لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

الف

1. آلا نور، مٿي جا سور. (ورجيس)
آلا: آلي جو جمع، ڀِڳل، پُسيل.
آلا؛ اعلى جي بگڙيل صورت. اعلى: مٿانھون/ اوچو.
اعليٰ نور: اھا روشني يا هدايت، عقل يا فھم، جيڪو اعليٰ يا اتم ھجي.
جيڪو ماڻھو، صلاح ڏيڻ يا ڏاھ ڏيڻ کان پوءِ به ڏسيل رستي تي نه هلي ته سندس عقل تي چڙ ايندي آهي. چڙ ۾ به گهٽ وڌ ڳالھائڻ کان احتراز ڪندي، پنھنجي اولاد وغيره لاءِ بيعقل وغيره جھڙا لفظ ڪتب نه آڻبا آهن. بلڪ ٽوڪ طور کيس ”اعلى نور“ يا ”آلا نور“ سڏبو آهي. فقري جي ٻئي حصي ۾ احساس ڏيارڻ لاءِ وري ڳنڍبو آهي؛ تو وارو عقل ”مٿي جو سور“ آهي.
مطلب:
1.1 ڏس ڏيڻ باوجود غلط ڪم ڪندڙ.
1.2 بيزار ڪندڙ ٻار لاءِ، والدين ائين چون؛ تون ته ڪو آلو نور آھين!
1.3 اعلى نور، مٿي جو سور هئڻ. (ورجيس)

2. آهِي ٽپين، کاهي نه ٽپين. (ورجيس)
آھي؛ آھ، اڏ، ننڍي واھي.
کاھي؛ اونھي ۽ ڊگھي کڏ، خندق، Trench, Moat
آھي ٽپڻ ۽ کاھي نه ٽپڻ اصطلاح آھن، جيڪي سولي ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿا ۽ ڏکئي ڪم کان احتراز ڪرڻ جو ڏسُ ڏين ٿا. جڏھن ته استعمال ۾ ابتي طرح استعمال ڪبا آھن. يعني؛ آھي نه ٽپڻ، کاھي ٽپڻ.
مطلب:
2.1 مٺو مٺو هپو هپو، ڪؤڙو ڪؤڙو ٿُو ٿُو.
2.2 کاھي ٽپين، آھي نه ٽپين. (سُبتي)
2.3 ڀيٽيو؛ کڏ ٽپين، اڏ نه ٽپين.

3. آئي کي آدر، وئي کي پادر. (ورجيس)
آئي کي؛ آيل کي، مھمان کي، ايندڙ دوست کي.
وِئي کي؛ ويل کي، مري ويل کي، لڏي ويل کي، گذاري ويل کي.
آئي کي آدر ڏيڻ ۽ وئي کي پادر ھڻڻ اصطلاح آھن، جيڪي لنڊي خوشامد لا ڪتب آڻبا آھن.
اخلاقًا ايندڙ جي عزت ڪرڻي آھي ۽ ويندڙ کي به مانُ مرجا سان رخصت ڪرڻو آھي. سندس وئي پڄاڻان، سندس ڳڻ ڳائڻ گھرجن. ائين نه ٿئي جو اچڻ واري لا ته منھن تي مشابھت ڪندي آدر ڀا ڪجي ۽ جڏھن اھو کائي پي يا ڪاروھنوار ڪري ھليو وڃي ته پَرَ-پُٺِ دل کولي سندس گلا ڪجي؛ ھھڙو تھڙو کائڻ جو خچرو ھيو، رڳو پيٽ ڀرڻ ۽ ويلو ٽارڻ آيو ھيو، فلاڻين شين ۾ نگھ ھيس سي کڻڻ آيو ھيو ۽ کڻي ويو، وغيرھ.
مطلب:
3.1 ’لنڊي خوشامند‘ کان پاسو ڪجي.
3.2 اڀرندي سج جو سلامي نه ٿجي.
3.3 ڀيٽو؛ اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.

4. آيا يار، ملا روزگار. (اردو چوڻي/پھاڪو)
خريدار، ھر ھميشه واقفڪار دڪاندار تاڙيندو آھي ته جيئن اوڌر پاڌر تي چڱي شي، ڪنھن ٻئي صلاحڪار کي وچ ۾ آڻيندي، کانئس وٺي سگھي. اميد ھوندي اٿس ته تور ۾ اُٽل ۽ ڪوالٽي ۾ ڪسر، ريٽ ۾ رعايت ۽ اگھ ۾ اوڌر، بنا ڄاڙي ھڻڻ جي اتان ئي ملندي.
جڏھن ته دڪاندار پيو تاڙيندو ته اھڙا واقفڪار دڪان تي اچن، جيڪي مال ڀلي اوڌر تي وٺن پر انھي ٿوري يا احسان سبب، شي جي ڪوالٽي ۽ اگھ تي گَھُ پِيھَ يا لاھو گاھو نه ڪن. اعتبار تي، اکيون ٻوٽي، شي کڻي وڃن ۽ ٻئي ڪنھن دڪان تي چڙھي ان جي ڀيٽ به نه ڪن.
مطلب:
4.1 جيڪي دڪاندار، واقفڪار گراهڪن جي، بنا لاهي گاهي جي، سڪيءَ پاڪيءَ سان سيرب وٺن، تن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
4.2 يار اچن، ڇيڇڙا وڪامي وڃن. (پنجابي)

5. اُٺ پوئتان، گهنڊڻي. (ورجيس)
اٺ جي ڳچي ۾ وڏو چڙو ٻڌبو آھي. خاص طور تي جڏھن واپار جو مال اٺن تي لڏي، گلو قطاري ھلبو آھي، تڏھن پوئين اٺ کي ڳچي ۾ وڏو ٽلو يا چڙو ٻڌبو آھي ته جيئن پنھنجي وڏي آواز سان اڳئين اٺ تي ويٺل شتربان کي اطلاع ملندو رھي ته آخري اٺ سميت، سمورا اٺ قطاريا ٿا اچن. ان کان علاوه، چڙي جي آواز تي اڳيان ھلندڙ سمورا اٺ ھڪلبا ھلندا آھن.
اٺ جي ڳچي بدران، پڇ ۾ ٻڌل گھنڊڻي، ڪنھن ڪم جي نه آھي. گھنڊڻي ۾ آواز گھٽ ھوندو آھي، ان سان اٺ ڪين ھڪلبا آھن.
مطلب:
5.1 ڪراڙو ڪاڪو ڪڪرم ڪري، ڪنئاري ۽ ڪچڙي ڪنيا سان لائون لھي ته کيس ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
5.2 پيريءَ ۾، ننڍڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کي اُٺ پوئتان گهنڊڻي ٻڌڻ به چئبو آهي.


6. اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا. (چوڻي)
ٻاوا؛ ٻائو جو جمع. مندر جو رکوالو، جيڪو ڇڙو ڇانڊُ هجي ۽ ساري عمر شادي نه ڪري، ڏڻ وار تي ٻاڻي پڙهندو آهي.
مندر؛ جتي ڌرم شالا، پاٺڪ شالا، ڀنڊارو ۽ آشرم هجن ۽ پرارٿنا سان گڏ مسڪينن جي شيوا به ٿيندي هجي.
هر مذهب ۾، مذهبي وڏن عھدن جو شان ڏسي، ڪي لالچي/ لوڀي به ويس بدلي اچي پوڄا پاٺ جا مالڪ ٿي ويھي رهندا آهن. پنھنجي پليد اندر جي پوڄا به ساڻ ساڻ چالو رکندا آهن. جنھنڪري اتي جي مال ملڪيت، آيل يتيم عورتن وغيره مان پيا واس وٺندا آهن. کائي پي، مچي مھوڙ تي پوندا آهن.
مطلب:
6.1 پنگتي سڌارڪ، نام نھاد مذهبي رکوالن لاءِ ٽوڪ طور ائين چوندا آهن.
6.2 اڄوڪا حاجي وتندئي، رنون زالون ڦريندا.
6.3 ڀيٽيو؛ اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو.

7. اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو. (چوڻي)
ساڌو؛ سنت، پنھنجي مُـنھن رام جي نام جي مالا جپڻ وارو، جوڳي، ڪشٽ ڪڍڻ وارو.
مذهب جي خدمت ڪرڻ واري کي هر ڪو چڱي نيت سان ڏسندو آهي. منجهس چڱيون اميدون رکي، کيس مال ملڪيت جو رکوالو پيو سمجهندو آهي. سندن اها عزت ڏسي، ڪي لوڀي ۽ لالچي ماڻھو به ويس بدلي جوڳي ٿي پوندا آهن ته جيئن ماڻھن جي مال مان، بي خوف و خطر، هٿ صاف ڪندا رهن.
مطلب:
7.1 نام نھاد مذهبي ٺيڪيدارن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
7.2 ڀيٽيو؛ اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.
8. اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب. (ورجيس)
اڇي ڏاڙھي ٿيڻ: وار اڇا ٿيڻ، عمر وڏي ٿيڻ. کائي پي چڙھڻ.
اٽو خراب ھئڻ: ڪم ڀُڏا ھئڻ. بي اعتباري جھڙا ڪم ڪرڻ.
وڏي عمر ۾، سوا حرص ۽ لالچ، عقل ۽ تجربي جي، باقي ھر شي پوئتي پئجي ويندي آھي. نظر گھٽ، لڱ ڪمزور، ڏند ڀڳل، آنڊا بي طاقتا، مڙسي کان ويٺل ھئڻ سبب ڪراڙي مان ھر ڪو بيزار. ان عمر ۾ ڪراڙي ماڻھو کان، سندس تجربي جي آڌار، فقط عقل جي صلاحن وٺڻ جي، ٻيو ڪم نه وٺجي.
مطلب:
8.1 پنھنجي معاملي ۾، اڇي ڏاڙهيءَ وارو، پاڻ تي کلائڻ جھڙا ڪم ڪري ته پوءِ سندس عقل لاءِ ائين ئي ٽوڪ طور چئبو آهي.
8.2 پيريءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ؛ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيڻ برابر آهي.

9. ادا واندا مل! پالھو مل ڪٿي مليئه؟ (چوڻي)
واندي ماڻھوءَ کي ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه هوندو آهي. جڏھن ته وقت گذارڻ لاءِ کيس ڪنھن نه ڪنھن سان ڪچھري ڪرڻ يا ڪا ٻي وندر ته کپي. ڪراڙو مڙس ڪم نه ٿو ڪري سگهي ته کيس وندر ۽ کيڏڻ لاءِ ننڍڙي ٻار جي ضرورت آهي. ٻارُ به وڏا ڪم نه ٿو ڪري سگهي. جيڏن سان گهمڻ جيترو نه ٿيو آهي ته ڪنھن ڪراڙيءَ جي ڪڇ ۾ ئي وندرندو.
ان جي برعڪس نوجوان ماڻھوءَ کي ڪم کان سواءِ ٻي وندر ناهي. ڪم نه هوندس ته پاڻ جھڙا نڪما تاڙيندو. ڇو جو ننڍن سان ڀيچي ٿي نه سگهندو آھي ۽ ڪراڙا ساڻس سنمک نه ٿي سگھندا. واندا، پاڻ ۾ ويھي اجايون سجايون ۽ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري، وقت ڪاٽيندا آھن.
مطلب:
9.1 نکمڻي ماڻھوءَ لاءِ، ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
9.2 چنڊو چنڊي کي، سؤ ڪوهه تان ڳولھي لھي.
9.3 سنُ، سنَ کي ڳولھي لھي.

10. اڌ کير، اڌ زنده پير. (ورجيس)
کير؛ ھر ماڻھو جي پھرين غذا آھي. اڃ به لاھي ته بک به. منجھانئس ٻيا به گھڻا فائدا آھن.
زندھ پير؛ ورڻ ديوتا، جل جو ديوتا.
کير ۽ پاڻي کي، ھر ساھدار جي زندھ رھڻ لا مددگار سمجھيو ويندو آھي، جنھن سبب، ٻنھي کي پير مثل سڏيو ويو آھي. زندگي ۾ ڪجھ آسانيون، کير سبب ته ڪجھ پاڻي سبب آھن، جنھنڪري ٻنھي لا گڏي، ائين چئبو آھي.
مطلب:
10.1 ڪجهه محنت، ڪجهه چالاڪي.
10.2 ڪجهه حق حلال، ڪجهه گند بلا جي ملاوت.
10.3 بازاري کير ۾، اڌ تي يا گهٽ-وڌ، پاڻيءَ جي ملاوٽ هجي، تنھن منجهان ٿيل ڪمائي.

11. اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري. (پھاڪو)
دنيا جو دستور آهي، جيڪو سامھون ويٺو آهي يا ساٿ ۾ آهي، سو ئي دل تي ياد پوي ٿو. گذاري ويل، مري ويل يا ڇڏي ويل دوست به وقت تي ياد نه پوندا آهن. گهڻو ڪري اهي ياد پوندا آهن، جن مان ڪم ٿيڻ جي اميد هجي. اهي دل تي ئي نه چڙهندا، جن منجهان ٽڪي جي به اميد نه هجي. هر ڪو پرديسين جي پُٺِ ڏيڻ سان، کين وساري ويھي ٿو ۽ نيون ياراڻيون ڳنڍي ٿو.
مطلب:
11.1 جو چلهه تي، سو دل تي.
11.2 اڀرندڙ سج کي، هر ڪو سلام ڪري ٿو.
11.3 ڀيٽيو؛ آئي کي آدر، وئي کي پادر.

12. اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي. (پھاڪو)
اگهه کٽيو کائڻ؛ اگهه چاڙهي چاڙهي وٺڻ.
وٽ کٽيو کائڻ؛ تور ماپ ۾ ٺڳي ڪرڻ/ هٿڙي هڻڻ.
دڪاندار، تور ماپ ۾ ٺڳي ڪندو ته برڪت ته نه پوندس، هٿائين پِٽَ پاراتي جي آيل پئسن مان نقصان به پوندس. ان جي برعڪس اگهه چاڙهي وٺڻ به ظلم ڪرڻ برابر آهي. جيئن ته گراهڪ کي زبان سان کولي ٻڌائجي ٿو، سو اھو ان ڪري، وري به ٺيڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مجبور ماڻھو يا وافر پئسي وارو، مھانگي چيز به خريد ڪندو آھي. ان سودي يا واپار ۾، ايڏو نقصان يا خرابي ناهي. تنھن ھوندي به چڱائي ان ۾ آھي ته؛ اڳلي جي يا گراهڪ جي حال تي رحم کائي، اگهه وٺجي. ٺلھي دنبڙ به نه ٻڌجي.
مطلب:
12.1 تور ماپ ۾ ٺڳي ڪرڻ کان، وات جي چالاڪيءَ سان، گراهڪ کي شيءِ کڻائڻ چڱو آهي.

13. الک! ڏي ڪي ٻه ٽي لک. (تڪ بند جملو)
تڪ بنديءَ ۾ ڳالھائڻ به ڪن ماڻھن جي عادت ٿي ويندي آهي. جڏهن ڌڻيءَ، الک، مالڪ يا الله کي ڀُل ڀلايو ياد ڪندا آهن يا ماڻھن آڏو غير ارادي طور تي زبان مان وڏي آواز، سڏ نڪري ويندو اٿن ته پويان تُڪ بند فقرو به مرم پرچائڻ لاءِ ڳنڍي ڇڏيندا آهن. جيئن ٻڌندڙ سمجهي ته چيل جملو، سوچي سمجهي چيو ويو آهي. واندڪائيءَ کان بيزار ٿي بي اختيار ۽ اڻ سوچيو نه نڪتو اٿس.
جيئن ڪي چوندا آهن؛
• الله الصمد، کارا ڪمند!
• صبح جي ناري! ڏيار ڪي هزاري ته چڙهي ڪيون سواري.
• اولِ، انڌيءَ کي نه رولِ.
مطلب:
13.1 گهرڻ لا، ڌڻيءَ کي ئي ٻاڏائجي.
13.2 ڀيٽيو؛ بک! وڏا ملندءِ سک.

14. اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ. (ورجيس)
دستور ۽ اڻ-ٽر سچائي اها آهي ته جيڪا شيءِ جھڙي ٻاهران نظر اچي ٿي، اندران به اهڙي هئڻ گهرجي. جيئن ماڻھو ڏسڻ جو سھڻو هجي ته سندس ورتاءُ به محبتي هئڻ گهرجي. انب ڏسڻ جو خوبصورت ۽ سنگهڻ ۾ خوشبوءِ دار هجي ته ذائقي ۾ مٺو هئڻ گهرجي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي شيون، انھيءَ فطري اصول کان هٽي ڪري به ٿي پونديون آهن. جيئن ٽوهه ڏسڻ ۾ گدري وانگر سھڻو، گول، لسي ۽ چمڪندڙ کل سان آهي پر اندران زهر وانگر ڪؤڙو. سھڻي صورت ڏسي ڪنھن سان عشق ڪجي يا شادي ڪجي پر ويجهو اچڻ کان پوءِ خبر پوي ته ان جي سيرت ته خراب ۽ ڌپ واري آهي، جنھن کان پوءِ ٻئي هٿ ٻوٿ ۾ هجن.
مطلب:
14.1 گهر ۾ رکي سڪي کائڻ واري کي ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ٻانھن لوڏي ۽ کنگهي کُڙڪي لنگهڻ نه گهرجي.
14.2 اڇي پڳ مَ پس، اندر مِڙيو ئي اڳڙيون.
14.3 ڀيٽيو؛ گهر ۾ ڪين، ته به رکي گهوڙي تي زين.

15. انڌي ۽ جنڊ، کٽولو ۽ هنڌ،
واڻيو ۽ هٽ، تارازي ۽ وٽ. (چوڻي/پھاڪو)
انڌي عورت، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ يا اندر-ٻاهر ٿيڻ لاءِ، ٻين جي محتاج هوندي آهي. جنڊ جو معاملو سمجهه ۾ اچي ويس ته پيھندي. سڄيءَ عورت وانگر کيس ڪاڏي پاڻمرادو وڃڻو ڪونھي، تنھنڪري مٿانئس چڙهي ويٺي هوندي. ٻيءَ صورت ۾ کيس کٽ ۽ بسترو کپي، جنھن تي سُتي پئي هجي.
واڻيي/ هَٽائي/ دڪاندار کي به ڪمائڻو ۽ ڌنڌو ڪرڻو آهي ته هٽ تي ويٺو هجي. لٿو ته بک مئو. هٽ تي به تارازي ۽ وٽ هلندا رهن. ٻيءَ صورت ۾ مکيون پيو ماريندو.
مطلب:
15.1 جڳ جو چرخو هلائڻ لا، هر ھڪ کي ڪو نه ڪو ڪم، ڌڻيءَ سڳوري سونپي ڇڏيو آهي.
15.2 ڀڳوان به سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو.
15.3 انڌي ۽ جنڊ، ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ.

16. انسان کي کپي؛ اجهو، اٽو ۽ لٽو. (چوڻي)
انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ۽ زنده رهڻ لاءِ بنيادي طرح هوا ۽ پاڻي کپن، جيڪي قدرت واري پنھنجي ٻاجهه سان وافر مقدار ۾ جوڙي ڌرتيءَ تي پکيڙي ڇڏيا آهن. هر هڪ کي سندس گهرج آهر، بنا ڪنھن محنت/ تڪليف ڪرڻ يا گهرڻ جي ملي ٿا وڃن. ان کان علاوه زنده رهڻ لاءِ جن شين جي سخت ضرورت آهي ۽ جن کان سواءِ زنده رهڻ مشڪل ٿيو وڃي، سي آهن؛ اٽو، لٽو ۽ اجهو. پيٽ کي ڀرڻ لاءِ اٽو، انگ کي ڍڪڻ لاءِ لٽو ۽ شان مان سان ٿانيڪو رهڻ لاءِ اجهو. ان کان علاوه فطري تقاضا، جيڪا پڻ اڻ ٽر آهي، سا شھوت (Sex) جي پورائي جي آهي.
مطلب:
16.1 زنده رهڻ لاءِ؛ پيٽ ڀرڻ، انگ ڍڪڻ ۽ سر لڪائڻ جي جاءِ کپي.
16.2 Food, Dress and Shelter are necessary for life.

17. اوٻاسي، ننڊ جي ماسي. (چوڻي)
جڏهن ماڻھو ٿڪجي ٿو ته پوءِ سندس ڪم ۾ سستي پيدا ٿئي ٿي. آرام لاءِ پوءِ به نه ليٽندو ۽ جاڳندو پيو يا ڪم ۾ رڌل هوندو ته فطري طور اوٻاسيون ايندس. اھي اوٻاسيون، ننڊاکو ھجڻ يا ٿڪجي پوڻ جو اھڃاڻ آھن.
مطلب:
17.1 اوٻاسيءَ جو اچڻ، ٿڪاوٽ، سستيءَ ۽ ننڊ اچڻ جي نشاني آهي.
17.2 اوٻاسي آهي، ننڊ جواهڃاڻ.
17.3 اوٻاسيون آيون، ننڊ سندو نياپو.

18. اويلو مھمان، پٽائي پاڻ. (چوڻي/پھاڪو)
ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ماڻھو، غريبيءَ سبب، پنھنجي پيٽ لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن ماني پچائي ڪو نه کائي سگهن. تن گهرن ۾ وقتائتو مھمان به تڪليف جو سبب بڻجندو. وري به وقت تي پھتل يا ڪوٺ تي آيل مھمان لاءِ هڻي ماري بندوبست ڪري وٺبو آهي پر اڻ ڪوٺئي يا ويل ٽريءَ کان پوءِ آيل مھمان لاءِ خفا ڪرڻ ڏاڍا اهنجا آهن. گهر ڀاتي، اوکا پوکا لاهي، ٻين ڪمن ۾ جنبيل هوندا آهن، تن کي اتان ڪڍي مانيءَ ۽ چلهه جي حوالي ڪرڻ، ڏکيو هوندو آهي. اهڙي آيل مھمان کي هر ڪو هچا پيو سمجهندو. سندس لاءِ کٽون بسترا ڪڍڻ ۽ ماني ڳنڌڻ ڪرڻ، سڀ خفي وارا ڪم آهن.
مطلب:
18.1 ريءَ ڪوٺيو مھمان، پٽائي پاڻ.

19. اهڙو سياڻو، جھڙو جيئو ڪاڻو. (ورجيس)
سياڻو چوڻ؛ چالاڪ يا هوشيار ھئڻ.
ڪاڻو ڪوٺڻ؛ عيب ڪڍڻ.
ڪنھن به عقل جي وير يا عقل جي بيربل کي چترائيءَ سان چيڙائڻ يا چٿر ڪرڻ لاءِ ڪجهه تعريف ۽ ڪجهه گلا، گڏي ڪرڻي پوندي آهي. نجي تعريف يا نجي گلا، سندس هيانءَ تي تور ٿي بيھنديون آهن. هنن لفظن مان به فقط ٽوڪ جو ئي مطلب ورتو ويندو آهي.
مطلب:
19.1 چاچي به ڪوٺڻ ۽ چھنڊڙي به پائڻ.
19.2 ”ناني ڪاڻي! پيار پاڻي!“ چي؛”ابا انھين افعالين پيتو به اٿئي.“

20. اهڙو مٺو، ڪنھن نه ڏٺو. (تڪ بند جملو)
مٺو ھئڻ: وڻندڙ ھئڻ.
ڏٺل نه ھئڻ: نئون ھئڻ
دڪاندار يا ڇٻي وارا، پنھنجا ٽول کپائڻ لا اھڙي قسم جا ھوڪا ٺاھيندا آھن، جنھن سان گراھڪ ڇڪجي اچن. عيبدار شي جي به ايڏي وڌائي چڙھائي تعريف ڪندا آھن جو نه وٺڻ وارو به سَڌ ڪري وٺندو آھي.
جيئن؛
چَپَ چٽڻي، وَٽَ وٺڻي؛ (مٽرن جي ڏڌڙيءَ لاءِ هوڪو)
ادا مائو! وٺي کائو؛ (مائي کپائڻ وارا، مائي لاءِ ائين چون).
ميھا، مکڻ جيھا؛ (سبزيءَ واري جو هوڪو)
مطلب:
20.1 پاڻ ڏانھن متوجه ڪرڻ جھڙو جملو.

21. ايڪ ديوي، دس پاوي. (چوڻي)
ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾، وٺڻ وري به سولو آهي. خاص طور تي، هن آزمائش جي جھان ۾، مال ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انھيءَ حالت ۾ جيڪو ڌڻيءَ جي نالي تي جيڪي ڪجهه ڏيندو، ان جو بدلو آخرت ۾ ته کيس سترھوڻ ملندو پر ھن دنيا ۾ به کيس ڏهوڻو ملندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ چوڻي، رشوت جي ڏيڻ وٺڻ بابت ڪتب ايندي آهي.
مطلب:
21.1 ڌڻيءَ جي نالي تي، غريبن ۾ به ڪجهه دان پڃ ڪرڻ گهرجي.
21.2 ڏي ڪڻو، ملئي گهڻو.
21.3 ڏهه دنيا، ستر آخرت.
21.4 ڀيٽيو؛ ڏي ڏالي، ملئي مالي.

22. ايڪ ناري، سدا برهمچاري. (چوڻي)
ناري: عورت، زال.
برهمچاري: ويدن جي علم جي حاصلات لاءِ سياحت ڪندڙ شخص. ايشور يا ڀڳوان جو ڳولائو. تارڪ الدنيا يا دنيا تياڳيندڙ.
هڪ عورت، مرد لاءِ زندگيءَ ۾ ساٿيءَ طور اشد ضروري آهي، پوءِ ڀلي، مرد ساڻس پوريءَ طرح انصاف ڪري سگهي يا نه. عورت کان سواءِ مرد، مرد کان سواءِ عورت، اڌورا آهن. اڪيلي ۾ اگهاڙا آهن، ملڻ کان پوءِ ڍڪجي پون ٿا. مرد، عورت لاءِ لباس آھي ته عورت، مرد لاءِ لباس آھي. الڳ آهن ته اڌَ آهن، ملن ٿا ته پورو ھڪُ ٿين ٿا.
جنھن مرد، جنسي پورائي لاءِ هڪ عورت تي گذارو ڪيو، سو به ڄڻڪ تارڪ الدنيا مثل آهي. ان جي برعڪس ڪي فاحش ذهن ماڻھو، انھيءَ چوڻيءَ کي پنھنجي مطلب ۾ مٽائي به استعمال ڪندا آهن؛
”ايڪ ناري آئي تو ماري، نهين تو برهمچاري.“ (ابتو)
مطلب:
22.1 پنھنجي گهر واريءَ کان علاوه، ٻئي هنڌ نه واجهائجي.