ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

سو مون سڀ ڄمار…!

لڙي سانجهيءَ جا پاڇا بہ عجب هوندا آهن. نٻل ۽ هيڻا، جهٽ پل ۾ غائب. لهندڙ سج بہ ويل وَهيءَ جيان ويندو آهي آهستي آهستي پنھنجو جوش ۽ جوڀن وڃائيندو. اُنھيءَ ويل لڙي ويندڙ سانجهي ۽ وڃايل سج جي انڌي روشني ۾ بہ مون اُن گهڙيءَ ٻن پتڪڙن جي پدم پدم پيرن وارا ٻہ پاڇا ويندي ويندي وڃايا هئا. مان ايڏو تہ جهُريل هيس ۽ ڪم طاقت ۽ هيڻو هُيس جو اُنھن کي روڪڻ جي سَڌ رکندي بہ روڪي نہ سگهيس ۽ مون اُنھن کي الائجي ڪيئن وڃڻ ڏنو. پريان سندي پار ۽ اُتي جي هوائن جي سڪ ۽ ڇڪ کي شايد ڪير روڪي نٿو سگهي، ڇو تہ هوا پڙهڻ نہ ڄاڻندي آهي، سنيھا نياپا پيئي موڪليندي آهي، پيئي سَٽون ۽ جيءَ جهوٻا ڏيندي آهي. ويندڙن کي ڪنھن نياپي ۽ سنيھي جي هوا پئي ڇڪيو يا ڪنھن ٻي طاقت. رهي ويندڙن مان هِت رڳو مان هيس، جيڪو اهڙي هنڌ بيٺو هيس جت نہ هوا هئي، نہ ڪو سنيھو، نڪو نياپو – مون لاءِ ڄڻ تہ ڪجهہ بہ نہ هو. ائين نہ هو تہ مون کين روڪيو نہ هوندو، رڙيون نہ ڪيون هونديون. پري کان بيھي هٿ لوڏي موڪلائڻ وارو انداز ڪيڏو اثرائتو ئي سهي، پر آهي تہ جُدائي نہ – سا بہ جيئرن جي جدائي. گهڻو ڀڳس، رڙيس، ڳوليم، پر سڀ رستا هِت موٽي آيا ٿي. هِن ئي وڻراھہ تي.
پر مون کي لڳو پئي تہ مان هتي رهڻ ۽ بيھڻ لاءِ مجبور هيس، جو منھنجي اُنھن هوائن ۽ اُنھيءَ هنڌ سان ڪابہ سڃاڻپ ڪانہ هئي. باقي اِها ڪار ضرور هئي تہ ڪيڏانھن ڪاهيان ڪرهو، مان سوچيندي سوچيندي پاڻ سان پاڻ ڀُڻ جهڻ ڪندي ڄڻ تہ ٿڪجي پيو هُيس. اِتي ئي ويھڻ جي ڪئي اٿم. ٽنگون ئي نستيون پيو ڀانيان. وِهڻ جي ڪيان ٿو تہ ويھي نٿو سگهان. نيٺ گوڏن ڀر هڪ وڻ جي اونداهي واري پاسي جُهُڪي ويھي رهيو آهيان. ڪي چوندا آهن تہ سانت ۾ سڪون هوندو آهي، پر ڪي مون وانگر درد ۽ وڇوڙي جا ماريل چوندا آهن تہ سانت پاڻ هورا کورا جو نالو آهي. سانت ۾ ئي تہ طوفان ڊوڙندا ايندا آهن. سڪون تہ سانت جي خوفناڪ خاموشي کان ڊڄي ڀڄي ٻئي پاسي هليو ويندو آهي. مون سان بہ اُهائي ڪار هئي. اندر جي پيڙا اُهوئي ڄاڻي جيڪو اُنھيءَ پيڙا سان گڏ رهي ٿو. مون سان تہ ورهين کان راند پئي ٿي. پيڙا، ڏک، جهوريون جي گڏ هيون، تہ ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ جون سانتيڪيون گهڙيون بہ تہ گهاريون هيم. اڄ جڏهن سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ٻيڙو ڄڻ هوائن جي حوالي ڪري آيو هيس ۽ ڀانيو هيم تہ شايد ائين ئي مالڪ کي منظور آهي، تہ هورا کورا وڌي ويئي هئي. ائين مون سڀ ڪجهہ وسارڻ پئي چاهيو، پر هيڏو اَجگر جيڏو بارُ ڪير کڻي! توهان جي بار کڻو تہ کڻي هيءَ ڀري لاهي توهان جي ڪُلھي تي چاڙهي ڇڏيان. پر بار کڻندو باري. جي گهڻو بار سمجهو تہ پل لاءِ ئي کڻو، پوءِ ڀلي لاهي ڦٽو ڪجو ۽ يقين رکو تہ مان وري کڻي وٺندس. جي گهڙي پل لاءِ بار کڻندو تہ هنياءَ تان تورُ تہ جهڪو ٿيندم. يارو! اهڙي سولائي ڪريو تہ جوُد ڪريو.
هاڻي ٻُڌو، مان هن وڏڙي ڳوٺ جو پراڻو رهواسي تہ نہ آهيان، پر هن ڳوٺ جي چپي چپي کان واقف آهيان جو مان ڀرپاسي جي ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. پنڌ گهڻو؟ بس، ڊوڙي ايندو هوس. هوُ جو اوندھہ ۾ بہ جرڪي پيو. اُهو ماڙي وارو حاويلي وانگي ڪچو پڪو وڏو گهر، رئيس ڪريم بخش جو گهر اٿو. هو تر جو چڱڙو زميندار هيو. اسان سان ڪا مائٽاڻي لِڇ هيس. ماڻھو ڀلو ۽ راڄائتو. اَبي سان قرب جو رستو هيس. امان کي ڀيڻ ڪيو هئائين. ڪو ويڇو سَنڌو نہ هو. اِنھيءَ گهر سان منھنجو تہ عشق هو. ننڍي هوندي کان اڄ تائين جو اِنھيءَ گهر ۾ منھنجي ”سنجها“ رهندي هئي. سنجها ويل جھڙي اَڇي اُجري، مُک روشن روشن. پدمڙن پيرن سان اچڻ واري هيءَ ’سنجها‘ منھنجو سڀ ڪجهہ هئي. ٻالجتيءَ کان وٺي سندس نِسرڻ مون ڏٺو. توڙي جو مون کان عمر ۾ وڏڙي بہ هئي. وڏي ۽ ڊگهي پڌر ۾ اسان ڊوڙون گڏ پاتيون. ڳوٺان هتي جي اسڪول ۾ پڙهڻ اچان تہ بہ مامي ڪريم بخش جي گهر ضرور وڃان. سندس ڊوڙون پَسان ۽ گدگد ٿيان. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا گڏ ڪري کيس ڌويڙي ۽ ڦر ڦر سونٽي واري راند ڪُڏايان. پر سندس ڪي شغل پنھنجا هُيا. گُڏين راند سندس چاھہ وٽان هئي. مامِي شادان کيس پُراڻن ڪپڙن جي بچيل اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏنا هيا. مان وڏڙو ٿيس تہ اٽي ڏڪر ۽ چدن راند ڏي رخ رکيم، هوءَ ساهيڙيون سرتيون ساڻ ڪري پيئي گڏين راند ڪندي هئي. آهستي اهستي پاڻ گڏيون ۽ گڏا ٺاهڻ لڳي، انيڪ اڪيچار گڏيون ۽ گڏا. ماڙيءَ تي کڻي هُنَ اُنھن جي دنيا ٺاهي ۽ ڪئين ئي سانگ رَچايا ۽ لايا سجايا ڪيا. ڪڏهن گُڏن گُڏين جي شادي تہ ڪڏهن ڳيچ پيا ڳائجن. ڪڏهن تاهريءَ جو ڀت پيو رڌجي ۽ کائجي. مان اُنھيءَ دنيا ۾ تڏهن ويندو هيس، جڏهن ماڙيءَ ۾ هوءَ اڪيلي هوندي هئي ۽ سندس پنھنجون سرتيون گهرن ڏي هليون وينديون هيون. ويٺي پنھنجي ليکي اُنھن سان ڳالھيون ڪندي هئي. مان چڱيءَ سانڀر سان هيس، ۽ ويٺو سندس وڻندڙ مُک کي تڪيندو رهندو هيس. نيٺ هڪ ڏينھن چئي ڏنو مانس: ”سنجها!… تون ڪيڏي نہ سھڻي آهين. هِنن چٻن مُنھن وارين گُڏين ۾ تو ڇا ڏٺو آهي؟ تون آئيني ۾ پاڻ کي بہ ڏس ۽ هي اڳڙين جي ڍير مان ٺھيل ڪاري سُٽ سان اُڻيل بدشڪل بوتا بہ ڏس!“
پوءِ هوءَ خار مان مون ڏي نھاريندي هئي. خار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. وارن جون ڪي چڳون لڙي مُنھن تي مڙي اينديون هيس. ”منھنجن هنن شھزادين ۽ شھزادن لاءِ ائين نہ ڳالھايئندو ڪر. هيءُ سڀ منھنجا ساٿي آهن. هيءُ مون سان ڳالھائيندا آهن. مان کلان خوش ٿيان تہ هيءُ بہ کلن ۽ خوش ٿين، جي رُئان تہ هيءُ مون کي پرچائين. توکي ڪھڙي خبر، تون وڃي پَٽ تي چِڌا چُٽِ ۽ اِٽي ڏڪر کيڏ.“
پوءِ مون کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. وقت کي پَرَ آهن. جبل جيڏي جواني پنھنجي سونھن ۽ رعنائي کڻي آئي، مان تہ ٿيس هڪ پورهيت جو پُٽ، پر هڪ سُکيي رئيس جي گهر جي هيءَ نينگر ڄڻ اَپسرا ٿي پيئي.
هڪ ڀُوري، مٿان وري چوٽا واسينگن جيان ڪَرُ کنيو کيس بدنظر کان بچائڻ لاءِ پيا جتن ڪندا هئا. هيءَ جواني کيس تہ راس آئي، پر مون لاءِ وڇوڙو کڻي آئي. ڪا اهڙي چؤپچو ۽ ٻولاچاري ٿي جو امان جو حڪم ٿيو تہ ”هاڻ هُنَ گهر ۾ جوان نياڻي آهي. تنھنجو سنجها سان گهڻو ملڻ بہ ٺيڪ نہ آهي. لامارا ۽ ڦيرا گهٽ ڪر ۽ ڪڏهن قضاني ويندو ڪر.“
منھنجي ماءُ برجستي ۽ زمان ۽ مڪان جا سڀ ڦير ڦند سمجهندي هئي. پر مان کيس ڪيئن ٻُڌايان تہ مان تہ لامارا ۽ ڦيرا ڪو نہ ڏيندو آهيان. مان نہ عقاب آهيان جو هوائن ۾ لامارا ڏيان ۽ اُڏامي جهڙپ ڏيئي کيس جهٽي وٺان. نہ وري مان ڀونئرو آهيان جو سندس واسُ وٺڻ لاءِ پيو مٿائنس ڦيرا ڏيان. مون تي کيس اک کوليندي ئي ڏٺو هو. اک ڇنڀ ۾ مَنَ اندر ڪن اڻڄاتل ناتن جي اُڻت اهڙي تہ ٿي ويئي، جو ڪوريئڙي جھڙي ڪئنري نازڪ ڄاري وانگر ويا مون کي وڪوڙيندا. سنجها هلي تہ سُبڪ رفتار، کِلي تہ چپ مکڙي جيان کُلي پون ۽ پوءِ پيا موتي جرڪن ۽ ڳلن ۾ کُٻَ پون؛ منھن ملوڪ ٿيو پوي. منھنجو وڃڻ ويو گهٽ ٿيندو. ڪجهہ مانُ مريادا، ڪجهہ پڙهڻ خاطر شھر ۾ رهڻ جي ڪري. پر جي ڳوٺ آيس تہ سنجها کان جيڪو منھن موڙي سو ڪافر. ڀلي چرخ آسمان ٻيو هجي. مون هاڻ هر دفعي محسوس پئي ڪيو تہ آهستي آهستي سنجها ويئي پئي وسامندي. ڪاڏي ويون سرتيون ساهيڙيون، ڪاڏي ويا اَبو اَمان، ڪاڏي ويو اوڙو پاڙو ۽ شاديون مُراديون. ماڙيءَ جي طلسم کيس اهڙو ڪو سوگهو ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ ڏينھن جا ڏينھن اُت گذاريندي هئي. رات جو بہ ماڻس يا ماسي ڦاپان زوري هيٺ لاهي ايندس، نہ تہ ٿيو خير! منجهند جو ماسي ڦاپان ماني کڻي ويندس ۽ جي گرھہ کاڌائين تہ ٺيڪ، نہ تہ ٿيو ڀلو! پڻس جي بہ ڏاڍي دل هيس. سو پيو پڇندو، سندس لاءِ لُڇندو، پر هيءَ ڪڏهن لھي اچي پيءُ کي ڀاڪر پائي مِٺي ڏيئي هلي ويندس. ڪڏهن پڻس ڪمري مان اندران ماڙيءَ ڏي ويندڙ ڏکي ڏاڪڻ مٿي چڙهي سھڪندو وٽس پھچندو هو. ڪڏهن ڏسي تہ هوءَ گُڏن گُڏين سان ويٺي ڳالھائيندي، يا پڻس جا آندل ٻارن جي ڪھاڻين جا ڪتاب (جيڪي گهڻو تڻو شھزادن، پرين، جنن، ڀوتن جا قصا ۽ داستان هئا)، پيئي پڙهندي هئي. مامي شادان پرائمري چار درجا پڙهي فائنل پاس ڪئي هئي جو پاڻ شھر جي هئي. جي هجي ها منھنجي ڳوٺ جي يا رئيس ڪريم بخش جي ڳوٺ جي تہ بنھہ اسڪول جو منھن نہ ڏسي سگهي ها. ڪريم بخش ماڙي تي چڙهي ايندو هو تہ بہ کيس سَمڪ نہ رهندي هئي. هوءَ گڏين ۽ گُڏن جي دنيا ۾ يا پڙهڻ ۾ اهڙو تہ غرق هوندي هئي، ڄڻ هِت آهي ئي ڪانہ. هوش ايندس تہ ٽپ ڏيئي پيءُ کي چنبڙي پوندي. سنجها، رئيس ڪريم بخش کي ڏاڍي پياري هئي، جو هيس ئي هڪ اولاد! اهڙو ڀانيائينس جو سنجها چڱي وڏي ٿي ويئي پر هو کيس اُٿارڻ لاءِ ڪجهہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هو.
مان نوڪري سان وڃي لڳو هوس. امان کي پاڻ چيم. اَمان رئيس ڪريم بخش جو رُخ ڏسيو ويٺي هئي. ٻيو تہ رئيس وارا رئيس هئا ۽ اسين بنھہ پَٽ پيل. بابو منھنجو پھريائين مزوري ڪندو هو، پوءِ رئيس جي ڦٽين واري ڪارخاني جو منشي ٿيو. توڙي جو ٻنھي جي دوستي هئي، پري جي مائٽي بہ هئي، پر رئيس هڪ ڌڪ ۾ سڱ ڏيڻ کان انڪاري ٿيو. پر الائجي ڇو منھنجو قضاني اچڻ وڃڻ بند نہ ڪيائين. مون بہ دل ۾ نہ ڪيو. سوچيم تہ سنجها اڄ بہ منھنجي آ، سُڀان بہ منھنجي. اِتي آ تہ بہ منھنجي آ. مامي رئيس جي رُخ جي خبر هئم تہ هو سنجها کي ٻاهر نہ ڪڍندو. هُن کي سنجها سان عشق هو. ٻيو تہ هوءَ کيس هڪ ئي هئي. هوءَ جوان ٿي وئي. پر هو کيس اڃا ٻار سمجهندو هو. اُنھيءَ دفعي جڏهن ڳوٺ ويس تہ هميشہ جيان سنجها سان ملڻ ويس. هوءَ بہ هميشہ جيان ماڙيءَ تي هئي. مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان کٽ تي چڙهيو ويٺيون هيون، پر هيون مُنجهيل ۽ مُوڙهل. ٻانھن کان ڇڪي کڻي پنھنجي ڀرسان وهاريون ۽ آهستي آهستي ڳالھہ کي چوريون:
”ابا، اِجن! تون ئي سنجها کي سمجهاءِ، انھيءَ ماڙيءَ اسان کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي تہ هيٺ بہ نٿي لھي. عجيب ڳالھيون پيئي ڪري. ماسي چئي ٿي تہ مٿس جنن جو اثر ٿي ويو آهي. پڻس کيس ڏسي ٺريو پيو ٺري. تون ڪا واهر ڪر.“
مامي شادان بس ڪئي تہ ماسي ڦاپان شروع ٿي ويئي.
”مُنڍ کان وٺي پئي رڙيون ڪيم تہ ڇوڪرِ کي ماڙيءَ ۾ نہ ڇڏيو. ابا! ڪير ٿو منھنجي ٻُڌي؟ ابي ڏاڏي کان ٻُڌندا اچون تہ اِنھي ماڙيءَ ۾ هُنن جو ديرو آهي.“
”هو ڪير؟“
”هوُ بابا، هُو…! نالو نہ کڻبو، وڏيءَ طاقت وارا آهن. ڪنڌ مروڙيندي دير نہ ڪندا آهن. هاڻ تہ سنجها بہ هُنن جي ٻولي پيئي ڳالھائي. تون پاڻ وڃي ڏس. گُڏيون ۽ گُڏا بہ ڪڍي ڦٽا ڪيا اٿئين. بس هڪ گُڏو کڻي ٺاهيو اٿائين، چئي ٿي تہ اُهو جنن جو شهنشاھہ آهي. بادشاھہ تہ ٻڌوسين، پر هيءُ شهنشاھہ الائي ڪٿان آيو آهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ڇوڪرِ سنئين چئبي؟ پڪ اُنھن جي اثر هيٺ آهي.“
مان يڪدم اُٿي ماڙيءَ ڏي ويندڙ ٻاهرينءَ ڏاڪڻ کان مٿي ويس. کُليل وڏو پڌر لتاڙي ٻن ڪمرن واري ماڙيءَ ۾ داخل ٿيس. در تہ ڪجهہ کُليل هو پر دريون بند هيون. اندر اوندهڙي هئي. سامھون وڏي کٽ تي سنجها ويٺي هئي. سنجها ڀلو وڳو کڻي پاتو هو. مٿان وڏو رئو کڻي وڌو هئائين. ويڙهي ويٺي هئي. ڪمري ۾ اگربتين جي خوشبو هئي. هُن جون اکيون ڪنھن هنڌ کُتل هيون. مون هنڌڳوليو تہ سامھون ڏٺم تہ هڪ وڏي سائيز جو گُڏو ويٺل ڏٺم. مون اُهو گڏو ڪڏهن نہ ڏٺو هو. ويجهو وڃي ڏٺم تہ هيءُ گڏو عجيب هو. تمام گهڻي اڇي ڪپڙي جو ٺھيل هو. اُن جو منھن بہ ڏاڍو سنڀاري سنواري ٺاهيو ويو هو. عجب اِهو تہ سندس مٿي تي ڪلنگي بہ ٺاهي وئي هئي. هوءَ ساڻس چپن ۾ الائي ڇا جو ڇا ڳالھائي رهي هئي. ٻولي ئي ٻي هئي، جيڪا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ هئي. لڳي پيو تہ هوءَ اُنھي گُڏي سان ڳالھائي رهي هئي. مون هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. طاقن ۽ ڏانگاڻن تان ٻيون سڀ گُڏيون غائب هيون. اُن جي جاءِ تي گلدان رکيل هئا. جن ۾ گلاب جا گل سجايل هئا، جن جو هڳاءُ الڳ هو. ڪمري ۾ هيٺ هڪ غاليچو وڇايل هو. اُنھن جي پاسن کان وڏا ٻہ وهاڻا رکيا هئا پيرن کان پٿراڻي رکيل هئي. هڪ هنڌ خوبصورت صُراحي رکيل هئي. ساڻ ٻہ نقشي پيالا بہ رکيل هئا. مون کي هيءُ ڪمرو عجيب لڳو ۽ سوچڻ لڳس تہ ڇا هِتي ڪو ٻيو بہ رهي ٿو! مون پُٺي ورائي سنجها کي ڏٺو. هاڻ هُنَ ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ پوءِ رئي جي پلئہ کي جهولائيندي اُنھيءَ ۾ گڏي کي کڻي ڇاتيءَ لاتو. کٽ تان هڪ لھر سان اُٿي ۽ تيزيءَ سان گڏي کي کڻي اچي هڪ طُول وهاڻي سان ٽيڪ ڏياري وهاريائين. پوءِ پاڻ اُن جي ڀرسان ٻئي طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺي ۽ ڪنڌ کڻي مون ڏي نھاريائين. سندس مُک تي عجيب جوت هئي. منھن ٻھڪيس پئي. پوءِ مون کي اشارو ڪيائين تہ ويھہ. مون سندس ويجهو هيٺ ويھڻ جي ڪئي، پر يڪدم اشارو ڪيائين تہ مان پرڀرو ڪنڊائتو ٿي وهان، پوءِ اشارو ڪيائين تہ بوٽ لاهي وهان. مان سندس سامھون هُيس. پر نہ هُن ڳالھايو پئي، نہ وري مون ئي ڪجهہ ڪڇيو. رَئو هٽيس پئي تہ ڇڪي پيشانيءَ تائين پئي آندائين. اوچتو رَئي جو ٻُڪل هڻي گهُنڊ ڪڍي منھن بہ ڍڪي ڇڏيائين. پوءِ هوءَ جهولڻ لڳي. مان تہ ڄڻ پنڊپاهڻ ٿيو ويٺو هوس. اکر نہ پئي اُڄهيم. ائين گهُنڊ مان اندران ڳالھائين.
”سھڻا شهنشاھہ!… هن کي چئہ تہ هليو وڃي. وقت کوٽي نہ ڪري. هيءُ هنڌ سندس وهڻ جو ناهي.
هيءُ هنڌ اسان جو آهي. چئوس تہ هليو وڃي.“
هاڻ هُن اِنھي گُڏي کي سيري ويجهو ڪيو. پوءِ گهُنڊ اندر کڻي ويئي. اوچتو اندران گهگهي پرڳري آواز ۾ چيائين:
”ميان اِجن!… جنن جو شهنشاھہ توکي حڪم ٿو ڪري تہ هتان هليو وَڃ. هت نہ ايندو ڪر. منھنجو ۽ سنجها جو وقت کوٽي نہ ڪر. هتان هليو وَڃ. پري هليو وَڃ. پنھنجي مُلڪ هليو وڃ، جتان هاڻي آيو آهين، هليو وَڃ، چوانءِ ٿو هليو وَڃ.“
سنجها جو آواز ڳرو ٿيندو پئي ويو، ڄڻ گوڙ وانگر گجي پيو. مون کي مجال نہ ٿي تہ ڪجهہ ڪُڇان. مان اُتان ائين اُٿيس، ڄڻ ڪنھن عامل پنھنجي معمول کي حڪم ڪيو هجي ۽ هُن اُن جي تعميل ڪئي هجي. بوٽ پائي ٻاهر نڪتس. اڱڻ ۾ بيھي رهيس. سوچيم تہ هيءُ سڀ ڇا آهي. اهڙا قصا ڳوٺ ۾ ڪئين ئي پيا ٿيندا هئا. ننڍو هيس تہ ڊڄندو هيس. هاڻ تہ شينھن مڙس هيس. ورهين کان شھر ۾ هيس ۽ وري پڙهيل ڳڙهيل نوڪري وارو ماڻھو، ڪاٿي ٿو ڊپ ٿئي يا اِنھن ڳالھين ۾ اعتبار ۽ ايمان اچي. پڪ ڄاتم تہ سنجها ذهني مرض ۾ مبتلا آهي. هيٺ لٿس تہ مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان اُتي ئي ويٺيون هيون. هنن مون ڏي ائين نھاريو ڄڻ ڪجهہ پڇنديون هجن. مان سندن ڀرسان ويھي رهيس. آهستي آهستي ڳالھہ ڪيم. ”مامي! سنجها بيمار آهي. کيس ڪا ذهني بيماري آهي، جنُ ٻنُ ڪونھي. سنجها کي توهان اڪيلو ڇڏي ڏنو هو سو سوچي سوچي بيمار ٿي پئي آهي. منھنجو هڪ سٺو دوست ڊاڪٽر آهي. اِنھن نفسياتي مرضن جو ماهر آهي. مان اڄ شھر وڃان ٿو، ڏينھن ٻن ۾ کيس وٺي اچان ٿو. ڌڻي ڪندو تہ ٺيڪ ٿي ويندي.“ مامي شادان تہ چُپ هئي پر ماسي ڦاپان پھريائين توبھون ڀريون، نڪ کي موڙا ڏنا، پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪري ڳالھائڻ لڳي:
”توبھہ ڪر ڇورا، توبھہ زاري. هنن لاءِ ڪجهہ نہ چئہ، نالو ئي نہ ڳنھہ. هيءُ ڪنھن کي وٺندا آهن تہ بنھہ ڪو نہ ڇڏين.…“
سالوءَ جي ڇوڪري جنان جو حشر ڏٺو هئيہ. گلان جي ڀاڻيجي شانان مرندي مري ويئي، انھن مان جان نہ ڇٽس. ملان ڇٽي۽ ڀوپي ڪيڏو زور لاتو پر ڪجهہ نہ ٿيو. هوءَ ڇا نالو هيس.
”ماسي! انھن ڳالھين جي مونکي سڀ خبر آهي. توهان ڳوٺ وارن ۽ اُنھن جي مائٽن گڏجي کين ماريو. ڇا جا جن، ڇا جي غيبات، اِنھن مُلن ۽ ڀوپن ئي تہ ڀينگ ڪئي آهي، جنن ۽ غيبات کي ٻيو ڪم ڪونھي جو وتندا عشق ڪندا ۽ ماڻھو آزاريندا. اُٿيس پئي تہ مامي شادان ڀڻڪو ڪڍيو:
”ڊاڪٽر ڀلي وٺي آءُ، پر مامنھين مڃيندو؟ توکي تہ خبر آ تہ حاويليءَ ۾ حڪيم بہ اندر نہ آيو آ. پنھنجي ابي کي چئہ تہ اُهو ڪو مڃائينس. ٻئي جي تہ ٻُڌي ئي نٿو. جوان ڌيءُ ويھاري ڇڏيائين، ڪنھن جي بہ نہ ٻُڌائين. هاڻ ڪجهہ بہ ڪُڇ تہ اُلري ايندو. بس چي، سنجها ٻار آهي، اِها گُڏي گُڏين جي راند آهي، ڀلي پيئي کيڏي. هيءُ عمر آهي گُڏي گُڏين جي راند ڪرڻ جي……“
هوءَ ڳالھائيندي رهي پر مان نڪري آيس. وکون وِچڙيون پئي، سوچن جا ڍير هئا. سھڻي سنجها کي هنن ڄڻ ولوڙي ڦٽو ڪيو هو. هيءَ سنجها تہ نہ هئي، ڪو پاڇو پئي ڀانيم. ڪي اولڙا پئي جرڪيا، ڇا سنجها هئي ۽ هنن منھنجي سنجها کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو آهي! مان ٿڙندو ٿاٻڙندو سڌو ابي وٽ آيس. کيس گهڻي خبر هئي. سربستي ڳالھہ ڪيم تہ ماٺ ٿي ويو. ابو زماني جو ماڻھو هو، اُٿيو ويٺو هو ۽ شھر ڪاروبار سانگي ايندڙ ويندڙ هو. هاڻ تہ مون وٽ اچي رهندو هو. گهر ڪو جاهلن وارو گهر نہ هو. هو جيڏو مون سان پيار ڪندو هو اوڏو سنجها سان. هوءَ بہ سندس هٿن ۾ پَلي وڏي ٿي هئي. پوءِ ڇا جو بابو اُن وقت غريب هيو. بابو منھنجي ڳالھہ ٻڌي ٻڏي ويو هو. ويٺي ويٺي هُنَ ٽپ ڏنو ۽ اُٿي بيھي رهيو.
”اِجن! دير نہ ڪر. وَڃ جيترو جلد ٿي سگهي ڊاڪٽر کي وٺي آ… مان ڄاڻان، ادو ڪريم بخش ڄاڻي… ڪريم بخش ڪير ٿيندو آهي جو هڪ معصوم کي ائين ماري ڇڏي… ٻچا! تون وَڃ، دير نہ ڪر، اُڏامندو وَڃ اُڏامندو اَچ.“
مون نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر عليءَ کي وڃي هٿ ڪيو. پراڻو پڳ مٽ يار ماڻھو هو سو يڪدم هليو آيو. سڌو گهر آياسين، ابو ڄڻ تہ تيار هو. هُن رئيس ڪريم بخش کي راضي ڪري ورتو هو. اسين سِڌو حاويلي وياسين. ماڙيءَ ۾ گهڙياسين تہ سنجها ائين ئي جُهنڊ هنيو ويٺي هئي. گُڏو ساڻ هجيس، اُنھي ئي گهگهي آواز ۾ چيائين:
”ميان اِجو!… وري آيو آهين… پاڻ تہ مرڻ آيو آهين، پر اِنھيءَ ٻئي شودي کي ساڻ ڪري هِت مارائڻ وٺي آيو آهين.… هليا وڃو، نہ تہ ڪنڌ مروڙي ڇڏيندو سانوَ.“
ڊاڪٽر بي ڊپو ٿيو بيٺو هو. پوءِ هوُ اڳتي وڌيو. در دريون کوليائين پوءِ هُن سنجها ڏي رُخ رکيو.
”خبردار، جو اڳتي وڌيو آهين ۽ سنجها کي هٿ لاتو اٿئي.“
”جِن سائين! سنجها بيمار آهي. مان شودو نہ ڊاڪٽر آهيان. مون کي کيس ڏسڻ ڏيو نہ تہ سنجها مري ويندي. پوءِ تون ڇا ڪندين، ٻي سنجها وٺي ايندين؟ جن بادشاھہ تہ ائين نہ ڪندا آهن، تون تہ شهنشاھہ آهين.“ ڊاڪٽر ڳالھايو.
جهٽ پل لاءِ خاموشي ٿي ويئي. ڊاڪٽر عليءَ سَٽ پائي وڃي سنجها جو گهُنڊ کوليو. چوڌاري ڄڻ تہ روشني ڦھلجي وئي. سنجها جو مُک ٻھڪي پيو. هُنَ ڇرڪ ڀريو. ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين. سندس اکيون ٻرن پيون. پوءِ هڪ وڏي چيٽ ڪيائين ۽ مورڇا ٿي ڪري پيئي. ڊاڪٽر سندس هنج مان اُهو شهنشاهي بوتو ڪڍيو ۽ کڻي کٽ تي ُڇلايو. ڊاڪٽر علي صراحيءَ مان پاڻي پيالي ۾ اوتي کڻي آيو. سڄو جو سڄو پيالو سنجها جي منھن ۽ جسم تي کڻي هاريائين. وري ٻيو پيالو ڀري آيو. اُهو هاريائين. ائين سنجها کي ڄڻ تہ وهنجاري ڇڏيائين.
هاڻ سنجها وڏا ساھہ کڻڻ لڳي ۽ هٿ پير هڻڻ لڳي. پوءِ اکيون کوليائين ۽ اُٿي ويٺي. هيڏي هوڏي نھارڻ لڳي. مون هٿ ڏنو مانس ۽ اُٿي بيٺي. اوپرو ماڻھو ڏسي رَئو سولو ڪري اوڍيائين.
”اِجن! ڪيڏي مھل آيو آهين، هيءُ ڪير آهي.“
”سنجها هيٺ هلون؟“ هُن ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي.
هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري اسان سان گڏ ماڙيءَ جي اندرئين ڏاڪڻ تان هيٺ آئي. هيٺ وڏي ڪمري ۾ ماڻس پڻس، ماسي، منھنجو ابو سڀ اُڀي پيرين بيٺا هئا. سنجها سڀن سان سولي ٿي ملي. ائين ئي هئي جيئن هوندي هئي. ماڻھوءَ جھڙو ماڻھو. ڊاڪٽر عليءَ پاڻي گهرائي ڪجهہ پڙهي سنجها کي پياريو. ٻيو گلاس ڀري ڏنائينس. وري ٻُڪَ ڀري پاڻي جا ڇنڊا هنيائينس. پاڻيءَ ۾ ڪا شفا آهي! دير ئي نہ ٿي، جو هوءَ کلي ڳالھائي پيئي! مان حيران تہ ڊاڪٽر علي ڪڏهن کان مُلان مولوي ٿي ويو آهي. پوءِ ڊاڪٽر علي منھنجي هٿان ڊاڪٽري وارو ٿيلھو گهرايو. هڪ ٻئي مٿان ٻہ سُيون هنيائينس. هلو سائين، ڊاڪٽري علاج بہ ٿي ويو. پوءِ ڪجهہ دوائون لکڻ ويٺو تہ عينڪ نہ پئي لڀيس. پوءِ ياد آيس تہ هُن عينڪ لاهي مٿي ڪا کٽ تي رکي هئي. ’يار! عينڪ مٿي رهجي ويئي. ڊوڙ پاءِ ۽ مٿان عينڪ کڻي آ. پڙهي پڙهي هن عمر ۾ ئي انڌا ٿي ويا آهيون‘. مان مٿي پھتس تہ عينڪ کٽ تي نہ هئي. هيٺ ڪري پئي هئي ۽ شيشا ڏري پيا هئس. الائي ڪيئن ڪري! عينڪ کنيم پئي تہ ڏٺم تہ گُڏي وارو بوتو بہ هيٺ ڪريو پيو هو. هيءُ بہ تہ کٽ تي رکيل هو. هيٺ ڪيئن ڪَريو؟ مون بوتي کي کڻي کٽ تي رکيو ۽ پل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس. وهم وساري سوچيم تہ سمجهيم، ڊاڪٽر بي خيالي ۾ کٽ تي عينڪ کڻي اُڇلي هئي ۽ اُن وڃي ڦهڪو ڪيو هوندو.
اِهو بوتو بہ کڻي اُڇليو هئائين ۽ آڌر تي هوندو. دريون در جو کُليا تہ ڪو هوا جي جهوٽي ڪيرايوهوندو. ڊاڪٽر ڪڇيو ڪو نہ، بس اُها ڏريل شيشن واري عينڪ پائي نسخو لکيو ۽ مون کي ڏنائين. رئيس ڪريم بخش اُهو نسخو مون کان ورتو ۽ ابي کي چيائين: ”ادا! هيءُ دوائون شھر کان گهرائي وٺ.“ ڊاڪٽر ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ سنجها جي ويجهو وڃي کيس مٿي تي هٿ رکيائين. ”ڪاڪي هاڻ ٺيڪ ٿي ويندي. توهان ڪو بہ خيال نہ ڪيو. ٺيڪ ٿي ويندينءَ نہ؟“ سنجها ڪنڌ لوڏيو ۽ چُپ رهي. ”دوائون وقت تي کائجانءِ. ٻيو پاڻي جو جام استعمال ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر ڪمري مان نڪري اڱڻ ۾ آيو، پوءِ هلي حويليءَ واري دروازي جي ڪنڊ تي بيھي رهيو. هُن رئيس کي ڪا گهڙي گهوري ڏٺو، پوءِ چيائينس: ”سائين! توهان پاڻ سياڻا آهيو. دُنيا الائي ڪاٿي پھتي آهي. ٻهراڙيون بہ شھر بڻجنديون پيون وڃن، ڇا جا جِنَ، ڇا جا بادشاهه، ڇا جا وري شهنشاهه؟ ڇا جي ڳالھہ ڇاجي مھاڙ. اوهان جي نياڻي هسٽيريا جي مريض آهي، ٻيو ڪجهہ نہ آهي. هنن بند حاويلين ۽ گهرن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪاڪيءَ جي عمر بہ چڱي ٿي وئي آهي. دوائون کيس وقتي آرام ڏينديون. هن بيماري جو علاج ڪاڪيءَ جي شادي ۾ آهي. معاف ڪجو، اِهو اوهان جو گهرو مسئلو آهي. پر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ منھنجو فرض آهي تہ اوهان کي آگاھہ ڪيان. اِهو بہ ٻڌائي ڇڏيان تہ اڳتي هلي اهڙو وقت اَچي سگهي ٿو جو دوائون بہ ڪم نہ ڪن ۽ سندس جان کي خطرو ٿي پوي. وڏي ڳالھہ تہ هي گُهٽ وارو ماحول آهي. شادي ٿيندي تہ ڪاڪي هن ماحول مان بہ نڪرندي، وڌيڪ توهان پاڻ سمجهو آهيو.“
هاڻ هُنَ مامي شادان ڏي ڏٺو. هوءَ بہ اسان سان گڏ بيٺي هئي. مامي شادان تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙهيل بہ هئي. هُن ڳالھہ کي ڪنڌ لوڏيندي هاڪار پئي ڪئي. اوچتو ماميءَ ڳالھايو:
”پر ڊاڪٽر صاحب! سڄي ڳوٺ ۾ هُليل آهي تہ ڇوڪرِ تي تہ جن آيل آهي. هاڻ ساڻس شادي ڪير ڪندو؟ اڳ مِٽيون آيون پر رئيس سائين نہ بيٺو.“
”اِهو توهان جو مسئلو آهي، ڳوليندو تہ ڪانہ ڪا مِٽي لڀي وپندي.“
ڊاڪٽر ڳالھائيندي مون ڏي ڏٺو. پوءِ موڪلائي اڳتي وڌي حاويليءَ جو در ٽپي ڏيڍي اُڪري وڃي ٻاهر نڪتو. ابو ۽ مان ماميءَ ۽ مامي رئيس کان جيسين موڪلائي ٻاهر نڪتاسين تہ ڊاڪٽر علي گهٽي هيٺان رستي تي ڪار وٽ بيٺو هو.
”يار! اِجن! جلدي ڪر، شام تائين ڪلينڪ پھچڻو آهي.“
”ائين ڪيئن ٿيندو.“ ابو کيس زوري گهر وٺي آيو. مانيءَ تي ويٺاسين تہ ڊاڪٽر عليءَ ڳالھہ چوري کيس سنجها سان منھنجي اُلفت ۽ پيار جي چڱيءَ پر خبر هئي جو اسين ٻيئي شھر ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. گڏ رهندا هئاسين. هو وڃي ڊاڪٽر ٿيو، مون وڃي بينڪ ۾ آفيسري ڪئي. ڊاڪٽر پھريائين هٻڪيو پو اٿليو. منھنجي ماءُ کي چيائين:
ا”امان! اڳ جواب ڏنو هئائون، هاڻ هو جواب ڏيڻ جو پوزيشن ۾ نہ آهن. توهان ڳالھہ تہ چوريو.“
”پر ابا! اڳ جي ڳالھہ ٻي هئي. هاڻ اِها کنڀڙاٽين واري مَک ڪير ڳهي؟ غيبات – هاڻي لُٻيل ڇوڪري ڇا ڪنداسين؟“
اِتي مون ڀڙڪو کاڌو، مون کي ڳالھہ بنھہ نہ وڻي.
”امان! ڀلي اوهان سنجها سان شادي نہ ڪرايو، پر هُن لاءِ اهڙا اکر نہ چئو. هوءَ بيمار آهي، هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي. ڪيئن علي؟“
”بالڪل، ذهني مرض ڳرا بہ ٿيندا آهن. هيءَ معمولي مرض هسٽيريا آهي، ڪو شيزوفرينيا يا ڪو ٻيو مرض ڪونھي جنھن ۾ شادي جي منع هجي. هن مرض جو علاج ماحول ۾ تبديلي، مصروفيت ۽ جذبات ۾ ماٺار اچڻ ضروري آهي ۽ شادي ۾ سڀ ڪجهہ آهي. ٻيو نہ تہ هن غريب عاشق جو بہ تہ خيال ڪريو.“
ائين چئي وڏو ٽھڪ ڏنائين. ابو بہ کِليو پر امان سوڻي ويٺي هئي. اِتي ابي ڳالھايو:
”هئڙا جوان پٽ چون ٿا تہ توکي بہ اعتبار ڪرڻ گهرجي. جِنن ٻِنن جون ڳالھيون اجايون آهن. سنجها بيمار آهي. ڊاڪٽر علي سندس علاج بہ ڪري پيو. شادي ٿي تہ ڇوڪرِ بہ سنئين ٿي پوندي. ڇو ٿي ڪم ڦٽائين.“
”مون کي ڇاهي، سڀ راضي آهيو تہ وڃي پاڻ ٻيڙو ٻني لايو. مان وري ادي جن ڏي سڱ گهرڻ نہ وينديس. اڳ ئي بڇڙي ٿي آهيان.“
”چڱو، پوءِ مان ويندس. ڳالھہ ڪھڙي آهي.“ ابو اڳڀرو ٿيو، پر امان ماٺ ماٺ ۾ وڏو ٺڪاءُ ڏنو.
”تون ڀلي ڪراءِ، پر هڪ ڳالھہ ياد رکجانءَ تہ منھنجي پٽ جي سڄي حياتي برباد ٿي ويندي. غيب جو علم رڳو خدا کي، پر توهان غيبات کي سڏي پنھنجي گهر ٿا وٺي اچو ميان! اِجن ۽ ڊاڪٽر ٻہ اکر پڙهي پيا سو ڇا ٿي پيو! جنن جي مخلوق کي ٿا پُٺي ڏين. ڌڻي پيو خير ڪري. ٽري پاسو ڪيو تہ بھتر. باقي مان زال ماڻھو، منھنجو عقل تہ ڏائي کڙي ۾ آهي، ائين نہ؟“
امڙ ڊنل هئي. اسان ٻيئي ماني کائي روانا ٿياسين. ڏينھن ڪو نہ گذريا تہ بابي جو نياپو پھتو تہ هفتو موڪل وٺي پھچ. پھتس تہ ڪم تيار هو. ٻن ٽن ڏينھن اندر مڱڻو، ميندي، نڪاح ۽ شادي هئي. نہ ابي ڪو کٽراڳ ڪيو هو نہ وري مامي رئيس ڪريم بخش ڪو اڊمبر ڪيو. ڏاڍو ڪم سادو ۽ تڪڙو پئي هليو. منھنجو سنجها وارن ڏي وڃڻ بند هو. مون کي سنجها جي طبيعت جي ڳڻتي هئي. مون ڊاڪٽر عليءَ جون ڏنل نيون دوائون کيس موڪلڻ بدران پاڻ وٽ رکيون هيون. سوچيم تہ ٻہ ٽي ڏينھن پيا آهن. هٿ سان کارائيندوسانس. امڙ کان سنجها جو پڇيم تہ اُٿي هلي وئي. وري ويومانس تہ چيائين، ”پاڻ ئي ڏسجانس في الحال ڪجهہ ماٺ آهي، پر ڪنھن مھل چيٽون ڪري بيھوش ٿي ٿئي پوءِ پيا پاڻي هاريوس يا پياريوس. سامت ۾ اچي ٿي تہ سنئين آ. ابا! ڪاٿي ٿو اِهو شهنشاھہ ڇڏيس. هوءَ قابو آ، پُٽ!“
امڙ اُهائي مايوس هئي. جي ابي ۽ منھنجي مرَضي نہ هجي ها، عليءَ جو آسرو نہ هجي ها تہ امڙ ڪڏهن ڪانہ بيھي ها.
شاديءَ واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳ ماسي ڦاپان گهر آئي. مون سمجهيو تہ ائين ملڻ آئي آهي. هَئو مَئو ٽريو تہ پاسو وٺي مون کي سنجها جي چٺي ڏنائين. چٺيءَ ۾ هو ته:
”اِجن! جنن جي شهنشاھہ جو حڪم آهي تہ هيءَ شادي نہ ٿيڻ کپي.
جيئن تہ مان پيءُ ماءُ آڏو بيوس آهيان، ڪڇي نٿي سگهان. ماءُ کي گهڻو سمجهايو اٿم پر ابي جي ڊپ کان هوءَ بہ ڪڇي نٿي. توهان مرد ماڻھو آهيو، همٿ سان گهڻو ڪجهہ ڪري سگهو ٿا. اسان ٻنھين لاءِ بہ بھتر آهي تہ هيءَ شادي نہ ٿئي. اوهان هن شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو نہ تہ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي.…سنجها.“
ماسي ڦاپان تہ هلي وئي پر مان وڏي وسمي ۾ اچي ويس. اسان جھڙن پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن تي شهنشاهن جا فرمان ڪھڙا هلندا؟، اِها تہ ڳالھہ ڪانہ ٿي، پر ڇا سنجها جي پنھنجي مرضي بہ ڪانھي. اِهو وڏو سوال هُيو، پر پوءِ خيال آيم تہ هوءَ پنھنجي وس ۾ ڪانھي. ذهني بيماري هسٽيريا جي اثر هيٺ هوءَ جيڪي وڻيس ڀل چوي. اُهو سڀ سچ ڀانئبو ڇا؟ ڀلي پيئي چوي. مون کي پاڻ تي ڀروسو هو، پنھنجي پيار تي ڀروسو هو. اُميد وڏي شئي آهي، انھي اُميد آسري تي تڳيس پئي. ائين ڪيئن هٿيار ڦٽا ڪبا. شادي ٿي ۽ عزت آبرو سان ٿي. دوستن ۽ راڄ جي چڱن مڙسن پير ڀريو. وڏي ڳالھہ تہ ڪنواريتن بہ وڏو مان ڏنو. رُتبي جي لحاظ کان هو گهڻو مٿي هئا، پر پنھنجائپ ڪري بنھہ وڇائجي ويا. شاديءَ جي رات جا پنھنجا سوڻ، پنھنجا ويس وڳا ۽ رنگ هوندا آهن. منھنجو لائنن لهڻ مھل سنجها سان مُکاميڙو ٿيو. اُن مھل مون حسن کي ماٺيڻي محور ۾ جڪڙيل ڏٺو. هيڏو حُسن، هيڏا جلوا، پر مُک تي خوشي يا ڪنھن انديشي جو اُهڃاڻ بہ نہ هو. هن سرد ۽ خاموش حُسن مون سان ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو. مون کي جڏهن اُنھيءَ ماڙي واري ڪوٺي تي ٻاهرين ڏاڪڻ چاڙهي وٺي ويا تہ ڏٺم تہ اُهو ماڙيءَ وارو ڪمرو بند هو. اُن کي تالو ڏنل هو. ڪوٺي جو پلوڙو ڏنل ٻيو حصو هو ۽ ماڙيءَ جو ٻيو ڪمرو کُليل هو، جنھن کي اندران ڏاڪڻ نہ هئي. اڱڻ باغ بھار هو. وڏي نوار واري کٽ، جنھن جا جنڊيءَ تي پاوا هئا. اُن تي سيج وڇايل هئي. گُلن جون لَڙيون اوسي پاسي لڙڪن پيون. گلاب ۽ موتئي جي هٻڪار هئي. فرش تي گلم غاليچا وڇايل هئا. ڀرسان ٽيبل لڳل ۽ ٽي چار وڏيون آرام ڪرسيون. ٽيبل ميوات ۽ مٺائي سان ڀريل. ننڍڙي ٽپائيءَ تي کير ۽ پاڻي جا جڳ، مڻين ۽ موتين سان جڙيل ڍڪن سان ڍڪيل. وڏن بلبن ۽ جهرمر ڪندڙ ننڍڙين بلبن سان سڄو ڪوٺو روشن هو. روشني ايڏي هئي جو آسمان ۾ ستارا بہ نظر نہ پئي آيا. سنجها بہ روشني ۾ ٻڏل هئي. مون کي مامي شادان، امڙ ۽ ٻيون مايون ڇڏي ويون تہ پوءِ مون سنجها کي چڱي طرح ڏٺو. هوءَ گهونگهٽ ڪڍيو ويٺي هئي. بادلي ۽ ستارن سان ڀريل سنھي رَئي مان مُنھڙو پئي پسايائين. اوچتو هيٺان ڪنھن اِنھن وڏن ننڍن بلبن کي وسايو. عام هلڪا بلب اڱڻ، ڇاپري ۽ ڪمري ۾ پئي ٻريا. اُن جهڪي روشني ۾ تھان وڌ سندس منھن مهڪيو پئي. اُن رئي اندر ڄڻ ڪو بلب روشن هو. مان آهستي سُري ويجهو ٿيس ۽ سندس گهونگهٽ هٽائڻ جي ڪيم. هوءَ اوچتو ٽِپ ڏيئي اُٿي. پيرين اگهاڙي تکي تکي ڪمري ۾ هلي وئي. مون لاءِ تہ ڄڻ سڀ جهڪيون روشنيون بہ وسامي ويون. هُن ڪمري جو درُ ڏئي ڇڏيو. هاڻ مون لاءِ چٽو آسمان ۽ اُن ۾ چٽا تارا هئا، جن جي سونھن پل لاءِ موهيو، پوءِ موھہ وڃائي ويٺا. مان سيج پلنگ تان لھي آرام ڪُرسي تي ٿي ويٺس. ڳپل کَنَ کانپوءِ کڙڪو ٻڌم. ڏٺم تہ ڪمري جو در کُليو ۽ سنجها سامھون هئي. هوءَ آهستي آهستي پيرين اُگهاڙين، ڪاڏي ويا ويس وڳا، ڪاڏي ويو هارُ سينگار، سڄي ڌوتل پوتل، گهر جي اَڇي وڳي ۾ رڙهندي اچي پلنگ تي ويٺي. کٽ جي ايس تي ائين ويٺي هئي ڄڻ آڌر تي ويٺي آهي. پير اڌو گابرا فرش تي ٽڪيل، منھن کُليل ۽ اکيون خالي خالي، هوءَ مون ڏي تڪي رهي هئي. هيءَ ڪنوار سنجها تہ ڪانہ هئي پر مون لاءِ اُهائي سنجها هئي – منھنجو پيار ۽ منھنجي اُميد، منھنجي جهلَ ۽ منھنجو آسرو. هُن مون ڏي جو نھاريو پئي تہ مون بہ سندس اکين ۾ کڻي جهاتي پاتي. پر هُن اکڙيون ڦيرايون ۽ لڪائي ڳالھائڻ شروع ڪيو.
”نيٺ نہ مُڙين! توکي گهڻو جهليم، تو سُٺو نہ ڪيو، تو سٺو نہ ڪيو.“
هُن جو آواز ڏکارو ٿي ويو هو. مان ٽپ ڏئي سندس ڀرسان وڃي ويٺس. سيري کيس سولو ڪري وهاريم. سندس هٿ پڪڙي ڳالھائڻ جي ڪيم. سندس هٿ کهرا ۽ ڇلر لٿل لڳم. ميندي رتن هٿن تان ميندي لاهي نشان ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان ڪوشش ۾ سندس هٿ بہ ڦٽجي پيا هئا پر ان ناتي رتل ميندي رَتي سارتي، رنگ جهڪو ڪندي پر ويندي ڪانہ نہ خوشبو ويندي نہ سونھن، مون سندس کُهرن زخميل هٿن کي کڻي چميو پوءِ کيس ڇڪي کڻي ڇاتي لاتم، بس دير ئي ايتري هئي. الائي هن نازڪ نازنين ۾ ڪٿان طاقت آئي جو هُن هڪ سَٽ ۾ پاڻ کي ڇني ڌار ڪيو ۽ اُڇل ڏئي جو اُڇليو تہ مان پري وڃي غاليچي تي ڪريس. هوءَ ائين جو ائين اڻڄاڻ ويٺي هئي. هوءَ نہ اُٿي آئي ۽ نہ وري ڪو اِظهار ڪيائين. ڌڪ تہ ڪو نہ لڳو پر ڏک ضرور ٿيم. مان اِنھيءَ ڏک ۽ ويچار ۾ اُٿي اڱڻ ۾ پسار ڪرڻ لڳس. اڳتي وڃي پوئتي موٽيس ۽ پوءِ پلوڙي جي پريان ماڙيءَ جي بند ڪمري واري پاسي هليو ويس. اوڏانھن ڪجهہ اوندھہ هئي. اوچتو سنجها دانھن ڪئي، ”ايڏانھن نہ، ايڏانھن نہ.“ ائين منھنجي پيرن ۾ ڪا نرم ۽ ڪئنرو ننڍڙو وجود هو. اُت بہ ’چين چين‘ ڪندڙ چيچٽن جا آواز ٿيا. هاڻ سنجها هن پاسي ڊوڙندي آئي هئي. وٺي دانھون ڪيائين:
”اڙي پري ٿي، اڙي پري ٿي…… تو معصوم چِٿي ڇڏيا. ٻچا ڦٽي ڇڏيا. شهنشاھہ جا ٻچا ماري ڇڏيا…… شهنشاھہ ڪاٿي آهين…
منھنجي آسري تي تو ٻچا ڪيئن ڇڏيا؟… تون ڇو مون کي ۽ هنن ٻچن کي ڇڏي ويو آهين… مون تي اعتبار نہ هيئہ…… اِجو! ڪو الله پڄندءِ…… شهنشاھہ جا ٻچا چچريا اٿئي، جيڪر تنھنجا ٻچا بہ ائين چِٿجن ۽ چچرجن.“
هوءَ هيٺ ويھي روئڻ لڳي. پوءِ يڪدم اُتي اُڀي ڪيل کٽ کي هُن سڌو ڪيو. ڊوڙندي پلوڙي پويان وئي ۽ سيج پلنگ اُجاري سڄو سارو هنڌ گهليندي هن پاسي کڻي آئي ۽ کٽ تي وڇايائين. پوءِ هو هيٺ جهُڪي ۽ ائين ڪا شئي کنيائين، ڄڻ ڪنھن ٻارڙي جي وجود کي کڻندي هجي. پوءِ وري نِوڙي ٻئي وجود کي کنيائين. اشارن سان ٻئي وجود کي بہ کٽ تي ليٽايائين. ائين لڳو پئي ڄڻ کين زور پئي ڏئي. ڪو منھن ڪو هٿ ڪو پير پئي چمي.
پوءِ اهڙي ٻولي ڳالھائڻ لڳي، جيڪا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ هئي. ائين لڳو ڄڻ ٻارن کي پرچائيندي هجي. ڪنھن مھل پنھنجي ٻولي پئي ڳالھايائين: ”نہ من، نہ دل، سور لھي ويندو. توهان جو بابا اِجهو آيو.“ وري ٻي ٻولي پئي ڳالھايائين. هُن سنھي ريشمي پٿراڻي ائين اوڍي، ڪجهہ پاڻ تي ڪجهہ ڄڻ هنن جي وجود تي هوءَ اُتي ئي آهلي پيئي. مان جيڪو ڀِت سان لڳو بيٺو هيس، چُرندو پلوڙي پريان، اُجڙيل سيج پلنگ تي وڃي ويٺس. ڪا فراسي ڪو وهاڻو بچيل هو، اُتي ئي آهلي پيس. ڪا مھل ٿي جو ٻُڌم تہ سنجها ڏاڍيان ڪنھن سان ڳالھائي رهي هئي، اُنھيءَ ئي ٻي ٻولي ۾. مان رڙهي ويس. هُت ڪير ڪو نہ هو، هوءَ ڄڻ هوائن سان ڳالھائي رهي هئي. پوءِ هُن اُهي نہ ڏسڻ ۾ ايندڙ وجود کنيا ۽ هوا ۾ ڇڏيا، ڄڻ ڪنھن کي ڏيندي هجي. ڪا گهڙي هوءَ آسمان کي تڪيندي رهي، پوءِ ساڻي ٿي ڪِري پيئي. مان سندس ويجهو وڃي مٿانئس بيٺس. هوءَ سڄي ڏڪي پئي. ائين هٿ پير هڻي پيئي ڄڻ ڪو بي چين روح هجي. مان يڪدم ڊوڙي پاڻي کڻي آيس. ٻُڪ پاڻي جا هنيامانس، صدري جي کيسي مان گوريون ڪڍيم ۽ ڪيئن نہ ڪيئن ڪري ڀڪوڙيل ڏند کولي کارايون مانس. جهٽ پل ۾ هوءَ هوش ۾ اچي ويئي. کيس وٺي اچي هُنَ پاسي ڪُرسيءَ تي ويھاري، هنڌ ويڙهي کڻي اچي وري سيج سجايم، ۽ هُن کي اُن تي سمھاري ڇڏيم. جهٽ پل ۾ شايد گورين جي اثر جي ڪري سمھي پيئي. مان اُن آرام ڪرسي کي ريڙهي ڀرسان ٿي ويٺو مانس، هوءَ سُتل رهي، مان سڄي رات تارا ڳڻيندو رهجي ويس. هُن صبح جو مون کي ڪرسيءَ تي گهڏندو ڏٺو تہ اُٿي مٿان اچي بيٺي. مان اکين جي وٿين مان کيس ڏٺو پئي. هوءَ ڪمري ۾ وئي، وڳا ويس کڻي هيٺ لھي ويئي. مان ٽوال کڻي ڪوٺي تي ٺھيل ننڍڙي اڌ ڇتيءَ واري غسلخاني ۾ ويس. وهنجي سهنجي آيس تہ هيءَ تيار ٿي ٻيو ڀلو وڳو پائي هلڪو سينگار ڪري، چانھہ کڻي آئي. مون کلي هٿ ملايومانس.
”تو پاڻ هيءَ تڪليف ڇو ڪئي.“
کلي چيائين: ”تون هِت منھنجو مزمان آهين. هيٺ هل، اصل وڏي مزماني تہ امان ڪئي اٿئي.“
واقعي نيرن زبردست هئي. سنجها ڏيکارڻ لاءِ گهڻو آڳو پيڇو پئي ڪيو. مون بہ ساڻس کلي پئي ڳالھايو. پر مامي شادان ۽ امان الائي ڪيئن سمجهي ويون تہ هيءُ سڀ ڏيکاءُ آهي. هنن جو مَنُ اڃا ريڌل ڪونھي. منجهند تائين اسان پنھنجي گهر آياسين. ٻين لاءِ خوشيون، رسمون، کل ڀوڳ ٽھڪ ۽ گهڻا هئا، پر سنجها وڃي موڙهبي. رات تہ ٿي پر مان پنھنجيءَ جاءِ تي مُنجهيل ۽ ڊڳل هجان. هوءَ رکي رکي ڇرڪ پيئي ڀري. هيءُ اسان جي جاءِ جو ننڍڙو پويون اڱڻ هو، ڪوٺو نہ هو، تنھن هوندي بہ هوءَ بي چين ۽ اڌ کُليل آسمان ڏي هر هر پيئي تڪي. ڪنھن ويل ڦڪي کِل کِلي تہ ڪنھن ويل اکيون ڀرجي اچنس. مان ڳلي لاتو مانس تہ اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.
”اِجن! مان ڦاسي پيئي آهيان، توکي ڪھڙي خبر تہ ورهين جا ساٿ
۽ قرب جون گهڙيون ڪھڙيون هونديون آهن. شڪر جو تون ڪٿي ڦاٿو ناهين.“
مان کيس ڇا ٻڌايان تہ منھنجو بہ تہ ورهين جو ساٿ آهي. هيءُ ٻيو ڇا آهي. ڦاٿل کي اَڃا ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ مون کيس دوائون کارائي، ڳري لڳائي ننڊ ڪرائي. هوءَ مون وٽ ائين جو ائين سُتل رهي، جيئن ڪو معصوم ٻارڙو ننڊ ڪندو آهي. ڏينھن ٿيو، مون دير نہ ڪئي، ڇا جا ستاوڙا، ڇاجون رسمون، مون مامي ڪريم بخش ۽ مامي شادان کان هٿ ٻڌي معافي ورتي. سنجها ۽ مامي کي زوريءَ کنڀي کنيم ۽ شھر واري بينڪ طرف ڏنل ننڍڙي پر سھڻي گهر ۾ پھچي دنگ ڪيم. شھر کان پرڀرو، گلن ٻوٽن سان سجايل، ننڍڙو خوبصورت لان، وڏو ورانڊو، اُن ۾ وڏيون دريون، جتان هر ويلي تازي هوا اچي. مان صبح جو سنجها کي لان ۾ وٺيو ويٺو ويندو هئس. شام جو پريم پارڪ، راڻيءَ جو باغ، جت ڪا راڻي يا بادشاھہ يا اُنھن جو شهنشاھہ نہ هو. آهستي آهستي هوءَ مون ڏانھن مائل ٿيندي پئي وئي. ڪوئٽا گهمائڻ وٺي ويومانس تہ ٽڙي پيئي. اُها هلڪي سرد شام هئي جو سج جلدي لَڪن ۾ لڙي ويو. بازار گهمائي ڍير لال لبيس وٺي ڏنا مانس تہ هاڻ مت موڙهل نہ پئي لڳي. گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ ڀرت ڀريل لوئي ويڙهي ويٺي هئي. ڏاڍي خوش هئي. سندس ڳاڙهن ٽڙندڙ ڳلن ۽ مُرڪندڙ چپن کي ڏسندي مون کان رهيو نہ ٿيو. کڻي ڀاڪر ۾ ڀريومانس. آهستي آهستي حجاب ٽُٽندا ويا. هوءَ هنج ۾ جهُلي پيئي. پوءِ تہ جڏهن بہ کيس ڀاڪر ۾ ڀري پنھنجي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندو هئس تہ موٽ ۾ هُن وٽ بہ اڻ مَيو پيار هوندو هو.
مان کيس ڳوٺ گهٽ وٺي ويندو هوس. ساهري گهر وينداهئاسين تہ ڄڻ ڀِت کي هٿ لائي موٽندا هئاسين. ماڙيءَ جو منھن ئي نہ ڏيکاريندو هيومانس. پنھنجي گهر ڏينهڪ ٽڪياسين تہ ٺيڪ، نہ تہ واپس. سنجها شھر وارو گهر اهڙو تہ ٺاهيو هو، جھڙو بهشت برين، گهر پاڻ سهيڙي، ماميءَ سان گڏ رڌي پچائي، پنھنجي رَڌل شئي پنھنجي هٿ سان گرھہ گرھہ ڪري کارائي. ڪاڏي ويا شهنشاهه، ڪاڏي ويون اُن جون شهنشاهيون. ڪڏهن مون کي لڳندو هو تہ هاڻ مان ئي سندس شهنشاھہ آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ماضي موڙهيندو هيس تہ مان وَر ڪيو وَري ايندو هيومانس. اُهو ڪجهہ وسارڻ ۾ ويرم نہ ٿيندي هئي، جيڪو هُن جو پنھنجو جھان هو. پر هيءُ نئون جهان، سندس لاءِ خوشيءَ ۽ حيرت جا انبار کڻي آيو هو. ڊاڪٽر علي کيس ڏسڻ ايندو هو، چوندو هو تہ ”سنجها جي اُڀرڻ ۽ نسرڻ جي هيءَ ويل بہ تہ ڏس. مون ڇا چيو مانءِ؟ پر ڪجهہ دوائون اڃا هلنديون. ٻيو تہ ڳوٺ گهٽ وڃبو. سنجها جا مائٽ يا تنھنجا مائٽ ايندا رهن جو هيءَ وندريل رهندي. ”سڀ مائٽ ايندا رهندا هيا. پر هُن جي وندر گهر ۽ مان هئاسين. ڊاڪٽر علي جڏهن ٻارين ٻچين ايندو هو تہ هوءَ ٻارن پويان مست هوندي هئي.هنن سان گڏ ڊوڙون پائي، کيڏي، کلي خوش ٿئي. هو هليا وڃن تہ اُداس ٿي وڃي. هڪ ڏينھن ڊاڪٽر عليءَ جي ٻارڙن جي وڃڻ کانپوءِ چُپُ ويٺي هئي، تہ چيومانس: ”ڌڻي ڪندو تہ توکي بہ پنھنجا ٻارڙا ٿيندا. تون ڳڻتي نہ ڪر. توکي جو ٻارڙا وڻن ٿا تہ مون کي بہ وڻن ٿا. سَڌَ مون کي نہ هوندي؟ مان ڪو ڳڻتي ڪريان ٿو. مان تہ تنھنجي پيار جو پانڌيئڙو ۽ اُميد سان گڏ جيان ٿو. يپار ۽ اُميد وڏيون شيون آهن.“
هُن اکيون مٿي کنيون تہ اُنھن ۾ اُداسي ۽ مايوسي سان گڏ سوين وسوسا بہ هئا.
”الائجي ٻار ٿين يا نہ ٿين، پر اِجن! مان ڊڄان ٿي.“
”ڊپ ڇا جو؟ مالڪ مھر ڪندو.“
هوءَ چپن ۾ چوڻ لڳي ”ها مالڪ مھر ڪندو، ها مالڪ مھر ڪندو.“
رنگيءَ جا رنگ آهن. سنجها ڳورهاري ٿي تہ سنجها ۽ منھنجا پيءُ ماءُ، مٽ مائٽ ڀيرو نہ ڀڃن. ڀريا مھينا ٿيا تہ مامي شادان چئي تہ پھريون ٻار آهي، اسان جي گهر ٿيندو. مون کيس جواب ڏنو. ٻار بہ ڳرو ٿيندو ويو. سنجها اڳ ئي ڊنل هئي پر پوءِ چوندي هئي، ”مالڪ مھر ڪندو، مالڪ مھر ڪندو،“ ڊاڪٽرياڻي گهڻو خبردار ڪيو هو پر سندس هوشياري خبرداري ڪم نہ ڪيو. ٻارڙو ويچارو اهڙو ڦاٿو جو وڍي ٽُڪي ڪڍيائونس. سنجها تہ ڏک کان ٻيڻي ٿي وئي. مالڪ مٿس مھر نہ ڪئي. مون، ڊاڪٽر علي اُن جي گهر واري ۽ مامي شادان کيس ڏاڍي پرڀائڻ جي ڪئي. عليءَ جي ٻارن کي وهاري ويٺا هوندا هئاسين تہ ٻارن ۾ موھہ رهيس. ڏينھن ۾ هوءَ سنئين ٿي پئي. سال کن ۾ ٻيو ٻار ٿيو. هوءَ اڃا بہ ڊنل هئي. ويچارن ۾ ڳريل، رڳو آت ۽ اُلٽيون کاڌو نہ جوريس.
پيئي تسبي سوريندي هئي. مون ۽ ڊاڪٽر علي وارن وسان نہ گهٽايو. هن دفعي ٻار ڄائو پر وقت کان اڳ اندران ئي جھان ڇڏي آيو هو. ڪمزور ۽ نٻل، جھڙو جهرڪيءَ جو ٻچڙو، پورو بہ خيرڪي ٺھيو هو. هٿ پير لڙڪيل، ڄڻ ڪنھن لتاڙيا هجن. ٻچڙي کي ڏسي روئي پيس. لحد ۾ ڇالاهيانس، پاڻ لھي ويو. سنجها تہ آسرا پلي تسبي بہ ڇڏي ڏني هئي پر مان بہ لُڏيو پيو هئس. دير تائين آفيس ۾ ويھي رهندو هيس يا گاڏي کنيو اجايو پيو ڊوڙائيندو هيس. ڪڏهن پريم پارڪ ۾ پريم اپار تي اڪيلو ويھي سوچيندو هوس.
سنجها آهستي پاڻ سنڀاليو تہ منھنجي حالت ڏسي ويتر ڳري پيئي. مان ئي تہ سندس سھارو هيس، سندس مَن جون سڀ ڳڙکيون هاڻ مون واري پاسي کُلنديون هيون، پر مان اهڙو جُهري پيو هيس، جو منھنجي مَنَ اندر هر وقت واچوڙا پيا گهُلندا هئا. ڳڙکيون پيون لُڏنديون. کُلنديون ۽ بند ٿينديون هيون. ڪجهہ ڏينھن کان مون پوري ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. چانھہ ۽ سگريٽ تي مارو هيو. ڪڏهن بي اختيار کنگهہ اُڀرندي هئي تہ هوءَ بي چين ٿي پوندي هئي. اُن ڏينھن جڏهن ماندو ٿيس تہ منھنجا هٿ کڻي جهليائين ۽ سگريٽ وٺي ڦٽو ڪيائين. پوءِ هٿ چُمڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”منھنجا مٺا، منھنجا سائين! مون کان ڏٺو تہ نٿو ٿئي پر سَٺو بہ نٿو ٿئي. تو هيترو منھنجي لاءِ ڪيو آهي، هاڻ ڪجهہ مون کي بہ ڪرڻ ڏي. ڀلي ٻار ڪھائي ٿين، پر مان ٻار ڄڻيندي رهنديس. توکي ٻار کپن، اجهو مان حاضر آهيان، پوءِ ڀلي ٻار ڄڻيندي مري وڃان.“ هوءَ مون کي مٺيون ڏيڻ لڳي ۽ ڀاڪر پائي چنبڙي پيئي. پر جيئن چيم تہ مَنَ جون ڳڙکيون ڪڏهن بند، ڪڏهن کُليل. سو مان بہ کيس هٽائي سامھون کڻي ويھاريو. منھنجي منَ اندر واچوڙا هئا، مون اڳ ڪڏهن ٻڙڪ نہ ٻوليو هو، اڄ بند ٽٽي پيا.
”اِهو سڀ شهنشاھہ آهي، جنھن منھنجا ٻچا ماريا آهن، منھنجو تہ ڀُلَ ۾ سندس ٻچن تي پير پيو، سندس ٻچا چيڀاٽيم پر ماريم ڪو نہ. هُن تہ منھنجا ٻچا ڪپي ڪوري، چٿي چچري ماري ڇڏيا. پر تون خاموش آهين. اِنھي شهنشاھہ سان مان ڳالھائيندس، جنھن پھريائين منھنجو محبوب ڦريو، مان پنھنجو محبوب پرين اُڏاري کڻي آيس. ايڏي طاقت هيم. انسان ۾ وڏي طاقت آهي. اِهي جن ڇا ڪندا؟ ڪاٿي آ اهو شهنشاهه، ماڙيءَ تي لڪو ويٺو آ نہ، مان ماڙيءَ تي ويندس.“
هوءَ خاموش هئي. سندس منھن هيڊو پيلو ٿي ويو هو. هوءَ آهستي اُٿي ويئي ۽ وڃي گوريون کاڌائين، پاڻي پيتائين ۽ وڃي سمھي پيئي. مان اهڙو جوش ۾ هيس جو گاڏي ڊوڙائيندو وڃي ڳوٺ نڪتس. بند ماڙي کولايم تہ سڀ پريشان ٿيا، جڏهن مٿي پھتس تہ ماڙي اُجڙيل هئي. نہ گلم غاليچا، نہ هنڌپٿراڻيون، نہ هڳاءُ نہ خوشبو، نہ گُڏا نہ گُڏيون – کٽ بہ اونڌي پيئي هئي. چوڌاري ڄڻ مٽي پيئي وسي! مان اُن مٽيءَ ۾ پلٿي هڻي هيٺ ويھي ريس. پاڻي ۾ جي شفا آهي تہ مٽي ۾ بہ ڪا مڻيا آهي. وهڻ سان منُ ماٺو ٿي ويو. ور ور سوچ اِها پئي آيم تہ هيءُ سڄو مانڊاڻ ماڻھوءَ سان آهي. سنجها ڪانھي تہ ڪجهہ بہ نہ آهي. نہ شهنشاھہ آهي نہ سندس غوغاءُ آهي. سندس آواز سنجها هئي. سندس سرجيندڙ سنجها هئي، هيءُ سڀ مانڊاڻ اجايو آهي. مون کي سنجها وٽ موٽي وڃڻ کپي. سڀ ڪجهہ سنجها وٽ ئي آهي. مان تکو موٽيس. رات جو دير سان گهر پھتس. سنجها جاڳي پيئي. مون کيس پيار ڪيو. هوءَ ماٺ هئي. پوءِ پرڀرو ٿي بيٺي. اُتان مون ڏي گهوري چيائين: ”مون تہ پاڻ وٽ شهنشاھہ کي ماري ڇڏيو هو، تون وتين ٿو اُن کي جيئرو ڪندو! تون ماڙيءَ جي مٽيءَ ۾ ڀريو پيو آهين. اِها مٽي هِت نہ ڇنڊجانءِ، اِنھي مٽيءَ ۾ بہ شهنشاھہ آهي.“
مون ڇرڪي پاڻ کي ڏٺو. مون مٽي بہ نہ ڇنڊي هئي. ڪپڙا پير ۽ ٻانھون بہ مٽي ۾ ڀريل هيون. يڪدم مون کيس وراڻيو هو: ”هن مٽيءَ ۾ شهنشاھہ ڪونھي. هيءَ مٽي مون لاءِ خاڪ شفا آهي، جيئن تولاءِ پاڻي. شهنشاھہ جي تو ماري ڇڏيو آهي تہ شهنشاھہ ڪٿي بہ ڪونھي، مون لاءِ سنجها سڀ ڪجهہ آهي.“ مان وهنجڻ هليو ويس. ٻيو وڳو پھري تہ آيس، پر اُن کان اڳ انھيءَ وڳي جي مٽي ڇنڊي چپٽي کن گڏ ڪري رکيم جو سمجهيم پئي تہ اها مٽي سنجها جي پيرن ۽ سڄي ساري وجود جي مٽي آهي، مون جڏهن کيس ويجهو ڪري ڀاڪر پاتو تہ سُڏڪي پيئي.
”ائين مون کي ڇڏي نہ ويندو ڪر. مان اڳيئي مُئي پيئي آهيان، مون کي جيئري تہ دفن نہ ڪر.“
”مان توکي مرڻ نہ ڏيندس.“
مون هُن کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. هُن پنھنجو سڄو سارو وجود ٻن جاڙن ٻارن ۾ منتقل ڪيو. ڪي ٽي چار ورھيہ ٻارڙن سان کيڏندي رهي ۽ آهستي آهستي مرندي ويئي. چيائون تہ کيس برين ٽيومر رهيو آهي. هاڻ وڌيڪ جيئڻ مشڪل آهي. ڪن ڊاڪٽرن تہ چيو تہ هيءُ سڀ جنات غيبات جو اثر ۽ ظهور اُن ڪري هو. ڊاڪٽر علي اِن ڳالھہ کي رد ڪندو رهيو. هو هسٽيريا ۽ نفسيات ۾ يقين رکندو هو. ڪھڙي ڳالھہ تي يقين ڪجي؟ ماڻھو تہ ويچارو هميشہ يقين ۽ اڻ يقين جي ٽياس تي ٽنگيل پئي رهيو آهي. مون سندن نالا ”پيار علي“ ۽ ”اُميد علي“ رکيا هئا. مون لاءِ هو پيار ۽ اُميد جو وڏو اهڃاڻ هئا. مان ازل کان پيار ۽ اُميد لاءِ ڄڻ تہ واجهائيندو رهيو آهيان، سو سنجها پيار ۽ اُميد منھنجي حوالي ڪيا ۽ ائين هلي ويئي ڄڻ هئي ئي ڪانہ! برين ٽيومر جو ڪو عذاب ٿو ٿئي. ڦٿڪندي هئي تہ بہ ڪڇندي نہ هئي. ٻارڙا مٿان بيٺا رئندا هئا. مامي شادان ۽ مان پرچايان تہ بہ نہ پرچن. مون هڪ ڏينھن کين ماءُ سان ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو، اُن ئي ٻوليءَ ۾ جيڪا ڪڏهن سنجها ڳالھائيندي هئي. ڳالھائيندي هو مون کي ڪا ٻي مخلوق ۽ ٻيا لڳا. هئا بہ تہ ٻيا، ڀورا چٽا، وار بہ ڀورا، اکيون نيريون گهريون. هٿ پير ڪونئرڙا، وراءِ تہ رٻڙ وانگي ورن! جيئن جيئن وڏڙا ٿيا تہ ماڻھو کين حيرت سان ڏسندا هئا. ٻوليون ٻولن تہ سنھڙا پر وڻندڙ چيچاٽ جھڙا آواز ڪڍن. ڪڏهن پاڻ ۾ وهن تہ اُهائي اُبتي سُبتي ٻولي ڳالھائين، جيڪا مون کي تہ سمجهہ ۾ ڪانہ پئي اچي، پر مامي شادان ٽڙي پيئي ڪنڌ سان هائو ڪندن. هلندي چلندي پئي اور گهور ٿيندين. منھنجي لاءِ هو منهجو ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ هئا. منھنجو تہ منجهن ساھہ هيو. پنجن جا ٿيا تہ مون کين اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ذهين اهڙا جو هنن جون ماسترياڻيون حيران. ڳوٺ وڃن تہ سڀني جون دليون کٽيو اچن. آهستي آهستي ڪوٺي تي وڃڻ لڳا. اُتي پيا کيڏن. پوءِ ماڙيءَ ۾ ويھي کيڏڻ لڳا. مامي شادان رڙيون ڪري هيٺ لاهيو اچين. ماڙي بند ڪري تہ رڙيون ڪري کولائين. مون کي دانھن ڏنائين مون ڏي خير هو. مون لاءِ شهنشاھہ تہ ڄڻ سنجها سان گڏ مري ويو هو. هيءُ پاڻ ئي ست شهنشاھہ هئا. پر هڪ ڏينھن ويس تہ هيءُ مٿي هئا. مٿي ويس تہ ٻاهر ڪوٺي تي ڪو نہ هئا. هي ماڙيءَ منجهہ سادو گلم جيڪو راند لاءِ وڇارايو هئائون، اُن تي چڙهيا ويٺا هئا. ويٺي اُن ٻي ٻولي ۾ ڪنھن سان پئي ڳالھايون. مان در تي بيھي رهيس. سوچيم تہ هيءُ وري ڇا؟ مان يڪدم اندر داخل ٿيس. هو ماٺ ٿي ويا. مون گهٻرائجي تڪڙ ۾ چيو، ”توهان ڪنھن سان پئي ڳالھايو“، تہ هو چُپ رهيا. پوءِ دڙڪو ڏيندي چيومان، ”ڪڇو ڇو نٿا. سچ ٻڌايو، ڪير هيو؟“ مون کين اڳ ڪڏهن بہ دڙڪو ڪو نہ ڏنو هيو. هُنن منھنجو سخت لھجو ۽ پريشان شڪل ڏٺي تہ ٻنھي يڪ آواز چيو:
”سائين بابا شهنشاھہ سان.“
”سائين بابا، شهنشاهه؟… ڪٿان آيو، ڪير آ شهنشاھہ سائين بابا.“
”هڪ ماڻھو اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڀورو چٽو اسان جھڙو آهي، هو چوندو آهي تہ توهان جو وڏو سائين بابا مان آهيان. مون سان گڏ هلو. مان توهان کي گهمائيندس ڦيرائيندس. ڊيڊي! اسان هُن سان وڃون؟ چئي ٿو تہ مَمان سان بہ اوهان کي ملائيندس. اسان وڃون؟ وڃي چڪر ڏئي اچون. بابا شهنشاھہ چئي ٿو تہ مان اوهان کي موٽائي وٺي ايندس.“
مان سڄو سارو ڇرڪي ويس. هيءُ وري ڪھڙي پنڌ وڃن ٿا؟ اُتان الائجي موٽن يا نہ! وهم وسوسا وري موٽي آيا هئا. الائجي سنجها ڪو شهنشاھہ جو ڀُڻڪو ساڻن ڪڍيو هو. ويندي ڪو ڏس پنڌ ڏسي وئي هين. ڪا ٻولي بہ سيکاري وئي هين. مون ڇڪي کين ٻاهر ڪڍيو. ماڙيءَ کي قلف ڏيندو، کين ٻانھن کان ڇڪيندو ڊوڙندو هيٺ ٿي لٿس تہ ڪن ڏاڪن تي اچي کين هنج ۾ کڻي قابو ڪيم ۽ ڀاڪر ۾ ڀريندو حاويليءَ جي اڱڻ ۾ آيس تہ مامي شادان منھنجي منھن کي ڏٺو. پگهريل جسم، يڪدم دانھن ڪيائين، ”ابا! ڇا ٿيو؟“ مان کيس ڇا ٻڌايان تہ مون سان ڇا ٿيو آهي. ڇا چوانس تہ شهنشاھہ ڄڻ جيئرو ٿي ويو آهي. شهنشاھہ کي هيءُ موٽائي وٺي آيا آهن. مون کيس پريشان ڪرڻ نہ پئي چاهيو. ”مامي، ڪجهہ ناهي، ڏاڪڻ تان تڪڙا لٿا آهيون نہ، ڪيئن پيار، ڪيئن اُميد!“
مامي شادان ٻنھي کي هنج تان لاٿو. ڳرا تہ ڪو نہ هيا. هلڪا جھڙي هوا، پاڻ کڻي کين کنيو. پوءِ هلڪيون ٿڦڙيون هڻندي اهو چوندي وٺي ويئي، ”شيطان ٿي پيا آهيو، پيءُ کي تنگ ڪيو اٿو. هاڻي مٿي وڃڻ بند، مان ڏاڪڻ کي قُلف هڻائي ڇڏيان ٿي.“
مون سوچيو تہ اڄ ئي شھر روانو ٿجي. هت رهڻ ۾ خطرو آهي. اڻڄاتل خطرا وڌيڪ هِنيانءُ ڏڪائيندا آهن. پر مامي شادان چيو تہ ٽپھري تہ ٿي وئي آهي، تون هاڻ تہ آيو آهين. صبح جو خير سان هلنداسين. مان ورانڊي ۾ ويٺو هيس تہ پيار ۽ اُميد ڦري آيا، ”ڊيڊي! گهمڻ هلون.“
مان ڪڏهن ڪڏهن کين ڳوٺ کان ٻاهر هن وڻراھہ تائين گهمائڻ وٺي ايندو هيس. اڄ بہ مان کين هتي گهمائڻ وٺي آيو هيس. مون کي ڪھڙي خبر تہ مون سان ھھڙو ڪيس ٿي ويندو. هيئن آباد دنيا اُجڙي ويندي. ٻني ٻارو ٽپياسين ۽ هن وڻراھہ تي ايندي هنن ڪا شئي ڏٺي. منھنجيون ٻئي چيچون ڇڏائي وٺي ڊوڙيا.
”ڊيڊي! سائين بابا شهنشاھہ!“
هوُ هن وڻراھہ جي ڇيڙي تائين پھچي ڪا گهڙي بيٺا، ڄڻ تہ ڪنھن سان ڳالھايائون. پوءِ مون ڏي منھن ڪري بيٺا ۽ هٿ لوڏيائون، ڄڻ خدا حافظ چوندا هجن، پوءِ ڏاڍيان ايترو سو چيائون، ”ڊيڊي! اسين سائين بابا شهنشاھہ سان ممان ڏي وڃون ٿا. چڪر ڏيئي موٽي اچون ٿا.“
هو ائين تڪڙا تڪڙا هلندا ويا، ڄڻ ڪنھن سونھين سان هجن ۽
ائين پئي لڳو ڄڻ هو ڪنھن جون چيچون پڪڙي پيا وڌن، پيا اڳتي وڌن. منھنجو جسم ڄڻ سُنُ ٿي ويو هو. ٽنگون چوريان تہ ٽنگون نہ چُرن. مان شايد شاڪ ۾ هيس. جيسين اُن شاڪ مان نڪران تہ سامھون ڪجهہ بہ نہ هو. ڊوڙيم ڊُڪيم، رڙيون ڪيون اٿم. اِجهو ساڻو ٿيو اوهان سان حال ورايان ٿو. توهان الائجي آهيو بہ يا نہ، ٻڌو بہ ٿا يا نہ. بس هاڻي اُٿان ٿو. ڪيتري دير ٿي وئي آهي، اوندھہ وڪوڙيندي وڃي ٿي پر ڪھڙي منھن سان گهر وڃان. ”اُميد“ ۽ ”پيار“ جي سڀني عاشقن کي ڇا چوان؟
مون هڪ دفعو وري ڏاڍيان، اُميد ۽ پيار لاءِ پڪاريو آهي. ٻہ چار سڏڙا وَرُ ڪيا اٿم. اوچتو هڪ آلاپ ڪنين پيو اٿم:
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
ڪجهہ پريان باهڙي پيئي ٽمڪي، ڪو فقير هو جيڪو ڏاڍيان سُر سان وَرُ وَرُ آلاپي رهيو هو.
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
الائجي ڇو مون کي اُن ويلي سنجها وري سامھون اچي وئي. جيڪا مھر لاءِ پڪاريندي پاڻ مھر جو مجسمو بڻجي موڪلائي وئي، مون لاءِ مھر، ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ مھر. مان تڪڙو اُن ٽمڪندڙ باهڙي ڏانھن وڌيو آهيان. اُت پھچان ٿو تہ ڏٺم هڪ فقير آهي، جيڪو دونھڙي دُکايو، منھن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي. کڙڪي تي ڪنڌ کڻي، مُرڪيو ۽ وري سُر سان آلاپڻ لڳو آهي.
”حبيبن هيڪار منجهان مھر سڏ ڪيو.“
هاڻ اڳتي چيو اٿائين.
”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هن وري چيو، ”سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهوئي ٿيو.“
هاڻ مان جهڄي پيس ۽ روئڻ لڳس. پوءِ هُن هٿ سان حويليءَ ڏانھن اِشارو ڪيو آهي تہ هاڻي مان اوڏانھن وڃان. مون ۾ اُميد جاڳي آهي. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ ٻنھي چيو هو تہ هو موٽي ايندا. ٻئي رستي کان مَنَ موٽيا هجن. هُنن کي ڳولڻ جو ڪير نہ آيوآهي، سو پڪ سان ڦري گهري پھتا هوندا. اڱڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏندا هوندا. شهنشاھہ جي آهي تہ ايڏو ظالم نٿو ٿي سگهي. باقي سنجها تہ اهڙي ديس وئي آهي جت هوءَ جيئرن جگرن کي ڪيئن روڪيندي. شايد شهنشاھہ ئي هنن کي اڱڻ تي يا ڪوٺي تي نہ تہ ماڙي ۾ ضرور ڇڏي ويو هوندو. مان تڪڙو حاويليءَ ڏي هلندو هلان ٿو، هلندو هلان ٿو. ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ ئي تہ وڌان ٿو، پر آهيان تہ اُهوئي هڪ بيوس انسان، جيڪو هميشہ يقين ۽ اڻ يقين جي ٽياس تي ٽنگيل هوندو آهي ۽ پيو ’پيار‘ ۽ ’اُميد‘ لاءِ واجهائيندو آهي.