س
سنبت سال جو مھينو سانوڻ؛ عيسوي سال جي جولاءِ جي اڌ کان شروع ٿي آگسٽ جي اڌ ۾ پورو ٿيندو آهي. سانوڻ مھيني جي ختم ٿيڻ سان، سانوڻيءَ جي يا گرمين جي حد پوري ٿيندي آهي. سارين جا رونبا ۽ جوئر جي پوکائي، سانوڻ جي مھيني ۾ ٿيندي آهي.
سانوڻ جي مھيني ۾، جيڪڏهن هاري نڪمو ٿي ستو پيو هوندو ته فصل پوکڻ جو وقت هٿ مان نڪري ويندس. اهڙي صورت ۾، فصل لھڻ وقت، سندس حالت ڪتي ۽ ڪانءَ کان به پري هوندي، ڇو جو ڪتي ۽ ڪانءَ کي لُوه/ سٽ ڏيڻ سان ڪجهه نه ڪجهه ته ڦٻندو آهي پر هن کي اهو به نه ڦٻندو.
مطلب:
95.1 سانوڻ ۾ سستي ڪرڻ نه گهرجي.
96. سج کٽي، يا ٻج کٽي. (ورجيس)
ڏينھن جو مداءُ، صبح کان شروع ٿي، شام تائين پورو ٿئي ٿو. هڪڙي هاريءَ کي زمين ۾ ٻج پوکڻو هجي ته لازمي طرح ڏينھن جو پوکيندو. اَوِرچ ۽ محنتي هاري، صبح مردان جو الاتوهار (الله تو آهر) ڪري هلي بيھندو آهي، تيستائين ٻنيءَ مان ٻاهر نه نڪرندو آهي، جيستائين ٻج ڇٽي پورو نه ڪري يا سج لھي نه وڃيس.
مطلب:
96.1 زبان جي پڪي ۽ محنت کان نه لنوائيندڙ لاءِ ائين مثال ڏبو آهي؛ ”فلاڻو ڪم جو شينھن آهي. تيستائين پيو هلندو آهي، جيستائين يا ٻج کٽيس يا سج کٽيس.“
96.2 هل هلان، اڻ ٿڪ محنت.
97. سج لٿو، ڇوڪر ڊٿو. (چوڻي)
ڊٿو؛ سمھي پيو.
ڇوڪر/ٻار کي سارو ڏينھن راند ۾ هَڄَڻ کان سواءِ ڪو ڪم ڪار ڪونھي. سج لٿي کان پوءِ، اوندھ ٿيڻ سان، سندس راند به پوري ٿيندي. ٿڪ به محسوس ڪندو. ٻاهر، اوندھ ڌاران، نڪرڻ ۾ به ڀؤ پيو محسوس ڪندو. هاڻي کيس سمھڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونھي. وڏن وانگر کيس، ڏينھن جي ڪيل ڪمن جو حساب، سوچ ويچار ۽ وچور ٺاهڻي ناهي، تنھنڪري ڪِرڻ شرط، کيس ننڊ کنيو وڃي.
مطلب:
97.1 ٻار کي رات جو، سواءِ ننڊ ڪرڻ جي، ٻيو ڪم آهي ئي ڪو نه.
98. سچي ڳالهه سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. (چوڻي)
مڃرائڻ لاءِ آسمان مان چار ڪتاب لٿا. ماڻھن جي شيطانن، انھن کي پڙهي ايترو نه مڃيو، جيترو وري مٿان لٿل ڏنڊي کي سچو سمجهي ايمان آندائون.
پير/مرشد کي وچ ۾ آڻڻ، ويد پڙھڻ، فلسفا ۽ منطق جھاڙڻ، قسم قرآن کڻڻ سان به ڪير نه مڃي ته کيس آخر ۾، موچڙي سان سمجهائجي، ڇو جو موچڙو، ڪنھن جو مُـنھن نه ڏسندو آهي. چڱن ڀلن معتبرن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو آهي. ائين سچ به سوٽي جي مثل آهي. کوٽي ماڻھوءَ کي، سدائين ٻيڙيءَ ٻڏل وانگر، نقصان ئي رسندو آهي.
مطلب:
98.1 سچي ڳالهه سونٽي سان ئي معلوم ٿيندي آهي.
98.2 سڌي ڳالهه سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.
98.3 سچي جي ڳالهه، سوٽي وانگر سڌي هوندي آهي. کوٽي جي ڳالهه، ٻيڙي ٻڏي جھڙي هوندي آهي.
99. سخي ۽ شوم جو ليکو، ٻارهين مھيني ساڳيو.
(چوڻي/پھاڪو)
سخي، مالڪ جي مرهمت ڪيل ملڪيت مان، جان ۽ اولاد تي، مٽن ۽ دوستن مٿان خرچ ڪن ٿا، جنھنڪري موٽ ۾، سمورا سندس ملڪيت جي حفاظت ڪن ٿا ۽ وڌڻ/محفوظ رهڻ لاءِ دل سان دعائون گهرن ٿا، جنھن سبب سندس مال ۾ برڪت پوي ٿي. سخيءَ جي سخاوت سبب، مالڪ به مٿس مھربان رهي ٿو، جنھن سببان سندس ڪمائيءَ جا دروازا مٿس کولي ڇڏي ٿو.
بخيل يا ڪنجوس، مولى جي طرفان عنايت ڪيل مال، ٻين تي ته ٺھيو پر پاڻ تي به خرچ نه ٿو ڪري. هَوس ۾ وڃي ٿو گڏ ڪندو. ٻين جون دليون ڏانھس ٺريل نه هونديون آهن. مال ۾ برڪت نه پوندي اٿس. چور چڪار به سندس مال کي پيو تاڙيندو آهي.
ٻارھن مھينن جي ليکي تي خبر پوندي ته ٻنھي جو حساب ڪتاب هڪجھڙو هوندو.
مطلب:
99.1 سخيءَ جو مال، برڪت پوڻ سبب ۽ ڪنجوس جو مال بي برڪتو هئڻ سبب، سال تي ليکي ۾ هڪ-ڪرا هوندا آهن.
99.2 سخي، الله جو دوست ۽ بخيل، الله جو دشمن آهي.
100. سگهرا کائن ٻوڙ پلاهه، وانڍن جو واهي هڪ الله.(چوڻي)
سگهرو؛ پرڻيل ۽ ٻارن ٻچن وارو.
وانڍو؛ اڻ پرڻيل، ڇڙهو ڇانڊ، ٽوهيو.
شادي شده ماڻھوءَ کي ٻچن لاءِ هٿ پير هڻڻو پوي ٿو ۽ سندس گهر واريءَ کي ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ رڌ-پچاءُ ڪرڻو پوي ٿو. نتيجي طور کيس به رڌل ٻوڙ پلاءَ مان ڀاڱو مليو وڃي.
ڇڙهي ڇانڊ جو ته جهڳو ئي جدا آهي. کيس؛ نه زال نه زنب، نه ٻار نه ٻچا. ڪمائي ته ڪنھن لاءِ، رکي ته ڪنھن لاءِ. کيس پن جو ٽڪر مليو، نه مليي جھڙو، سندس گذر ٿي ويو.
مطلب:
100.1 گڏجي رهڻ واري کي کائڻ لاءِ ملي ٿو، اڪيلي رهڻ وارو ٻاٿن ۾ آهي.
100.2 ڇَـڙن جو جھان ئي ڪونھي.
101. سڳو ٽُٽو، ساهَ ڇُٽي. (چوڻي)
ساهَ؛ مالھا، تسبيح وغيره.
مالھا ۾ موتي/مڻيا، سڳي جي ذريعي پوتل هوندا آهن. سڳو سلامت آهي ته مالھا/ مالھه/ ساهَ به سلامت آهي. سڳو ٽٽو ته ساهَ به ڇٽي.
کوھ جي مٿان نار چاڙھبو آھي. نار منجھ، مالھ جي ذريعي لوٽيون ٻڌل ھونديون آھن. مالھ، ڪاٺ جي چڪر تي ڦرندي آھي، جنھن کي ڍينگو ڦيرائيندو آھي. ڍينگي کي سرائي، ۽ سرائيءَ کي ڳاڌيءَ تي ويٺل ھمراھ جي مدد سان، ماڻھو يا ڏاند يا اٺ گھمائيندو آھي. مالھ چڪر مٿان رسن ۽ نوڙين ذريعي جڙندي آھي، جنھن ۾ لوٽيون ٻڌبيون آھن. خالي لوٽيون مالھ ذريعي ھڪ طرف کان ھيٺ کوھ ۾ وينديون آھن ۽ ٻئي طرف کان ڀرجي مٿي پيون اينديون آھن. مالھ جي اگر نوڙي جڏي ٿي ٽٽي ته، ڀريل لوٽين وارو پاسو ڌڙام سان وڃي کوھ منجھ ڪرندو.
زندگيءَ جي تند به ساهه سان سري ٿي پئي. جڏهن حياتيءَ جو سڳو ٽٽندو ته هيءَ جان به ختم ٿي ويندي.
مطلب:
101.1 حياتيءَ جو چرخو، دم جو محتاج آهي. دم نڪتو، آدم جھان مان نڪتو.
101.2 ڀيٽيو؛ موت نه پڇي مائٽي، نه پڇي تِٿ نه تاريخ.
102. سنڀاريندي سار، وڏي ٿئيس ڄمار. (تُڪ بند جملو)
ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به اتفاق ٿيا آهن جو ڪچھريءَ ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي سنڀار پئي هلندي آهي ته اهو به اچي مٿان پھچندو آهي. انھيءَ اتفاق ٿيڻ تي، گهڻن کي حيرت ٿيندي آهي. جيڪڏهن سندس ذڪر، خير وارو هوندو ته سندس اچڻ به برڪت وارو ڀانئيندا ۽ چوندا؛ ”عمر وڏي اٿئي! هاڻي تنھنجو ذڪر ڪيوسين ته هاڻي تون اچي وئين!“ ڪي عورتون اخلاقي طرح چونديون آهن؛ ”سنڀاريندي سار، وڏي ٿئيس ڄمار“.
ان جي برعڪس ڪنھن جي گلا هلي ۽ اهو مٿان اچي ڪڙڪي ته پوءِ مڙني ۾ کسرپسر پئجي ويندي. ڏاڍو مڙس هوندو ته ڳالهه دٻجي ويندي ۽ موضوع مٽجي ويندو. جيڪڏهن هيڻو مڙس هوندو ته چوندس؛ ”سنڀاريندي سار، اچي ته ٺوڪي ڪڍوس مار“.
مطلب:
102.1 چڱي جي چڱي ڳالھ ھلي، ته سڀڪو چڱو چويس.
102.2 انگريزيءَ ۾ اھڙي نڀاڳي جي اچانڪ اچڻ تي سندس لاءِ چوندا آهن؛ “Think of devil, devil is here”
103. سنجها ٽري، جوت ٻري. (چوڻي/ پھاڪو)
سنجها؛ سج لٿو، شام ٿي.
جوت؛ بتي، روشني.
شام جو، سج لھڻ کان پوءِ، اوندهه شروع ٿيندي آهي. ماڻھو سج لھڻ شرط، هنڌ ڀيڙو نه ٿيندو آهي. بلڪ ڏينھن جا رهيل کھيل ڪم يا مؤخر ڪيل منصوبن ۾ هٿ وجهندو آهي. ان ڪري کيس روشنيءَ جي ضرورت پوندي آهي، جنھن لاءِ بتي ٻاريندو آهي.
مطلب:
103.1 اوندهه کي تڙڻ لاءِ، روشني ڪرڻي پوندي آهي.
103.2 سنجها جي ويل ٽري، رات جي راڻي راڄ ڪري، ته گهر گهر ۾ پيل ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ ٻري.
104. سنڌ، سڌي آهي موچڙي سان. (پھاڪو)
آڳاٽي دور ۾ هيءُ خطو ٻن حصن، هند ۽ سنڌ ۾ ورهايل هيو. ڳوٺ جي ماڻھن لاءِ سنڌ ئي ڄڻ پوري ڌرتي هئي، تنھنڪري ساري مخلوق جو مثال، پوري سنڌ سان ڏيندي چوندا هيا: ”سنڌ، سڌي آهي کَـلي سان“.
موچڙو، مرونءَ کي ماڻھو ڪيو ڇڏي. ڪتابن جي نصيحت ايترو اثر نه ڪندي آهي، جيترو ڏنڊي جي.
مطلب:
104.1 ڏنڊي سان، گهڻا معاملا سڌا ٿين ٿا.
104.2 سنڌ، کلي سان سڌي آهي.
104.3 کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
104.4 عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوھ نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)
104.5 ڀيٽيو؛ کلو لڳو، هٺ ڀڳو.
105. سوڙ جو جهيڙو، سوڙ ۾. (پھاڪو)
سوڙ جي اندر، جيڪي ٻيلھه سمھندا، سي پاڻ ۾ ئي جهيڙا ڪندا. خاص طور تي هڪ ئي سوڙ جي اندر، زال مڙس ئي سمھندا آهن. عورتن جي عادت آهي ته مڙسن سان مطالبا، گهڻو ڪري سوڙ جي اندر لڪي ڪنديون آهن. سوڙ جي اندر، پيا روساما پرچاءَ يا سرچاءَ هلندا اٿن. صبح جو اٿڻ کان پوءِ، ماڻھن آڏو ساڳيي جا ساڳيا ئي هوندا آهن. سندن جهيڙو ۽ سرچاءُ، نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
مطلب:
105.1 جنھن سان به معاملو رکجي، ان سان ڪنڊ سنڊ ۾ نباهي ڇڏجي. ٻين تائين معاملو نه پھچائجي.
105.2 جڳ کلائڻ کان بھتر آهي ته معاملن جي، گهر ۾ ئي ڇيني نبيري ڪري ڇڏجي.
106. سؤ ڏهون قلم لاڳو، چور ڇُٽا ڀاڳيا قابو. (چوڻي)
پوليس وٽ قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ، مختلف ڏوھن لاءِ مختلف قلم (article) هوندا آهن، جيڪي ماھرن جي مدد سان سوچي سمجهي ٺاھيا ويا آهن. جھڙي قسم جو ڏوهه هوندو، اهڙي قسم جو قلم لاڳو ٿيندو. قائدن ۽ قانونن ۾ ڪي پيچيدگيون ۽ گهرگهلائيون اهڙيون هونديون آهن جو وار برابر ٿيل غلطيءَ سببان، ڏوهاري ڇٽي ويندا آهن ۽ بي ڏوهي ٻڌجي ويندا آهن. چور بدران، چاڪي سُڪ هوندا آهن.
مطلب:
106.1 قلم نمبر: 110 ۾ ڪافي گنجائش آهي. ٻئي ڌريون هڪٻئي مٿان ڪيس ڪري سگهن ٿيون. نتيجي ۾ ٻئي ساڳئي ڏوهه تحت، ساڳئي لاڪپ ۾ گڏ ٻڌجي سگهجن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن اثر رسوخ هلائي، چور ته ڇٽي ويندا آهن، پر ڀاڳيا واڙيا پيا هوندا آهن.
107. سيري جي سڏ تي، ٻه ٻه کنيائون ٻار،
هڪڙي کي گپايائون گپ ۾، هڪڙي کي ڏنائون مار،
جڏهن ٿي سيري جي سنڀار، تڏهن ٻه ٻه چپاٽون ٻار کي.
(چٿر، چوڻي)
جيڪي ماڻھو، کاڌي جي دعوت تي ويلو ٽارڻ ۽ سنگت تي ٿورو ٿڦڻ لاءِ، هڪ بدران ٽي ڄڻا گڏجي پھچندا آهن ۽ ڀت کائي هڪ ڄڻي جو پاهت لکائيندا آهن، اھڙن ماڻھن لاءِ، ائين مثال ڏئي، ٽوڪ ٺاهبي آهي.
ھڪڙو لطيفو مشھور آھي: ھڪڙو ماستر، مائٽن جي ڪنھن شاديءَ ۾ پنھنجي ڊزن ٻارن جي لوڌ ساڻ ڪري، جڏھن زال سميت وڃي اتي پھتو ته اڳين ڏسندي ئي پڇيس؛ ”حيا، ڪو نه ھيئي!“ اتفاق سان ’حيا‘ به سندس ھڪ ڌيءُ جو نالو ھيو، جيڪا ان ڏينھن امتحان سبب، عين وقت تي اسڪول کان موٽي نه سگھي ھئي، جيڪا ھن شاديءَ ۾ اچڻ کان رھجي وئي ھئي. ماستر، ان جو نالو ٻڌڻ شرط جواب ڏنن؛ ”ان جو پرچو ھيو، نه ته اھا به اچي ھا!“
مطلب:
107.1 قربائتي ڪوٺ تي، ٻارن جي ٽرڪ ڀري پھچڻ وارن لاءِ ٽوڪ طور ائين آڌر ڀاءُ ڪبو آهي.