ڪارو رت
”رُلي مُئا آهن! اچيو آڌيءَ رات جو سکُ ڦٽائين!“ پيرو بڙ بڙ ڪندو هنڌ مان اُٿيو.
ٻہ سجاڳ اکيون کيس پويان پويان ڏسڻ لڳيون.
”ابا، ڪھڙو؟“ ٻاهر اڱڻ ۾ ايندي، هن وڏي سڏ پڇيو.
”ميان، جواب تہ ڏي! ڪير آهين؟“ هو خار کائيندي ٻاهرئين در ڏانھن وڌيو.
اندر، ڪوٺيءَ ۾، ڪا نازڪ دل ايندڙ خطري جي احساس کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
پيروءَ در کولي ٻاهر ليئو پاتو. ڪنھن سڃاتل شخص جو پاڇو معلوم ٿيس. خوشيءَ وچان بي اختيار ٿي پڇيائين، ”ڪير!.... متان اَدو شير.....“ هن جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ اُهو شخص اندر گهڙي آيو. پيروءَ هاڻي کيس چڱيءَ طرح سڃاتو، ۽ ڀاڪر پائڻ لاءِ ٻنھي ٻانھن کي کوليندي ڪجهہ چوڻ تي هو، تہ ايتري ۾ آيل شخص جي هٿن کي تيزيءَ سان حرڪت آئي.... هلڪيءَ دانھن سان، پيروءَ جي سري وڃي پرتي پيئي، ۽ ڌڙ اُتي ئي نچندي نچندي ڊهي پيو.
اندران هڪ سنھي چيخ ٿي، ۽ ڪو ڊُڪندو ٻاهر آيو.
”تون ڇو آئي آهين؟ آءٌ پاڻيھي اچان ٿو. ڏس تہ، منحوس اڃا پيو ڇڙيون هڻي! تون اندر هل، آءٌ اڃا.... اڙي، جنو، تون تہ ڏڪين پيئي!“ هن جنوءَ کي ڀاڪر ۾ جهليندي چيو، ”ڊڄي ويئي آهين؟ ڊپ ڇا جو، آءٌ جو موجود آهيان!“
”شيرو!.... تو هي ڇا ڪيو!“ جنو شيروءَ جي ڪلھي تي اهلي پيئي.
”ٺيڪ ٿيو، هن پوڙهي کي مرڻ ئي کپندو هو. هي سڀڪجهہ تو لاءِ ئي تہ ڪيو اٿم!.... هاڻي تون شيروءَ جي زال آهين، شيروءَ وانگي بھادر ٿيءُ. تون هل اندر، آءٌ اچان ٿو. گهٻرائي بلڪل نہ....“
شيرو سٽ پائي در ڏانھن وڌيو. ٻاهر آسپاس نظر ڪيائين. رات جو اوندھہ ۾، پري تائين پکڙيل ٻنيءَ ۾ گاھہ جي ڪارن لڏندڙ لمندڙ پاڇولن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو. هن آهستگيءَ سان دروازو بند ڪيو، ۽ موٽي لاش وٽ آيو.
”اڙي، تون اڃا اتي بيٺي آهين! هتي گهڻو نہ بيھہ، تنھنجي دل ڪمزور آهي. جنو..... او جنو!.... جنت!.....“
جنت، لوئيءَ ۾ ويڙهي، ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ ڪو پٿر جو بي پساھہ بوتو هجي. شيروءَ وڌي اچي ٻانھن ۾ ورتس. جنوءَ، ڇرڪي، ڪنڌ کڻي سندس ڪلھي تي رکيو، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”چري آهين ڇا، روئين ڇو ٿي؟ توکي تہ پاڻ خوش ٿيڻ کپي! هل. اندر هلي آرام ڪر. آءُ بہ هلان ٿو....“
شيروءَ کيس ڀاڪر ۾ وٺي اچي اندر کٽ تي ليٽايو. پاڻ سندس سيرانديءَ کان ويھي رهيو. لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ کيس جنوءَ جو منھن بلڪل هاريل ۽ نپوڙيل نظر آيو. هوءَ اکيون بند ڪري پيئي هئي، ۽ سندس ساھہ زور زور سان کڄي رهيو هو. شيروءَ سوچيو، ’زال ذات آهي، لاش ڏسي ڊني آهي. اسان جي دل تہ اهڙي پڪي ٿي ويئي آهي جو حرام ڪو لوڏو اچيس!.... جنوءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونہ هو.... خود جنوءَ بہ تہ ائين ئي ٿي چاهيو!‘
”جنو!“ هن جنوءَ کي ڌونڌاڙيو.
”هون....“
”اُٿي تہ ويھہ، اڃا گهڻي رات پيئي آهي. مس مس دل جو غبار هلڪو ٿيو آهي. هاڻي اسين هميشہ لاءِ هڪٻئي جا ٿي رهنداسين. جيڪو وچ جو ڪنڊو هو، سو بہ خيرن سان دفع ٿي ويو.“
”وچ جو ڪنڊو تہ دفع ٿي ويو، ..... پر.....“ وڌيڪ چوڻ بدران، جنو اکيون کولي شيروءَ جي منھن ۾ تڪڻ لڳي.
”.... پر؟.... چئہ، چئہ.“
”مان ڀانيان ٿي، ..... شيرو،..... اهو چڱو نہ ٿيو!“ جنوءَ وري اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
”تون اجايا کُٽڪا نہ ڪر، جنو، جيڪي ٿيو سو ڏاڍو چڱو ٿيو. پيروءَ مان توکي سک بہ ڪھڙو هو... هو پنجاھہ ورهين جو، تون ٻاويھن ورهين جي.... ڪيڏو نہ ظلم چئبو! ننڍي هوندي کان نالي ٿيل هئاسين، پوءِ آءُ ملٽريءَ ۾ ويس هليو، پر آخر تہ موٽي اچڻو هوم! سچ پڇين، جنت، توکان سواءِ مون کي ڪٿي بہ آرام ڪونہ هو!“
”پر،.... آءٌ تہ هاڻي اها ساڳي....“
”ڏس، جنو، تنھن ڏينھن بہ تو اها ئي ڳالھہ ڪئي... چيومانءِ تہ تون مون لاءِ اُها ئي جنو آهين، اها ئي جنو آهين! ڪجهہ اڳيون ڳالھيون تہ ياد ڪر... اڄ ورهين کان پوءِ اهو زمانو وري آيو آهي، جڏهن اسين ڏينھن رات هڪٻئي کان جدا نہ ٿيندا هئاسين!...“
جنوءَ جي ذهن تي يادگيرين جا انبار تري آيا. ننڍپڻ جو زمانو، جڏهن ٻئي ڄڻا سڄو سڄو ڏينھن پيا ٻنين جي ڪشادين ساوڪن ۾ ڊوڙون پائيندا هئا، ۽ پوءِ جوانيءَ جون اهي يادگار گهڙيون، جن ۾ جنوءَ ۽ شيروءَ هڪٻئي سان قول قرار ڪيا هئا. جنو شيروءَ جي ڪنھن رشتي سان سوٽ ٿيندي هئي. شيرو گهڻو ڪري ٻنيءَ تي رهندو هو. جيتوڻيڪ گهر پري ڪونہ هئا، تہ بہ اهو اڪثر ڪري راتيون بہ منھہ ۾ گذاريندو هو. ڀلا گهر ڪنھن لاءِ وڃي؟ سڳي پيءُ جو تہ گهر ڪونہ هوس. شيروءَ جي ماءُ خيران ڀر واري ڳوٺ جي هڪ هاريءَ جي زال هئي، جا پيروءَ جي پيءُ، محمد خان ڪمدار، زميندار جي زور تي ڀڄائي هئي. شيرو ان وقت ستن ورهين جو هو، ۽ ماڻس کيس بہ ساڻ کڻي آئي هئي. شيروءَ جي سڳي پيءُ گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي، پر مائيءَ خيران جو محمد خان ڪمدار سان اهڙو نينھن لڳي ويو جو کلي ڪورٽ ۾ چئي ڏنائين تہ ’مڙس منھنجو هيءُ، ٻيو سڀ ڪوڙ‘. شيروءَ کي نہ نئون پيءُ محمد خان وڻيو، ۽ نہ وري محمد خان کي ئي شيرو پسند پيو. پيرو، جو محمد خان جي اڳينءَ زال مان هو، تنھن مڙئي شيروءَ سان سنگت رکڻ چاهي. جيتوڻيڪ پاڻ ان وقت پنجويھن ورهين جو جوان هو، پر پيروءَ کي الائي ڇو شيروءَ جي ٻالي ڀولي شڪل ڏاڍي وڻندي هئي. پر شيرو انھيءَ سان بہ نہ ٺھيو. شيرو ٺھيو، تہ ’جنت‘ سان، جا پيروءَ جي سڳي سوٽ هئي.... ۽ هاڻ شيروءَ جي بہ سوٽ ٿي. شيرو ۽ جنت اهڙا ٺھيا، جو جواني اچي ويئي تہ بہ هنن ۾ اها ئي مستي ۽ چلولائي هلندي آئي. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي، شيرو جنت کي چوندو هو:
”جنو، تون مون سان شادي ڪندينءَ نہ؟“
”هون، توسان“ جنو منھن ۾ ڪُوڙو ور وجهي چوندي هئي، ”شڪل ڏٺي اٿئي پنھنجي! امان مون کي چوندي آهي تہ ’تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين‘، پوءِ ڀلا تو ڇا آهين جو مون سان شادي ڪندين!“
شيرو ٻانھن کان جهلي وٺي مروٽڻ لڳندو هوس، تہ جنوءَ کان ڪيڪ نڪري ويندي هئي: ”اَلا، ڇڏ، منھنجي ٻانھن ٿي وڃي!“
”تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين نہ!“ شيرو ٻانھن کي ٿورو وڌيڪ موڙو ڏيندو هو.
”نہ نہ، تون آهين چوڏهينءَ جو چنڊ، بس!.... الا، منھنجي توبھہ!“
”ٻڌاءِ، مون سان شادي ڪندينءَ نہ؟“
جنو، شرمائجي، منھن کڻي ٻئي پاسي لڪائيندي هئي.
”ڀلا، چنگ تہ ٻڌاءِ!“ جنو چوندي هئي. شيرو چنگ وڄائيندو هو، تہ جنت جي دل جي تار تار تڙڦي اُٿندي هئي، ۽ هوءَ شيروءَ جي ڪلھي تي ليٽي پوندي هئي. ائين ئي، پيار محبت جون گهڙيون گذاريندي، هو هڪٻئي جي نالي ٿي ويا. شيروءَ جي ماءُ ڏاڍي ڪوشش ورتي: جيتوڻيڪ محمد خان ڪمدار راضي نہ هو، پر زال جي ڪري چپ رهڻو پيس. جنوءَ کي اهي سڀ ڳالھيون هڪ هڪ ٿي ياد اچي رهيون هيون.
.... محمد خان جي نفرت لڪل ڪانہ هئي. هو شيروءَ کي آهاني بھاني پيو ڇيڙيندو ۽ ڇڙٻون ڏيندو هو. شيرو اهي سڀ ڳالھيون سهي، ماٺ ۾ پيو وقت گذاريندو هو. هڪڙي ڏينھن، واٽر ڪورس جو پاڻي ٻڌي موٽيو، تہ پويان ٻُنڍو ٽُٽي پيو. پاڻي اڃا گهڻو ڪونہ نڪتو هو تہ محمد خان اچي اتي نڪتو، جنھن وٺ وٺان ڪري پاڻي تہ وري ٻڌرائي ڇڏيو، پر موٽي اچي شيروءَ سان ڏاڍي جُٺ ڪيائين، ڏاڍو ڇينڀيائينس ۽ ڏاڍو بيعزت ڪيائينس، شيروءَ اُها رات منھہ ۾ گذاري. سڄو وقت بيقرار ۽ بي آرام رهيو. انھيءَ رات هن جنوءَ کان وفاداريءَ جو ٻول ورتو هو. جنوءَ کيس گهڻو ئي روڪيو، رُني ۽ رڙي، پر شيرو ڳوٺ ڇڏڻ جو اصل فيصلو ڪري چڪو هو. هن جنوءَ سان جلد موٽڻ جو واعدو ڪيو، ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو.
..... ان کان پوءِ، ساندھہ ٽي سال شيروءَ جو پتو ئي ڪونہ پيو. انھيءَ وچ ۾ شيروءَ جي سڳي پيءُ کي موقعو ملي ويو، جنھن هڻي محمد خان جا ڳپل لاهي وڌا، ۽ ان سان گڏ خيران کي بہ ڳڀا ڳڀا ڪري ڪُٺائين.... ٻنھي کي ڪارو ڪاري ڪري ماريائين.
.... شيروءَ جي فوج ۾ وڃڻ جي خبر جڏهن ڳوٺ ۾ آئي هئي، تہ جنو ڏاڍو رُني هئي. کيس خبر هئي تہ فوج وارا جنگ ڪندا آهن، ۽ جنگ ۾ ڪيترائي ماڻھو مري ويندا آهن. پوءِ جڏهن ڪنھن اچي شيروءَ جي مري وڃڻ جي خبر هُلائي هئي، تہ جنوءَ جا تمام بُرا حال ٿيا هئا. جنوءَ کي اهو وقت چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن مائٽن کيس زبردستيءَ پيروءَ سان پرڻائي ڇڏيو. پيروءَ جي اڳين زال بي اولاد مري ويئي هئي. جنوءَ کي جڏهن بہ شيرو ياد ايندو هو تہ هن دل دانھون ڪرڻ لڳندي هئي. ۽ وري جڏهن کيس شيروءَ جي مري وڃڻ جو خيال ايندو هو، تہ هوءَ بنھہ نيم پاڳل بنجي ويندي هئي. ڪيترائي ڏينھن هوءَ شيروءَ جا خيال پچائيندي، اندر ئي اندر ۾ لڇندي رهي.
دائمي جدائيءَ جو اونھون ناسور وقت جي مجرب مرهم سان مس مس وڃي ڀريو هو، تہ هڪ ڏينھن اوچتو شيرو موٽي آيو... ٽن سالن کان پوءِ! هو جڏهن گهر ۾ قدم رکي رهيو هو تہ کيس اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ هو صرف پيروءَ جي ئي گهر ۾ داخل نہ ٿي رهيو آهي، پر خود جنوءَ جي چانئٺ پڻ ٽپي چڪو آهي. نماشام جي ويل هئي، جنوءَ کير پئي لاٿو، تہ پٺيان شيروءَ اچي کيڪار ڪئي.... ”ڀاڄائي، سلام......!“
جنو انھيءَ آواز تي سڄي ڇرڪي وئي. چونري هٿن مان ڇڏائجي وئيس. ٽپ ڏيئي اُٿي، ۽ بت بڻجي بيھي رهي. اهو تہ کيس وهم گمان ۾ بہ ڪونہ هو تہ ڪو شيرو وري جيئرو ٿي ايندو! شيرو بہ صفا ٺاپرجي ويو. کيس بلڪل اعتبار ئي نہ پئي آيو تہ هوءَ جنو ٿي سگهي ٿي. ڪا گهڙي، هو ٻئي هڪٻئي کي ائين چپ چاپ، اکيون ملائي، حيرت سان ڏسندا رهيا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي لاءِ اجنبي هئا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
جنوءَ کي چڱي طرح ياد هو..... جڏهن هن شيروءَ کي پنھنجي سموري ماجرا ٻڌائي هئي، تہ شيرو بيحد جوش ۾ ڀرجي ويو هو. هو ڳوٺ ڇڏي وڃڻ تي ڏاڍو پشيمان هو. هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون، ۽ ڪيتريءَ دير تائين هو فقط جنوءَ جي منھن کي گم سم تڪيندو رهيو.... ۽ پوءِ هو يڪايڪ جوش ۾ اچي چوڻ لڳو، ”جنو شيروءَ جي آهي، ۽ شيروءَ جي ٿي رهندي!“ ايتري ۾ پيرو آيو. پھرين هٻڪي بيھي رهيو، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ کي ڀاڪر پاتائين. ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍا ڏک ڏوراپا ڏنائينس، پر شيروءَ رڳو ’هان‘ ۽ ’هون‘ ۾ پئي جواب ڏنس.... ڄڻ تہ هو پيروءَ کي سڃاڻندو ئي ڪونہ هو. پيروءَ ڄاتو، ڀائو پري کان ٿڪجي آيو آهي، سو شيروءَ جي رُک- مُنھانئيءَ جو خيال ڪونہ ٿيس. شيرو تہ رات ئي ويو ٿي، پر پيروءَ ۽ جنوءَ جي زور ڀرڻ تي ٽِڪي پيو. ماني کائي، پيرو هليو ويو پاڻيءَ جي واري تي. شيروءَ ۽ جنوءَ.... ٻنھي سڄي رات ڳالھين ڪندي گذاري. ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ جون ڳالھيون، ملٽريءَ جون ڳالھيون، ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالھيون، ۽ جنوءَ سان پنھنجي اٿاھہ محبت جون ڳالھيون ورجائيندي، شيروءَ آخر جنوءَ کي سندس وفاداريءَ جو انجام ياد ڏياريو. جنو، اضطراب ۽ مجبورءَ جي گڏيل احساسن ۾ کوئجي، بلڪل چپ چاپ ويٺي اهي ڳالھيون ٻڌي رهي هئي، تہ شيروءَ يڪايڪ پنھنجو خوني ارادو ظاهر ڪيو، جنھن جنوءَ کي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو. هن شيروءَ کي ڪيتروئي سمجهايو، ٻاڏايو، آزي ۽ نيزاري ڪئي، پنھنجيون مجبوريون ٻڌايون، پر شيروءَ سندس هڪ بہ نہ ٻُڌي، ۽ آخر تائين ائين ئي چوندو رهيو تہ ”آءٌ ڪنھن بہ حالت ۾ توکي حاصل ڪندس،.... يا پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس!“ جنو ٻنھي حالتن ۾ مجبور هئي. هوءَ فقط روئي سگهي ٿي، خاموش رهي سگهي ٿي. صبح جو شيرو کيس خاموش روئندو ئي ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي هليو ويو... ۽ ٽيءَ رات، پيروءَ جي ئي گهر ۾، پيروءَ جي رت جا دُٻا ڇانئجي ويا.
رت جي دُٻن جي خيال ايندي، جنو ڇرڪ ڀري اُٿي.
”ڇو، جنو!“ شيروءَ کي بہ جنوءَ جي پاسي ۾ ويٺي ويٺي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا هئا. ”تون هاڻي آرام ڪر، جنو، دل تي ڪنھن بہ خيال کي نہ اچڻ ڏي. آءٌ بہ ٿوري دير اتي ئي ٿو پنڪي کائي وٺان، ۽ پوءِ...... ڀلا، توکي ڇا ڪرڻو آهي؟..... آءٌ نڪري وڃان، پوءِ تون ’خون خون!‘ ڪجانءِ..... زور سان! ٻيا گهر ڪافي پرڀرو آهن.... بردباريءَ کان ڪم وٺج، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو..... چڱو، هاڻي آرام ڪر.....“ شيرو سنئون ٿي ليٽي پيو. پر جنوءَ کي آرام ڪٿي هو؟ ڪئي خيال، ڪئي وسوسا هن جي ذهن ۾ ايندا ۽ ويندا رهيا. ’هيءُ ڇا ٿي ويو؟‘..... هوءَ ڪيتري دير تائين اڄوڪي واقعي بابت سوچيندي، خوف کائيندي، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. طرح طرح جي جذبن جي طوفان ۾، هن ڪنھن وقت پيروءَ جي بيگناھہ خون تي ملامت پئي محسوس ڪئي، تہ ڪنھن وقت شيروءَ جي محبت مٿس غالب هئي. رات اڌ کان مٿي چڙهي آئي هئي. بيحد بيچينيءَ وچان، هوءَ آهستي آهستي اُٿي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي، جتي تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پيروءَ جو پٽ تي پيل لاشو بلڪل ڀوائتو منظر پيش ڪري رهيو هو. جنوءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ ڪا گهڙي بلڪل گم سم هڪ هنڌ بيٺي رهي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳي. لاش جي قريب اچي، هوءَ بيھي رهي. پرتي پيروءَ جي سسي پيئي. رت جا وهي هليل دُٻا، خشڪ ٿي، هڪ هنڌ ڄمي ويا هئا. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي هئي. رات جي سناٽي ۾، گهر جي وڏي ويڪري اڱڻ ۾، اڪيلي جنو ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ تہ ڪو آسماني روح عبادت ۾ مصروف هو. جهُڪيل نگاهن سان، هوءَ پٽ تي پيل لاشي کي ائين هڪ ٽڪ ڏسندي رهي، ڄڻ تہ هن جي سموري سوچ سندس اکين ۾ اچي گڏ ٿي هئي. هوءَ ڏسندي رهي، سوچيندي رهي، آسپاس جي ماحول کان بلڪل بيخبر، سڀني خيالن کان بي نياز، فقط پيروءَ جي باري ۾.... پيروءَ، هن جو خاوند، هن جو سڳو سوٽ، گهر جو مالڪ، جنھن جو جنازو ڌرتيءَ تي ائين بيواهو پيو هو، ڄڻ تہ هي گهر سندس گهر نہ هو، ڄڻ تہ سندس ڪوبہ عزيز قريب، ڌڻي ڌوڻي، هوئي ڪونہ! يڪايڪ جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ پيرو ساڻس شڪايت ڪري رهيو هو... ’تون ئي تہ منھنجي سڀڪجهہ هئينءَ!..... آءٌ، تنھنجو سھاڳ، تنھنجي ئي ڪري تہ بيگناھہ مارجي ويس!...‘ انھيءَ گهڙيءَ هوءَ پنھنجو پاڻ کي مجرم سمجهڻ لڳي.... ’الا، ڌڻي منھنجا، هي مون ڇا ڪري وڌو!.... نڪاح ٻڌي هئيسانس، ائين بيواهو ٿي مُئو!‘ جنوءَ کان هڪ دٻيل اوڇنگار نڪري ويئي. اکين مان لڙڪن جي قطار وهي هلي. همدرديءَ ۽ ڪهڪاءَ جو هڪ شديد جذبو، دل جي گھراين مان اُڀري، هن جي حواسن تي ڇانئجي ويو.... ۽ هوءَ بي اختيار پيروءَ جي بيجان جسم تي ڪري پيئي. سندس سيني ۾ پيار جي هڪ انوکي لھر اُڀري، جا هن پيروءَ لاءِ پھريون ئي دفعو محسوس ڪئي هئي. انتھائي رقت جي حالت ۾، پيروءَ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي، هوءَ لڳاتار اونھان سڏڪا ڀريندي ۽ اُسڙڪندي رهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن چاهيو تہ هوءَ زور زور سان دانھون ڪري، چلائي، فرياد ڪري، پر غم جي شدت کان هن پنھنجو گلو گهٽبو محسوس ڪيو. اکين جو سمورو پاڻي خشڪ ٿي چڪو هو. بدن بيسُرت، ۽ دماغ ڀاري هو. هٿ ۽ ڪپڙا سڀ رت سان رنڱجي ويا هئا. ڳچ ڳچ دير کان پوءِ، اوچتو هن جي نظر پنھنجن رت ڀريل هٿن تي پيئي، تہ هوءَ لرزي ويئي..... ’خون!‘ بي اختيار، منھن کڻي هٿن ۾ لڪايائين. انھيءَ ئي گهڙيءَ، يڪايڪ هن کي خيال آيو... ’خوني منھنجي گهر اندر آهي‘.... خوني، قاتل..... پيروءَ جو قاتل.... منھنجي خاوند جو قاتل!..... شيرو؟... شيرو؟.... خوني، قاتل، منھنجي سھاڳ جو چور!....‘ هن جون نگاهون پيروءَ جي پري تائين پکڙيل رت ڏانھن کڄي ويون، جيڪو تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪارن وهڪرن جو روپ ڏيکاري رهيو هو، پر جنوءَ کي ان ۾ پنھنجي ڀاڳ سھاڳ جي لالائي نظر اچي رهي هئي. اندر جي اضطراب کان، هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي. هن جي دل وري تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، جنھن ۾ جذبن جو هڪ بيپناھہ طوفان جاري هو: ’شيرو خوني آهي! هن هڪ بيگناھہ جي حياتي ورتي آهي.... منھنجي حياتي تباھہ ڪئي آهي..... منھنجو دشمن آهي.... منھنجو ڪوبہ واسطو ڪونھي، ڪوبہ واسطي ڪونھي، شيروءَ سان منھنجو ڪوبہ واسطو ڪونھي!....‘
خيالن جي بيخريءَ ۾، جنو ڪوٺيءَ جي دروازي تائين پھچي آئي. شيرو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪو ڌاريو ستو پيو هو. ’خوني!.... منھنجي گهر ۾؟.....‘ اکين ۾ رت ڀرجي آيس. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ منجهي بيھي رهي، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ جي قريب آئي. شيروءَ جو لاپرواھہ چھرو هن کي بيحد ڀيانڪ معلوم ٿيو. ڪنھن نامعلوم احساس کان، هن جو سڄو بت ڏڪڻ لڳو. سندس ٿڙڪندڙ ٽنگون خود بخود پوئتي هٽڻ لڳيون، ۽ ڀت تائين پھچي بيھي رهيون. ڀت جي ٽيڪ تي رکيل ڪنھن چيز جي ڇھاءَ سان جنوءَ جي ذهن کي اوچتو جهٽڪو آيو. سندس ڏڪندڙ هٿن کي زوردار حرڪت آئي، .... ٻيءَ گهڙيءَ سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ شيروءَ جي گرم رت جا ڦوهارا ڦھلجي ويا.
جنوءَ جو مغز چڪرائجي ويو. هوءَ غش ٿي هيٺ ڪري رهي هئي، تہ شيرو ڦٽُڪي رهيو هو: جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ شيروءَ جو وهندڙ رت ڪارو هو... ۽ انھيءَ ڪاري رت ۾ وهنجي، هوءَ پاڻ بہ سڄي ڪاري ٿي ويئي هئي.
(مھراڻ 2-1/1960ع)