لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳوٺاڻو ڳُڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
Title Cover of book ڳوٺاڻو ڳُڙ

هه

166. هڏ به ڏجي، هڙ به ڏجي. (ورجيس)
هڪڙا ماڻھو، ٿوري مان ڪين ڄاڻندا آهن. هڪڙو ڪم ڪبو اٿن ته وري مٿان ٻيو لاڳو ڪم به چئي ڇڏيندا آهن. جھڙوڪ؛ هڪڙي کي ڪپڙن جي مشين سبڻ لاءِ اڌاري کپي. ڏيڻ کان پوءِ چوي؛ هاڻي مون کي رلي به سبي ڏيو.
يا هڪڙي کي گهر جي اڏاوت لاءِ لوهه ۽ سيمينٽ کپي. اوڌر تي اهو وٺرائي ڏيڻ کان پوءِ سوال ڪري ته؛ ”مون کي ٽرئڪٽر تي گهر پھچائي ڏيو.“ اهڙي حالت ۾ اوڌر ڏيڻ وارو چڙي چوندس؛ ”هڏ به ڏيون، هڙ به ڏيون، کڻي به ڏيون ۽ پھچائي به ڏيون!“
مطلب:
166.1 جيڪو تن من ۽ ڌن سان ڪيل ٿوري جو مان نه ڪري، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
166.2 لڏ به ڏي لڏاڻي به ڏي، لڏ جو لڏيندڙ به ڏي.

167. هڙ ئي هلاڪ. (ورجيس)
هڙئي هلاڪ ٿيڻ (اصطلاح)؛ سڀڪجهه تباهه ٿيڻ.
هلاڪ ٿيڻ؛ ٿڪجي پوڻ.
جيڪو محنت ڪرڻ کان پوءِ، فائدي بدران نقصان ڏيکاري ۽ سيڙايل موڙي به تباھ ڏيکاري، مٿان نوڪرن چاڪرن جي پگھارن جي به رھت جو بل ڪڍي، تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
مطلب:
167.1 ڍينگو ئي ڍيري (ٿيڻ).
167.2 ڀيٽيو؛ چوٿڙو ئي چٽ.

168. هڪ اڌ ۾، ٻيو پنڌ ۾. (ورجيس)
ھڪڙا سودائي ماڻھو به ٿيندا آهن، جيڪي هڪڙو ڪم اڌ ۾ هوندي، ٻيو شروع ڪري ڏيندا آهن. يڪدم ان مان به دل اُڪتائجي ويندي اٿن ته حرص/ هوس ۾ ٽيون ڪم وڃي شروع ڪندا آهن. ساهه ستيءَ سان، هڪ ڪم به پورو نه ڪندا آهن. جنھن سببان ڪو به ڪم مڪمل ڪري، منجهانئس جوڳو فائدو حاصل نه ڪري سگهندا آهن.
مطلب:
168.1 ڪو به ڪم ڪجي ته توڙ تائين ڪجي، جيئن مڪمل ٿي وڃي. هڪ اڌ ۾، ٻيو پنڌ ۾ ۽ ٽيون ڪنڌ ۾ نه ڪجي.

169. هڪ هٿ چوٽيءَ ۾، ٻيو هٿ سوٽيءَ ۾. (ورجيس)
استاد شاگرد کي مار ڏيڻ وقت، هڪ هٿ سان چوٽيءَ/ مٿي کان جهليندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان کيس لڪڻ هڻندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ استاد لاءِ چئبو آهي؛ ”وڏو ظالم آهي، سندس هڪ هٿ شاگرد جي چوٽيءَ ۾ آهي ته ٻيو سوٽيءَ ۾ آهي. اهڙي مارڻي ماستر وٽ ٻچا ڪير پڙهائيندو. هڻي ٻارن جا عضوا ئي کاري وجهي“.
مطلب:
169.1 ٻنھي هٿن سان موچڙا ڏيڻ.
169.2 مار ڏيڻ لاءِ لاهي پاهي بيھي رهڻ.
169.3 هر مسئلي جو حل، مار موچڙي ۾ سمجهڻ واري لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
169.4 هڪ پير ريل ۾، ٻيو جيل ۾.
169.5 هڪ هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.

170. هنر واري جي گهڙي، بي هنر جي ڄمار. (پھاڪو)
هنر وارو ماڻھو جيڪو ڪم يا ڪمائي، گهڙيءَ ۾ ڪري ٿو سا بي هنر ماڻھو، سڄي عمر ۾ به نه ٿو ڪري. هنر واري وٽ گهڙي ويھڻ به ڀلي. ان گهڙيءَ ۾ کانئس ايترو ڪجهه سکي وٺبو، جيترو جاهل کان سڄي عمر لڳائڻ سان به نه سکي سگهبو.
مطلب:
170.1 هنر وارو ٿجي پوءِ ڀلي گهڙيءَ سوا جي عمر ملي. ان کان بھتر آهي جو گهڻي عمر ملي ۽ بي هنر رهجي.
170.2 گدڙ جي سؤ ساله زندگيءَ کان شينھن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينھن بھتر آهي.
170.3 ھنر واري جو ھنر، بي ھنر جي بيک.
170.4 ھنر، نر آ.

171. هڻي مُـڪَ، ڪري سُڪَ. (ورجيس)
طاقتور ۽ ٻلوان ماڻھوءَ جي مُڪ ئي ڪافي هوندي آهي. ان سان ئي چڱي ڀلي کي سُڪ ڪري ڇڏيندو آهي.
ماٽيلي ماءُ، انڌو ماڻھو ۽ بي عقل طاقتور، جڏهن مُڪ وهائيندا آهن، تڏهن کين پنھنجي مُڪ جي وزن ۽ مُڪ سھندڙ جي وِتَ جو اندازو نه ٿيندو آهي. پنھنجي شڪار کي هڪ ئي مُـڪ ۾ سڪ ڪري ڇڏيندا آهن.
مطلب:
171.1 اهڙو تيسمار خان جو سندس هڪ ٺونشو ئي مخالف لاءِ ڪافي آهي.
171.2 اهڙو طاقتور جو؛ هڻي مُڪ، ڪري سُڪ. (ورجيس)

172. يار نه ياري، رشته داري. (ورجيس)
هجت ٿيندي آهي يار سان، جنھن سان ياري هجي، ڪم به چئبو آهي ان کي، ٻئي کي نه چئبو آهي. يا وري هجت ٿيندي آهي مائٽ يا رشتيداري سان، جنھن سان ڪو سڱ/سياڪو هجي. باقي جنھن سان ڏنگ ڏوڪو ئي نه هجي، تنھن پٺيان لور لور يا لڇ لڇ ڪرڻ، پاڻ کي ڏٺو وٺو ڪرڻ جي مترادف آهي.
مطلب:
172.1 جيڪي لڳڻيءَ ٻيڙيءَ وانگر، اڻ واقفن سان به ڪلھي گس ڪن ۽ موٽ ۾ کين اڳلو کنگهي به نه، تن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
172.2 ڀيٽيو؛ مانِ نه مانِ، مئن تيرا مھمان.

173. يار ياراڻي، معاملو صفا. (چوڻي)
دوستي رکجي ته نباهجي. دوستي ۾ هر معاملو صاف رکجي. اِٽڪي ٻِٽڪي نه ڪجي. اير ڦير ڪرڻ سان سنگت هلي نه سگهندي. جيڪا به ڳالهه ڪرڻي هجي، ڪنھن طريقي سان منھن تي چئي ڏجي. نه پنھنجي دل تي تور رکجي ۽ نه ئي اڳلي ۾ گمان رکجي. نه پاڻ شڪ جو شڪار ٿجي، نه اڳلي کي گمان جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏجي.
مطلب:
173.1 دوستيءَ ۾ ڪنھن به ڳالهه جو رک رکاءُ نه ڪجي.
173.2 سنگت ۾ سچ ڳالھائجي ۽ روبرو ڳالھائجي، پر مصلحت سان ڳالھائجي.