م
ماتا؛ بيماريءَ جو قسم آهي، جنھن ۾ سڄي جسم تي نرم نرم ۽ گرم گرم داڻا نڪري پوندا آهن. جسم اندر ڪڻس ۽ بخار تنھن کان سواءِ ٿيندا آهن. ننڍن ٻارن کي، خاص طور ٿيندي آهي, جنھن جي سٽ گهڻا ٻار نه سهي سگهندا آهن ۽ مري ويندا آهن. وري جيڪي بچي ويندا آهن، تن جي چھري وغيره تي اهڙا چُٽا ۽ چُگهه ٺھي پوندا آهن، جن سان سندن چهري جي ساڳي رونق نه رهندي آهي.
مطلب:
137.1 ماتا جي بيماري ڏاڍي خطرناڪ آهي.
138. ماٽيلي ماءُ، پچائي ساهه. (پھاڪو)
ماٽيلي ماءُ؛ پيءُ جي ٻي زال، ويڳي ماءُ.
ماسي؛ ماءُ سي يا مان سي، ماءُ جي ڀيڻ.
جنھن ٻار جي ماءُ ننڍي هوندي مري وئي، تنھن کي هاڻي ماءُ جھڙو پيار، دنيا جي ڪنھن به عورت منجهان نه ٿو ملي سگهي. پيءُ جي ٻي زال به پنھنجي ڄڻيي اولاد کي وڌيڪ گهرندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ مڙس جي ٻئي اولاد کي پنھنجي اولاد جو ڏائڻ ۽ ملڪيت جو ڀائيوار سمجهي پئي ڌڪاريندي، پئي ان کي تڙڻ لاءِ گهات گهڙيندي.
مطلب:
138.1 ويڳي ماءُ جو رويو، ظالماڻو هوندو آهي.
138.2 ڀيٽيو؛ ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ،
ڪنت چڙيلي نا مري، جهڻڪ وهيڻي نه هوءِ.
139. ماٽيلي ماءُ جي مُـڪ، اونھاري جي لُڪ،
پوڙهي جي ٿُڪ، جاتي لڳي تاتي سُڪ. (چوڻي)
ماٽيلي ماءُ، جڏهن مُـڪ هڻندي آهي، تڏهن سندس دل ۾ مامتا جو جذبو نه هوندو آهي، جنھن سببان سندس مُـڪ، ڏاڍي ڳؤري ۽ ساهه ڪڍندڙ هوندي آهي.
پوڙهي ماڻھو جا اعصاب ڪمزور هوندا آهن. سندس وات ۾ ٺھندڙ سنگھون ۽ گگون چيڙهاليون ۽ گهاٽيون هونديون آهن. ڪمزور اعصابن/ عنصرن سان کانگهارو يا ٿُـڪ اڇليندو آهي پر اڇلجي نه سگهندي آهي. چپ وٽ، کاڏيءَ وٽ يا ڪپڙن کي چھٽيا پيا هوندا آھن ۽ سُڌ به نه پوندي اٿس ته گگ/ سنگهه/ ٿڪ ڪا لڱن/لٽن کي چنبڙي پئي آهي.
مطلب:
139.1 ٽئي شيون سڪ ڪندڙ آهن.
140. ماٺو ماري، تکو تاري،
سنھو وري ڪوٺا ڳاري. (چوڻي/ پھاڪو)
ماٺو يا گونگو مينھن، وڏ-ڦڙو ٿي چورن وانگر وسندو آهي. جهور ٻڌي بيھندو آهي ۽ لھڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. سندس پاڻي وهي ته هلندو آهي پر گهڻي هئڻ سبب، ڍنڍون ڍورا ڀري، جھنگ ۽ ٻنيون ٻوڙي، پڊ ۽ پوٺا پسائي، انڇر ڇنڇر ڪري ڇڏيندو آهي، جنھن ۾ گهڻيئي حشرات الارض اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن.
تکو مينھن، آيو ۽ اوڪاڻيو. جيترو به ايندو جلدي ايندو ۽ هڪ هنڌ بيھڻ بجاءِ وهڪرو ٺاهي وهڻ شروع ڪندو. جاين جڳھين کي به ايترو نقصان نه ڪندو. گوڙيون ڏيندو ۽ گجگوڙيون ڪندو هليو ويندو آهي.
سنھو مينھن، آهستي آهستي وسندو آهي ۽ گهڻي دير تائين وسندو آهي. پاڻي ته ٿورو پوندو آهي پر جيڪو پوندو آهي سو آهستي آهستي زمين ۾ جذب ٿيندو ويندو آهي، جنھن سان جاين جون پاڙون ڪمزور ۽ جڏيون ٿي، آءُ ڪنديون آهن.
مطلب:
140.1 مينھن وسي ٻه پھر، ڇنو ٽمي ڇھ پھر.
141. مانِ نه مانِ، مئن تيرا مھمان. (ورجيسي جملو)
مھمان اهو آهي جيڪو وقت پوڻ تي، گهڙي پل لاءِ اچي ۽ آساس وٺي نڪتو هليو وڃي. ان جي برعڪس جيڪي زوريءَ اچي ٽڪن، رڳو مانيون کائين ۽ بي وقتيون چانھيون پيئن، تن کي مھمان ڪين سڏبو آهي. بلڪ کين بلاءِ جان سڏبو آهي.
مطلب:
141.1 زوريءَ ڳچيءَ پوڻ واري مھمان کي انھن لفظن سان ٽوڪبو آهي.
141.2 جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، مان نه ڇڏيانءِ.
141.3 هڙ کائي ويندوسانءِ، بي ايماني اصل نه ڪندوسانءِ.
142. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو. (پھاڪو)
ڦڏا ڦڙا به زندگيءَ جو حصو آهن. ڪي کانئن پيا ڪترائيندا ۽ لنوائيندا آهن. انھن افعالن تي ملڪيتون لٽرائي، ڪنڊ ۾ ويھي پيا روئندا آهن. مڙسي انھيءَ کي نه چئبو آهي. مڙسي انھيءَ ۾ آهي ته ننگ، جان ۽ مال تي حملو ڪندڙ سان مھاڏو اٽڪائجي ۽ ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائجي. اڃا ناحق کان نه مڙي ته سندس اکيون ۽ ڦڦڙ ڪڍي ڇڏجن.
مطلب:
142.1 جان تي آيل ڦڏي سان، مڙس ماڻھو ٿي منھن ڏجي.
142.2 جهيڙو ڳچيءَ پوي ته ڳچيءَ جو هار سمجهي پائجي.
143. مڙس مڱيو ته سنگت کان ويو،
جوان پرڻيو ته مٽن مائٽن کان ويو،
ٻڍي ڄايس ٻار ته پاڻ کان ويو. (چوڻي).
مڱجڻ کان پوءِ، ماڻھوءَ کي گهر ٺاهڻ ۽ پنھنجي ونيءَ کي گهر ۾ آڻڻ لاءِ ٽپڙ ٽاڙي ڪٺو ڪرڻ ڏانھن ڌيان وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ سنگت کان خيال کڄي وڃي ٿو.
شاديءَ کان پوءِ، زال جو ٿي وڃي ٿو ۽ اولاد جي تمنا ڪري ٿو. ان لاءِ ڪٺو ڪري رکڻ، جايون جوڙائڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. کيس اولاد جو مفاد، مٽن مائٽن جي مفاد کان وڌيڪ عزيز لڳي ٿو. جنھن سببان مائرن ۽ ڀينرن، ڀائرن ۽ پيئرن سان ساڳيو سلوڪ نه ٿو رهيس. آهستي آهستي اهي به هٿ ڪڍڻ شروع ڪن ٿا.
جڏهن ٻار ڄمنس ٿا، ته پوءِ پنھنجي جان کان وڌيڪ انھن جي ڳڻتي لڳندس. پاڻ نه وهنجندو، انھن لاءِ صابڻ پيو وٺي ايندو. پاڻ چتين لڳل ڪپڙا پائيندو، انھن لاءِ ڀلا وڳا پيو آڻيندو. پاڻ کي پيرن ۾ جتي ڇڳل هوندس، انھن لاءِ سون مين پيو خريد ڪندو.
مطلب:
143.1 شاديءَ سان، ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ وڏا انقلاب اچن ٿا.
143.2 ڀيٽيو؛ ڪنواري بادشاهي، مڱڻي پئي ڦاهي، پرڻي کان پوءِ، ٿيو چلهه جي واهي.
144. مڙس هيڻو هيڻو، ته به زال کان ٻيڻو. (چوڻي)
مرد ۽ عورت جي جسم جي ساخت ڪجهه عجيب آهي. عورت جسماني ۽ اعصابي طرح، مرد جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندي آهي. ڪيڏي به سڀر هجي پر سندس ڀيٽ ۾ ڪرڙين کاڌو مرد، وري به مرد آهي. مرد کي مٿانھين حيثيت آهي. عورت جي ڪاميابي انھيءَ ۾ آهي ته مرد سان هيٺانھينءَ سان هلي. سندس تحفظ انھيءَ ۾ آهي.
مطلب:
144.1 ڇڙهي عورت کي هر ڪو پيو تڪيندو. جيڪڏهن اها عورت ڪنھن ڪرڙين کاڌي مرد جي پِناري پيل آهي، تڏهن به هر ڪو کانئس پاسو ڪري پيو هلندو. اهو فطري خاصو آهي.
145. مسلماني، بصر ماني. (چوڻي)
بصر سان ماني کائڻ، غربت جي نشاني به آهي ته سادي زندگي گذارڻ جي نشاني پڻ آهي. مسلمان ويچارا، گهڻي جي هٻڇ/ لالچ نه ڪن. سادي زندگي گهارين، سادو پھرين ۽ سادو هنڊائين.
مطلب:
145.1 مسلمانيءَ جي نشاني، سادي زندگي گهارڻ آهي.
145.2 مسلمان اهو آهي، جنھن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو مسلمان محفوظ رهي.
145.3 مسلماني، آساني.
145.4 ٻين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۾ مسلماني آهي.
145.5 پنھنجي پيٽ کي، اوليت تي ٺوسي ڀرڻ ۾ مسلماني ناهي.
146. مک ۾ رام، بغل ۾ ڇري. (ورجيس)
جنھن ماڻھوءَ جي زبان تي رام جو نام يا رب جو نالو هجي، هرڪو منجهانئس پرهيزگار هئڻ جي اميد پيو رکندو، ڇو جو جيڪو ڌڻيءَ جي نالي جو ذڪر ڪري ٿو، سو پڪ کانئس ڊڄندو هوندو. ان جي برعڪس ڪو ڍونگي، ڍونگ رچائي، ظاهري طرح مالڪ جو نالو پيو پڪاري ۽ اندر ۾ پنھنجي نفس جون خواهشون زنده رکيو اچي ته پوءِ اهو ته ظالم چئبو.
مطلب:
146.1 زبان تي الله الله، دل ۾ ’گائو و خر.‘
146.2 اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.
146.3 هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.
146.4 ڀيٽيو؛ رام رام جپ، پرايون ڳنڍيون ڪپ.
147. منھن-ڪنئري، ڳٽا پٽائي. (پھاڪو)
منھن-ڪنئري؛ نرم ڳٽن واري، جنھن ڏانھن هر ڪو ڇڪجي اچي پر هيءَ نرم لفظن سان مرڪي پئي موٽ ڏئي، نه ڪنھن کي اک ڏيکاري، نه تڙي پٽي. پوءِ ته هر ڪنھن جي مٿس سَڌَ ۽ ڪاههَ هوندي. آخر ڪنئرا ۽ نرم ڳٽڙا به پٽائيندي.
مطلب:
147.1 منھن جو شوخ ٿيڻ سان، جان ۽ مال جو بچاءُ آهي.
147.2 مٺي پاڻيءَ جي چشمي تي؛ ماڻھو، مرون، پکي ۽ ماڪوڙا مِڙن ٿا.
147.3 ڳڙ جي مٺاڻ تي، ڪوِليون ۽ ماڪوڙا چنبڙن ٿا.
147.4 سھڻي شڪل ۽ نرم گفتي تي چڱا ڀلا هرکجي پون ٿا.
148. منھن ملان جو، اکيون چور جون. (ورجيس)
ملان، مذهبي پيشوا آهي، جيڪو بظاهر لٽي ڪپڙي ۽ ڊيل ڊول ۾ عام ماڻھن کان مختلف نظر ايندو آهي. سندس شڪل ڏسي، منجهانئس هرڪو خدا ترسيءَ جي اميد رکندو آهي. ڪي وجھي ملان، ماڻھن جي توقعات جو غلط فائدو وٺندي، پنھنجي شيطاني خواهشن کي اڳتي ڪندا آهن، جن سببان ڏٺا وٺا ٿيندا آهن.
مطلب:
148.1 جنھن ماڻھوءَ جو ظاهر ۽ باطن هڪجھڙو نه هجي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
148.2 ڪڻڪ ڏيکاري، جَوَ وڪڻندڙ.
148.3 منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
148.4 منھن ۾ موسى، اندر ۾ ابليس.
148.5 منھن مور جو، اکيون چور جون.
148.6 منھن ۾ ملان، ڄنگهن ۾ کوسو.
148.7 ڀيٽيو؛ مک ۾ رام، بغل ۾ ڇري.
149. موت نه پڇي مائٽي، نه پڇي تٿ نه وار. (چوڻي)
موت جو ذائقو هر هڪ ساهدار کي چکڻو آهي. ڪال ايندو ته اچي ڪڙڪندو. نه ان جي ڪنھن سان مائٽي آهي، جو سندس لحاظ ڪري، نه ئي وري ڪنھن کي تاريخ ڏئي ايندو. ڪنھن به وقت، مٿان اچي ڪڙڪندو، تنھنڪري سندس اچڻ کان اڳي تياري ڪري وٺجي. جواني ۽ ٻڍائپ تي، موت جو دارومدار، ناهي. ڌڻيءَ جي مرضي آهي، جڏهن به جنھن کي وڻيس تنھن کي گهرائي وٺي. موت جو ٻولايو پيو آهي، نئين سر ٻولائي يا وقفو/وٿي ڏئي نه ايندو. پوري وقت تي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪو ڪندو.
مطلب:
149.1 موت جي اڳواٽ تياري ڪري ڇڏجي. قرض لاهي ڇڏجن، حق حقدارن کي ۽ مال وارثن ۾ ورهائي ڇڏجي.
149.2 بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
149.3 Death keeps no calendar.