طوفان ۽ رات (ريڊيائي ناٽڪ)
1. زرينہ -(هيروئين)
2. اصغر -زرينہ جو سؤٽ
3. حامد -زرينہ جو پيءُ
4. امينہ -زرينہ جي ماءُ
5. سلطان -ڊاڪٽر (هيرو).
(1)
(ابتدائي موسيقي ۽ رات جو تاثر)
(طوفان ۽ مينھن جو وسڪارو)
زرينہ: (کنگهڻ جو آواز) توبھہ! هيءُ طوفان ۽ مينھن شايد ختم نہ ٿيندو. ايڏو مينھن ۽ ھھڙو طوفان! خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيندو؟ بتي وسائي سمھان، من آرام اچي ۽ هيءَ پاسي واري دري بہ بند ڪريان. (بٽڻ بند ڪرڻ جو آواز) (دري بند ڪرڻ جو آواز) زندگي ڪيڏي نہ عجيب آهي! دل جي دنيا ٻي، حقيقت جي دنيا ٻي. بتي وسايم تہ اوندھہ ٿي ويئي ۽ دري بند ڪيم تہ مينھن ۽ طوفان کان بچاءُ ٿي پيو. پر دل جون دريون ڪيترو بہ بند ڪريان تہ بہ ماضيءَ جي ياد الائجي ڪٿان ٿي هليو اچي. شايد اهو سڀڪجهہ هن طوفان ۽ انڌاري رات جو سبب آهي.
(در جي کڙڪڻ جو آواز) هون! در ڪنھن کڙڪايو. هن وقت ڪير هوندو؟ شايد منھنجو وهم آهي. (در آهستي پوءِ زور سان ٿو کڙڪي) شايد طوفان جي زور ڪري پيو دروازو کڙڪي. خير! ڀلا مون وٽ رهيو ڇاهي، جو ڪير اچي منھنجو در کڙڪائيندو. سڄي زندگي انھيءَ کڙڪي جي سھاري تہ گذري ويئي ۽ اڃا بہ خبر نہ آهي تہ انتظار جو ڪيترو عذاب سھڻو پوندو.
(در کڙڪڻ سان ڪنھن جو آواز اچي ٿو.)
مسافر: دروازو کوليو، دروازو کوليو.
زرينہ: واقعي ٻاهر ڪو آهي. پر مان در ڪيئن کوليان؟ کڻي اسلم کي ٿي جاڳايان، پر نہ، اجايو هن جي ننڊ ڇو ڦٽايان، مان ئي ٿي پڇان. (دروازو کوليندي)
زرينہ: ڪير آهي؟
مسافر: مان آهيان، هڪ مسافر!
زرينہ: هن مھل ڪھڙو ڪم اٿئي؟
مسافر: مسافر جو ڪھڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟ مون کي اَجهو کپي.
(زرينہ خاموش رهي ٿي.)
مسافر: محترمه! اوهان اطمينان ڪريو. هن مينھن ۽ طوفان جي ڪري منھنجي موٽر خراب ٿي پيئي آهي ۽ آءٌ پنھنجي منزل تي نہ پھچي سگهيس. آءٌ دراصل پرئين ڳوٺ ۾ هڪ مريض کي ڏسڻ ويو هوس.
زرينہ: (تعجب مان) ڇا اوهان ڊاڪٽر آهيو؟
مسافر: هائو، مريض جي حالت تمام خراب هئي ۽ منھنجو اتي وڃڻ ضروري هو. اوهان پاڻ ڏسو پيون تہ ڪيترو نہ سخت طوفان ۽ مينھن آهي! بس اوهان جي گهر وٽ ئي گاڏي خراب ٿي پيئي مجبوراً اوهان کي تڪليف ڏني اٿم. (تعجب مان) ليڪن، هن هيڏي ساري گهر ۾ ٻيو ڪير بہ نٿو ڏسجي.
زرينہ: اوهو! اوهان اندر تہ اچو. (در بند ٿيڻ جو آواز) آءٌ اڪيلي ڪانہ آهيان، منھنجو هڪ ساٿي بہ هت موجود آهي. (ٿڌو ساھہ ڀريندي) اوهو! اوهان جا تہ سڀئي ڪپڙا ڀِڄي پيا آهن!
مسافر: اها ڪا وڏي ڳالھہ ڪانھي. بارش ۾ تہ ائين ٿيندو آهي. منھنجي خيال ۾ مون کي ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي تہ بارش جلد بند ٿي وڃي.
زرينہ: اهو تہ چئي نٿو سگهجي. بهرحال، اوهان هُن ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا مٽائي سگهو ٿا، اُتي ڪي ڪپڙا پيا آهن.
مسافر: مھرباني، اوهان کي سچ پچ تڪليف ڏني اٿم.
زرينہ: نہ نہ، اوهان اطمينان رکو. ڏسو ڪجهہ سردي بہ آهي، جلد ڪپڙا مٽائي اچو، آءٌ اوهان جي لاءِ چانھہ تيار ٿي ڪريان.
(2)
زرينہ: (ٻئي ڪمري ۾ پنھنجي ليکي) هن اجنبي جو آواز، لھجو، ڄاتل سڃاتل پيو لڳي. الائجي ڇو دل پيئي چوي تہ ان سان ڳالھاءِ ۽ ڳالھائيندي رهه، ايستائين جو صبح ٿي وڃي، پر آءٌ هي ڪھڙيون ڳالھيون پيئي سوچيان! هو تہ هڪ اجنبي آهي. ان هوندي بہ هن مان اجنبيت جي بوءِ ڇو نٿي اچي! هن مان ڇو هڪ قسم جي پنھنجائپ ۽ پيار- اوھہ نہ، اوھہ نه- مان وري اڄ پيار ۽ پنھنجائپ جا ويچار ويچارڻ ويھي رهيس. ڪنھن جي ڳالھين تي مست ٿي مون انھن کي زندگيءَ جي منزل بڻايو، وري ڪنھن ٻيو ڪجهہ ٻڌايو تہ وڌي وڃي انھيءَ خيابان کي وَسايم، اڄ وري مان- مان، ڪجهہ نہ سوچينديس، مان ڪجهہ نہ سوچينديس.
مسافر: جِيءُ.
زرينہ: معاف ڪجو هن وقت ٻيو ڪجهہ بہ انتظام نہ ٿي سگهيو، هي ڪجهہ بسڪيٽ ۽ ٿوري مٺائي حاضر آهي.
مسافر: اوهان سچ پچ ڏاڍي تڪليف ڪئي آهي. هنن شين جي ڪا ضرورت بہ نہ هئي. پر هائو، اوهان چيو هو تہ اوهان سان گڏ ڪو ٻيو بہ هت رهي ٿو. شايد اوهان جو خاوند هوندو؟
زرينہ: (خاموش).
مسافر: (کِلندي) اوهان مون کي جواب ڏيڻ پسند نٿيون ڪريو. اوه! معاف ڪجو، شايد مون اوهان کي ڏکويو آهي!
زرينہ: نہ، زندگيءَ ۾ ڪير ڪنھن کي ڏکوئي نٿو سگهي، جيسين پاڻ اُٿي، ڏک کي ڪير سڏي پنھنجو نہ ڪري. منھنجو خاوند مون کي ڇڏي هليو ويو آهي، ان باري ۾ آءٌ وڌيڪ ڪجهہ بہ ٻڌائي نٿي سگهان.
مسافر: محترمه! مون کي سخت افسوس آهي، پر الائجي ڇو منھنجي دل چاهي ٿي تہ آءٌ ان بابت اوهان کان پڇان تہ اهو سڀڪجهہ ڪيئن ٿيو؟ حق تہ ڪونہ اٿم، پر ڪڏهن هڪ گهڙيءَ جي ملاقات ورهين جو رشتو قائم ڪري ڇڏيندي آهي، تنھنڪري...
زرينہ: اهو ذڪر ڪري اوهان منهجي ماضيءَ تان ڄڻ تہ پردو کنيو آهي. مون فيصلو ڪيو هو تہ آءٌ پنھنجو ماضي ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائيندس، حال ۾ ڪنھن کي بہ حالڀائي نہ ڪنديس، اوهان جيڪي ڪجهہ چئو ٿا، ان ۾ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي ٻڌڻ جي اشتياق کان سواءِ ڪي بہ ڪينھي. پر اوهان کي معلوم نہ آهي تہ اُن ڪھاڻيءَ کي ڪَڙين کي مِلائڻ ۾ مون کي خود بہ ڪنھن بَٺيءَ ۾ جلڻو ٿو پوي. مان ڪھاڻيءَ جي هڪ ڪَڙي نہ آهيان، هڪ زنجير آهيان، جنھن کي ڌڪ هڻي ڌار ڪيو ويو آهي.
مسافر: توهان شايد ناراض ٿي ويون!
زرينہ: مان ناراض ڪانہ ٿي آهيان، پر ڪنھن جي مٿان ڪابہ ذميداري وجهندؤ تہ هو خوش ڪين ٿيندو. هن جهڪي روشنيءَ مان اوهان کي ڏسي تہ نٿي سگهان، ۽ نہ توهان جي چھري جو ڪو تاثر مون تي ڪو اثر ڇڏي ٿو. پر ايترو ضرور آهي جو اوهان جي آواز جي گونج الائجي ڇو مون کي ڪيترائي ورھيہ پوئتي کڻي ٿي وڃي، جتي اهڙي گونجدڙ آواز مون کي سھارو ڏنو هو.
مسافر: ڪير هو اُهو؟
زرينہ: اُهو منھنجو مڙس هو.
مسافر: ها ها، توهان خاموش ٿي ويا.
زرينہ: الائجي ڇو منھنجو سڄو ماضي مجسمي جي صورت ۾ مون وٽ موٽي آيو آهي، ماضي، ماضي! (موسيقي ۽ هلڪن مردانہ ٽھڪن جا آواز.)
زرينہ: منھنجي زندگي خوشين ۽ مسرتن ۾ گذري، پر انھن مسرتن ۽ خوشين جو وڏو عيوضو ادا ڪرڻو پيو. شايد انھن لاءِ منھنجو وجود بيڪار هو. پر اها تہ بعد جي ڳالھہ آهي. هو ٻڌو پيا نہ، هلڪا سُريلا ٽھڪ؟ ڪيڏا نہ وڻندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ آهن اُهي. اوهو! اوهان حيران ڇو ٿا ٿيو؟ اهي آواز اوهان کي شايد نٿا ٻڌڻ ۾ اچن. اهي آواز منھنجا ۽ اصغر جا آهن. سال اڳ... اصغر، جنھن کي مان ڪجهہ بہ ڏيئي نہ سگهيس!
(ٽھڪن جي گونج تيز ٿي وڃي ٿي)
(ماضيءَ جي ياد تازي ڪندڙ موسيقي)
(3)
زرينہ: اصغر! اصغر! توکي ٿيو ڇا آهي، جو ايترو کِلين ٿو؟ توبھہ! تو تہ کِلڻ سان حد ڪري ڇڏي.
اصغر: کِلان نہ تہ رُئان؟ هيڏڙي مان هيڏو قصو ٿي ويو آهي ۽ تون چوين ٿي تہ آءٌ چُپ رهان.
زرينہ: آخر ڳالھہ ڇا آهي؟ ڪجهہ مون کي بہ تہ ٻڌاءِ.
اصغر: زرينہ! هو آهي نہ اسان وارو ماسات... گل.
زرينہ: ها، ها، هُن کي وري ڇا ٿيو؟
اصغر: ڇا وري ڇا ٿيو؟ هن جي زبيده سان شادي ٿيڻ واري آهي.
زرينہ: واھہ واھہ! اهو تہ ڏاڍو سٺو ٿيو.
اصغر: سٺو وري ڌوڙ ٿيو. ڪيڏانھن گل، ڪيڏانھن زبيده! گل کي هجي شابس جو اهڙي عجيب صورت واريءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.
زرينہ: شاديءَ جو مطلب ڇوڪريءَ جي سونھن کي پوڄڻ آهي ڇا؟
اصغر: پر ٻڌ نہ، وري مون سان مليو تہ زبيده جون ايڏيون تعريفون پيو ڪري جو چئي کڻي بس ڪر. سچي، کل اچي ويئي. مان تہ کلندي کلندي بيحال ٿي ويس.
(وري کلي ٿو)
زرينہ: (ڪجهہ تيزيءَ مان) اصغر!
اصغر: ڇا ٿيو زرينہ!
زرينہ: اصغر! تون انھيءَ زماني سازيءَ جي ڄار مان هٽندين بہ يا نہ؟ ائين نہ ٿئي جو ڪنھن وقت ڪو ٻيو، زماني جو روپ ڌاري توتي چٿرون ڪري!
اصغر: انھيءَ ۾ ڪابہ زماني سازي نہ آهي، بلڪ هڪ قسم جو حقيقتن تان پردو کڻڻ آهي.
زرينہ: پردو کڻڻ! اهو بہ ڪھڙيءَ طرح؟ واه واه، توکي شايد اها خبر نہ آهي تہ زبيده جيتري تعليم پرائي آهي، ان کان وڌيڪ ذهين آهي. گل هن جي ذهني صلاحيتن ۽ خوبين کي چڱيءَ طرح جاچيو آهي، چڱيءَ طرح پرکيو آهي، ۽ تنھن کان پوءِ ئي هن کلم کلا اعلان ڪيو آهي. توکي اها بہ خبر هوندي تہ زبيده سان ڪير بہ شادي ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو، نہ پنھنجن مان نہ ڌارين منجهان ئي. گل لاءِ ڇوڪريون ڪونہ هيون ڇا؟ اصغر! انھن ڳالھين کي مٿاڇرو نہ جاچ تون مٿاڇري کي جاچيندي گَهرائيءَ کي وساري ٿو ويھين.
اصغر! هون! اڄ تہ ليڪچر جو موڊ آهي!
زرينہ: ڇا بہ هجي، مان رڳو اهو ڄاڻان ٿي تہ هن زدگيءَ ۾ منھنجي لاءِ جيڪڏهن ڪا ٻي شيءِ وڻندڙ آهي تہ اها ضرور خوبصورت هوندي. خوبصورتي ۽ سونھن سان منھنجو پيار آهي ۽ سيرت بہ سونھن جي هڪ علامت آهي. آءٌ چوان ٿي تہ زندگيءَ ۾ ذهني هم آهنگي انسانن کي ويجهو ڪري ٿي ۽ پوءِ...
اصغر: ۽ پوءِ پيار شروع ٿو ٿئي، يعني رومانس (ٽھڪ ڏئي ٿو).
زرينہ: (کلندي) حرڪتي!
اصغر: زرينہ! سچي ڳالھہ ٿو ڪريان. اسان ٻنھي ۾ ڪيڏو نہ ذهني اختلاف آهي. هر ڪنھن ڳالھہ تي جهيڙو ۽ بحث، پر، پر، تون ائين نٿي چئي سگهين تہ اسان ۾ پيار نہ آهي. اسين هڪٻئي سان ايترو تہ پيار ڪريون ٿا، ايترو تہ...
زرينہ: بس اصغر!
اصغر ڇو: زرينہ! توکي منھنجي ڳالھہ نہ وڻي؟
زرينہ: نہ، بلڪل نہ.
اصغر: تہ پوءِ توکي منھنجي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ڪونھي؟
زرينہ: اعتبار؟ اعتبار تہ آهي!
اصغر: تہ پوءِ هن انڪار جو ڇا مطلب؟
زرينہ: (جذباتي ٿي) اصغر! اصغر! مون کي پاڻ تي اعتبار ڪونھي، اصغر!
اصغر: زرينہ! هيءُ تون ڇا پيئي چوين؟ ٻڌ تہ سهي، اڙي وئي هلي، عجيب ڇوڪري آهي!
(4)
امينہ: زرينہ! زرينہ! اڃا تو نيرن بہ نہ ڪئي آهي، ڪاليج جو ٽائيم اچي ٿيو آهي.
زرينہ! امان! ڇا ڪريان، اک لڳي ويئي.
امينہ: ايترو بيخيالي نہ ٿيءُ. تنھنجون اکيون ٿيون ٻڌايئن تہ رات جو گهڻيءَ دير تائين پڙهيو اٿئي.
زرينہ: نہ امان! بس، اونھين ننڊ نہ آئي.
امينہ: هون! ڇو ڀاڻين گُل سان ڪو جهيڙو ٿيو آهي ڇا؟
زرينہ: نہ امان! اهڙي ڳالھہ ڪانھي. بس ائين ئي ننڊ نہ آئي.
امينہ: نہ نہ، آءٌ سڀ سمجهان ٿي. اوهان جو جهيڙو تہ ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو. اِجهو هو ايندو تہ سندس منھن بہ سُڄيو پيو هوندو.
زرينہ: نہ امان! سچ ٿي چوان تہ اهڙي ڳالھہ ڪانہ هئي.
امينہ: تڏهن ڪھڙي ڳالھہ هئي؟ مون کي ٻُڌائين ڇو نٿي؟
زرينہ: ڪجهہ نہ آهي امي! مون کي دير ٿي ٿئي، مان وڃان ٿي.
امينہ: چانھہ تہ پيءُ. زرينہ! زرينہ! ٻُڌ تہ سَهي. (زرينہ جي وڃڻ جو آواز).
حامد: ڇو، ڇا ٿيو؟
امينہ: ڇا وري ڇا ٿيو؟ مون کي تہ هن ڇوڪريءَ جي خبر ئي نٿي پوي. الائي ڪنھن تي ويئي آهي، گهڙيءَ ۾ تولو، گهڙيءَ ۾ ماسو! اُتي جو اُتي پئي پنھنجي سؤٽ اصغر سان کِلندي ڳالھائيندي، اُتي جوا ُتي مِٽ مِٽَ تي چڙهي ويندس! رات ڪو وري وڙهيا آهن. بس نيرن بہ نہ ڪيائين، وري پڇجيس ٿو تہ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏيندي!
حامد: ٻار آهن، پيا وڙهندا ۽ پرچندا تون تہ اجايو پئي پاڻ پتوڙين.
امينہ: توهان بہ ڪمال ٿا ڪريو. هيڏي عمر اچي ٿي اٿن ۽ اوهان اڃا تائين کين ٻار ٿا سمجهو. منھنجو تہ خيال آهي تہ جيئن توهان کي ادي اڳ ۾ چيو آهي تيئن توهين وڌيڪ ڳالھيون ٻولھيون ڪري، امتحان پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻنھي جي شادي ڪري ڇڏيو.
حامد: پر زرينہ جي ماءُ! مون کي هڪ ڳالھہ کٽڪي ٿي: ڪيڏو بہ ٻنھي ۾ پيار آهي پر ساڳئي وقت ٻنھي جي خيالن ۽ عادتن ۾ بہ وڏو اختلاف آهي. ذهني طور ٻيئي هڪٻئي کان پري آهن. ظاهري طرح تہ کلندا ڳالھائيندا ٿا رهن، پر جيڏيءَ مھل ڪابہ اهڙي ڳالھہ ٿئي ٿي تہ هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيو بيھن. انھن سڀني ڳالھين کي بہ ڌيان ۾ رکڻو آهي.
امينہ: اوهان کي تہ سدائين انھن ڳالھين جي اڻتڻ هوندي آهي: هوڏانھن چئو ٻار آهن، هوڏانھن سندن طبيعتن جو پيا ذڪر ڪندا. توهان جي ڌيءُ بہ توهان تي ويئي آهي. ڏوھہ رڳو توهان جي ڌيءَ جي هٺيلي طبعيت جو آهي.
حامد: (کلي ٿو) توسان تہ ڪا ڳالھہ ڪري آءٌ اڙجيو وڃان. ٻار جي ڳالهه، ڪرڻ کي کڻي ڪيم، پوءِ تہ اڙجي ويس. زرينہ جي ماءُ! حقيقت اها آهي تہ منھنجي ڌيءَ ويچاريءَ جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونھي. هن پنھنجي ذهن جي پرورش اهڙي نموني ڪئي آهي جو ائين پيو لڳي، سندس منزل ئي ڪا ٻي آهي.
امينہ! اوهان جون اهي تقريرون منھنجي ذهن ۾ ڪين ويھنديون. مون تہ هڪ ڳالھہ ڪئي، هاڻي اوهان جيئن مناسب سمجهو، تيئن ڪريو. آءٌ هلان ٿي.
حامد: ٻڌ تہ سهي! مان تہ ادي سان ڳالھہ ڪريان ٿو، پر هاڻي تون رڳو هڪڙي مھرباني ڪر جو زرينہ کان پُڇ.
امينہ: پڇڻ جو ڪوبہ ضرور ڪونھي، ٻيئي راضي آهن.
حامد: زرينہ جي ماءُ تون نٿي ڄاڻين، اڄڪلھہ جو اولاد مائٽن کي پنھنجي ٿورڙي غلطيءَ جي ڳري سزا ڏئي ٿو، ۽ پاڻ بہ هڪ نہ ختم ٿيندڙ عذاب ۾ مبتلا ٿيو وڃي، تنھنڪري مناسب آهي تہ سڀ کان پھرين تون هن کان پُڇي خاطري ڪر. باقي سمورو معاملو آءٌ پاڻ طئہ ڪندس.
امينہ: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.
(5)
اصغر: زرينہ! مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ آخر توکي ڇا ٿيندو ٿو وڃي. اءٌ ڪيڏو نہ خوش خوش آيس توکي خوشخبري ٻڌائڻ، پر هت ڏس تہ سائيجن جو موڊ آف لڳو پيو آهي.
زرينہ: اصغر! مون کي پريشان نہ ڪر. مون کي مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي.
اصغر: پر مان پُڇان ٿو تہ اهو سور ڇو ٿيو آهي؟
زرينہ: مون کي سڀ خبر پئجي ويئي آهي، اسان ٻنھي جي شادي... اوه! ڪيڏو نہ خوش ڪندڙ خيال آهي، پر اصغر! مون کي الائجي ڇو ڊپ ٿو ٿئي تہ اهو صرف خيال ئي آهي، ان جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو ڪونھي.
اصغر: زرينہ! هيءُ تون ڇا ٿي چئين، زرينہ!
زرينہ: آءٌ سچ ٿي چوان. حقيقت آخر ڪيستائين لِڪل رهندي! هاڻي تہ فيصلو ٿيڻ وارو آهي، پوءِ ڇو نہ مصيبت کان پھرين ان جي بچاءَ جو تدارڪ سوچجي.
اصغر: هون! تہ اها ڳالھہ آهي. پر اهو سڀڪجهہ آخر ڇو... صاف صاف ٻڌاءِ زرينہ!
زرينہ: ڇا چوان، اصغر! مھنجي ذهني ڪيفيت عجيب ٿي پيئي آهي. دل چوي ٿي تہ تون هميشہ منھنجي قريب رهه، پر جڏهن تون منھنجو ويجهو هوندو آهين تہ لڳندو اٿم تہ اصغر... مون کي... نہ اصغر، آءٌ ڪجهہ بہ نٿي چئي سگهان. مون کي اهي لفظ ئي نٿا ملن.
اصغر: ڇا مون کان توکي خوف ٿئي ٿو؟
زرينہ: نہ اصغر نہ، توهان کان نہ، مون کي تہ پاڻ کان خوف ٿو ٿئي. منھنجو ذهني ٻيٽ ڇولين جي لپيٽ ۾ آهي. اڀرندڙ لھرون... جيڪر اهي ڇوليون مون کي ٻئي هنڌ گهلي وڃي ڦِٽو ڪن تہ بہ چڱو اهي تہ وري ويران واري جي ڍِڳن تي اُڇلين ٿيون، جتي الائجي ڇو مون کي اُڃ جو احساس ٿو ٿئي.
اصغر: مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي زرينہ! مان ڪيترن ڏينھن کان تو ۾ اها تبديلي پيو ڏسان. جيئن ئي اسان جي شاديءَ جون ڳالھيون هليون آهن. تيئن تون وڌيڪ انھن اجابن ۽ بيڪار خيالن جي ڄار ۾ ڦاسندي پئي وڃين. خدا جي واسطي تون انھن خيالن کي ڇڏي ڏي. نہ تہ انھن خيالن جو وهڪرو اسان جي پيار جي گهرڙي جو نالو نشان بہ مٽائي ڇڏيندو زرينہ!
زرينہ: اصغر! مون کي سڀني ڳالھين جو اعتراف آهي. آءٌ توسان وڙهان ٿي، تنھنجي خيالن سان ٽڪرجان ٿي، پر منھنجو من جيڪا بغاوت ڪري ٿو، ان سان ٽڪرجڻ منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي. مون ۾ اها همت نہ آهي، اصغر!
اصغر: زرينہ! خدا جي واسطي بس ڪر، آءٌ ڪجهہ ٻُڌي نٿو سگهان. اهي خيال الائجي ڇا آهن، ڇو پيدا ٿيا آهن؟
زرينہ: تون بہ تہ سوچ تہ اهي ڇو پيدا ٿيا آهن؟ مون ۾ اختلاف جي خواهش پيدا ٿيندي وڃي ٿي ڇو، تون بہ تہ سوچ.
اصغر: مان سوچيان؟ تون اهو نٿي سوچين، جهن کي تو پيار ڏنو. اڄ ان کي ٿي چوين تہ پيار تي نہ سوچ. من جي مِٺين ڳالھين تي نہ سوچ.
زرينہ: تون ناراض ٿيو آهين؟
اصغر: ناراض ڇو ٿيندس. تون رڳو خوش رهه، اهائي منھنجي لاءِ خوشي آهي.
زرينہ: اصغر! مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. توکي شايد اها خبر نہ آهي تہ جيسين تون اچين اچين، تيسين منھنجي الائجي ڪھڙي حالت ٿي ويندي، تون سمجهين بہ ڪٿي ٿو سگهين.
اصغر: اها تنھنجي ڀُل آهي زرينہ! تون مون کي اڃا تائين نہ سمجهي سگهي آهين. جيئن ئي مون شاديءَ جي ڳالھہ ٻُڌي، مون کي پنھنجي من جي دنيا روشن ٿيندي نظر آئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ٽِڙندو توڏي هليو آيس. هيڏانھن ٻاهر تہ نھار! فضا ۾ مسرت جون لھرون پکڙيل آهن چوڌاري چراغان آهي. آءٌ خوش آهيان، زرينہ! اسين خوش آهيون، دنيا خوش آهي زرينہ! ڏس تہ سهي، اڙي تون تہ روئي رهي آهين، تون روئي رهي آهين، زرينہ! ڇو زرينہ؟ زرينہ!
زرينہ: (روئندي) ڪجهہ بہ نہ آهي، اصغر آءٌ تہ خوش آهيان، پر مون کان خوشي برداشت ٿي نٿي سگهي. توکي خبر آهي تہ اصغر، مان ڪڏهن بہ خوشين جي حقيقي محلن ۾ نہ رهي آهيان. مون هميشہ خوشيءَ جي تصوراتي خيابانن تي گذارو ڪيو آهي. منھنجي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالھہ آهي اصغر! پر اها خوشي، اها خوشي مون کي ماري ڇڏيندي!
اصغر: زرينہ! هيءُ توکي ڇا ٿي ويو اهي؟
زرينہ: اصغر! مون کي ڪجهہ بہ نہ ٿيو آهي. مان خوش آهيان، اسين بہ چراغان ڪنداسين. بيھہ تہ مان بتيون ٻاري ڇڏيان.
اصغر: زرينہ، زرينہ! تون چري تہ نہ ٿي آهين زرينہ!
زرينہ: (سختيءَ مان) مون کي ڇڏ، اصغر! آءٌ اڄ سڄي گهر جون بتيون ٻارينديس، چراغان ڪنديس، روشني ڪنديس. ذهني انڌيري ۾ رهندي رهندي آءٌ بينور ٿي پيئي آهيان. مون کي روشني گهرجي. مون کي ڇڏ، مون کي ڇڏ، روشني... چراغان... بتيون...
اصغر: زرينہ! زرينہ! (چماٽ ٿو هڻيس) تنھنجو پاڳلپڻو اِئين ختم ٿيندو! (وقفو) اُف... مون هي ڇا ڪيو؟ مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي. تون پاڻ سان گڏ مون کي بہ پاڳل بڻائي ڇڏيندينءَ زرينہ! آءٌ وڃان ٿو.
زرينہ: (جهيڻي آوز ۾) هڪ ڳالھہ تہ ٻڌ!
اصغر: چؤ؟
زرينہ: مون کي معاف ڪر، اصغر! مون توکي ڏکويو آهي... آءٌ... آءٌ شرمسار آهيان...
اصغر: ائين نہ چؤ، زرينہ! معافي تہ مون کي گهُرڻ کپي. مون توکي اهنج رسايو آهي، تون تہ منھنجي زندگي آهين! زرينہ!
زرينہ: اصغر! منھنجو اهو پاڳلپڻو ختم نہ ٿيندو. تون مون کي پنھنجن هٿن سان ماري ڇڏ، نہ تہ منھنجي ذهني اٿل پٿل مون کي ماري ڇڏيندي.
اصغر: زرينہ! خدا جي واسطي اهڙيون ڳالھيون نہ ڪر.
زرينہ: نہ اصغر! هاڻي سڀئي ڳالھيون منھنجي وس کان ٻاهر نڪري ويون آهن، منھنجي هڪڙي التجا آهي.
اصغر: پھريائين مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ تہ تون ايترو گهڻو سوچين ڇو ٿي؟ سوچبو تڏهن آهي جڏهين ڪا تڪليف پھچندي آهي يا ذهن ڪنھن ڳالھہ کان متاثر ٿيندو آهي. تنھنجي سوچ جو آخر ڪھڙو سبب آهي؟
زرينہ: اصغر! اهي ڳالھيون ڇيڙي تون مون کي انھيءَ ذهني دنيا ۾ واپس وٺي ٿو هلين، جتي خيال ۽ سوچ جون شمعون ٻرنديون رهن ٿيون. ڏس، ائين نہ ٿئي تہ هوا جو جهُوٽو انھن کي وسائي ڇڏي ۽ اتي تاريڪي ۽ اوندھہ جو راڄ ٿي پوي. اصغر! منھنجي انھيءَ دنيا ۾ انڌارو نہ آڻ. انھن شمعن کي ٻرڻ ڏي، ٻرڻ ڏي، ايتريقدر جو اهي پاڻ ئي جلي ٻري ختم ٿي وڃن!
اصغر: منھنجي زرينہ! آءٌ تنھنجي حڪم کان انڪار نٿو ڪري سگهان. تنھنجي پيار منھنجي پير ۾ زنجير وجهي ڇڏيا آهن.
زرينہ: تہ پوءِ ٻڌ، اصغر! جيڪڏهن تون چاهين ٿو تہ اسان جي آئنده زندگي خوشگوار گذري تہ...
اصغر: چؤ نہ، تہ پوءِ...؟
زرينہ: تہ... تہ تون ڪيڏانھن ٻاهر هليو وڃ. اصغر! ٿورن ئي ڏينھن لاءِ
اصغر: هون!
زرينہ: اصغر! آءٌ چاهيان ٿي تہ اها ذهني ڪيفيت پاڻھي ختم ٿي وڃي.
(6)
زرينہ: ٻاهر طوفان جي اڃا اهائي حالت آهي (طوفان جو آواز) پر هيءُ طوفان نيٺ ختم ٿيندو ۽ پٺيان تباهيءَ جا ڪي نشان رهجي ويندا. پر هو ڪھڙو طوفان هو اصغر... اصغر... تون ڪيڏانھن هليو وئين؟ اصغر!
(موسيقي، پس منظر ۾ طوفان ۽ مينھن جو تاثر)
زرينہ: ۽ اصغر واقعي هليو ويو، ناراض ٿي. مون ڪيترو ئي منع ڪيو، پر هو نہ رهيو ۽ مون کي اڪيلو ۽ تنھا ڇڏي هليو ويو، هميشہ هميشہ لاءِ.
مسافر: محترمه! اوهان ڪجهہ همت ۽ صبر کان ڪم وٺو.
زرينہ: ها، اهوئي باقي هڪڙو سھارو آهي. اصغر جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ بيمار ٿي پيس. سخت بيمار ٿي پيس، ۽ وري مسرت ۽ خوشيءَ جي ٽھڪن منھنجي ذهن دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڏنو.
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)
(7)
سلطان: کِلو، مس زرينہ! هي ڇا آهي، سڄو ڏينھن ائين ليٽيا پيا آهيو، خاموش ۽ اُداس. اٿو، ٻاهر تہ ڏسو ڪيڏي نہ شاندار موسم آهي. باغ ۾ ٽڙيل گل، ٿڌڙي هوا ۽ موسيقي پکڙيندڙ ماحول! اُٿو تہ سَهي، هلو تہ ٻاهر لان ۾ ويھون. هاڻي توهان بلڪل ٺيڪ آهيو، مس زرينہ! (کلي ٿي) کِلو نہ مس زرينہ!
زرينہ: (آهستي کِلي ٿي).
سلطان: ها ها، ائين بلڪل ٺيڪ، ڪنھن ٿي چيو تہ توهان بيمار آهيو؟ توهان ٺيڪ آهيو، ائين نہ، مس زرينہ!
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب، هُو...
سلطان، ها، ماحول ۽ فضا ۾ ڪيتري نہ سونھن ۽ حسن آهي. قدرت جي هن فياضيءَ جا شڪرانا بجا آڻيو.
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب! توهان کي خوشيءَ سان ڏاڍو چاھہ ٿو ڏسجي.
سلطان: خوشيءَ جي چاهت ڪنھن کي نہ هوندي؟
زرينہ: چاهت تہ ڪڏهن بہ حقيقت نٿي سڏي سگهجي. چاهت تہ چاهت ئي رهندي، ڇاڪاڻ تہ اها هڪ اهڙي ڪيفيت جي باري ۾ آهي، جنھنجو ڪوبہ وجود ڪونھي.
سلطان: مس زرينہ! اوهان وري اهي ڳالھيون شروع ڪيون. ڏک سک، خوشي ۽ غم تي نہ ويچاريو تہ بھتر. توهين رڳو اهو ويچاريو تہ توهان ٺيڪ آهيو.
زرينہ: ڊاڪٽر صاحب! اهي ئي خيال تہ مون کي سڪون بخشي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو ذهن ٻيو وڌيڪ ويچاري ئي نہ سگهندو.
سلطان: چڱو، ائين سهي، پر معاف ڪجو توهان هر هر ”ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر صاحب“ جو گردان شروع ڪري ڇڏيو آهي. منھنجو پيشو بيشڪ ڊاڪٽر جو آهي، پر منھنجو نالو ”سلطان“ آهي. (کِلي ٿو.)
زرينہ: هون، تہ توهان کي ”سلطان“ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ٿي ٿئي؟
سلطان: توهان خود چيو تہ خوشيءَ کي ڪو وجود ڪونھي، پوءِ منھنجي خوشي اوهان کي ڇو ٿي نظر اچي؟
زرينہ: ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر! اسين سڀ خوشيءَ جي بيابان ۾ رهون ٿا، جتي رڃ ئي رڃ آهي. هر ڪنھن کي ٻئي لاءِ خوشي نظر اچي ٿي، پر جڏهن هو ان جي ويجهو وڃي ٿو تہ اُتي تہ ويران وير وڌ لڳي پيئي آهي. ڊاڪٽر صاحب! معاف ڪجو، مسٽر سلطان، ڇا ائين ٿي نٿو سگهي تہ اسين انھيءَ احساس کان ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون؟
سلطان: ڪھڙي احساس کان؟
زرينہ: خوشي ۽ غم جي احساس کان! اسين ذهن کي ان ڳالھہ تي آماده ڪريون تہ غم غم نہ آهي، خوشي خوشي نہ آهي ۽ اهو ئي سڪون جو ذريعو آهي.
سلطان: مس زرينہ! بس اهو سوچڻ ڪافي آهي تہ جيڪي ڪجهہ ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي، جي ٺيڪ نہ آهي تہ ٺيڪ ٿي ويندو. مون کي ڏسو، توهان سمجهو ٿا تہ ڪوبہ غم منھنجي ويجهو نہ آيو هوندو، مس زرينہ! منھنجي زندگيءَ ۾ اهڙيون ويرانيون آيون آهن، جتي ڪيترو ئي وقت ڀٽڪندو رهيس. پر پوءِ، احساس ٿيو تہ زندگي جيئڻ لاءِ آهي، جيڪي ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي. بهرحال، هينئر اسان کي ڪجهہ بہ سوچڻ نہ کپي. منھنجا ڏک مون تائين رهن تہ چڱو. ڪيئن ٺيڪ آهي نہ؟ (کلي ٿو) هو ڏسو اوهان جو والد هيڏي پيو اچي. توهان اتي ويھو، قدرت جي فياضيءَ جي فراخدليءَ سان تعريف ڪريو ۽ پاڻ کي خوش رکو. مان اجازت وٺان ٿو. مون کي ٻين مريضن کي بہ ڏسڻو آهي.
زرينہ: مھرباني، ڊاڪٽر او مسٽر سلطان! خدا حافظ.
سلطان: خدا حافظ. (کلڻ جو آواز)
حامد: هلو ڊاڪٽر!
سلطان: (کلندي) هلو سَر!
حامد: زرينہ جي طبيعت ڪيئن آهي ڊاڪٽر صاحب؟
سلطان: بلڪل ٺيڪ آهي. بهرحال، منھنجي تشخيص صحيح ثابت ٿي. هو جسماني مرض کان وڌيڪ ذهني مرض ۾ مبتلا هئي. هن کي دوا کان وڌيڪ همدرديءَ جي ضرورت آهي.
حامد: ڊاڪٽر! اوهان جي وڏي مھرباني. انھيءَ مرض تہ هن جي ذري گهٽ جان ورتي هئي. بهرحال، شڪرانا ڌڻيءَ جا جو هوءَ هينئر ٺيڪ آهي.
سلطان: مان سڀاڻي کان وٺي ڪونہ ايندس. ڇاڪاڻ تہ مس زرينہ ٺيڪ ٿي چڪي آهي. ڪڏهن ڪڏهن حال احوال پيا ٻڌائجو.
حامد: ضرور ضرور، اوهان سچ پچ تہ ڇوڪريءَ جي زندگي بچائي آهي.
سلطان: چڱو ڀلا آءٌ اجازت وٺان ٿو. خدا حافظ. (کِلڻ جو آواز)
(8)
سلطان: مس زرينہ! اوهان هتي؟ طبعيت ڪيئن آهي؟
زرينہ: طبيعت ٺيڪ هجي ها تہ ڊاڪٽرن جا در ڇو ڏسڻا پون ها. پر خبر تڏهن پيئي جو خود ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت خراب آهي!
سلطان: (کلندي) نہ نہ، آءٌ تہ ٺيڪ آهيان. پر اوهان کي ڪنھن ٻڌايو؟
زرينہ: ٻہ ڏينھن ٿي ويا، توهان نہ آيا، ماڻھو دوا خاني موڪليم ۽ خبر پيم تہ توهان جي طبيعت خراب آهي ۽ آءٌ هلي آيس. توهان ٻڌايو بہ نہ...
سلطان: مس زرينہ! توهان جي طبيعت اڃا ٺيڪ نہ آهي ۽ توهان وتو ٿا ٻين جي مزاج پرسي ڪندا؟
زرينہ: توهان کي شايد منھنجو هتي اچڻ نہ وڻيو. چڱو ڀلا، مان هلان ٿي.
سلطان: پر ترسو، توهان تہ پنھنجي طبيعت ڏيکارڻ آيا آهيو نہ... ها... (کلي ٿو).
زرينہ: منھنجي طبيعت کي ڇڏي ڏيو، مان ٺيڪ آهيان. توهان رڳو پنھنجي صحت جو خيال رکو. ٻن ڏينھن ۾ اڌ ٿي ويا آهيو. چڱو ڀلا مان...
سلطان: ٻڌو، توهان پنھنجي مرضيءَ سان آيا آهيو، پر ويندو منھنجي مرضيءَ سان. ڪيئن ها نہ... (کلي ٿو)
زرينہ: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.
سلطان: ترسو، مان توهان جي لاءِ چاءِ گهرايان.
زرينہ: ۽ اوهان ترسو تہ مان اوهان جي لاءِ چاءِ ٺاهيان.
سلطان: توهان چاءِ ٺاهيندؤ؟ (کلي ٿو)
زرينہ: ڇو، توهان سمجهو ٿا تہ مون کي چاءِ ٺاهڻ ڪانہ ايندي آهي؟
سلطان: نہ نہ، منھنجو اهو مطلب نہ آهي. توهان تڪليف نہ ڪريو، نوڪر آهي، اُهو ٺاهي کڻي ٿو اچي.
زرينہ: نوڪر جيڪا چاءِ ٺاهي کڻي ايندو سا بہ ڏسبي.
سلطان: ڇو؟
زرينہ: توهان جي گهر جي حالت ڏسان ويٺي ڪيڏو نہ ننڍڙو سھڻو ۽ سٺو بنگلو آهي، پر حالت ڏسي ڏک پيو ٿئي. ڇا تہ ڪمرن جي حالت آهي، ڇا هن ڊرائنگ روم جي حالت آهي، توهان جو ريڊنگ روم بہ سامھون پيو ڏسجي. مان ڀانيان ٿي تہ ڪو پوري ٻهاري بہ نٿو ڪڍي، ۽ توهان بہ تہ ڪو خيال نٿا ڪيو.
سلطان: مِس زرينہ! جي ايئن گهر جي بي ترتيبيءَ جو خيال ڪندؤ تہ پوءِ توهان کي منھنجي سڄي زندگي بي ترتيب نظر ايندي، بي ترتيب! اوِجر... اڇائي... ڪٿي آهي. مس زرينہ! نہ ذهني طور اسين با ترتيب اهيون ۽ نہ وري ظاهري طرح اڇا اُجرا... بس جيڪي ڪجهہ آهي، ٺيڪ آهي. ڏسو جمن پاڻ ئي چاءِ کڻي آيو آهي. اسان جي لاءِ ايتري سمجهہ ۽ سوچ ڪافي آهي. بس وڌيڪ شايد ڪجهہ بہ نہ... جُمن! چاءِ رک. اوه! بسڪيٽ بہ آهن. ٺيڪ آهي. توهين وري ڪھڙي سوچ ۾ پئجي ويؤ؟ ڇڏيو اهي خيال ۽ چاءِ ٺاهيو.
(چانھہ جي ڪوپن جي کڙ کڙ جو آواز)
زرينہ: ڊاڪٽر! اوهان کان هڪڙي ڳالھہ پڇان؟ اوهان کلندا آهيو تہ محسوس ٿيندو آهي تہ زوري ٿا کلو!
سلطان: جي!
زرينہ: اوهان منھنجي ڳالھہ نہ سمجهي؟
سلطان: مان اوهان کي سمجهي نہ سگهيس.
زرينہ: توهان ڇو سمجهي نہ سگهيا؟ آءٌ انھي ئي سطح تي ڳالھائي رهي آهيان، جنھن سطح تي توهان پاڻ کي ٽھڪن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو.
سلطان: مس زرينہ! توهان اهڙن ڳالھين تي نہ سوچيو تہ بھتر.
زرينہ: مسٽر سلطان! اهو ناممڪن آهي. سوچ تہ منھنجي زندگي آهي. مان پنھنجيءَ سوچ سان پيار ڪندي آهيان، ۽ سوچ ۽ ويچار مون کي زندگيءَ جي اڀوڳن رازن کان واقف ڪندا آهن. اهي ڪنھن جي ڳالھہ ڪونہ لڪائين.
توهان جي زندگيءَ جي بي ترتيبي ۽ ٽھڪن ۾ ٻہ متضاد ڳالھيون آهن. اهي توهان جو راز فاش ڪري ٿيون وجهن.
ڊاڪٽر! توهان منھنجو نفسياتي علاج ڪيو آهي، پر توهان خود نفسياتي مريض آهيو. توهان جو من مريض آهي، ڊاڪٽر! توهان جي من کي علاج جي ضرورت آهي.
سلطان: مس زرينہ! مس زرينہ! خدا جي واسطي... مان وڌيڪ ٻڌي نٿو سگهان.
زرينہ: ڊاڪٽر! توهان کي ياد آهي، جڏهن اوهان منھنجي ذهن کي ڦولهڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، مٺين ۽ شيرين ڳالھين سان. پر مٺين ڳالھين سان بہ ڪڏهن ذهني زخم دور ٿيا آهن؟ نشتر کڻو ڊاڪٽر. مان ٿي توهان جو علاج ڪريان. توهان تہ ڊاڪٽر آهيو. توهان ڇرڪو ڇو ٿا؟ اڄ توهان مريض آهيو ۽ مان ٿي ڊاڪٽر بڻجان. اڙي هيءَ ڇا؟ کلو نہ ڊاڪٽر صاحب!
(سلطان کلي ٿو.)
زرينہ: هيءُ کلڻ سچ پچ ائين پيو لڳي، ڄڻ اوهان جو سچو پچو کلڻ آهي.
سلطان: ها، مس زرينہ! اڄ محسوس ٿيو تہ مان مصنوعيت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهيان. زندگي حقيقت بڻجي منھنجي آڏو اچي بيٺي آهي. توهان ڀلي منھنجو علاج ڪريو. نشتر کڻو. پر مون جيڪي هن گهڙيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي. ان لاءِ نشتر کڻڻ جو ضرور ناهي.
زرينہ: توهان سمجهيو تہ آءٌ وڍڪٽ جو سامان کڻي ٿي آيس، ائين نہ! (کلي ٿي)
سلطان: مس زرينہ! مذاق نہ ڪريو، مون کي ڏک ٿيندو.
زرينہ: نہ مسٽر سلطان! مان اوهان سان مذاق نٿي ڪريان. اسان جي جھڙي نموني ملاقات ٿي ۽ جھڙي قسم جو سٻنڌ ٿي ويو آهي، مان ائين ٿي چوان تہ اسين ٻہ ڀٽڪيل راهي هئاسون. اسان جڏهن ملون ٿا، الائجي ڇو مون کي منزل جو احساس ٿو ٿئي.
سلطان: مس زرينہ! اسين رڻ جا راهي آهيون، رڃ جا رولاڪ! آءٌ تہ رڃ کي منزل سمجهي زندگيءَ جي بيابان ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان. پر سچ پچ تہ جنھن ڏينھن مان اوهان سان مليس ۽ اوهان جون ڳالھيون ٻڌم تہ محسوس ٿيم تہ منھنجي منزل ويجهو اچي ويئي آهي. پر اهو سوچي تہ شايد اوهان جي ڪا ٻي منزل هجي، مون اچڻ ڇڏي ڏنو.
زرينہ: ڊاڪٽر!
سلطان: نہ زرينہ، ”سلطان“!
زرينہ: سلطان! سلطان! آءٌ ڪيئن ٻڌايان تہ اڄ تو مون کي ڇا ڏنو آهي. اڄ مايوسين جي تاريڪيءَ ۾ اميد جي شمع روشن ٿي آهي. مسرت ۽ خوشيءَ جي روشني، ازلي آرزو، ازلي خواهش (ويندي) آءٌ... آءٌ... (ڊڪندي ڊڪندي ٻاهر هلي وڃي ٿي).
سلطان: زرينہ! زرينہ! ٻُڌ تہ سهين.
زرينہ: آءٌ وڃان ٿي سلطان! آءٌ وري اينديس، وري اينديس.
سلطان: تون ضرور ايندينءَ زرينہ! هن گهر جي راڻي بڻجي. هن گهر جي سونھن، هن گهر جي خوشي!
(شرناين جي گونج)
سلطان: زرينہ، زرينہ،
زرينہ: جي!
سلطان: زرينہ، اڄ منھنجي خوشين جو ڪاٿو ئي نہ آهي. سوچ تہ سهي. جيڪو ورهين جا ورهين راتين جو ڀٽڪندو رهيو. هُن شھر کان هن شھر تائين، صرف منزل جي تلاش ۾، سڪون جي تلاش ۾، اُن جي آڏو جي ان جي منزل هلي اچي تہ ان کي ڪيڏي نہ خوشي هوندي؟ مون کي تہ سڀڪجهہ ملي ويو آهي. سڀئي خوشيون، سڀئي منزلون.
(9)
(طوفان ۽ مينھن جو آواز،
درين کڙڪڻ جو آواز)
زرينہ: توبھہ! ڪيڏو نہ سخت طوفان آهي. سلطان کي جهليم بہ تہ نہ وڃ، پر هو ڪٿي ٿو مُڙي. الله خير ڪري. منھنجي تہ دل جي کٽ کٽ وڃي ئي نٿي. بيقراري ٿي پئي آهي. ننڍڙو اسلم بہ مس مس ستو آهي. طوفان جي شور تي جاڳي پيو تہ آزار ٻاري ڏيندو.
(در کڙڪي ٿو، آهستي پوءِ ڏاڍيان)
زرينہ: ڊاڪٽر اچي ويو! آيس ڊاڪٽر، تو بہ انصاف ڪيو آهي. (در کولڻ جو آواز) اوه! تون ڪير آهين؟ تون صغر! اچ اصغر. اصغر، تون سڄو مينھن ۾ ڀِڄي ويو آهين. اندر اچ، سخت طوفان آهي، تون اندر تہ اچ.
اصغر: طوفان کان ڊپ ٿي ڪرين.
زرينہ: اصغر! توکي ڇا ٿي ويو آهي. مون کي طوفان کان نہ پر توکان خوف آهي. تون... تون... ائين مون ڏي نہ وڌ، اصغر!
اصغر: زرينہ! مون کان نہ ڊڄ. مون تنھنجي حڪم جي تعميل ڪئي. رڳو اهو سمجهي تہ اهڙيءَ طرح من ڪو دل کي قرار ۽ سڪون اچي، پر، مون کي ڪجهہ بہ نہ مليو. ڪجهہ بہ نہ زرينہ! منھنجي اميدن ۽ آسن جو دامن ائين جو ائين خالي رهيو.
زرينہ: اصغر! مون کي بيحد افسوس آهي. مون... مون تہ هميشہ توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ... تہ...
اصغر: تہ تنھنجو مون سان پيار نہ هو، ائين نہ...
زرينہ: ائين تہ آءٌ نٿي چئي سگهان، پر ايترو ضرور آهي تہ مون ڪڏهن بہ توکي پنھنجي منزل نہ سمجهيو. ان ڪري ئي آءٌ هميشہ ذهني عذاب ۾ مبتلا رهيس. مون ذهني طور ڪڏهن بہ توکي قبول نہ ڪيو. آءٌ تنھنجي ڪري هميشہ پنھنجي ذهن سان بغاوت ڪندي هيس ۽ اُها بغاوت ڪيڏي نہ بيقرار ڪندڙ هئي.
اصغر: ليڪن تو مون کي تہ ائين محسوس ڪرايو تہ تنھنجو مون سان پيار آهي. تون منھنجي آهين. تنھنجو اهي مٺيون وڻندڙ ڳالھيون، پيار جو احساس. تون چوين ٿي تہ تنھنجو مون سان ڪنھن بہ قسم جو پيار نہ هو! تون ائين چئي پنھنجو پاڻ کي بيوفائيءَ جي الزام کان ڇڏائي نٿي سگهين.
اصغر! خدا جي واسطي مون کي ڇڏ. مون گهڻي مشڪل ۽ تڪليف کان پوءِ اها خوشي حاصل ڪئي آهي. منھنجي خوشي مون کان نہ ڦر، اصغر!
اصغر: آءٌ تنھنجي خوشين تي ڌاڙو هڻڻ ڪونہ آيو آهيان. توکي صرف ايترو چوندس تہ هن دل جي ويراني ۾ هاڻي ڪڏهن بہ بھار نہ ايندو، هن گلشن ۾ ڪڏهن بہ گل نہ ٽڙندا. هتي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا واچوڙا اٿندا ۽ منھنجي ساري ڪائنات ان ۾ لڙاٽجي ويندي!
(چرين وانگر کلي ٿو)
زرينہ: اصغر! اصغر! هوش ۾ آءُ...
(اصغر کلندو رهي ٿو)
اصغر! اصغر! پنھنجو پاڻ سنڀال، هي توکي ڇا ٿيندو وڃي؟
(۽ ڪنھن جي تيز قدمن سان ڀڄڻ جو آواز)
زرينہ: اوه! هيءُ ڪير هو؟ ڊاڪٽر سلطان!
(درن جي ٽڪرجڻ جو آواز)
(زور سان) سلطان! سلطان! منھنجو سلطان! هو پاڇو جيڪو هتي بيٺو هو، هو هليو ويو. تاريڪن ۽ اونداهين هميشہ ڪوڙ ڳالھايو آهي. هو انھيءَ ڪوڙ کي سچ سمجهي ويو. هوا ئين مون کي ڇڏي وڃي نٿو سگهي، هو منھنجي زندگي آهي، منھنجو جياپو آهي، هو تہ منھنجي منزل. اُف الا مان ڇا ڪريان!
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)
زرينہ:... ۽ هو جيئن ويو، تيئن نہ موٽيو. پندرهن ورھيہ ٿي ويا آهن، ۽ هاڻ تہ اميد جا آخري ڪرڻا بہ غروب ٿيندا پيا وڃن. مايوسيءَ جي تاريڪي آهستي آهستي وڪوڙيندي وڃي.
(روئي ٿي)
منھنجي باقي حياتي ائين ڪاري رات وانگر اڪيلي ۽ تاريڪ رهندي.
(اجنبي جي سڏڪن جو آواز)
اوه، اوهان بہ رؤ پيا! شايد اوهان بہ دکي آهيو. ڏک سک تہ اسان جي منزل جا رکوال آهن. صبح ٿي چڪو آهي، آءٌ توهان جي نيرن جو بندوبست ڪريان. اوهان کي شايد پري وڃڻو هوندو.
مسافر: نہ، منھنجي منزل منھنجي سامھون آهي. زندگيءَ جي فريبن ۽ ڌوڪن منھنجي سڪون ۽ آرام تي ڌاڙو هڻي منھنجي مسرتن کي قتل ڪيو هو. زرينہ! آءٌ ئي تنھنجو ”سلطان“ آهيان!
زرينہ: سلطان! منھنجا سلطان! هيءُ آءٌ ڇا پيئي ڏسان!
مسافر: ها زرينہ، مون توکي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ ان جي سزا ۾ آءٌ ڀٽڪندو رهيس هڪ راھہ وڃايل مسافر جيان منزل ۽ سُڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيس. مون اصلي منزل کي منزل نہ سمجهيو، پر نظر جو فريب سمجهي فريب ۾ مبتلا رهيس. آءٌ ڇا ٻڌايان زرينہ! مان هينئر ڇا محسوس ڪري رهيو آهيان. پشيماني ۽ خوشيءَ جا احساس مون کي بيھوش ڪري رهيا آهن.
(زرينہ سڏڪا ڀريندي رهي)
(ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي شڪريہ سان)