لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

ب

23. بار گڏهه تي، هينگي کوتي. (پھاڪو)
اصول آهي ته جنھن تي وزن رکيل هوندو آهي، تڪليف به ان کي ٿيندي آهي. جنھن کي تڪليف ٿئي، سو ڪرڪندو ۽ ڪُجهندو به. ان جي برعڪس جنھن تي نه وزن آهي ۽ نه ئي تڪليف پھتي اٿس، سو ڪُرڪي ته اجايو آهي.
مطلب:
23.1 ’الف‘، ’ب‘ جو ڪم ڪري ٿو. ’ب‘ جو ڪم سنوارجي ٿو پر ’ج‘ کي انھيءَ تي ساڙ ۽ حسد وچان خار اچن، سا به غلط ڳالهه آهي، ڇو جو ’ج‘ جو ان معاملي سان نه واسطو آهي نه وجهه آهي. اهڙي ماڻھوءَ لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
23.2 شادي ڀيڻ جي، ٽٽ نه بيھي ڀاءُ جو.
23.3 ڀيٽيو: ڌڪ لڳي هڪڙي کي ته روئن ٻيا، اچن جي ٽيان ته ڳوڙها ڳاڙيندا وڃن.

24. بک! وڏا ملندءِ سک! (تڪ بند جملو)
بک، اڳيئي اهنج ۽ ڏک آهي. جنھن وٽ ويندي، تنھن وٽ به بک/ ڏک ئي ڏسڻ نصيب ٿيندس. اڳلا ڏکن ۾ هوندا ته کيس به سک ڪين ملندا.
جن غريب مائرن جا ٻچا، بک ۾ ڪوڪرائيندا آهن، سي مائرون بي بسيءَ وچان آهه ڀري، بک کي پاراتي ڏيڻ لاءِ چونديون آهن؛ ”بک! وڏا ملندءِ سک!“
مطلب:
24.1 بک کي ڪٿي به سک نه ملندو. ملندس ته پٽون ۽ پاراتا.
24.2 ڀيٽيو: الک! ڏي ڪي ٻه ٽي لک.

25. بن پئسي جو کيلي جوئا، آج نه موئا ته ڪل موئا. (چوڻي)
جوئا کيڏڻ لاءِ، وافر ملڪيت ۽ پئسو گهرجي. هارائجي ته ان ڳالھ جو ڀؤ نه ٿئي؛ ”هاڻي وقت ڪٿان گذرندو؟“ هوند تي جواري، هونگر ڏئي پيو کيڏندو ۽ تڏر ڏئي پيو ساري کڻندو يا پتو اڇليندو. دليريءَ سان کيڏڻ ڪري، بزدل/ ڀاڙين رانديگرن کي ڀڄائي ميدان ماريو بيٺو هوندو. اڻھوند تي کيڏڻ وارو، ڊڄ ۾ کٽڻ جھڙا داءَ به نه کيڏندو ۽ آخرڪار هارائي، ’هر هارو، منھن ڪارو‘ ڪرائيندو.
جوئا کان علاوه، دنيا جا سمورا ڪاروبار پڻ ائين آهن. دليريءَ سان گهربل پئسو سيڙائڻ وارو وڏو منافعو ڪمائي ٿو. ڪسڪي ڪسڪي پئسو ڪڍڻ وارو، منافعو نه ٿو ڪمائي.
مطلب:
25.1 اٺ-ڪاٺئي ڪم ۾ هٿ وجهڻ ۽ منجهس ڪامياب ٿيڻ لاءِ پئسو جام هئڻ گهرجي.
25.2 جيڪي ڪري پئسو، نه ڪري سو پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ سڳو.

26. بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي. (ورجيس)
بڻي؛ بني، ٺھي ھلي.
دال روٽي؛ بک ڏک جو گذر، سادي سودي خوراڪ.
ڪنھن ڏکيي ڪار وهنوار ۾، وسيلن ۽ مدد نه ھئڻ جي باوجود اگر هٿ وجھندا آھن ته پوءِ پاڻ کي انھن لفظن سان آٿت ڏيندا آهن. ٻين جي پڇڻ تي پڻ ائين دلداري ڏيندا آھن.
مطلب:
26.1 جيڪڏهن اهو واپار/نوڪري ڪامياب وئي ته واه واه، نه ته گهر ۾ ته دال ماني ملي ٿي پئي.
26.2 جنھن ساھ ڏنو آهي، سو گراھ به ڏيندو.
26.3 لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.
26.4 بڻي ته بڻي، نه ته دائود خان پڻي. (سبي)

27. بيبي ننڍي، برقعا باري. (ورجيس)
برقعو؛ پردو، وڏي چادر.
ننڍي نيٽي زال، وڏيءَ جي ڀيٽ ۾ هر ڪو پيو لڪائيندو آهي ۽ کيس برقعن ۾ ويڙهيندو آهي. ڇو جو گهڻو انديشو هوندو آهي ته ان کي ئي ٻيا ڏسندا. ڪراڙيءَ کي پنھنجو مڙس ئي نه ٿو ليکي ته ٻيا ڇا ڏسندس. تنھنڪري سندس مڙس جي نظرن ۾، ڏانھس ڪنھن جي به نظر نه ٿي کڄي. ان کي پردو گهٽ ڪرائيندو آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ننڍيءَ کي باري برقعا پارائيندو.
مطلب:
27.1 هر قدم، ٺھندڙ آهر ۽ سونھائيندو کڻجي.
27.2 هَٺَ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي.
27.3 هوند ٿوري، ڦاها وڏا ڦڪڻ. (ورجيس)
27.4 وت ٿورو، ڦڙ ڦڙ گهڻي. (ورجيس)
27.5 باري کڻن بار، ناهي ڪم ڪچن جو. (چوڻي/ پھاڪو).

28. بيٺو کائي اَنُ، پيو کائي ڌَنُ. (طبي، چوڻي)
بيٺو؛ تندرست، چاق، چڱو ڀلو.
پَيو؛ ڪريل، بستري تي پيل، بيمار، ڪمزور.
تندرست ماڻھوءَ جي ويلي تي خوراڪ؛ ٻه مانيون. يعني گهر ۾ رکيل اَنَ مان سندس پيٽ قوت ٿيو وڃي. ان جي برعڪس، بيمار ماڻھوءَ کي جان مان به بيزاري هوندي. ماني ته وڻندس ڪا نه. کيس، ترت عمل طور، دوائون گهرجن، جيڪي کائي تندرست ٿئي. دوائون، پئسن/ڌن سان اينديون آهن. ڌن هوندو ته دوائون به اينديون. نه هوندو ته، نه اينديون. ٻين لفظن ۾ بيمار ماڻھو، ڌن ئي کائي ٿو، تڏهن جياپو ٿئيس ٿو.
مطلب:
28.1 اگهو کائي ڌن، سگهو کائي اَنُ.