ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾
مان جڏهن انھيءَ ڳوٺ، اُنھيءَ شھر ۾ ويندو آهيان تہ وستيون لتاڙي، گهٽيون ۽ ناليون ٽپي اُنھيءَ شاعر جي درگاھہ تي ويندو آهيان. هيءَ درگاھہ ڪڏهن تہ وسيل هئي. ڪيئي راڳي، مڌ ۾ مدمست ٿي سندس ڪلام بہ ڳائيندا هئا تہ لطيف، سچل ۽ ساميءَ کي بہ جهونگاريندا هئا. اڄ اُجڙيل درگاھہ اندر مڪان جون ڪي ڀَڳل ڀتيون، ڪي قبرون ۽ سائين شاھہ نصير جي قبر ۽ اُن سان گڏ سندس ڪجه عزيز قريب ساڻس قرب ونڊڻ لاءِ ستل آهن.
مان جڏهن بہ اُن درگاھہ جي وڏي دروازي وٽ پھچندو هيس تہ شاھہ نصير جي پونيرن مان گادي نشين پير ويٺل نظر ايندو هو. ڪو زمانو تہ ڪير نہ ويٺو پر جڏهن پيرن جي پونيرن ۾ ويڙهاند ٿي تہ ڪئين کجيون وڍي ليٽايون ويون ۽ اُهي باغ اُجڙجي پَٽ بڻيا، پلاٽ بڻيا تہ پيرن لاءِ در تي ويھي نذر نياز وٺڻ ضروري ٿي پيو.
مون کي ياد آهي تہ پيرن مان هڪ وارث جڏهن اچي ويٺو تہ هڪ ڪارڙي سانوري اڌڙوٽ عمر جي مائي ڀرسان بيھي پکو جهليندي هيس. ڪڏهن زور ڏيندس، ڪڏهن ايندي ويندي ڏي وڌي ويندي. نذر ۽ نياز لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪنديس ۽ موٽائي وٺي ايندسِ ۽ هو اچي سائينءَ کي ٻہ ٽي روپيا ڏيندو. سائين ويچارو بہ هو شريف ماڻھو، تازو نذر نياز لاءِ ٻاهر نڪتو هو. پھريائين تہ انڪار ڪندو پر پوءِ وٺي پيو ٿورا مڃيندو. هن کي خبر هئي تہ هاڻ سندس اوطاق تي لڙي وڃي نذر نياز ڏيڻ وارا ماڻھو ئي مري کپي ويا. سڳي ڌاڳي ۾ اهو ايمان نہ رهيو هو. حويليءَ ۾ بيبين سڳورين ۾ ڪي مايون ٻارن ٻچن لاءِ دعا، ڦيڻي، ڌاڳي لاءِ لڙي ويون تہ لک ٿيو. ملڪيتون بہ ويون پر هيءُ در تہ نہ وڃي. ويچارو شاھہ نصير هاڻ ساڻن لاءِ وڌيڪ ڇا ڪري؟ڦٽل ڀڳل، مقبري لٿل درگاھہ هنن پوين پساهن ۾ پيل پيرن لاءِ وڏي وَٿُ هئي. اسان جو وڃڻ ٿئي عيد براد تي ۽ اُها مائي بہ پير صاحب کي صبح ساڻ سينگاري سنواري درگاھہ ٻاهران وڏي در جي ٿورو اورتان بازار جي گهٽيءَ وٽ آڻي ويھاريندي هئي. بازار مان ڪو لنگهي ۽ نظر پئيس تہ ڪجه نذر ڏئي پر ڪي درگاھہ تي وڃي پنھنجن جي قبرن تي چار قل پڙهڻ اچن تہ سائين وٽان لنگهن ۽ ڪي تہ ڏيو بہ وڃن. پر ڪي شھر جا چڱا مڙس اُنھن کان گهرڻ بہ گناھہ. پير صاحب ۽ مائي ڏسندا رهجي ويندا هئا. مائي ويچاري انھيءَ لاءِ کيس ڇڏي اندر درگاھہ ٻهارڻ لڳندي هئي. پراين قبرن کي صاف رکندي هئي. ڪي سال ٿيا جو پھريائين مون کيس درگاھہ جو اڱڻ ٻهاريندي ڏٺو. منھن مٿي کان ڍڪيل، هٿ ۾ وڏو ٻهارو، گاھہ گند پئي ڪَٺو ڪندي ڄڻ ڪا ٽائون ڪاميٽيءَ جي ڀنگياڻي پئي صفائي ڪري. عيد ڏينھن قُل ۽ دعا پڙهي جڏهن سڀ عزيز قريب نڪرندا هياسين تہ هيءَ پاسو وٺي بيھندي هئي. مان ۽ ڀاءُ شمس کيس خرچي ڏيندا هئاسين.
هڪ لڱا چئي ڏنائين، ”سائينءَ کي بہ تہ عيد جي خرچي ڪرايو“. اسان هٻڪي بيھي رهياسين. هيڏو پير، ملڪيتن جو مالڪ، اسان کان پنج ڏھہ روپيہ خرچي ڪيئن وٺندو. پر هڪ دفعي همٿ ڪري وياسين. پير صاحب پھريائين آنا ڪاني ڪئي، پوءِ کليو ۽ هٿ وٺي ٿورا مڃيائين. چھري تي خوشي اچي ويس. ان ويلي سندس حالت جي اسان کي خبر نہ هئي. پوءِ جڏهن ڳوٺ ويندا هئاسين تہ درگاھہ وٽان لنگهندي کيس ڏسندا هئاسين تہ ڪجهہ ضرور ڏيندا ويندا هئاسين. هيءُ پير ويچارو ڪنڌ هيٺ ڪري وٺندو هو پر لڳندو هو تہ هو منگتوُ پيرن جي ڪُڙم قبيلي جو ناهي. هڪ دفعي اسان وارو چاچو حاجي اليڪشن ۾ بيٺو تہ ووٽن لاءِ ويران ۽ پَٽ ٿيل باغ لتاڙي سندن اوطاق تي وياسين.
هڪ ڀڳل اوتاري جيان اوطاق هئي. هيءَ مائي منھن ۾ ملي، وٺي ڇني ۾ وئي. پير صاحب آڏو لاھہ پي ٻريا. هو بت جو ڳرو مڙس کٽ تان اُٿي نہ پيو سگهي. اسان وڌي ملياسينس. ڏاڍو خوشي پئي ٿيو. چاچي کي کلي چيائين، ”حاجي صاحبَ هاڻ هت ڇا رکيو اهي. ڀُتو ڀاڻ آهي. لڙي ڪير بہ نٿو اچي. پنھنجا ڀائر ڀائيٽيا چئي ۾ ڪينھن. راڄ ڀاڳ ويو پورو ٿي. هن اوطاق ۽ هن ڀُريل حويلي جو حال ڏسو ٿا. هاڻ جي ڪو لڙي آيو، ڪنھن چيو ورتو تہ ووٽ کوڙ“.
ساهي کڻي مائي ڏانھن نھاري چيائين، ”نور! ڏسين نٿي؟ منھنجا سڄڻ آيا آهن، ڪو چانھہ چڪو تہ چاڙهي وٺ“.
اسان اڃا آناڪاني ڪيون ئي تہ مائي يڪدم وراڻيو، ”سائين مون چانھہ چلھہ تي چاڙهي ڇڏي آهي. ائين سڄڻن کي وڃڻ ٿورو ئي ڏبو. وڏي ڳالھہ تہ سائين مِٺل آيو آهي، اسان جا وڏا ڀاڳ!“
مون مرڪي چاچي ۽ ڀاءُ شمس ڏي نھاري چيو، ”ها بابا! تنھنجي هٿن جي چاھہ ضرور پيئبي. پر جلد ڪر“.
”اجهو ٿي آڻيان“ چئي مائي ڇني کان نڪري اڱڻ ۾ چڙهيل چلھہ تي وڃي ويٺي.
چاچي ۽ پير صاحب پاڻ ۾ پئي ڳالھايو. اوچتو ماستر علي نواز جيڪو اسان سان وَرڪ تي گڏ نڪتل هو سو سُري منھنجي پاسي ۾ آيو، ”مٺل سائين، ڇا ٿا ڪريو، هيءَ اصل ڀنگياڻي اٿو. اسان کي بہ هن جي هٿان چانھہ پيئڻي پوندي؟“
مون ڇني مان ٻاهر نھاريو. مائي نور چلھہ تي ويٺي هئي. باھہ جي روشني سندس سانوري چھري کي چمڪائي ڇڏيو هو. سندس چھري تي عجيب چمڪ هئي. منھنجي لاءِ تہ ڄڻ هڪ گهريتڙي عورت چلھہ تي ويھي چانھہ ڪاڙهي رهي هئي. ائين پير صاحب جو آواز آيو، ”نور! چانھہ جو ڇا ٿيو، منھنجي لا ءِبہ ڪوپ کنيو اچجان، پر مٺي چانھہ جو“. سائينءَ کي شايد شگر هئي، اسان سان گڏ مٺاڻ جو چسڪو ٿي ورتائين. سائين ڏاڍي پاٻوھہ ۽ پيار مان سڏ ڪيس. مون ڪنڌ ورائي استاد علي نواز کي آهستي مرڪي چيو، ”پير ۽ سيد بہ هن جي هٿ جي چانھہ پين ٿا، اسان اُمتين کي ڪھڙو اعتراض“. مائي نور جهٽ ۾ چانھہ کڻي آئي. منھنجي ويجهو آئي تہ منجهانئس ڪاٺين جي دونھي جو هڳاءُ پئي آيو. سندس چھرو دُکي ڳاڙهو باھہ ٿيو پيو هو. مون کي تہ ڪا ٻي ڌپ نہ پئي آئي. ڪاٺين تي ڪاڙهيل چانھہ جو مزو ئي پنھنجو ٿئي ٿو. چانھہ سڀني پيتي. مون نذرانو رکيومانس تہ شرمائجي ويو، ”مٺل سائين! اهو ڇا ٿا ڪريو؟ هر دفعي پيا بار چاڙهيو“. مون شرميلو پير پھريون دفعو ڏٺو. ٻاهر نڪتاسين پئي تہ مائي بہ نڪري آئي. مون کلي کيس ڪجه خرچي ڏني، ”اڄ نہ سائين! اڄ توهان منھنجا مهمان آهيو، مهمانن کان مهمان نوازي جو ملھہ وٺبو آهي ڇا؟“ مان سندس ڳالھہ ٻڌي حيران ٿيس. ڀنگياڻيون ائين ٿينديون آهن؟ پوءِ تہ سڀ سٺيون ئي هونديون.
اليڪشن واري ڏينھن مائي نور ڌوتل وڳو پائي وارن ۾ تيل وجهي ڇڪي چوٽي ڪري آئي هئي ۽ مردن واري پولنگ تي بيٺي هئي. ماستر علي نواز ڀڙڪو ڏئي آيو، ”مٺل سائين، هيءَ مائي تہ چاچي سائينءَ جي وَرڪ پئي ڪري. ڀلا ڀنگياڻي جي چوڻ تي بہ ڪنھن ووٽ ڏنا آهن؟ ڪٿي ووٽ نہ کَرن، خيال ڪيو“.
”جهڳي نہ هڻ ماستر! ڀنگي بہ انسان هوندا آهن، تون تہ هن جي هٿن سان ڪاڙهيل چانھہ بہ پي آيو آهين“. مون ڄڻ تہ کيس ڦوڙ هنيو، هو اوڪارا ڏيندو ’ٿو ٿو‘ ڪندو ڀڄي ويو. مائي نور واندي ٿي تہ ڦري آئي، ”سائين! گاڏي ڏيندئو تہ سائينءَ کي وٺي اچان“. سائين آيو تہ منڊل مچي ويا. مائي نور پوش پوش ڪندي اصل هوڪا ڏيندي پير صاحب کي اندر وٺي ويئي. پير صاحب بہ ڪو سالن کان پوءِ ڪنھن اليڪشن تي آيو هو. ماڻھو بہ ڦري ويس. هيءُ شرميلو پير سڀني سان ائين مليو ڄڻ سڀ ماڻھو پير هجن ۽ پاڻ اُمتي. ”بابا… بابلا… منھنجا سائين! منھنجي دل، منھنجا پرين“، ڪندو پيو ملين. سائين جو منھن ٻھڪي پيو. بقول ماستر علي نواز جي سائين جيئرو ٿي آيو آهي. اليڪشن تہ چاچي کٽي پر مائي نور هُلائي ڇڏيو تہ اها سائين پير صاحب جي ڪرامت هئي. سندس سڀاڳا پير هئا جن کيس اليڪشن کٽائي هئي. مون ۽ چاچي بہ ان جي تصديق ڪئي. خبر اها پئي تہ ڪجه ماڻھو دعا سڳي ڦيڻي لاءِ وري وٽس وڃڻ لڳا هئا. وقت کي تہ پر لڳل آهن، مان وٽن ٿورن مڃڻ لاءِ بہ وڃي نہ سگهيس. ڪجه وقت کان پوءِ ٻڌم تہ سائين ڏاڍو بيمار هو. مون کيس ڪجه نہ ڪجه مدد موڪلي، پوءِ ڪجه عرصو ڳوٺ وڃڻ نہ ٿيو. نيٺ هڪ عيد تي ڳوٺ ويس، درگاھہ جي دروازي وٽ ڪير بہ ڪونہ هو. سائين پير صاحب بہ ڪونہ هو. مائي نور کي بہ قبرستان ۾ ٻهاري ڏيندي نہ ڏٺم، مٽن مائٽن دوستن جي قبرن تي قل پڙهي، ڪي مايون ڪُنڊَ پاسي کان ويٺيون هيون. مان جيئين ئي دعا گهري واندو ٿيس تہ هڪ جهونگار ٻڌم.
”ليلا لُڇُ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سورِ!
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻ سوڌو پرين تان“.
مون ڪنڌ لاڙي ڏٺو: هڪ هڏائون پڃرو، اکين تي عينڪ، اُها هڪ مائي هئي جنھن هٿڙا جهلي پئي دعا گهري.
”تان ڪا وائي وار دلاسي جي داسڙا!
تون منھنجو ولھو آئون تو ۾ طمعدار،
ڍڪي ڍول! گذار لڄ منھنجي لوڪ ۾“.
مان جيئن واپس پئي وَريس تہ سندس پاسي کان لنگهيس، ”سائين مٺل آهين!“ مون کيس غور سان ڏٺو. مائي نور هئي،ڏاڍي ڏتڙيل حال ۾ هئي. مان کيس سڃاڻي نہ سگهيو هوس“. مائي نور آهين ڇا؟ هيءُ ڪھڙا حال ٿيا اٿئي؟“ مان بنھہ ويھي رهيس.
”سائين! ڪھڙا حال ٿو پڇين؟ سائين بس هاڻي موڪلائڻ تي آهي. ڏاڍيون ڏکيون بيماريون ڪاٽيون اٿئين. پورهيا ڪري پن سن ڪري سندس علاج ڪرايم پو وريو ڪي بہ ڪين. تون بہ تہ ڪي ورھيہ نہ لڙين. ڏاڍا بڇڙا حال ٿيا آهن، سڀ مٽ مائٽ منھن موڙي ويا. شھر جي تہ خبر اٿئي ڪو پُرسان حال ڪونھي. ماڻھن ڀاڻَ تہ وِڪيا پر هاڻ قبرستان تي بہ آهن قبضا. سائينءَ جي تہ خبر اٿوَ، حضور شرم ماڻھو گهرڻ بہ گناھہ سمجهي. ڪھڙي پاسي وڃون. سندس حويلي وارا بہ سورن ۾ آهن. آيو آهين تہ ڪا اهڙي امداد ڪر جو ڪي ڏينھن تہ لنگهڻ کان بچون!“
مان ماٺ ۾ اچي ويو هيس! هيءُ اُجڙيل ديار، چوڌاري، مڙھہ ئي مڙهه، شاھہ نصير بي وس، سندس خاندان رُليل ۽ ڏتڙيل! هيءَ فقيرياڻي پئي اُنھن لاءِ خير گهري. مون کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪي بہ هو ڪڍي کيس ڏنو.
”مائي نور! سائينءَ کان طبيعت پڇجانءِ. مون کان جيڪي پڄندو اُهو موڪليندومانس. چئجانس تہ دل نہ لاهي، مان پڇڻ بہ ايندومانس“. مائي نور جي منھن تي چمڪ اچي ويئي، جيڪا گهڙي اڳ اُجڙي پيئي هئي. جهڪي کڻي منھنجي پيرن تي هٿ رکيائين. مون کيس هيٺان کڻي مٿي بيھاريو، ”ائين نہ ڪر مائي نور، تو ۾ وڏي مڻيا آهي. وڏي نورَ واري آهين. ڀلا تو جو سويل شاھہ سائينءَ کي پئي ڳاتو سو بہ سُر ليلا چنيسر مان. تون ڳائيندي بہ آهين؟“
”سائين! منھنجي ماءُ هن درگاھہ تي رتي ديري کان اچي ڳائيندي هئي. جهوني ٿي تہ هتي ئي ٻهاريدار بڻي. مون کي بہ رتي ديري مان آڻي هت ويھاريائين، تڏهن درگاھہ وسيل هئي: ڇا تہ ميلا هئا، ڇا تہ مڻيادار ماڻھو هئا. رنگ لڳا پيا هوندا هئا. ڪٿان ڪٿان جا ڳائڻا اچي سائينءَ جو سلام ڀريندا هئا. مون بہ اتان پرايو ۽ ڳائڻ لڳيس. ماءُ سان گڏ سائين شاھہ نصير جا هيءُ اڱڻ ٻهارڻ لڳيس. اسين هن درگاھہ جا ٻهاريدار آهيون. مٺل سائين! جڳ ڀلي ڀنگي چوي، ڪھڙي خبر تہ ڪير ڪھڙو ۽ ڪيترو گند ٻهاري ٿو. سائينءَ کڻي جو سيني لاتو تہ سمجهان ٿي تہ مان اندران ڪاري ٻاهران بہ ڪاري سڄي اڇي اجري ٿي پئي آهيان. ڀلي پيا مون تي گند اڇلائين بابل! ڪنھن پنھنجا گند يا عيب ثواب ڏٺا آهن؟ مان تہ پنھنجي چنيسر جي ليلا آهيان. جڳ جھان ڇا بہ چوي، هو تہ منھنجو ڍَڪُ آهي ۽ شال هميشہ رهي. دعا ڪجو، ڌڻي ڪنھن بہ ڏهاڳ کان پناھہ ۾ رکي“. ڳالھيون ٻڌي حيران ٿي ويس. مان آهستي آهستي اٿيس. وک وک ۾ ڏيئي مقبري مان نڪتس ٿي تہ چيائين، ”مٺل سائين! منھنجي سائينءَ لاءِ دعا ڪجانءِ، منھنجو هُن کان سواءِ ڪوبہ ڪونھي“. اکين مان نيرَ وهي آيس. لڙڪن جو ڪاٿو نہ هو. منھنجي اکين ۾ بہ پاڻي ڀرجي آيو، پوءِ ڏاڍي وڍيندڙ سر ۾ شاھہ ڳاتائين!
”مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونھي ڪميڻيءَ جو، بگر تو ڀلو،
تنھنجو نانءُ ڀلو وٺيو ويٺي آهيان“.
منھنجي آڏو ليلا وانگر پئي ليلايائين. هيءَ عجيب ليلا هئي! نہ وٽس مَڻين وارو موھہ هو نہ هن چنيسر کي وِڪيو هو. مون کي ائين لڳو تہ هيءَ هن زماني جي اُها ليلا آهي، جنھن پنھنجا سڀ مڻيا پنھنجي چنيسر تان گهوري ڦٽا ڪيا آهن ۽ جڳن جا جڳ لتاڙي پنھنجو پرين پاتو آهي. اڄ ان کي وري وڃائڻ نٿي چاهي.
مان درگاھہ جي وڏي دروازي کان نڪتس پئي تہ گلڻ باغائي سھڪندو آيو. ساڻس گڏ پير صاحب جو نينگر بہ هو. مان اڳتي وڌيس تہ مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي چيائين، ”سائين! بيھو تہ سهي، ڳالھہ تہ ٻڌو“.
”خير تہ آهي؟“
”خير ڪٿي؟ سائين پير صاحب گذاري ويو! هاڻ مائي نور کي ٻڌائڻو آهي. ڪيئن ٻڌايونس؟ توهان ڪا مدد ڪيو، هوءَ اڳي ئي بيحال آهي“.
مون نينگر ڏانھن ڏٺو. ”ها سائين، اوهان امان نور کي ٻڌايو ۽ وٺي هلوس“. مان ڇرڪي ويس. هيءَ پير جو سيد نينگر هڪ جَڳُ مشھور ڀنگيانيءَ کي امان پيو سڏي. مائي نور، واھہ تنھنجي وفا! هو سڏڪن ۾ هو. اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون ٿيون پيون هيس. مون پوئتي نھاريو، مائي نور مقبري جي دروازي وٽ جهولي جهليو پٺيري بيٺي هئي. مون کي ائين لڳو تہ ليلان هڪ دفعو وري ڏهاڳڻ بڻجي وئي آهي. سندس چنيسر کيس جيئري بنھہ ڏهاڳ ڏيئي ماري هليو ويو آهي. مون ۾ همٿ نہ هئي، مون نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چپ چاپ اڳتي وڌي ويس. پٺتي وَرَ ڪري نھاريم تہ هو ٻئي اڃا اتي بيٺا هئا. مائي نور بہ اُتي ئي بيٺي هئي. مائي نور تہ دعا گهري هئي تہ ڌڻي کيس ڏهاڳ کان پناھہ ۾ رکي پر ڏهاڳ کيس ڏنڀيو بيٺو هو. هوءَ ائين پنڊپهڻ ٿيو بيٺي هئي، جيئن جُڳن کان جَڳَ جھان ڄڻ ڏنڀي ڇڏيو هئس. مون بي اختيار ڀڻڪيو: ”ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھہ ۾“.