لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

گهه

125. گهر ۾ ڪين، ته به رکي گهوڙي تي زين. (ورجيس)
اصول اهو آهي ته جنھن کي کائڻ لاءِ ڪونھي، تنھن کي ڀلا گهوڙا به ڌارڻ نه گهرجن. جيڪو ائين ڪري ٿو، سو پنھنجي لاءِ جنجل پيدا ڪري ٿو.
مطلب:
125.1 جيڪو پنھنجي اوقات کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿو يا وت کان ٻاهر مھم ۾ هٿ وجهي ٿو، تنھن لاءِ مام ۾ ائين چٿر ڪئي ويندي آهي.
125.2 گهر ۾ ککي کاڻي نه، ٻاهر لوڏ لکن جي.
125.3 اهڙو هٿ-ڦاڙ جو؛ گهر ۾ اٿس ڪين، ته به رکي ٿو گهوڙي تي زين.
125.4 ڀيٽيو؛ اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.

126. گهر ويائي، چڱي ويائي. (چوڻي)
ڪي غيرت وارا گهراڻا، وس ويندي نياڻي ٻاهر نه ڪڍندا آهن. پرڻائڻ لاءِ به گهر يا پاڙي ۾ جاءِ تاڙيندا آهن. پنھنجي ڪنھن جڏي سڏي مائٽ کي به عجبن جھڙي نينگري پٺيءَ پاڏئون لائي ڇڏيندا آهن، پر کيس ٻاهر ڪڍڻ ۾ پنھنجي گهٽتائي سمجهندا آهن. ويم وقت به ڪوشش ڪندا آهن ته گهر ۾ موجود ماسين چاچين هٿارئون ناڙو وڍرائي ڇڏين. جي نه ته به دائيءَ کي گهر ۾ گهرائي ويھاريندا آهن. ان حالت ۾ به نياڻيءَ کي ٻئي جي منھن پوڻ نه ڏيندا آهن. ان کي ئي چڱو سمجهندا آهن.
مطلب:
126.1 نياڻيءَ کي وس ويندي، ٻاهر نه ڪڍجي.

127. گهوٽ ڪنوار راضي، ڇا ڪندو ملو قاضي. (پھاڪو)
ٻه ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ آهن ته ٽيون کين ويڙهائي نه ٿو سگهي. نه ڪنھن چالاڪيءَ سان ۽ نه ئي ڪنھن قانوني وڪڙ سان. جيڪڏهن ڪي ٻه ڌريون وڙهي ڍانگو ڍانگ ٿيڻ کان پوءِ به ٿاڻي يا ڪورٽ ۾ نه ٿا اچن ته ڪورٽ يا جيل وارا، سندن معاملو ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهن.
مطلب:
127.1 ٻه پاڻ ۾ ٺھيل آهن ته ٽئين جو ڪھڙو اٽو کٽو آهي جو سندن وچ ۾ پوي. پيا پاڻ ۾ پرچن ۽ سرچن، ٽئين کي ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي. ٽنگ اڙائيندو ته خوار ٿيندو.
127.2 قاضي ڄاڻي ته قاضيءَ جي قيام ڄاڻي.

128. گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، ناس پتو ٻوڙي،
سوا گهڙيءَ جي سُک لئه، عمر پيو لوڙي. (چوڻي)
گهوٽ جڏهن لانئون لھڻ لاءِ، موڙ ٻڌي ڪاتي هٿ ۾ کڻي، گهوڙيءَ تي ٽيڳرجي هلندو آهي ته سندس انھيءَ ٽيڳر تي ڪي مايون ٺٺول خاطر ائين لاڏو چونديون آهن. ڇو جو گهوٽ جي لئه، گهڙي سوا لاءِ آهي، پوءِ سڄي عمر ڳھڻو اٿس. جڏھن ته ڪنوار، روئي گهڙي سوا لاءِ ٿي، باقي عمر راڄ ڪرڻو اٿس.
مطلب:
128.1 دنيا جا ٺٺ، عارضي آھن.

129. گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
پيئڻ مھل جيئن مير علي مراد جا ڪتا. (ورجيس)
گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل، ڪوڙي ڍڳي وانگر ٻوڙن ۾ لڪي ويندا آهن. جڏهن ڏسندا آهن ته ڪم اڪلائجي ويو آهي ته نرو کڻي نروار ٿيندا آهن، پوءِ کنگهڪر ڪري، پنھنجي هئڻ جو اطلاع ڪندا آهن ۽ احساس ڏياريندا آهن ته منافعي ۾ پاڻ به حصيدار آهن.
مطلب:
129.1 ٽوٽي/مطلبي ۽ شاهه صاحب جي وڳند فقير جھڙن، کائڻ جي ملھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
129.2 گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل ائين آيا جين قلندر/ گوسائينءَ جا ڪتا.
129.3 بنا ڪمائيءَ نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر.
129.4 دال گيھ تيرا، آگ ڦوڪ ميرا.
129.5 ڀيٽو، کائڻ لاءِ کڙو، ڪم لاءِ ٻـرو.