ج
دنيا جي ڪار وهنوار ۽ سفر حضر ۾ پير پائڻ کان اڳي، سوچڻ سمجهڻ گهرجي ۽ پوءِ پير پائڻ گهرجي. تنھن کان پوءِ به ڌڻيءَ سڳوري کان مدد وٺڻ گهرجي. مڄاڻ جنھن اڻ ڏٺي ديس جي سفر تي اسھجي ٿو، ان مان ڪي مونجهارا ۽ مشڪلاتون پِڙ نه پون.
هر ماڻھو، هر گهڙيءَ ڄڻ ڪنھن نئين سفر تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڏڙا ۽ پير فقير، هر وقت اها ئي دعا ڏيندا آهن.
مطلب:
49.1 هر ڪم ۾ برڪت ۽ ڌڻيءَ جي ٻاجهه گهرجي.
50. جڏا جيئاري، مرڪندا ماري. (چوڻي)
جيئارڻ ۽ مارڻ، ڌڻيءَ جي وس آهي. وڻيس ته جڏي ماڻھوءَ کي، جيڪو ٻين جو محتاج بڻيو بيٺو آهي، تندرست کان اڳي ماري يا پوءِ ماري. بيمار ۽ ڪمزور، چند گهڙين جو مھمان هوندي، سالن جا سال جيئي ٿو. اها به رب جي مرضي آهي. تندرست ۽ سگهو، جوانيءَ جي ٻل تي، گهڻي عمر ماڻڻ وارو معلوم ٿيندو آهي. جڏهن ته چند ڏينھن کان پوءِ زماني جي حوادث ۽ بيمارين بڙين جو شڪار ٿي، جڏي کان اڳي چالاڻو ڪري ويندو آهي. اها به ڌڻيءَ سڳوري جي مرضي آهي.
مطلب:
50.1 رب جي مرضي آهي، وڻيس ته ڪچو پٽي، وڻيس ته پڪو پٽي.
50.2 جن جي هت گهرج، تن جي اتي به گهرج.
51. جڏهن آئي جوءِ، تڏهن گيان گوش اُتِ ٿيوءِ. (چوڻي)
گيان؛ ڌيان، سوچ ويچار.
گوش؛ ڪن، ڳالهه ٻڌڻ، ورنائڻ.
ماڻھو جيسين ڇڙو آهي، تيسين ته پيو سنگت ۾ سرڪيون ڀري ۽ پنگت ۾ پِڪون پيئي. جيئن ئي شادي ڪيائين ۽ ڪن-ٽوپي پوئتان لڳس، تيئن ئي اهي مستيون ۽ الوليون وسري ويندس. ائين پيو چاهيندو ته جيڪر پنگت کان پاند ڪترائي وڃي راڻيءَ سان رهاڻيون رچايان.
مطلب:
51.1 گهر پيا، گهنگهر پيا.
51.2 شاديءَ کان پوءِ، رلڻ پنڻ بند ٿيو وڃي.
52. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پُـڙ کڻ ته پُڙ ڳؤرو. (ورجيس)
زندگيءَ جا ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جن جا ٻئي پاسا ڀاري هوندا آهن. ماڻھو هڪڙي پاسي کي ڳؤرو سمجهي ڇڏي ڏيندو آھي ۽ ٻئي کي هلڪو سمجهي وڃي چنبڙندو آهي. جڏھن ته اهو به جلد ڇڏڻو پوندو اٿس. اهڙيءَ ڏکيءَ حالت کي جنڊ جي ڳؤراڻ ۽ سندس پـُڙ يا تونئر جي ڳؤراڻ سان مشابھت ڏنل آهي. ماڻھو جنڊ کي ڳؤرو سمجهي، چي؛ ’پڙ هلڪو آهي، سو کڻان‘ ۽ اهو به ڳؤرو هئڻ سبب ڦٽو ڪري ته پوءِ ائين محسوس ڪندو.
مطلب:
52.1 ٻن باهين ۾ ڦاٿل لاءِ، ائين ڪتب آڻبو آهي.
52.2 اڳيان باهه، پويان پاڻي.
52.3 هڻ پيرن ڀر ته بيٺو آهي مٿي ڀر، هڻ مٿي ڀر تي بيٺو آهي پيرن ڀر.
52.4 اڳيان درياهه جي موج، پويان فرعون جي فوج.
52.5 اڳيان ڀت، پويان پاڻي، بغداد مُنيءَ ۾.
52.6 Between devil and deep sea.
53. جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي. (چوڻي)
ڀنڊاري ۾ يا خيرات جي ماني ورهائڻ ۾، ڏٺو ويو آهي ته ورهائيندڙ، ماڻھن جي طعنن تنڪن جي ڀَـوَ کان، پيو ورهائيندو آهي. سمورا وٺي ويندا آهن ۽ پوءِ ٻيا وٺڻ لاءِ ايندا آهن. پنھنجي لاءِ نه رکي، سڀني کي ڏيندو آهي. گهر ۾ به جيڪڏهن، وڏڙي ويھي ونڊيدي ورهائيندي آ ته آخر ۾ پنھنجي لاءِ فقط ڪنو چٽڻ لاءِ بچندو اٿس.
مطلب:
53.1 ورهائڻ واري لاءِ، پنھنجو حصو به نه بچندو آهي.
53.2 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍَوَ ڪري سو ئي. (ابتو).
53.3 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، دوزخ وڃي سو ئي. (ابتو).
54. جنھن ساه ڏنو آهي، سو گراه به ڏيندو. (چوڻي)
گراه؛ گره، نوالو، روزي روٽي.
دنيا جي تختي تي موڪلڻ کان اڳ ۾ ئي، رب پاڪ ماڻھوءَ جي روزيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا لوچي کيس لھڻي آهي، جنھن لاءِ کيس ٻه هٿ، ٻه پير ۽ دماغ به عطا ڪيو اٿائين.
ان جي برعڪس ٽوٽي ماڻھو، رڳو لال جا آرسي بڻجي، ٻانھن سيراندي ڪري ستا پيا هوندا آهن ۽ پوءِ ويٺا چوندا آهن؛ ”پاڻھيئي غيب مان ڍاڪون ڍڪجي ايندو، ڇو جو جنھن پيدا ڪيو آهي، سو پاڻھيئي کارائيندو. هڪ در بند ڪيو اٿائين ته پنج وري ٻيا پٽيندو.“
بيشڪ ڏيڻ وارو ته رب پرور ئي آهي. تنھن هوندي به شينھن وانگر لوچي لھجي، لومڙيءَ وانگر نوسي پرائو نه تڳائجي.
مطلب:
54.1 روزي ڏيڻ، رب ڪريم جي ذمي آهي.
55. جھڙو گهر، تھڙو پر. (ورجيس)
گهر: گهر ۾، پنھنجي علائقي ۾.
پَـرُ؛ پرديس ۾، پرائي گهر ۾.
هڪڙا ٻار، گهر ۾ ته چلولا ۽ حرڪتي هوندا آهن. گهر جو ڪو به ٽپڙ، سندن هٿ جي نشاني کان، بچيل ڪين هوندو آهي. اهي جڏهن پرائي گهر هلندا آهن ته ڏاڍا معصومڙا ۽ شريفڙا ٿي پوندا آهن.
ان جي برعڪس ٻيا ٻار اهڙا آهن، جيڪي گهر ۾ به شريف ته ٻاهر پڻ. يا گهر ۾ به حرڪتي ته پرائي گهر ۾ به ساڳي هٿ-کينس هوندي اٿن. اهڙن ٻارن لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
مطلب:
55.1 ماحول جي مَـٽَ سٽ جو اثر نه وٺندڙ.
56. جھڙي ڇالي، تھڙي پني، هُن لاهي هُنَ کي ڏني. (پھاڪو)
ڇالي ۽ پني، اکين جي بيمارين جا نالا آهن. ٻنھي ۾ اکيون اٿي ڇالا ٿي پونديون آهن. هڪ مان بيزار ٿي ٻيءَ جي تمنا ڪرڻ واري کي، ساڳي ئي تڪليف ٿيندي.
مطلب:
56.1 جھڙو هڪڙو ڪلڇڻو يا بدمعاش آهي، تھڙو ئي ٻيو به ڪلڇڻو ۽ بدمعاش آهي.
56.2 جھڙي ڇالي، تھڙي پني، جھڙو گھوٽ، تھڙي وني.
56.3 ڀيٽيو؛ نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار.
57. جيڏا شھر، تيڏا قھر. (چوڻي)
شھر، ڳوٺ جي ڀيٽ ۾ هڪڙي گوناگون وستي آهي. جتي منجهس انيڪ سھوليتون ۽ آسائشون آهن، اتي منجهس خرابين ۽ براين جا به انبار آهن. ڪيئي، ڏينھن ڏٺي جو ٿيل، گناه/ قتل لڪيو وڃن. ديناداستيءَ لٽيل، عزتن جو تدارڪ ڪو نه ٿئي. ننگ ناموس، اڻ لکو غير محفوظ رهي ٿو. ان حساب سان شھرن ۾ قھر ۽ قيس ٿين ٿا. ڦورو ويھي ڦولهه ته الامان والحفيظ لڳي پئي آهي.
مطلب:
57.1 شھر جيڏو وڏو، منجهس پاپ ۽ ڪڪرم، انياءَ ۽ پاکنڊ جو پرچار به اوڏو وڏو.
58. جيڪو پيئي تَـرو، تنھن کي تپ نه ٿئي ٻَـرو. (چوڻي)
آڳاٽي دور ۾، ڳوٺن ۾ وڏڙيون ويچاريون اگهن ٻارن/ ٻڍن لاءِ، پاڻ ستيون ڦڪيون گهوٽينديون ۽ ڇاڻينديون هيون. ڪن سُـتين جو سَتُ ڪڍبو هيو ۽ ڪي گهوٽي پاڻيءَ ۾ پيئبيون هيون ته ماڻھو چاق ٿي پوندو هيو.
پاڻيءَ ۾ ملڻ جي باوجود ڪن سُتين جو سفوف، ڳرندو ڪين هيو پر ترو وڃي وٺندو هيو. تڪڙو پيئڻ سان، اتاڇرو پاڻي ته ٻار پي ويندا هيا پر تري ۾ رهيل ڪڙو سفوف رهجي ويندو هيو. بيمار لاءِ اهو سفوف پيئڻ ضروري سمجهندي وڏڙيون ائين چونديون هيون.
مطلب:
58.1 چاق ٿيڻ لاءِ، ڪڙي دوا پيئڻي پوندي.
58.2 موالي به گهوٽيل ڀنگ جي جوڳ ۾ پاڻي ملائي پيئڻ وقت، مرم پرچائڻ لاءِ نعرو هڻندا آهن؛ جيڪي پيئن ترو، تن کي سور نه ٻرو.
59. جيڪو مڙيو، سو جُـڙيو. (چوڻي)
جهيڙي، بحث ۽ تڪرار/ ضد مان ڪي ڪين وريو آهي. دانائي، مڙي وڃڻ يا صبر ڪرڻ ۾ آهي. صبر سان، ڏکيا ڪم به آسان ٿي پون ٿا. جهيڙي ڪرڻ سان پنھنجي جان به جوکم ۾ وجهڻي آهي.
مطلب:
59.1 پنھنجي پاڻ کي سوا سير سمجهي تڪرار ڪرڻ کان بھتر آهي ته مڙي وڃجي.
59.2 جن ڇڏي دعوى، سي ٿيا سدا ساوا.
59.3 صبر جن جو سيڱ، تير نه گسي تن جو.
60. جيڪو ٻن زالن جو ور، تنھن جو مساڻن ۾ گهر. (چوڻي)
جتي ٻه پھاڄون هڪ گهر ۾ هونديون، تِتي ٽِڙ ڦِٽڙ ضرور هوندي. هر ڪا سياري جي سوڙ پئي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي. هر ڪا پئي مڙس ۾، پنھنجو حق وڌيڪ سمجهندي. وڏي ۽ ڪراڙي چوندي؛ ”مون اجازت ڏنيمانس تڏهن پرڻيو. هاڻي منھنجي چوڻ تي هلي.“ ننڍي نيٽي پئي چوندي؛ ”مون کان سواءِ چُري ڪو نه ٿو سگهي. وڏيءَ ڏانھن ارواح ئي ڪو نه ٿو وريس. تنھنڪري جيئن مان چوان تيئن ٿئي.“ ائين مڙس جي زندگي ئي زهر ڪري ڇڏينديون. پاڻ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڪانڊاريون، ويچاري مڙس لاءِ ويل ويھاري ڇڏينديون.
مطلب:
60.1 ٻن جوئين جو ور، تنھن جو جيئري ئي جھنم ۾ گهر.
60.2 ٻه- جوئيو ٿيڻ کان، ٽوهيو ٿيڻ چڱو.
60.3 جتي ٻه ڀانڊا هوندا، تتي ٺڙڪا ۽ کڙڪا پڻ هوندا.
61. جيڪو رُسي، تنھن جو ڀاڱو سسي. (چوڻي)
گهر ۾ جيڪا شيءِ ايندي آهي، سا حصي رسيءَ سان گهر ڀاتين ۾ ورهائجندي آهي. اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪو گهر ڀاتي، ٻارائپ ڪري رسي يا گهڻو گهرڻ لاءِ کيٽو ڪري، تڏهن هر ڪو سندس انھيءَ رويي تي پريشان ٿئي. جيڪڏهن کيٽي ڪرڻ وارو ٻار، سڀني جو دادلو آهي ته پوءِ سڀ پيا پنھنجي ڀاڱي مان حصو ڏيندس. جيڪڏهن ٻار دادلو ناهي ۽ ائين کيٽو ڪيو اٿائين ته پوءِ خار ۾ ڪو نه ڪو ڀاتي سندس ڀاڱو اهو چئي کائي ڇڏيندو آهي ته؛ ”نه ٿو کائي ته نه کائي، رکي وڃائڻ کان، مان ٿو کائي ڇڏيان!“
مطلب:
61.1 حصي وٺڻ تي ڪِلڪل/ گھپي يا کيٽو پٿيرڻ نه گهرجي. ان سان ايندڙ ڀاڱو به رُسي/ سُسي ويندو آ.
62. جيڪي وٽيو، سو کٽيو. (ورجيسي جملو)
وٽيو؛ حاصل ٿيو، نفعو مليو.
کٽيو؛ ماڻيو، پلئه پيو، غنيمت.
دڪاندار کي سڃي/کٽل گراهڪ مان، ڪنھن اڌوراڻي يا ڪسي شيءِ جي بدلي جيڪي ملي سو غنيمت سمجهڻ گهرجي. رپئي جي بدران ڇھه آنا ملنس ته به ڄڻ کٽيائين.
مطلب:
62.1 دڪاندار لاءِ رکي پڇتائڻ کان، ڏئي پڇتائڻ چڱو آهي.
62.2 ڀڳل/عيب/ نقص واري شيءِ جي بدلي، جيڪي مليو سو غنيمت.
63. جيئن ٿـڌ، تيئن وڌ. (ورجيس)
هر معاملو گرميءَ تي اڀامندو ۽ واڌ کائيندو آهي. ٿڌ سان ٿڌو ۽ ماٺو ٿيندو آهي. تنھن هوندي به ڪي اهڙا مرحلا يا معاملا آهن، جيڪي ٿڌ پوڻ سان ماچ کائيندا آهن. جيئن ٿڌ پوڻ سان زيتون جو فصل طاقتور ۽ ڀلو ٿئي. ٿڌ پوڻ سان، اُٺَ به دِلي ڪڍي مست ٿين. اهڙيءَ طرح چريا به ٿڌ ۾ مست وڌيڪ ٿيندا آهن. مٿن چريائپ جا دؤرا ٿڌ ۾ ئي سبيل پوندا آهن.
جيڪي معاملا ٿڌ تي وڌيڪ اسرن، تن کي چرين سان مشابھت ڏيڻ لاءِ، ائين چئبو آهي ته، ”فلاڻي جو معاملو يا طبيعت ائين آهي؛ جيئن ٿڌ، تيئن وڌ.“
مطلب:
63.1 ”چريا ڪيئن؟“ چي؛ ”جيئن ٿڌ، تيئن ويرؤن وير وڌ“.