سببان، کين سڃاڻندو به سڀڪو آهي. سندن هر ڪم، ڪڌو يا سڌو، جلد وائرجي ويندو آهي.
سنگهٽ؛ ڇيڏڪ نخرا هر هڪ جي وهانءَ ۾ پوندا آهن پر پڌرا ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ ٿيندا آهن.
مطلب:
114.1 عيبدار جا ٻيا عيب به جلد وائرجي پڌر پوندا آهن.
114.2 جيڪا لڳي لٽ، سا ڪاڻي اک ۾.
114.3 ڏٻريءَ تي مڇر به گهڻا.
114.4 ڏکندڙ آڱر، هر ڪم ۾ پئي ڏکندي آهي.

115. ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
اصول اهو آهي ته خير خيرات يا محنت جيڪو ڪري ته نانءُ/ نام ناموس/نيڪنامي به ان جي ٿئي. ڪن حالتن ۾ محنت، مشقت ۽ قرباني ننڍا ۽ ڪمزور ڪندا آهن پر نالو وري وڏن جو ٿيندو آهي. جيئن ڪم ڪلارڪ ڪندا آهن، نالو آفيسر جو ڳائبو آهي. اهڙي نا انصافيءَ واري نيڪناميءَ لاءِ، ائين مثال ڏئي سمجهائبو آهي.
مطلب:
115.1 وڙهن سپاهي، نالو صوبيدار جو ٿئي. (پھاڪو)
115.2 محنت هڪڙن جي، معاوضو ملي ٻين کي. (ورجيس)
115.3 ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وري وڏيري جو ٿئي. (پھاڪو)
115.4 ٽڪا گهوٽ پيءُ جا، شابس مُـکيءَ کي.
115.5 ٻري تيل، کامي وٽ، واه ڙي ڏيا واه.

116. ڪم کپي، چم نه کپي. (چوڻي)
ڪم کپڻ؛ سھوليت ميسر اچڻ، تڪليف دور ڪرڻ.
چم کپڻ؛ سھڻو هجڻ، اڇيءَ چمڙيءَ وارو هجڻ.
سھڻي شيءِ، هر ڪنھن کي وڻندي آهي. جڏهن ته سھڻو ڪم، ان کان وڌيڪ وڻندو آهي. نوڪر، اولاد جي ڀيٽ ۾ ڪم سبب، وڌيڪ پسند پوندو آهي. سندس اڇي يا ڪاري چمڙي، سندس ڪم واري محنت تي اثر انداز نه ٿيندي آهي. محنت ڪاري چمڙيءَ وارو ڪري ۽ اڇيءَ چمڙيءَ وارو نه ڪري ته پسنديدگيءَ جي لحاظ کان محنت واري جو قدر وڌيڪ ڪيو ويندو آهي.
مطلب:
116.1 ظاهري سونھن کان، اندر جي سونھن ۽ محنت وڌيڪ وڻندڙ آهي.
116.2 هر ڪنھن کي وهڻيءَ جا وهٽ وڻندا آهن.
116.3 ڪم کپڻ، چم نه کپڻ. (ورجيس).
116.4 هر ڪو ڪم پرين آهي، چم پرين ڪير به ناهي. (چوڻي).
116.5 ڏسڻ جا سھڻا ٽوهه، پٽن تي پيا آهن.

117. ڪنواري بادشاهي، مڱڻي پئي ڦاهي،
پرڻي کان پوءِ، ٿيو چلهه جو واهي. (چوڻي)
نوجوان ڇوڪري، پرڻي کان اڳ پيڪن ۾ ڄڻ راڄ ڪندڙ آهي. پيءُ جي ڪمائيءَ تي بادشاهه بڻي ويٺي آهي. مڱجڻ سان، نڪ ۾ ناڪيلي پويس ٿي. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي حساب سان ڦاسي پوي ٿي. جڏهن پرڻجي مڙس جي گهر اچي ٿي، پوءِ سڄو ڏينھن گهر جي ڀتين اندر رهڻو پويس ٿو ۽ ماني ٽڪي ڪرڻ لاءِ چلھه جو چوڪيدار بڻجي ويھڻو پويس ٿو.
مطلب:
117.1 پرڻي کان اڳي؛ ماڻھو آزاد آهي. مڱڻي کان پوءِ، محتاط رهڻو ٿو پويس. شاديءَ کان پوءِ، ته رڳو ٻيلپا آهن جيڪي ساري عمر ڏيڻا اٿس.
117.2 ڀيٽيو؛ مڙس مڱيو ته سنگت کان ويو، جوان پرڻيو ته مٽن مائٽن کان ويو، ٻڍي ڄايس ٻار ته پاڻ کان ويو.

118. ڪِنو سھندو، ڏنو نه سھندو. (ورجيس)
هڪڙو ڪتو، گابن جي ڪونر ۾ ويھي رهيو. ڳئون آيون ته کين ڏاڙهڻ لڳو. جڏهن ته آهر ۾ پيل ڪُـتر، سندس کائڻ جي به نه هئي. منجهس گهڻي دير ويھي، ڪِني ڪري ڇڏيائين ۽ گانين/ گابن کي کائڻ نه سٺائين. (هيءَ ڳالهه ايسپ جي آکاڻين تان کنيل آهي).
مطلب:
118.1 جيڪا شيءِ پنھنجي ڪم جي نه هجي، سا ٻين گُهرجائن کان نه لڪائجي.
118.2 ڪنو سھڻ، ڏنو نه سھڻ.
118.3 مئي سھائڻ، ڏني نه سھائڻ.
118.4 اڇلي سھائڻ، ڏني نه سھائڻ.