ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 94
  • 51
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

واچوڙن ۾ لاٽ

”ابا اُٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان_!“
ماءُ جي اُٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اُٿي ويھي رهيو. کيس ياد آيو تہ اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينھن کان پئي نٽايو، پر پوءِ خيال ڪيائين تہ سڀ ڪجهہ آخر کيس ئي تہ ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين تہ فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينھن نہ تپي وڃي. تنھنڪري هو بہ فجر جو ئي در تي گهوڙو جهلي بيھي رهيو.
هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانھہ جو ڪوپ ورتائين، گرھہ ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانھہ جو ڍُڪ ڀريائين. ماڻس کيس ”في امان الله“ چئي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي. پاڻ حويلي جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.
”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين_!“
”ڀوتار، سويل وري ڪھڙي اهي، ڪم بہ تہ سنڀاليو. پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس بہ تہ هلي ڪيو، ڏسو تہ هيل ڇا ڪرايونس_!“
”چڱو، چڱو هاڻي چڙھہ تہ هلون، وڌيڪ ڳالھيون اُتي_“
اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙن تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شھر ۾ گهڻو عرصو رهندي بہ هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪانہ هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي هڪليندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.
اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشہ شھر ۾ رکيو_ وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الائجي ڇو، هو جڏهن بہ ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئين تي ويندو هو تہ سندس هنيانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منھنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ويھي مکيون ماري ڄاڻي.... بس، چوويھہ ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير_!“
واقعي هو بہ ائين، اختر پنھنجي زندگي کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پيسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارڻ ورا ماڻھو، ڪڍ تہ گهڻا هئس، پر هو ڪنھن سان ڪونہ ٺھيو. ٺھيو تہ ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي. سندس طبيعت نھايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي_ هو هرڪنھن ڳالھہ تي ويچارڻ جو اهڙو تہ عادي ٿي ويو جو جيڪا بہ شيءِ ڏسندو هو، اُن تي ويچارڻ ان سواءِ رهي نہ سگهندو هو. انھيءَ ڪري هو جڏهن بہ ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻني تي ويندو هو تہ اُتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگي جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون تہ سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اُگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اُگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽيءَ ۾ ڀريل وارن سان، اُداس اُداس زالون، بک جا چڪ، جهيڙا، خون ۽ صدين کان هلندڙ عداوتون، اِهي سڀ ڳالھيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انھي ۾ گم هوندو هو.
پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو ايو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين، پر کيس اڳ سجهيو ٿي تہ هاڻ سندس يتيمي جا ڏينھن اچي ويا آهن. هواُداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينھن هن ماءُ جي اُداسائي کي ونڊيو، ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين تہ وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانھن ڌيان ڏنو.
کيس ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو هو تہ هو اُنھن اکين جي حسرت ۽ آس ڪيئن ڏسي سگهندو، جيڪي کُتل هونديون اُنھن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنھنجي حصي ۾ ڪندو ويندو_ هوا ُهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنھن ۾ هڪ هاريءَ ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري تہ من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.
هو سوچيندو هو تہ ائين نٿو ٿي سگهي تہ پاڻ بٽئين تي نہ وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن، باقي منھنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نٿو ٿي سگهي تہ هو اوطاق تي ويھي فيصلا نبيري، سڀ ٺھي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن_ ذري پرزي جي ڳالھہ تان ٿيل جهڙا، خون، اُهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين. ڪو ڪنھن کي نہ اهنجائي، بس خاموشي، شانگي ۽ امن.
اختر هميشہ ائين گهڻو ڪجهہ سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.
اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، تہ سندس خيال بہ ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا_ هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پھلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پھلوئن کي ايترو تہ پروڙيو جو شام ٿي وئي تہ بہ هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. اُنھن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.
هن بٽئيون نھايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي اَنَ جو صافي اڌ پلئہ پئي، اُن مان ڪابہ ڪاٽ نہ ٿئي، صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نٿي چاهيو تہ صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اُڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورھيہ ٿيا، اسان بٽئيون پنھنجي مرضي تي پي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ تہ ڪي ورھيہ هاري بہ پنھنجي مرضي سان بٽيون ڪن، هو بہ تہ نيٺ انسان آهن.... پورهيت انسان_!“
هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو. ڪمدار رکي ائين لڳو تہ هن جو هاڻ ڪُڇڻ بيڪار آهي، هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پھچي ويو. هن اهڙا فيصلا نہ ڏٺا نہ ٻڌا، جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺھي وڃن.
”ابا، ڇاتي جهيڙو آهي_؟“ اختر پڇيو.
”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنھنجو مال منھنجي ٻني ۾ ڇڏيو، مون کيس چيو، جنھن تان مون کي گاريون ڏنائين، مون ورائي گار ڏني مانس، تہ مون تي ڪھاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نہ پون تہ مون کي جيڪر ماري وجهي_“ هڪ هاري چيو.
”خيرو تون چئہ بابا_!“
”سائين، نسورو ڪوڙ_!“
”ڏس تون تہ ڪوڙ نٿو ڳالھائين_!“
”سائين، نه_ هُن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون_!“
”مان رڳو پڇان ٿو تہ تو ڪھاڙي کنئي يا نه_!“
”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“
”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪھاڙيون کڻون. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪھاڙي کڻان ٿو_ ڏي جيڪا وڻئي_ گهڻيون گاريون ئي ڏي_ ڏي نه_!“
خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو_ ”بابو آهين. خطا ٿي وئي، بخش ڪر_!“
”چڱو ٻئي پرچي وڃو_ ڏسان جيئن منھنجا هاري وري نہ وڙهن!“
ڪمدار اهڙا ٻٽي فيصلا ٻڌا جن ۾ پرچاءُ، سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فريادي کي بہ تہ ڏوهاري کي بہ. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا. هو بنھہ ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين تہ هڪ ديري تي اختر هارين سان گڏجي ويھي ماني کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا، هاري ڊڳا پي پر اختر جي قربائتي ڪچھري کين نھال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻه_ ٽي فيصلا ڪيا، باقي رهيل هئس ترائي واري زمين، سو سج لهڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ هو تہ هو اُتان بہ چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رُخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانھن هو. زمينن جي ٻنن تان، پيچرن ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي، رکي ٿي رستي جو اُهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينھن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش، خوش، ڀٽائي جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.
اچانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.
”سائين، ايڏانھن نہ، هيڏانھن_!“
”ايڏانھن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نٿو تہ سامھون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انھن سامھون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين_“
”پر، سائين_ اهي زمينون پرايون آهن_!“
”هينئر وري ڪھڙين پنھنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون_ پر هن زمين ۾ ڪو فصل بہ تہ ڪونھي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ_!“
”سائين، گستاخي معاف، ايڏانھن بنھہ ناهي هلڻو، انھن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي_ اسان سان وڙهندي دير ئي نہ ڪندا. هو ڏسو، ٻہ ٽي هاري گهرن ڏي ڊُڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏيڻ. اسين بنھہ سندن ٻني تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانھن ڦري......“
”ڪمدار، اسان هلنداسن تہ ايڏانھن_“
ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو، ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو، پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار بہ گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بيپرواھہ ٿيو وڌي رهيو هو. پر ڪمدار جو رنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انھن گهرن وٽ پھتا. مَنھن ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺھيل گهرڙا، اختر جون الائجي ڇو نگاهون انھن گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس تہ سامھون ڇھہ ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيھي رهيا.
”اڄ نہ ويندين ڪمدار_!“
”تون بہ نہ ويندين رئيس_!“
اختر پھريائين تہ وائڙو ٿي ويو پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لھي پيو. ڪمدار جو منھن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پي ڦيري.
”ڇا ڳالھہ آهي_؟“ اختر آهستگيءَ سان پچيو.
”ڳالھہ کي پڇي ڇا ڪندين رئيس_ بس ايتري سو ڄاڻ هجئي تہ، خونن جا بدلا آهن، پر بيھہ پھريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي_!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.
”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻھو تہ ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، تہ بنھہ خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين..... هاڻ، تو سان ڇا ڪجي_؟“
”بخـ......ش...ڻ... رئيس.... ضد ڪيو..... نہ تہ.... توکي خبر آ... جڏهن کان اسان مڙساڻو واعدو ڪيو تہ نہ توهان اسان جي ٻني مان لنگهندو، نہ وري.... اسين.... تہ پوءِ تون پاڻ آمين ٿي، ورھيہ ٿي ويو آهي... اسين ڪو لنگهيا آهيون... اڄ، رئيس....!“
”اڄ رئيس ضد ڪيو، ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اُڦٽ مارائي ڇڏيئہ، چئہ تہ اهو بہ رئيس جو ضد هو- مون کي خبر آ تہ تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انھيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ کيس ڄاڻ هئي تہ، ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ تي اڳ ئي خراب هئي_!“
”بخشا، ڪھڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاھہ سِري، تہ ڪو اندر ٺري....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.
”اچيئي ٿو، ڪمدار.... سنڀالجانءِ!“
بخشڻ ڪھاڙي اُڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اُلر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو،
”متان، جوان، متان_!“
”رئيس، متان، متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي بہ ڪونہ ڇڏينداسين، متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين، جي تنھنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي تہ پوءِ جيءُ بسم الله_!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪھاڙي اُڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.
”اڙي بخشا، هن معصوم تنھنجو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن اڃان، ونيءَ جو بہ منھن نہ ڏٺو آهي،..... تنھنجو ڏوھہ مون ڪيو آهي نہ،_ مون کي مار..... مون کي مار، بخشا.... مون کي... رئيس کي ڇڏ تہ هو وڃي_!“
ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالھين کي ٻڌي، بخشڻ ڪي گهڙيون تہ ڍرو ٿي ويو، اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نھايت ئي تيزي مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيھي رهي.
”ڪمدار، زالن وانگر، روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي، انھي مھل ڳوڙها ڪٿي هُيئہ، جنھن مھل منھنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنھنجي سامھون هو ۽ تنھنجي ڪھاڙي مٿس اُڀي هئي. انھيءَ مھل سندس ونيءَ جو خيال ئي نہ آيئہ، هن جي معصوميت ئي ڪانہ ڏٺئہ، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي_ ادا، بخشڻ.... ويچار ڪھڙن ۾ آهين_ اهڙين ڳالھين تي ويچار ڪبا..... حالي تہ بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين_!“
نينگريءَ تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانھن نھاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانھنس آيو.
”مان..... مان.... سمجهي نہ سگهيو آهيان... آخر ڳالھہ ڇا آهي... ماريو تہ ٿا پر ٻڌايو تہ سهي قصور ڪھڙو، ڪو ڏوهه، ڪو گناھہ..... آخر ڳالھہ جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي.... ڪجهہ مان بہ تہ سمجهان......“
”رئيس، تنھنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنھن کي، ڪنھن جو ڏوھہ يا گناهه، ڪنھن ڳالھہ جو منڍ يا پڇاڙي نہ ڏٺي، سو تون پڇي ڇا ڪندين.... پر بيھہ، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ، تہ قصو ڇا هو.... سڄي سربستي ڳالھہ ٻڌائينس.... ٻڌاءِ.....!“
نينگري ڏاڍي تيز پي ڏٺي. سندس منھن ڳاڙهو هو، وار منھن ۾ پي پيس، جن کي هرهر هٿ سان مٿي ڪري پي ڳالھايائين. ڪمدار ماٺ ڪيو بيٺو رهيو.
”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌائيندو تہ مون هيءُ ڏوھہ ڪيو آهي_ مان ٿي هن جو ڏوھہ ٻڌايانءِ____“
”زينا، تون ڇڏ ڊيگهہ کي، هل گهر، پاڻھي ملائڪ کين ڏوھہ ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.
”نہ، بابا، مان گهر نہ ويندس،..... ظلم مون سان ٿيو آهي.... گهوٽ منھنجو ڪٺو آهي.... مان کين مرندو بہ نہ ڏسان..... اندر جو سور بہ نہ سليان.....“ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي، پر وري هوءَ ڪجهہ هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رُعب سان ڳالھائڻ لڳي.
”رئيس، اهو منھنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن، هيءُ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نہ رئيس کي ڏنو، نہ ورتو، پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ. رئيس، سوچ تہ سهين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان. بابي انڪار ڪيس، تنھن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيھاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاھہ پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنھنجو بابو رئيس وڏو، آيو منھنجي بابي وٽ، چيائينس تہ ڪمدار کي سَڱ ڏي. بابي پھريائين انڪار ڪيس، پر پوءِ اهڙو تہ زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون، ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينھن هئا تہ منھنجو گهوٽ: جو رئيس جو هاري هو....!“
اختر، جو ڌيان سان ڳالھہ ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.
”تنھنجو گهوٽ.....؟“
ڇوڪري ڪجهہ شڪجي وئي، ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چھري تي ڦھلجي ويون.... بخشڻ جو ڪھاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو تنھن وراڻيس.
”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“
”هون.....“ اختر آهستگيءَ سان وراڻيس.
ٿوري دير سانت کان پوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.
”اُنھي کي جو خبر پئي تہ رئيس جي نيت بري آهي، مان ٿيان سا ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهہ هٽڪي بيھي رهي.
”رئيس، ڳالھين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير..... مان ٿو توکي سربستي ڳالھہ ٻڌايان.....“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.
”غلامو، آيو مون وٽ، مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي بہ خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سِرُ بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناھہ ڏني_ ڳالھين کي ڪجهہ ڏينھن ٿيا، ڳالھہ لئہ مٽي ٿي وئي، غلامو اسان سان گڏ ٻنيء تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻہ دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. مُنھن تي نالي خاطر ڪمدار کي بہ دٻايو.
غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... مون سندس گهُر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي... شادي تي ڪمدار بہ آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي_ شاديءَ جي ٻئي ڏينھن جي ڳالھہ آهي، ڪجهہ سامان پيو کُٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ٿي لنگهيو تہ، چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌائونس، چي ڦٽيون ٿي چوريائين_ سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينھن ڏٺي جو ديري ۾ پنجن ڇهن ماڻھن جي حاضريءَ ۾ ڪھڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري_ پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا. وٺ وٺان ٿي وئي، غلامو ويچاري کي في الحال تہ اڌ مئو ڪري ڇڏيائون_ غلامون جي پٺيان ٻہ همراھہ اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پي آيا. جڏهن انھن وٺ وٺان ڏٺي تہ ڊُڪي اچي پَرِ جهليائون. انھن ماڻھن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنھن تي هو بہ مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال تہ لتن مُڪن سان دسي وڌائون، پر هو تہ تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇھہ ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار بہ شامل هو.
اختر ڪمدار ڏي نھاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.
”سائين پوءِ تہ لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراھہ ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو بہ پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنھن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪھاڙي اڇلي تہ غلامون جو ساهه، تو ڏٺو نہ مون ڏٺو... اُهي ٻہ همراھہ تہ پوءِ بچي پيا_ اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اِتي؟“
”نہ چاچا، شھر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.
”سائين، اهي جوان ڪونھن نہ تہ سڄي حقيقت توسان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط_ وري ظلم تہ اِهو جو همراھہ اسان جا مارجن ۽ پوليس بہ اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراھہ هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون_ ڏيو سائين منھن... بس سائين پوءِ تہ ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر بہ ڪسايوسين، عزت ۽ مانُ بہ وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس.... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلامو جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويھندو آهيان_ باهه، جنھن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي کي دهرائڻ ڪري سڀ اُداس ٿي ويا هئا.
نينگرِ جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اُداس چھري تي هن الائجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو جو هو ڏڪي اُٿيو ۽ هُن پٺي ورائي ڇڏي.
”چاچا، هاڻي ڳالھيون ٿي ويون. اسين بدلو وٺنداسين، ائين کين ڪونہ ڇڏينداسين“ هڪ نوجوان آواز کي اُڀاريندي چيو.
اتي سڀ همراھہ سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانھن وڌيو.
”ترسو_!“ اختر جو آواز جهڪو هو.
”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪونہ ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، جي توهان اسان کي ماريندؤ، اسان جا ماڻھو توهان کي ڇڏي ڪونہ ڏيندا، وري توهان هنن جا همراھہ ماريندؤ. انھيءَ نينگر جيتريون ڪئين ئي عورتون ائين روئنديون رهنديون، اُنھن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو تہ ڪجهہ ڪونہ ٿيندو، اُهي يتيم معصوم ٻار، اُهي بيواھہ زالون، ائين چُڙي چُڙي، روئندي روئندي هُنن سان وڃي ملندا، اهو بہ ڪو جيئڻ چئبو؟“
”رئيس، اها تقرير ٻئي جھان ۾ ڪجانءِ“ هڪ نوجوان خار مان چيو.
”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنھن سان توهان بدلو بہ وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو تہ مان چوان_!“
سڀني جي چھرن تي ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي جي لھر نہ ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.
”جيئن تہ هينئر غلام محمد موٽي نٿو سگهي، نہ وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو تہ اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“
”اِها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.
”مان اُن لاءِ قرباني ڏيان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي ويئي، نينگر جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري ويئي.
”رئيس..... تون اها اسان کي گار تہ نٿو ڏين!“ بخشڻ جوآواز گونجيو.
”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نہ آهيان.“
”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“
”پر بہ اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ۾ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”مان چاچا، نينگر جي پيءَ کي چوندس تہ هو سوچي، توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها تہ هو ٿو ڏسي، بار تہ هُن مٿان آهي، مان صرف اِنڪري انھيءَ ڳالھہ تي ٿو زور ڏيان تہ من منھنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، اُنھي کان وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اُهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو تہ چاچا، هيءُ بدلو ئي تہ آهي، چماٽ ئي تہ آهي، اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”رئيس_ تو اهڙي ڳالھہ ڪئي اهي_ جو بس ڏکويل رَڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالھہ اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي_ نہ تہ ايمان سئون اها ڳالھہ ڪري ڪير هتان بچي وڃي نٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لھجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانھن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:
”رئيس، ٻاراڻي نہ ڪر_ اها ڳالھہ نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ اهي_ ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو توکي ڪجهه_“
”تون ماٺ ڪر ڪمدار_ تنھنجي انھن ڳالھين تہ هيءُ جهيڙا وڌايا آهن_“ اختر. ڪمدار کي ڇنڀيندي چيو.
”چاچا، سوچڻ مھل ياد رک تہ هيءُ بہ تنھنجو بدلو آهي، منھنجي بابي کان، منھنجي خاندان کان_ هن ۾ رڳو اهو فرق آهي تہ هُن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ_“ اختر مشڪي ويٺو.
هُن مجموعي ڏانھن ڏٺو، اُت بہ هڪ قسم جي سوچ ۽ مُشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستگي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستگي سان ڪھاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس هڪ وڏو ڀاڪر پاتائين.
اُن ۾ الائجي ڇا ڪجهہ نہ سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪھاڙيون ڦٽي ڪيو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائيندو ويو. هُن سڀني جي چھرن کي ڏٺو، اُت ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هُن آسمان ڏانھن نھاريو، اُت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي، اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هُن کي ائين لڳو ڄڻ صبح سويرو آهي.
هو ونيءَ کي اُنھيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو_ گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مھل هو هڪ قسم جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو. هُن سڃاتي تہ اها مينديءَ جي خوشبو هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد_ جنھن جي لالي، قرب، مِٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.