لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

ک

119. کاءُ ساڳ، لڳئي ڀاڳ. (چوڻي)
ساڳ، سادو ۽ غريباڻو کاڌو آهي، جيڪو سرنھن جي پنن مان جڙندو آهي. مٿس، ٻين ڀاڄين/سبزين جي ڀيٽ ۾، گهٽ خرچ اچي ٿو. ٻھراڙيءَ ۾ ته غريب ماڻھو، ساڳ مفت ۾ پٽيندا آهن. ساڳ پٽڻ سان، سرنھن جو تيلو زور وٺندو آهي. تنھنڪري مالڪ/ هاري پڻ چاهيندو آهي ته سندس سرنھن مان ڪو ڀلي ساڳ پٽي وڃي. سادي ۽ سستي کاڌي کائڻ سان بچت ۽ ڀاڳ ورندو آهي.
مطلب:
119.1 سادو کائجي، سادو پھرجي.
119.2 سادو کاڌو، صحت جي صندوقڙي آهي.
119.3 دال، ٻچن پال.

120. کائڻ لاءِ کرو، ڪمائڻ لاءِ ٻرو. (ورجيس)
ٽوٽي/ سست ماڻھو ڪم کان لھرائيندو آهي. کائڻ وقت سڀني کان اڳي ڪن ڪڍيو ويٺو هوندو آهي. اهڙي کائڻ جي خچري/ ڳوٿري کي، ائين مثال ڏيئي ٽوڪ/ چٿر ڪبي آهي.
مطلب:
120.1 کائڻ مھل کڙو تڙو، ڪم مھل ٽيئڙ تپ.
120.2 کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.
120.3 ڀيٽيو؛ کائڻ وير مڙس، هاج وير ڇوڪر.

121. کڏ ٽپين، اڏ نه ٽپين. (ورجيس)
جيڪي هونءَ وڏا ڦاها پيا ڦڪين ۽ وقت تي خسيس ڪم لاءِ به ڀولڙيءَ جھڙي شڪل ٺاهي ويھن، تن ماڻھن لاءِ ائين مثال ڏيئي ٽوڪ هڻبي آهي.
مطلب:
121.1 وقت تي جيڪو ڌڪ پٽي، تنھن کي ائين ٽوڪبو آهي.
121.2 پڄاءُ پويس ته درياھ ٽپي وڃي، ھوڏ تي چڙھي ته اڏ ٽپڻ وقت به ڊُھي ھڻي بيھي رھي.
121.3 ڀيٽيو؛ آهِي ٽپين، کاهي نه ٽپين.

122. کلو لڳو، هَٺُ ڀڳو. (چوڻي)
کلو لڳڻ؛ موچڙو لڳڻ.
هَٺُ ڪرڻ؛ وڏائي يا تڪبر ڪرڻ.
هَٺُ ڀڄڻ؛ ڪنڌ ڀڄڻ، تڪبر ڪِرڻ.
ڪن ماڻھن کي ائين ئي ڪنڌ ۾ ڪلي ۽ من ۾ مڳي هوندي آهي. پيا غريب غربي سان مٿا مونا ۽ ٿانا ٿونا هڻندا آهن. جڏهن کين ڪو ڏاڍو مڙس ٽڪربو آهي ۽ موچڙي سان کنجيندو اٿن ته پوءِ ٽڪ مان ور نڪري ويندو اٿن ۽ هر ڪنھن سان نوڙت سان پيا هلندا آهن.
مطلب:
122.1 مار، سنوار آهي.
122.2 مار؛ ڏاتار آهي.
122.3 عرشان لٿيان چار ڪتابان پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)
122.4 ڀيٽيو؛ سنڌ، سڌي آهي موچڙي سان.

123. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو. (چوڻي)
مرد جيستائين موچڙي ۾ ڳن نه وجهندو، تيستائين گهر مان ٺِـڙ ڦِٺڙ نه ويندس. جيڪڏهن چاهي ته گهر جو ڪار وهنوار، سانت سڪون سان هلي ۽ ٻار به ڏنگايون نه ڪن ته پوءِ مرد کي گهر ۾ مڙس ماڻھو ٿي رهڻ گهرجي. مجال آهي جو ڪو چوڪٽ به ٻڌڻ ۾ اچيس. باقي کلو لڪائي رکيائين ته ڏيھاڙي ڏاڙهيءَ-پٽ هوندس.
مطلب:
123.1 مار جو سھارو، هٿان نه وڃائڻ گهرجي.
123.2 کلو، پنجون پير آهي.
123.3 ڀيٽيو؛ کلو لڳو، هٺ ڀڳو.

124. گهر گهينگهر، ٻار ڊينگهر. (چوڻي)
گهينگهر؛ گهنگهر، بوجو، بار. (گهنگهر گهڻو ٿيا، ڄاپي ماروئڙن کي. شاھ، سر مائي)
ڊينگهر؛ ٻٻر يا ڪنڊيءَ يا ڪنڊيدار وڻ جي وڏي ٽاري، جيڪا ڪنڊن سان ڀريل هجي. جيڪو منجهس هٿ وجهي، تنھن کي سيلھه ڪنڊا چڀي پون. پلاندُ، اٽڪيو ته رهڙيون کنيو هلندو.
ڇڙا ماڻھو، شادي نه ڪرڻ لاءِ اهو دليل ڏيندا آهن؛ گهر هلائڻ گهنگهر ڳچيءَ ۾ وجهڻ برابر آهي ۽ ٻار پالڻ ته ڊينگهرن سان پاڻ رهڙائڻو آهي. ھونئن ته شادي شدھ ماڻھو، زال سان ائين جڪڙيل آھي، جيئن ٽاھڙ مينھن کي ڳچيءَ ۾ ڊينگھر يا کٽ جو پائو ٻڌل ھجي. ھاڻي اگر ڀڄڻ چاھي ته ڀڄي نه سگھندي، جو پائو يا ڊينگھر پيو لڳندس. ائين، ٻارن جي ڄمڻ کان پوءِ، مڙس اگر اھو ڳچيءَ-پيل ڳٽُ ڪڍرائڻ چاھي ته به نه ڪڍائي سگھندو.
مطلب:
124.1 زال زنب، ٻار ٻرو، وس پڄئي ته گهم ڇـڙو.