پ
گهوڙو ڌارڻ؛ ڏکئي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، خرچ جھڙو ڪم ڪرڻ. اھڙو واپار ڪرڻ، جنھن ۾ سيڙپ سرس ۽ منافعو نه ھئڻ برابر ھجي.
جيڪي ماڻھو پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ آذرت آهن، سي ڀلا گهوڙا ڪيئن ڌاري سگهندا؟ جيڪو پنھنجي وت کان وڏن ڪمن ۾ هٿ وجهي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
مطلب:
39.1 جڏهن ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڀُتو نه ڀانئجي يا ڪن سببن جي ڪري، ڪم ڪرڻ کان نٽائجي ته پوءِ ائين چئبو آهي؛ ”مان اڃا پاڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ڪو نه ٿو سگهان، ٻئي کي ڪيئن کڻان؟“
39.2 جنھن کي خرچڻ لاءِ کاڻي ٽامي ٺڪري نه هجي، سو وڏن خرچن جون سڌون ڪٿان ڪندو؟
40. پَـرُ پيو، گهر ويو. (چوڻي)
پَـرُ؛ پرايو، اوپرو، ڌاريو.
پَـرُ پوڻ؛ ڌاري عورت گهر ۾ اچڻ، ڌاريو عقل ذهنن ۾ ويھڻ.
پرائي مَـتِ تي هلبو يا ڌاري عورت گهر ۾ آڻبي ته گهر ۾ ڪلڪل ۽ گھپي پئي ٿيندي. ڌاريا ڇيڻاڀور به ٿيندا آهن. ڳالھين ۾ مرچ مصالحا ملائي يا ڳڙ لائي/ ٿڦي پيا ماڪوڙا بڇائيندا آهن. تنھنڪري پرائي مَـتِ تي نه هلجي.
مطلب:
40.1 جڏهن گهر جي معاملن ۾ ڌاريا دائو دخل ڏيندا آهن، تڏهن معاملا ڦٽندا آهن.
40.2 ٻاھريون ماڻھو، جيڪو پنھنجو گھر ۽ مٽ مائٽ ڇڏي اچي ٿو، سو ٻين سان چڱائي ڪيئن ڪندو؟
41. پَـرَ-متڙيو، پُڇ-ڪتريو. (چوڻي)
پـر-متڙيو؛ پرائي عقل تي هلندڙ.
پڇ-ڪتريو؛ لنڊو، جنھن کي پڇ نه هجي. بي پھچ.
جيڪو ماڻھو، هر معاملي ۾، ٻين جي عقل تي هلي ٿو، سو جلد ئي ٻين کي بيزار ڪري ٿو. جڏهن کانئس هر ڪو بيزار ٿئي ٿو ته پوءِ کيس ابتا ڏس ڏئي جان ڇڏائي ٿو. ائين ڪرڻ سان، پر-متڙيو، ڪٿان جو به ڪين رهي ٿو. سندس پھچ يا واسطيداري، محدود ٿيندي ٿيندي ختم ٿي وڃي ٿي.
مطلب:
41.1 پرائي مت تي هلندڙ، پنھنجا تعلقات به وڃائي ويھي ٿو.
41.2 پر-متڙيو فقير؛ نه صافيين، نه ڪُڙڪين.
42. پلاه جھڙي پدمڻي، جب هڪي حاضر هوءِ،
ٻوهي وجهه پيٽ ۾، مر ته پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
پلاه؛ پلاءُ، چانورن ۽ گوشت مان جڙندڙ چھرو ڀت.
پدمڻي؛ سھڻي عورت، پرڪشش.
پلاءَ کان وڌيڪ پرڪشش کاڌو ٻيو ڪين آهي. ذائقيدار ۽ چٻاڙڻ ۾ سھنجو. اهو جڏهن هڪيو حاضر هجي ته جلد پيٽ ۾ داخل ڪجيس.
مطلب:
42.1 جيڪو ماڻھو ڄڀ جي ذائقي لاءِ، پيٽ کوڙي پرائي ڀت تي ويھي رهي ۽ اٿڻ جي حامي نه ڀري، تنھن کي انھن لفظن سان ٽوڪبو آهي.
43. پنھنجو، سنھنجو. (چوڻي/ پھاڪو)
پنھنجي شيءِ وقت تي ڪم آڻڻ، تمام آسان آهي. ڪنھن کان اڌاري گهرڻ جي نوبت ئي نه ايندي. ان ڪري ڪتب آڻڻ ۾ نه ڪو عار ۽ نه شرم. ان جي برعڪس ڌارئي جي شيءِ استعمال ڪرڻ اهنجي. کانئس اڌاري گهرڻ، تنھن کان وڌيڪ خراب، پئي هچڪ محسوس ٿيندي.
مطلب:
43.1 جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر مال پاڻ وٽ موجود رکجي. اويل سويل مٿس ئي پيا هٿ کُپندا آهن.
44. پنھنجو گهر، الک جو در. (چوڻي)
الک جو در؛ ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاءِ، جتي هر ڪو بنا روڪ ٽوڪ اچي وڃي سگهي.
پنھنجي گهر ۾ ماڻھو، آزاديءَ سان اچي وڃي، سمھي اٿي، کائي پي، ڪري ڪرتي، وهنجي سھنجي سگهي ٿو. ڪير به کيس ٽوڪيندو ڪو نه. جيئن ڌڻيءَ جي در تي وڃڻ سان کيس انند ۽ سُڪون پيو ملندو آهي، تيئن پنھنجي گهر ۾ سک ۽ شانتيءَ سان پيو رهندو آهي. تڏهن ته مارئي، محلن ۾ رهندي به، اباڻن ڪکن پسڻ لاءِ ماندي هئي.
مطلب:
44.1 پنھنجي ڪکين، ڪوئي نه لکين.
44.2 ڏر تي گدڙ به شينھن.
44.3 پنھنجو گهر، هنگي ڀر، پرائو گهر، ٿڪئي ڏر.
44.4 East & west, though we may roam,
Be it ever so humble,
There is no place like home.
45. پئسا ئي پاڻيءَ ۾. (ورجيس)
پئسو، خرچڻ ڪرڻ ۾ ساٿي رهي ٿو، جنھنڪري سڀڪو کيس جان کان وڌيڪ حفاظت سان رکندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن اهو موراڳو دريا بُرد ٿي وڃي ۽ وري ملڻ مشڪل ٿي وڃي ته پوءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي.
مطلب:
45.1 جنھن ڪم تي سيڙپ گهڻي ڪجي ۽ منجهانئس اڳتي هلي نفعي بدران نقصان پوي ته ان لاءِ تمثيلن ائين چئبو آهي؛ ”پئسا ئي پاڻيءَ ۾ ويا.“
46. پئسي بنا پرشاد، ڏيئي ٻائو هريرام ڪينڪي. (پھاڪو)
مندرن ۾ ڀنڊارا هوندا آهن، جتان غريب غربن، رکوالن ۽ يتيمن لاءِ روٽي ويندي آهي، جنھن کي پرشاد چئبو آهي. پئسي ۽ ڌن دولت ۾ وڏو چمڪو آهي. اهو غريبن ۾ ورهائجڻ وارو پرشاد به پئسي وارن کي تبرڪ طور اوليت جي بنياد تي ڏنو ويندو آهي. پوءِ غريبن کي انھيءَ ثواب/خير مان مستفيد ٿيڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي.
دنيا ۾ پئسي جي بازي آهي. دنيادار، وڏو پير يا مرشد سمجهن ئي پئسي کي. ٻيا ته ٺھيو خود ٽڪاڻيدار ۽ گديسر، جيڪي پاڻ کي نرموهو سڏيندا آهن، سي پڻ هن مرض ۾ مبتلا آهن. ڪڻاهه جو ڪڻڪو ۽ پوري پرشاد به مالدارن ڏانھن اوليت ڏئي وڌائيندا آهن.
مطلب:
46.1 پئسي جو وڏو مان آهي.
46.2 پئسي بنا پرشاد، ھرو ڏئي نه ھٿ ۾.
47. پيٽ ۾ بک، ارهه ۾ آڪڙ. (ورجيس)
پيٽ ۾ بک هئڻ سان، اُرهه مان آڪڙ نڪري ويندي آهي. تنھن هوندي به جيڪڏهن ڪير ڪري ٿو ته پوءِ پڪ کيس مار کائڻ جو شوق ٿيو آهي.
هڪڙا ماڻھو پيٽ ۾ بک هوندي، آڪڙ کان ڪم ڪار نه ڪندا آهن. گهر ۾ پيا بک مرندا ۽ جک ماريندا. سڃي شان تي ڳنڍ ٻڌي، نه نوڪري ڪندا ۽ نه ڌنڌو ۽ واپار ڪندا. گهر ۾، بک تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويھڻ ۾ پاڻ کي پيا تيسمار خان سمجهندا. هٿ جي پورهئي لاءِ چئبن ته پيا وڏونھن ڪڍندا ۽ ٽيئڙ تپ پيو چڙهندن ۽ چڙي چڙي پيا ڳالھائيندا.
مطلب:
47.1 پيٽ ۾ بک، اره ۾ آڪڙ؛ مار کائڻ جي نشاني.
48. پيٽ ۾ نانھه روٽيان، سڀئي ڳالھيان کوٽيان. (چوڻي)
جسم جي سمورن عضون کي رطوبت ۽ طاقت جا جزا، پيٽ جي ذريعي ملن ٿا. پيٽ ۾ ڪجهه پوندو ته ٻارڻ (Fuel) وانگر سمورن عضون کي ورهائجي ملندو. پيٽ ۾ ڪين هوندو ته ٻيا عضوا به ڍرا ٿيڻ لڳندا. ڪنھن به ڪم لاءِ دلچسپي پيدا نه ٿيندي. ڪم جي ڳالهه ٻڌي، بيزاري پئي محسوس ٿيندي.
پيٽ کي ڀرڻ لاءِ روٽي کپي. روٽي ايتري به نه کپي جو پيٽ کڻڻ به مشڪل ٿي وڃي. ايڏي به پيٽ کي بک نه ڏجي جو ماڻھو ايمان مان نڪري وڃي.
مطلب:
48.1 اَنُ ته ايمان، بک ته بي ايمان.
48.2 پيٽ ۾ لُل، ملڪ ۾ هُل.