ڄ
ڄاٽو؛ نياڻو، ناٺي، ڌيءُ جو وَرُ.
ناٺيءَ جو پنھنجي زال سان ڪيل ورتاءُ، ساهرن تي اثر انداز ضرور ٿيندو آهي. زال سان چڱو نه هليو يا ٻين معاملن ۾ ساهرن سان چڱو نه هليو ته به ڌيءَ جا والدين ويٺا، ڌيءَ جي ڪري سھندس. ڪي نياڻا ته ساهرن جي انھيءَ مجبوريءَ مان فائدو وٺندي، پيا مڏيءَ ڪاتيءَ سان سندن ماس ڪوريندا آهن.
مطلب:
64.1 ڄاٽا، ڏاڍا ڏنڀ ڏيندڙ هوندا آهن.
64.2 ڏاٽي وَرُ هڪڙو، ڄاٽي وَرَ ويھه،
شل نه ڄمي ڌيءَ، جو ڏجي پرائي پٽ کي.
65. ڄٽ ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)
ڄٽ؛ جاهل ماڻھوءَ کي اخلاقي قدرن جي ڄاڻ نه هوندي آهي، تنھنڪري عزت ۽ مان جو به قدر نه هوندو اٿس. خوشامد ڪري جيڪڏهن چڱو طعام پيش ڪبو اٿس، ان منجهان به پيو عيب ڪڍندو آهي. جڏهن ته کيس گهر ۾ کائڻ لاءِ جوئر جو ڍوڍو يا ٻاجهريءَ جي ماني به نه هوندي. پيش ڪرڻ تي، پيو ڪڻڪ جي اوڦراٽي مان عيب ڪڍندو.
مطلب:
65.1 نيڪيءَ جي بدلي ۾، اڳلو قدر ڪرڻ بجاءِ ڪانڊائي/ اھنڊائي ڪري ته ائين چئبو آهي.
65.2 جاهل ماڻھو، نا قدرو ٿيندو آهي.
65.3 ڄٽ ڇا ڄاڻي، چڱائيءَ مان.
65.4 ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
65.5 باندر ڇا ڄاڻي، بصرن جي سواد مان.
66. ڄٽي نون رونا ياران نون،
لي لي نانءَ ڀراوان نون. (پنجابي، پھاڪو)
ڄٽي؛ جٽي، جٽ قوم جي جوانڙي.
هڪڙيءَ جٽي عورت جو هڪڙي رانجهن سان روح رليل هيو. هڪ دفعو ڪمائيءَ خاطر سندس ڀائر ۽ اهو رانجهن رلجي، ڪنھن سفر تي ويا. ڏاڍا ڏينھن لاتائون. اها جوان عورت، پنھنجي محبوب کي ياد ڪري پئي پسارا ڪڍندي هئي. چپن تي ڀائن جا نالا هوندا هيس پر اندر ۾ رانجهن جي ياد هوندي هيس.
مطلب:
66.1 جيڪو بظاهر ٻين لاءِ روئي ۽ اندران پنھنجي غرض هجيس، تنھن لاءِ ائين چئبو آهي.
66.2 اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ۾ ٻي.
66.3 زبان تي الله الله، دل ۾ ڳئون ۽ گڏهه.
67. ڄٽيءَ پسايو سُٽ، واڻيي وڌس وٽي،
ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (پھاڪو)
ڄٽي؛ مسلمان عورت، ٻھراڙيءَ جي سٽ ڪتيندڙ اٻوجھ عورت.
واڻيو؛ دڪاندار، واپاري، چالاڪ.
الف) ٻھراڙيءَ جون اٻوجھ عورتون، سٽ ڪتي دڪاندار وٽ کپائڻ اينديون ھيون. ان ۾ ٻيو ڪجھ نه رڳو پاڻيءَ ذرو ملائينديون ھيون، جيڪو آلاڻ سبب، واڻيو معلوم ڪري ويندو ھيو. ان ڪري اگھ ماري ۽ تور کاري، پوءِ وٺندو ھين.
ب) پاڻ-هرتڙيون مايون، گهران نڪري خريداري ڪنديون آهن. مڙسن کي چونديون؛ ”نه ڪپڙي جي ٿي خبر پئيوَ ۽ نه ئي اگهه جي ڄاڻ اٿوَ. اهي دڪاندار اوهان جي سڪي پاڪيءَ سان ٿا سيرب ڪن! اوهان ويھو گهر جي سنڀال تي، اسان ٿيون خريداري ڪري اچئون. ڏسئون ته ڪيئن ٿا دڪاندار ڪسي شيءِ، مھانگي ڪري ڏين!“
خريداريءَ کان پوءِ خوش هونديون آهن ته واڻيي کي ڦري آيونسين. ويچارين کي واڻئي جي وڪڙن ۽ اٽڪلن جي خبر ئي نه هوندي آهي. پاڻ ته ٻارهين مھيني واڻيي وٽ آيون آهن. جڏهن ته واڻيو ڏينھن ۾ اهڙين سوين مت جي موڙهيلن جا مٿا پيو ڪوڙي.
مطلب:
67.1 چالاڪ جي چالاڪيءَ آڏو، مت موڙهيل ۽ اڻ ڀوميو پاڻ کي تيسمار سمجهي ته ائين مثال ڏبو آهي.