لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

ن

150. نانا نورا، ليکا پورا. (تڪبند ورجيس)
نوري نالي، ڪنھن جي ناني کي، هر شيءِ ۾ هٿ وجهڻ ۽ ھر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي عادت هئي. جيستائين ڪنھن معاملي ۾ پنھنجي عقل سارو چرخو نه ڦيرائيندو هيو تيسين مزو نه ايندو هيس. وري تيستائين هٿ نه ڪڍندو هيس، جيستائين ان جو ليکو نه لاهي، تنھنڪري ھر ڪو سندس لاءِ ائين چئي، کيس چيڙائڻ جي ڪندو آھي.
مطلب:
150.1 حرڪتي ٻار، جيڪو گهر جي جنھن ٽپڙ پويان پوي ۽ سندس ستياناس ڪرڻ کان اڳ جان نه ڇڏي، اهڙي ٻار کي اهڙي نقصان ڪرڻ کان پوءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي؛ ”تنھنجي هٿ ۾ آهي ڇنڇر، جيسين شيءِ جو خاتمو نه ڪرين، تيسين ٽڪاءُ نه اچئي. هاڻي ته پچر ڇڏ. نانا نورا، ليکا پورا.“
150.2 دادا ڌورا، ليکا پورا.
150.3 داد اڌورا، ليکا پورا.

151. نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار. (ورجيس)
ٻه ڏاڍيون ڌريون، پاڻ ۾ جهيڙو ڪن ۽ نبرن نه، ته پوءِ ٻيا به سندن معاملي ۾ ڪين پون. ڇو جو هڪڙي هيڻي هجي ته ان جي ڌر ٿين يا ڏاڍيءَ کي اڻ-ڌريو ٿي نصيحت ڪن. هتي ٻئي هڪ-ڪريون، ڏاڍ مڙسيءَ ۽ لنگهائپ تي گامزن آهن، تنھنڪري ڪنھن هڪ کي به ڪير نه چئي سگھندو.
مطلب:
151.1 گهٽ هڪ ڌر ۾ ناهي، ٻئي هڪ ٻئي کان ٻه ٽڪا زور آهن.
151.2 ٻن ڏاڍن جي معاملي ۾ پوڻ کان لنوائڻ وارا، دليل طور ائين مثال ڏئي جان ڇڏائيندا آهن.

152. نڪ نه ناسان، سنگهان ڇا سان؟ (ورجيس)
نڪ يا ناس جو هجڻ، حياداريءَ جو دليل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي هڪڙا پاڻ وٽ اچڻ کان روڪين ۽ هو تڏهن به نه مڙي ۽ وري وٽن اچي ته کيس چوندا آهن؛ ”تو کي ته نڪ ئي ناهي. وري آيو آهين!“ يا چوندا آھن؛ ”نڪ هجئي ها ته وڃي ڪٿي ٻڏي مرين ها.“ يا چوندا آهن؛ ”فلاڻي کي ته لوسڻ جو نڪ آهي. جيڏو وڍينس اوڏو وڌيو اچيس.“
مطلب:
152.1 جنھن کي حياداري نه ھجي، تنھن لاءِ نڪ ۽ ناس نه هجڻ جي تمثيل جوڙيندا آهن.
152.2 ”لڀيس کاڻي پائي به نه، وتي ٿو وڏا خرچ ڪندو. نڪ نه ناسان، سنگهي ڇا سان؟“
152.3 نه نڪ، نه ناس؛ وچان ئي ٻي واس/ واٽ.
152.4 نه نڪ، نه ناسان؛ کٽ چڙهه، ٻھ کاسان!
152.5 فلاڻي کي ڪو ننڍو وڏو آهي ڪو نه جو جهليس، نه ئي وري ناس پتو/نڪ پتو اٿس جو رڪجي پوي.

153. ننڍڙا ٻار، گلي جا هار. (چوڻي)
ننڍڙو ٻار، وڏڙن لاءِ وندر ۽ ورونھن آهي. ٻار کي وڏا پرڀائين ۽ پرچائين ٿا ته ننڍڙا ٻار وري ٻڍڙن جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجهي جڏهن جهولن ٿا تڏهن سرچندي ٻڍڙا محسوس ڪن ٿا ته ڄڻ سندن ڳچيءَ ۾ سون چانديءَ کان وڌ قيمتي هار پيل آهن.
ٻارن کان سواءِ گهر ٻُسو ۽ اوطاق وانگر لڳندو آهي. ننڍڙا، فرشتن وانگر معصوم، چالاڪين ۽ خود غرضين کان پاڪ هوندا آهن. ٻاتڙين ٻولين سان گرهست جيون جي باغيچي کي سرڳ ڌام بڻائي ٿا ڇڏين.
مطلب:
153.1 ٻار، هينئين جا ٺار آهن.
153.2 ٻار، آئنده جا ابا ۽ مستقبل جا وارث آهن.

154. ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ. (چوڻي)
لاڏ ڪوڏ سان پالڻ، ماءُ کان پوءِ دنگ آهي. ٻالڪ اوسٿا ۾ جيئن ماءُ انگل آرا سھي ٿي ۽ بک ڏک تي پيٽ مان ڪڍي به پالي ٿي يا پاڻ تي سھي ٻچي کي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ٿي ڏئي، تيئن ڪا به نه ٿي ڪري سگهي. جنھن کان قدرت ڪچيءَ ۾ ماءُ جو سايو هٽائي ڇڏيو، ماءُ جو قدر تنھن کان پڇو! ڪيئن نه نڌڻڪو ٿي پليو آ! پيءُ ماءُ ملڻ وري محال آهي.
ٻڍائپ ۾ مرد کي، ساٿيءَ/همدرد جي سخت/اشد ضرورت آهي، جيڪو قدرت زال جي صورت ۾ مھيا ڪيو آهي. ان ساٿ ڇڏيو، ڄڻ زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. گهڙي پل به جالڻ اهنجو ٿي وڃي ٿو، ڇو جو ان عمر ۾ کيس ٻي زال ملڻ محال آهي.
مطلب:
154.1 اهڙيءَ طرح نوجوان عورت جو مڙس مئو ته ڄڻ جھان ئي مري ويو. رڳو جهڻڪن ۽ سھمن ۾ پئي گذاريندي. طعنن تنڪن جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿي. ٻيو مڙس مليس ته به پھرئين جھڙي آسيس منجهانئس نه ملنديس.
154.2 ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
ڪنت چُڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.

155. نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن، ڇنڊي ڦوڪي ڏھ ڏينھن،
يارهون ڏينھن پيس، عزت مانُ ويس. (چوڻي/پھاڪو).
نئين جاءِ تي وڃڻ وارو، نئين ماحول ۾ پاڻ کي اوپرو اوپرو پيو محسوس ڪندو آهي. حجاب ۽ موشو گهڻو هوندو اٿس. مھمان هجي يا نئين پرڻيل ڪنوار هجي. مھمان کي ته ٻه چار گهڙيون ترسي هليو وڃڻو آهي پر ڪنوار کي ته باقي زندگي مڙس جي گهر ۾ گذارڻي آهي، تنھنڪري سندس نئين هجڻ جو وقت ٿورو آهي پوءِ يڪدم گهر ڀاتين سان هري مري، آخر گهر جي نوڪرياڻي پوءِ مالڪياڻي ٿي ويھي رھڻو آهي.
مطلب:
155.1 نخرو، گهڻو وقت نه ٿو هلي.
155.2 کھنبي جو چٽڪو، چار ڏينھن.

156. نياڻي نماڻي؛ گهر جي راڻي. (چوڻي)
نياڻي؛ نماڻي ٿيندي آهي. پٽ جي ڀيٽ ۾ سٻاجهڙي، چئي وان، فرمانبردار ۽ سھپ واري. ڪيڏو به ستائبس، وات مان ٻڙڪ نه ڪڇندي. پنھنجي منھن پئي جهڄندي، ورندي نه ڏيندي. انھيءَ سڀاءَ سبب، گهر جي ڀاتين جون دليون جيتي، گهر جي راڻي لڳي پئي هوندي آهي. هر هڪ سندس خيال ڪندو آهي. سندس هر چاهنا سِرَ اکين تي رکندو آهي.
مطلب:
156.1 نياڻين جو، گهر جي سونھن/ رونق ۾، وڏو حصو آهي.
156.2 نياڻيون، گهر کي جنت بڻائين ٿيون. گهر کي جرڪائي، صاف سٿرو رکي، من موهيندڙ ڪري ڇڏين ٿيون.
156.3 نياڻيءَ کان سواءِ گھر، ڄڻ اوطاق.

157. نيت بد، روٽي رد. (چوڻي)
عملن جو دارومدار نيت تي آهي. جنھن ماڻھوءَ، ٻئي سان بد-نيتي ڪري ڪو معاملو ڪيو، پوءِ اڳلي کي ڀلي ان جي خبر نه به پوي، تڏهن به بد-نيتي ڪرڻ واري کي موٽ ۾ نقصان ضرور رسندو.
بد-نيت ماڻھوءَ کي، پنھنجي نيت هَر هَر پئي هُر هُر ڪندي. قرار نه هوندس. بيچينيءَ سببان پاڻ کي پيو اگهاڙو ڪندو. ڀؤ هوندس ته جي سر تي ٻري آئي ته روٽي پاڻي حرام ٿي ويندو.
مطلب:
157.1 نيت آهي نانگ، کوٽن کي ٿي کائي.
157.2 جنھن جي نيت بد، تنھن جي روٽي ئي رد.
157.3 جيڪو کڏ ٻئي لاءِ کڻي، سو منجھس پاڻ ضرور پوي.
157.4 ڀيٽيو؛ چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ روئي.