لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

ز

93. زالاڻي موڙي؛ جتي رکي اتي پوري. (چوڻي)
موڙي؛ رقم، Cost Capital
پھرين ڳالهه ته زالون، ٻاهر وڃي نوڪري ڪري ڪمائين ڪو نه ٿيون، جو وٽن موڙي جمع ٿئي. جيڪڏهن ٻاهر وڃي به ڪمائين يا مڙس جي ڪمائيءَ مان ميڙا چونڊي ڪن به ته ڪيڏانھن ڪن! يا وري به مڙس کي ڏين يا وڃي پيڪن ۾ سانڍين. پيڪاڻي گهر ۾ به گهرج ته آهي ئي آهي. جتان موٽائڻ به سولو ناهي. وڏي واڪ گهري نه ٿي سگهي، ڇو جو مڙس کان لڪائي رکي اٿائين. واڪو ٿي ڪري ته مڙس وٽ ٿي پت وائکي ٿئيس؛ ”کيسا ڪتري مڙس جا، گهر ڀري پيڪن جا!“
مطلب:
93.1 ويچارين عورتن جي موڙي، هِتي هُتي لڪائڻ سان به نه ٿي لڪي.

94. زبان آهي ننڍڙي، پر وِهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
زبان، ذرڙي ماس مان جڙيل آهي. منجهانئس الائي ڇا ڇا ٿو ڳالھائجي. مٺو ڳالھائي ماڻھن کي موهي وجهجي ٿو. اگرو ڳالھائي مائٽن کي به ڪڪ ڪري وجهجي ٿو.
مٺڙي زبان سان، دشمن جي دل به کٽي سگهجي ٿي. زهريلي زبان سان، دل گهريا دوست ۽ من گهريا مشتاق به ڦٽائي ڇڏجن ٿا. اها ئي عزت ڪرائي، اها ئي خوار ڪرائي.
مطلب:
94.1 زبان تي ڪنٽرول رکڻ ضروري آهي.
94.2 زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، اٿئي وِهَ جي ڳنڍڙي.
94.3 جونءَ آهي ننڍڙي، پر چڱن/ وڏن جا ٿي پٽڪا لھرائي.
94.4 زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي.
94.5 اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اها ئي زبان اس ۾ ويھاري.
94.6 ساڳي زبان اس ۾ ويھاري، ساڳي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.