’زندگي بڻجي نہ شل سسئي جا سور!‘
جمعي پنھنجي ليکي ڀڻ ڀڻ ويٺي ڪئي، ۽ پوءِ دک درد جي پيڙا وچان ٻانھن ۾ کڻي منھن لڪايائين، ۽ کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. دل چيس تہ ڏاڍيان روئي، پر چوڌاري نظر وڌائين تہ ڪير بہ ڪو نہ هو. هو هڪ اُجاڙ هنڌ بيٺو هو. پر پوءِ چيائين تہ روئندس تہ ڇا ٿيندو؟ نڪي ڪو ٻيو ٻڌندو، ۽ نہ وري ڪو لڙي اچي آٿت ڏيندم ۽ مدد ڪندو. اهو ويچاري هو ماٺ ڪري اُتان اُٿيو. جنھن سر تي ويٺو هو، تنھن کي کڻي اهڙو تہ زور سان زمين تي سٽيائين جو اُها ڀڳي سا ڪا نہ، باقي هڪ اُڇل کائي، ٻيءَ اُڇل سان زمين ۾ پيھي ويئي؛ ۽ کيس ائين محسوس ٿيو تہ حياتيءَ ۽ سورن جو پاڻ ۾ اهڙو ڳانڍاپو آهي، جھڙو زمين ۽ سِرَ جو. هو مٿي کي ڌوڻيندو اڳتي وڌيو.
هو سوچيندو هليو تہ آخر ڇا ٿيندو:هن حياتيءَ جو ڇا ٿيندو، سندس ٻن ٻچڙن جو ڇا ٿيندو، سندس زال زينوءَ جو ڇا ٿيندو، انھيءَ بک جو ڇا ٿيندو، جيڪا ڏينھن کان سندن در اندر پيھي آئي آهي.
ڀرنڊ جو هاري جمعو اڄ شھر ۾ بک مري رهيو هو. اُهو هاري جنھن اَن اُپايو، ٻين جي بُک اُجهائي، اڄ اهو بکايل هو، سندس ٻچڙا بکايل هئا. کيس اُنھيءَ گهر کان بي گهر ڪيو ويو، جنھن ۾ سندس ابن ڏاڏن دونھين دُکائي هئي؛ کائنس اُها زمين کسي ويئي هئي، جنھن تي سندس وڏن ۽ پاڻ لوڙائو ڳائي، هر هلائي جيوَن جياريو هو. اڄ ٻين جي جيوَن کي ڇڏي کيس پنھنجي جيوَن جي ڳڻتي لڳي هئي. زمين تان هڪالجڻ کان پوءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ڪنھن ٻئي زميندار جو هاري ٿي وڃي؛ پر گهڻيءَ هڻ هڻان کان پوءِ بہ کيس مايوس ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ جو زميندار وٽ گهُرَ گهڻي ۽ مال ٿورو وارو حساب هو. کوڙ هاري بي گهر ٿيا هئا. ڪي ڪٿي لڳي ٿي ويا تہ واه، نہ تہ گهڻن شھر جو رستو ورتو هو. سوچ اها هين تہ مزوري ڪري پيٽ پالينداسين. پر شھر ۾ مزوري تہ ڇا، پر حياتي خود ڏکي ٿي پيئي هئي. سورن جا انبار، حياتي مختصر، ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃجي. هڏ هڻي مسين وڃي ڪو ٽڪر نصيب پوندو هون.
پر جمعي کي آئي بہ ٽي هفتا ٿي ويا هئا، پورهئي کي ڳولي ڳولي ساڻو ٿي پيو هو، پر نڪي مزوري نڪي پورهيو، نڪي حياتي؛ هر هنڌ بک ڙي بک !
ڪي ڏينھن تہ زينوءَ جا ٽپڙ وڪڻي هن ڪم ٽپايو. هڪ ڀڳل جهوپڙين مان هڪ جهوپڙي مڙئي ڏوڪڙ سوڪڙ ڏيئي ورتائين. في الحال اَجهو ڪري پوءِ لڳو روزگار پٺيان؛ پر ڏٺائين تہ هت سواءِ پِن جي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪونھي. پنھنجي جسم کي ڏسي شرم پئي آيس تہ ڪيئن پنان. پر اڄ جڏهن هو سوچ ويچار ۾ ڦرندو گهرندو هن ويراني ۾ اچي پھتو هو ۽ پنھنجي بت ڏانھن نھاريو هئائين، تہ کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويو هو تہ هو اڳيون جانٺو جوان جمعو ڪونھي- بس ائين پئي لڳو تہ هو شايد پنڻ جي لائق ٿي ويو آهي.
هو انھيءَ پنڻ ۽ بک جي مسئلي تي ويچاريندو، آهستي آهستي شھر ڏانھن وڌندو ويو. شھر ۾ گهڙندي ئي هن خيال ڪيو تہ پني ڏسجي، پر الائجي ڇو دل ئي نہ مڃيس. هو دل ڏاڍي ڪري هڪ ڀر واريءَ هوٽل جي ٻاهران بيٺو. هوٽل ۾ وڃڻ ۽ نڪرڻ وارا تہ کوڙ هئا، پر هن کي الائجي ائين ڇو محسوس ٿيو تہ هو بہ بکايل آهن. گهڻن جا بت ڏٻرا هئا، ڪپڙا ڦاٽل هئن، منھن تي ويراني، جيڪڏهن ڪن هڪٻئي سان ڳالھايو ٿي تہ سندن چپن تي هڪ ڦڪي بدنما مرڪ ڦھلجيو ٿي ويئي. هوٽل مان گهڻن نڪرندڙن جي منھن مان ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ تہ هو خالي وڃي ۽ خالي اُٿي آيا آهن. شايد اڌ بک، سڄيءَ بک کان وڌيڪ عذاب مثل هئي، جنھنڪري سندن منھن وڌيڪ بي رونق ٿيندا ٿي ويا.
جمعي جي دل چاهيو تہ هو بہ هوٽل ۾ گهڙي وڃي- جي هو ماني کائي نہ سگهي تہ کائيندڙن کي ڏسي مَنَ سندن بکايل پيٽ کي آٿت اچي- پر يڪدم اهو خيال لاهي ڇڏيائين. کيس اِهو هڪ اهڙي عذاب مثل معلوم ٿيو، جنھن لاءِ ڪو بہ ماڻھو ائين چئي ٿي سگهيو تہ هن پنھنجو پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي.
اچانڪ هن کي گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻچڙن جو ۽ زال جو خيال آيو. هن يڪدم ڇرڪ ڀريو. ”الا! مون سڄي ڏينھن ۾ صرف بک جو خيال پئي ڪيو آهي، نڪي ٻچڙن جو...!“ هو تکو تکو شھر جي انھيءَ ڀڳل ڦٽل علائقي ڏانھن آيو، جتي زندگيءَ جاپاسا ڇليل هئا، حياتيءَ جو لباس تار تار هو، ساھہ اُگهاڙو هو، دم بيدم هو.
جمعي جا تکا تکا قدم الائي ڇو جهڪا ٿي ويا. هو پنھنجي جهوپڙيءَ تائين پھچندي بيھي رهيو. پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن نھاريائين- تڏن ۽ مٽيءَ جي ليپ سان ٺھيل هڪ جسم، جو گهڻي قدر ڀُري چڪو هو. سندس اندر اوندھہ هئي- ازل جي اوندھہ. هن جا قدم وڌيا. هو آهستي آهستي ڳوڻين جي ٺھيل آڳر ۾ داخل ٿيو، سندس ٻہ ٻار زمين تي ستل هئا. سندس زال اندر تڏن جي ٺھيل، ڀڳل ڪوٺيءَ ۾ هئي.
هو اندر ويو. زينو ڏيئي کي ٻريل ڪاٺيءَ جي چڻنگ سان ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
”زينو، ڏيئو ائين ڪٿي ٿو ٻري، ٻرڻ لاءِ گهڻي باھہ کپيس.“
زينو ڪاٺي هيٺ رکي ڏانھنس نھاريو.
”ڪجهہ ٿيو؟“
”نہ. ڇا ٿيندو- جڏهن نہ رڳو اسين بُکارا آهيون، پر ڪروڙين بکايل آهن. نہ اُنھن جي لاءِ ڪجهہ ٿيو آهي، نہ اسان لاءِ ڪجهہ ٿيندو.“
”سائين، پوءِ ڀلا آخرڇا ٿيندو. اسين سڀ بک مري وينداسين. اڄ ٽيون ڏينھن لنگهڻ کي هو. مسين مسين ٽڪر پاڙي وارن ڏنو، سو ٻارڙا کائي ستا. سڀاڻي ڇا کائيندا، تنھن جي لاءِ آخر ڇا ڪبو؟“
هن پريشانيءَ وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”زينو، آخر تون ائين ٻڌاءِ تہ مان ڇا ڪريان. مزوري ڪرڻ چاهيم، مزوري نہ ملي؛ پنڻ چاهيم، پني نہ سگهيس؛ آخر ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ توکي ٿو ڏسان تہ هنيانءُ ٿو ڇڄيم. ڇا تنھنجو اڳيون جوڀن، ڀريل جسم، ٽماٽي جھڙا ڳاڙها ڳل ۽ تن تي سُرهيي تيل سان چمڪايل ڪارن وارن جو نقاب...۽ اڄ-اڄ تنھنجو هڏن نڪتل جسم، سڪل پِيلو منھن، اڻڀا وار...اُف-ڇا وري علڻ ۽ حمل جو حال ٿيو آهي!سچي گيھہ ۽ مکڻ ۽ کير تي پليل ڳاڙها ڳٽول ٻار، اڄ بکارا سمھن تہ ڇا، جي ٽڪر اَڌ ملين تہ ڇا. ڀلا، ڪاڏي وڃان؟ الا، ڇا ڪريان؟“
هو روئڻ لڳو. زينو جي اکين ۾ خود ڳوڙها ڀرجي آيا، پر هن يڪدم ڳوڙها رئي جي پلاند ۾ جذب ڪري ڇڏيا. پوءِ ڪجهہ سوچي، جمعي ڏانھن وڌي. سندس هڪ هٿ جمعي جي ڪلھي تي هو، ٻيو هٿ سندس ڳلي جي چوڌاري. هن سندس منھن ۾ نھاريو، ۽ جمعي ڪنڌ مٿي کڻي ڏانھنس نھاريو.
”سائين، جي ائين همٿ هاربي تہ ڇا ٿيندو. مون کي تہ ڀروسو آهي انھيءَ مالڪ تي، جنھن اسان کي خلقيو آهي. هو ضرور ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪندو. آخر هيءَ دنيا بہ تہ هلي پئي، جي ڪروڙين بکايل آهن تہ ڪروڙين جيئن بہ تہ پيا. شايد اهو ڏينھن اچي جو اسين اُنھن ڪروڙين ماڻھن ۾ شامل ٿي وڃون، جن کي جيئڻ جو حق آهي. هن کي آخر ڪجهہ ڪرڻو آهي. جي هو سڀني کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏي تہ کيس خالق ڪير سڏي، سندس نالو ڪير ڳنھي. توهان اُٿو، همٿ سنڀاريو. ڪجهہ نہ ڪجهہ الله ڪندو تہ ٿي پوندو.“
جمعي ٿورو ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ پوءِ ڪنڌ کي ٿورو ڌوڻي، ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ فرش تان اُٿي ٻاهر آيو.
ٻاهر اچڻ سان هڪ هوا جو جهوٽو سندس بت کي لڳو، ۽ هن محسوس ڪيو تہ هو سڄو پگهر ۾ شل هو ۽ انھيءَ جهوٽي ڪجهہ کيس فرحت ڏني آهي. هن جي دل چاهيو تہ اهڙا جهوٽا اچن- من ڪجهہ فرحت ڏين، آٿت ڏين، شايد ساھہ کي آس ٿئي.
هو اڃا هيٺ پيل ڳوڻيءَ تي ويٺو مس تہ زينو ماني کڻي آيس. ٿاليءَ ۾ خشڪ چانور، ٿورو ٻوڙ، مٺا چانور هئا، هو وائڙو ٿي ويو تہ هيءُ سڀ ڪٿان آيو.
”قدرت جو بہ شان آهي. اسين بکارا، تہ ڪن کي گهڻو ڏيئي ڇڏي. پاڙي واري ڪلو خان جي گهر اڄ تہ گهڻو ڪجهہ پڪو هو. جهوپڙي سا اسان وانگر ڀڳل اٿن، پر کائڻ لاءِ ۽ پھرڻ لاءِ سڀ ڪجهہ اٿن. ڏاڍا ٻوڙ پلاءَ پڪا اٿن. جوڻس نوان ڪپڙا کڻي پاتا هئا. ڏاڍو پائوڊر ۽ سُرخي هنئي هئائين. هر هر پئي مون ڏي آئي- شايد ڏيکارڻ- ۽ پوءِ ڏئي ويئي هيءَ ماني، ٻارڙن کاڌي، ڪجهہ توهان لاءِ بچائي رکيم.“
”ها، زينو، ڌڻيءَ جو شان نرالو آهي. جنھن کي وڻيس، تنھن کي ڏئي. ڀلي ججهوئي ڏئين، رڳو اسان کي تڳڻ لاءِ ڏئي. هونئن اسان جا سور گهڻا تہ ڪونھن ڪي- صرف آهي پيٽ جو مسئلو، نہ تہ سور آهن ئي سسئيءَ جي سورن کان بہ گهٽ. ڌڻي جي عرض آگهائي تہ پِن جو ٽڪر پيٽ نہ پويئون.“
”ها، آهن تہ سسئيءَ کان گهٽ سور، پر بک جا سور جڏهن اچي گڏجن ٿا، تہ پوءِ زندگي سڄي سسئيءَ جا سور بنجيو پوي. ماني کائو نہ، ڇا ٿو سوچيوويٺا؟“
”ڪجهہ نہ. تو بہ تہ ماني ڪا نہ کاڌي آهي.“
”توهان کائو، مون کي بک ڪانھي.“
”ڏس، زينو، مون کي وڌيڪ نہ ڏکوءِ، اڳي ئي ڏکويل آهيان. پنل سنل ٽڪر مليو آهي، تہ بہ رزق آهي. هاڻي ائين نہ ٿيندو جو مان کان ويٺو ۽ تون ڏسين ويٺين. ڄاڻ اٿم تہ تون بہ ٽن ڏينھن کان بکايل آهين، ۽ مان بہ. هلي آ تہ کائون.“
جمعي ۽ زينوءَ مڙئي ماني کائي هنياءَ جهل ڪئي. جمعي سمھڻ چاهيو، پر آئيندي جي ڳڻتيءَ کيس سمھڻ نہ ڏنو. هو آهستي ڇنل ڳوڻيءَ تان اُٿيو ۽ در تي ڏنل ٽپڙي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. کڙڪي تي زينوءَ نھاريو.
”ڪاڏي ٿا وڃو؟“
”اِتي ئي، ٻاهر هوا ٿو کان.“
”پري نہ هليا وڃجو. ٻہ پھر تہ رات جا ٿيا هوندا.“
”نہ نہ، اتي ئي ٻاهر بيٺو آهيان.“
هو ٻاهر آيو تہ ڪجهہ سڪون محسوس ڪيائين. کليل هوا کيس ڪافي فرحت ڏني. هن چاهيو تہ انھيءَ سڄي حصي ۾ گهمي، سو هڪ طرف کڻي رخ رکيائين. هڪٻئي ۾ بيٺل ۽ ڳنڀيل جهوپڙيون، گنديون ناليون، سوڙهيون گهٽيون. هو گهڻو پري وڃي نہ سگهيو ۽ واپس موٽڻ لڳو. هن کي انھيءَڳالھہ حيرت ۾ وڌو تہ گهڻين جهوپڙين مان ٽھڪن ۽ خوشيءَ جا آوازٿي آيا- سنھڙن مٺڙن ٽھڪن سان گڏ ڪي بيسُرا ڪرخت ٽھڪ؛ ڪن کي تہ خاموشي ئي نصيب هئي. هن سوچيو تہ اها بہ رب جي جوڙ آهي. ڪٿي سورن جو سانگهارو، ڪٿي خوشيءَ جا انبار. هو آهستي آهستي سوڙهي گندي حصي مان نڪري ساڳئي کليل حصي ۾ آيو، جتي سندس جهوپڙي هئي. اها جمعي جي خوش قسمتي هئي جو کيس جهوپڙي صفا ٻاهرينءَ حد تي ملي هئي. جمعي جي جهوپڙي جي آڏو ميدان هو- خالي، وِيران ميدان، جنھن جي هڪ ڇيڙي تي هي ڇنل ڦاٽل جهوپڙيون هيون.
جمعي کليل هوا ۾ ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ پوءِ هڪ سروٽو کڻي اُن تي ويھي رهيو. ويٺي ويٺي هن آسپاس نھاريو. ڏٺائين تہ ڪلو خان، سندس پاڙيسري، اڇن اُجرن ڪپڙن ۾، پان وات ۾، هر هر اندر ٿي آيو ۽ وري اندر ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪلو سري سندس ويجهو آيو. هن کانئس ڀڳل سنڌيءَ ۾ حال احوال پڇيو.
”ڇا حال هئي، جمعا سائين؟“
”ٺيڪ آهي. تون ٻڌاءِ.“
”بس، موج ئي موج هئي سائين. ٻيڙي پيو.“
”جمعي ڪلوءَ کان ٻيڙي ورتي ۽ تيليءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائين تہ ڪلو خوش خوش هو. ڪا دير هو ماٺ ۾ رهيا. تان تہ هڪ موٽر پڪي رستي تان ميدان ۾ لٿي ۽ سڌو هن ڇيڙي ڏانھن رخ رکيائين. ڪلو ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. سڌو پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن ڀڳو، جمعو وائڙو ٿي ويو. موٽر چيچاٽ ڪندي اچي سندس ڀرسان بيٺي. جمعو بہ ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. انھيءَ موٽر مان هڪ سيٺ ٿلھو متارو، ٿڙندو ٿاٻڙندو لٿو. هن ڪجهہ جمعي کان پڇڻ چاهيو، پر ڪلو تکو تکو موٽر ڏانھن ڀڄندو آيو.
”آئي. سيٺ صاحب، اِدهر تشريف لائي. آئي، سرڪار!“
سيٺ ڪنڌ ڌوڻيندو، هلڪا ٽھڪ ڏيندو، ڪلوءَ سان هليو. جمعي حيرانگيءَ وچان بيٺي تماشو ڏٺو- تان تہ خبر پئي جو سيٺ ڪلوءَ جي جهوپڙي ۾ بنا ڌڙڪ هليو ويو، اڃا جمعو انھيءَ ويچار ۾ هو تہ ڪلو تکو تکو ٻاهر آيو، ۽ يڪدم اچي موٽر جو دروازو کوليائين. جمعي ڏٺو تہ هن اندران نئڙي ڪا شي کنئي. ڪلو پوءِ دروازو بند ڪري پنھنجي جهوپڙي ڏانھن وريو، جمعي جي ڀرسان لنگهيو تہ جمعي جي نظر وڃي ٻن بوتلن تي پئي. ڪلوءَڏانھن نھاريندي پنھنجا پِيلا ڏند ڪڍيا، ۽ بيشرمائيءَ سان هِي –هِي ڪندي پنھنجي هٿ ۾ بوتل سان گڏ جهليل نوٽن جي ٿھي ڏيکاري. الائجي ڇو، جمعي کي ائين محسوس ٿيو جو سڀ ڪجهہ سمجهي چڪو آهي- هو ويرانيءَ ۾ بھار جو مطلب سمجهي چڪو آهي- ڪنھن گل جي خوشبو تي ڀونئر مست ٿي آيو آهي، ۽ سڏي اچڻ وارو هڪ مالھي آهي- انھيءَ باغ جومالھي، جنھن کي ڪنھن ڏينھن اُهو گلن جو ٻوٽو ڏاڍو پيارو هو، پر اڄ جڏهن کيس انھيءَ ٻوٽي جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ هو، تڏهن هو ٻئي ڪنھن کي وٺي آيو آهي تہ من انھيءَ جي اچڻ سان ٻوٽي جي شادابي قائم رهي- پر شايد هن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هيءَ مست هاٿي کيس پنھنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو. ڪلوءَ جي زال هن ڏٺي هئي، ھھڙو حسن هن جهوپڙيءَ ۾! اڄ وري کيس اُهو ڏينھن بہ ياد پئي پيو، جڏهن هن کيس سڄو ڏينھن روئندو ڏٺو هو؛ ۽ کيس اُهو ڏينھن بہ ياد آيو. جڏهن هوءَ تمام خوش هئي، ۽ اڄ ڏينھن تائين خوش رهندي ٿي آئي- شايد هن پاڻ کي حالتن پٽاندر هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو.
الائجي ڇو جمعي کي ڏک ٿيو ۽ چيائين تہ هو هن هڪ بيڪس لاءِ ٻہ ڳوڙها وهائي. پر هو وهائي نہ سگهيو. هن ڪلوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانھن نھاريو. اُتي هينئر روشني گم ٿي چڪي هئي. ڪلو ٻاهر ڏانھنس اچي رهيو هو. هن کي ڪلوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هن يڪدم نظر ڦيرائي ٻين جهوپڙين ڏانھن ڏٺو. چوڌاري اوندھہ جو واسو هو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ هو اوندھہ ۾ سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو آهي: هو انھن ٽھڪن جو سبب ڄاڻي ٿو، هو خوشيءَ جو سبب ڄاڻي ٿو، گهٽين ۾ ڇھل پھل جو سبب ڄاڻي ٿو، هن کي سڄي ماحول کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي دل چاهيو تہ ڀڄي وڃي، پري، جتي هي سڀ ڪجهہ نہ هجي... ۽ واقعي هن قدم کنيا ۽ بيخبريءَ ۾ وڃي ڪلوءَ سان ٽڪريو.
”ڪاڊي، جمعا سيٺ!“
”اِتي، سمھان ٿو وڃي، ننڊ ٿي اچي.“
”اڀي ننڊ! هل تہ عيش ڪريون. نوٽ آهي، نوٽ! ڇمون بائيءَ جو گانو ٻُڌون. هل، هلون، پاگل!“
جمعي جي دل چاهيو تہ هو کيس زال جي ڀڙوي سان پڪاري گاريون ڏئي. پر پوءِ چپ چاپ سور پي، هو پنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن تکو ٿيو.
”اري!اري، ناراج آهي، جمعا! ڇو؟ اوه، مان سمجهيس، مان زال جو ڀڙوو آهي! ها، مان زال کان پيشو ڪرائيس ٿو. ها، پر جمعا سيٺ، ائين نہ ڪرون تہ هي ڪنو پيٽ ڪيئن کائي. مون بہ جمعا سيٺ تو طرح فاقا ڪڍيا، مزوري ڪرڻ لاءِ دوڙيو، پر ڪجهہ نہ ٿيو، دوست، ڪجهہ نہ. نيٺ مون پنھنجي جال کي بيچيو. جال، جا منھنجي زندگي هئي، جمعا! پر هن زندگيءَ کي، زندگي جي ضرورت هئي، جمعا. دنيا ۾ تہ دوست سڀ ڪجهہ چلتا هئي. زندگي کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“
الائجي ڇو جمعي کي ڪلوءَ جي لٿل منھن ۽ بيچارگيءَ مان ڳالھائڻ کي ڏسي رحم اچي ويو، ۽ هن ڪجهہ وڌيڪ نہ سوچي، آهستگيءَ سان ڪلو جي پٺيءَ کي ٺپريو ۽ چپ چاپ پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو. چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن سڄي وايو منڊل تي نظر وڌي. ننڍڙي آڳر ۾ ڦھليل ٽي ڪمزور جسم، ٽِئي معصوم. هو ڪي گهڙيون پنھنجي ٻارن ۽ زال ڏانھن نھاريندو رهيو. پوءِ الائجي ڇو هن کي زينوءَ جي معصوم چھري تي ڏاڍو پيار آيو. هو ڪي وکون کڻي زينوءَ جي مٿن کان بيھي هيٺ جهڪيو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان وارن کي سنواريندي، هن چاهيو تہ زينوءَ جي ڪومل سنھڙن چپڙن کي چمي. جيئن هو جهڪيو، تيئن هن کي ائين لڳو ڄڻ تہ زينوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، ڪجهہ چئي رهيا هئا. هن جو ڪنڌ جتي هو اُتي بيھي ويو. زينو ننڊ ۾ الوٽ وڦلھي رهي هئي- ”سڀاڻي ڇا ٿيندو... ٻچڙا ڇا کائيندا.. .سڀاڻي ڇا ٿيندو...؟“
جمعي جي ڪنن ۾ شيھو ٿي پگهربو ويو. هن سوچيو، ’واقعي سڀاڻي ڇا ٿيندو، ٻچڙا ڪٿان کائيندا‘، هن وٽ هاڻي وڪڻي کائڻ لاءِ بہ تہ ڪجهہ ڪونھي. پر پوءِ الائجي ڇو يڪدم کيس ڪلوءَ جا اکر ياد پيا- ”نيٺ ...مون پنھنجي جال کي بيچيو.. .سيٺ، وڪڻڻ لاءِ باقي جال باقي آهي، ٻيو تہ ڪجهہ ڪونھي.“۽ واقعي جمعي جي دل چيو تہ اِهو بہ داءُ آزمائجي.”زندگيءَ کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“ هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هن کي ڪجهہ سُجهيو نٿي تہ هو ڇا ڪري. ٻاهر ڪير بہ ڪو نہ هو، ڪلو نوٽن جي ٿھيءَ سان شايد عيش ڪرڻ ويو هو. ميونسپالٽيءَ جي بتيءَ جي جهڪي روشني جيتوڻيڪ پري هئي، تہ بہ هو ميدان جو جائزوچڱيءَ پر ٿي وٺي سگهيو. سڄيءَ فضا تي خاموشي ڇانيل هئي. هو رڙهي سيٺ جي بيٺل موٽر جي ڀرسان آيو. موٽر کي هٿ لاتائين تہ ائين محسوس ٿيس تہ ڄڻ برف تي هٿ پيس. هن کي اُها ٿڌاڻ وڻڻ لڳي. هن چاهيو تہ ان جي ٿڌاڻ تي ليٽي پوي، شايد اندر جي اُٻ نڪرڻ بند ٿئي. هو اڃا ڪجهہ سوچي ئي رهيو هو تہ سندس منھن تي روشنيءَ جا ڪرڻا اچي پيا. هن اوڏانھن نھاريو. هڪ موٽر ساڳي راھہ وٺيو ميدان ۾ گهڙي پئي هئي. هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو.
”شايد ڪو سيٺ آهي-“
هن جي دل ڏڪڻ لڳي. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو تہ سندس ساھہ قبض ٿي رهيو هو. هن دل ٻَڌڻ چاهي. پر هن ڏٺو تہ هو سڄو پگهرجي چڪو آهي. هن جي همت سڄي هارجي ويئي. هن سوچيو تہ هو اهو ڀڙوت جو ڪم نٿو ڪري سگهي. هو انھيءَ جي لائق ناهي. هو ڪنھن بہ ڌنڌي جي لائق ناهي. هو ماٺ ڪري هيٺ ويھي رهيو. هن موٽر جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ويٺي ويٺي هن کي خيال ٿيو تہ موٽر ڇو نہ پھتي. هن تڪڙو تڪڙو ميدان ڏانھن نھاريو. نيٺ هن جي نگاھہ موٽر جي پٺين ڳاڙهين بتين تي پئي. موٽر جي سيٺ جو شڪار ڪجهہ پرڀرو وارين جهوپڙين ۾ هو. هن شڪر جو ٿڌو ساھہ کڻڻ چاهيو، پر محسوس ڪيائين تہ ڄڻ هن جي دل چئي رهي آهي تہ اها جيڪر هيڏي اچي ها. هن ’انڪار‘ ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر دل چويس تہ ’ٻچڙن جو ڇا ٿيندو...سڀاڻي ڇا ٿيندو؟“۽ هن جي دل پنھنجو پاڻ ٻڌجڻ لڳي. هن جي همت واپس اچڻ لڳي- ’جيڪر اها موٽر هيڏي اچي...موٽر هيڏي اچي!‘
اچانڪ هن کان دٻيل هلڪي رڙ نڪري ويئي. موٽر اُتان موٽي هن طرف رُخ رکيو هو. جيئن موٽر ويجهو پوندي ٿي ويئي، تيئن هن جي دل وري ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو، موٽر بلڪل ويجهو اچي پئي هئي. هن دل کي ڪافي حد تائين مضبوط ڪيو، پر پوءِ يڪدم ڪجهہ خيال اچي ويس. هو موٽر کي هٿ جو اشارو ڪري، جهوپڙيءَ اندر وٺي ڀڳو. اندر زينو اگهور ننڊ ۾ ستل هئي .تکو تکو ڏانھس وڌيو ۽ جهڪيو. هن کي ائين لڳو تہ سندس هٿ ڏڪڻ لڳا آهن. پر پوءِ هڪ جهٽڪي سان هٿ ڇنڊي زينوءَ کي ڌونڌاڙيائين.
”زينو...زينو...زينو!“
”ڇو؟ڇا هي؟“
”اُٿي، تکي ٿي. اندر تہ هل“
”ڇو؟......“
هوءَ وڌيڪ سوال نہ پڇي سگهي. هو ڪجهہ سمجهي ويئي ۽ شرمائجي ويئي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪوٺيءَ اندر هلي. جمعو تکو تکو ساڻس گڏ ويو. ڀڳل ٽرنڪ کي کولي، منجهس پيل ڦاٽل ڪپڙن کي اُٿلائي پٿلائي هڪ پراڻو پر ڌوتل رئو ڪڍيائين. زينو ڏانھنس ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، کيس رئو ڪڍندي ڏٺائين، تہ ويتر شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. جمعو تکو تکو رئو کڻي ڏانھن آيو، ۽ مٿس وجهڻ چاهيائين. هن کي الائجي ڇو ڏک ٿيڻ لڳو- الائجي ڇو- ڇو؟ هن وڌيڪ سوچڻ يا محسوس ڪرڻ بدران مٿس رئو وڌو.”زينو، تون ٺھي ويھہ، مان اچان ٿو. هن کٽ تي هوءَ ٽنگيل چادر لاهي وڇائي ڇڏ. هان، ٺيڪ آ نہ، ٺيڪ.“
هو وڦلندو تيز تيز ٻاهر هليو ويو. زينوءَ کٽ تي چادر وڌي، وهاڻو رکيو، ۽ ٺھي ٺڪي مٿس ويٺي، هن کي شاديءَ رات ياد پوڻ لڳي. هوءَ يادن کي ياد ڪندي اُداس ٿي ويئي. پوءِ اڄوڪيءَ رات کي ياد ڪندي ڪجهہ خوش ٿي. هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڏکن جي دور مان لنگهندي، اڄ ئي جمعي کيس چڱيءَ طرح ياد ڪيو هو. هوءَ انھيءَ سنھري خواب کي ڏسندي ڏسندي آهلي پئي، ۽ اُنھيءَ ۾ گم ٿي ويئي. هوڏانھن جمعي دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ سيٺ سان ڳالھائڻ مناسب نہ سمجهيو. ماٺ ميٺ ۾، نشي ۾ ڏُت سيٽ کي آڏو هلڻ لاءِ اشارو ڪندي، دروازي جي ڳوڻ مٿي کڻي ڇڏيائين. سيٺ هڪ گندي مشڪ چپن تي آندي ۽ کيسي ۾ هٿ وڌو، هڪ چڱي خاصي ڏهين جي نوٽن جي ٿھي ڪڍي جمعي ڏانھن وڌائي. جمعي ڪي گهڙيون تہ نوٽن تي نظرن کي کُپائي ڇڏيو، ۽ پوءِ نوٽن جي ٿھي ڏڪندڙ هٿن سان ورتائين، سيٺ هِي- هِي ڪندو اندر ٿيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڀريل بوتل هئي. جمعو بہ پٺيان آيس. پوءِ کانئس اڳ نڪري وڃي ڪوٺيءَ جي در تي بيٺو. هن ڳالھائڻ جي ڪئي، پر ڳالھائڻ کانئس نڪري ئي نہ پيو. ڄڀ خشڪ ٿي وڃي تارونءَ سان لڳي هيس. جمعي چپ ۾ رهندي سيٺ آڏو اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ در ڏانھن آڱر کنئي. جڏهن سيٺ وڌي دروٽ آيو، تڏهن جمعي جي آڱر ڪجهہ ڦيرو کائي آهليل زينوءَ ڏانھن اشارو ڪرڻ لڳي. زينوءَ جو جسم ۽ چھرو وڻندڙ ٿي معلوم ٿيا. سيٺ پنھنجي هلڪي کل جاري رکي، هي – هي ڪندي اندر داخل ٿيو. پوءِ پٺي ورائي در ڏيڻ چاهيائين، پر اُن کان اڳ ۾ جمعي جا ڏڪندڙ هٿ درڏانھن وڌي چڪا هئا. هن در کي ٻاهران ڪڙو ڏنو، ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھہ ڀريو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو تہ اهو سک ۽ سڪون جو ساھہ آهي، پر ٻڏل دل ساٿ ئي نٿي ڏنس. لاچار هيٺ ويھي رهيو. سندس نگاهون ستل ٻارن تي پيون.’هي ٻہ زندگيون تہ بچي پيون، جي هڪ زندگي قربان ٿي تہ ڇا ٿيو.‘ هو پوءِ رڙهي ٻارن وٽ ليٽيو ۽ مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳو.۽ پوءِ هن چاهيو تہ آرام ڪري، سڪون واري رات گذاري، جنھن جو صبح اطمينان بخش هوندو. سندس هٿ بي اختيار کيسي ڏانھن وڌي ويا. زور ڏيڻ سان نوٽن چرچر ڪئي. هن خوش ٿيڻ چاهيو، پر هن جي خوشي دٻجي ويئي، جڏهن اندران زينوءَ جو ڏاڍيان ڳالھائڻ، روئڻ، سڏڪا ۽ ڪشمڪش جا آواز ٻڌائين. زينونءَ جو روئڻ تي تيز تر ٿيندو ٿي ويو. هن کي اها خبر ڪا نہ هئي تہ زينو ڪھڙو خواب ڏسڻ لاءِ ستي هئي، ۽ جاڳي کيس هڪ ڀيانڪ خواب ڏسڻو پيو هو. شايد هن کي اها بہ خبر ڪا نہ هئي تہ هوءَ هڪ مشرقي عورت آهي، جيڪا مرڻ گهڙيءَ تائين انھن سنھرن خوابن کي ڇڏي نٿي سگهي؛ هوءَ بہ ڀيانڪ خوابن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي.
زينوءَ جي روئڻ ۽ پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوششن جي آوازن هن کي بي بس ڪري ڇڏيو. هو بي اختيار تڙپي اُٿيو. سندس ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا. هن همٿ کي پڪاريو، دل کي پڪاريو، ڪنھن کيس جواب نہ ڏنو. هن همٿ هاري ڇڏي، دل کي دٻائي ڇڏيو، پر اُتان تہ آواز ئي عجيب ٿي نڪتا.
”جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! توکي ڪھڙو حق آهي جو ڪنھن کان جيئڻ جو حق کسين؟ عصمت کان سواءِ عورت جي زندگي ڪھڙي؟ هن کي بہ تہ جيئڻ جو حق آهي. ڇو تہ اوهان جون زندگيون قربان ٿيون، هن زندگيءَ مٿان؟ ڇو نہ ائين ٿئي؟ ڇو نہ ؟ڇو نہ ڀلا!“ هن ڪنن تي هٿ کڻي رکيا. هوسڄو ڏڪڻ لڳو. هو بيقرار ٿي ويو. سندس مغز ۾ ڌمڪن وانگر آواز پئي آيا. سندس سوچ موٽي آئي- سوچ، جا اڳ ۾ هيترو وقت خاموش هئي، هاڻ موٽي آئي.
”اُف مون هيءُ ڇا ڪيو؟ زينو پنھنجي زال، اُف! منھنجي مٺي، زينو! اُف، مان ...زال جو ڀڙوو!غيرت، عزت-خاندان جي عزت، قوم جي عزت، مون بک جي ڀيٽا رکي! اُف، مون هيءَ ڇا ڪيو؟ پر مان هاڻي ڇا ڪيان؟ او،او الا!“
هو سڄو پگهرجي ويو. سندس جسم ڏڪڻ لڳو هو، ٿڙڪندڙ ٽنگن سان در ڏانھن وڌيو ۽ يڪدم ڪڙو لاهي ڇڏيائين. ڏڪندڙ ٽنگ سان در کي ٿڏو هنيائين.پراڻو درکڙ- کڙ ڪندو کلي ويو.زينو همت وڃائي چڪي هئي، صرف هلڪي جدوجھد باقي ڪري رهي هئي، هو ساڻي ٿي چڪي هئي. وحشي درندو هينئر هن تي ڪافي حد تائين قابو پائي چڪو هو. زينوءَ جا ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي چڪا هئا. سڄي رتورت ٿي وئي هئي. پر هن پڇاڙيءَ تائين عصمت کي برقرار رکڻ ٿي چاهيو. جمعو اِهو منظر ڏسي ڏڪي ويو ۽ بي اختيار تکو تکو سيٺ ڏانھن وڌيو. ڇڪي کيس زينوءَ مٿان پٽيو. هو گهلجي آيو. جمعي کي غيرت جي باھہ ۾ ڪجهہ نظر نٿي آيو. هن ابتا سبتا ٽي چار ڌڪ اهڙا سيٺ کي هنيا جو سيٺ اُتي ساڻو ٿي ڪري پيو. جمعي سھڪندي سھڪندي کيس گھليو ۽ گھليندو، صفا ٻاهر موٽر تائين آيو. سيٺ انھيءَ گھلڻ ۾ ويتر اڌ مئو ٿي ويو. هن آخري ڪوشش ڪري اُٿڻ جي ڪئي، رڙيون ڪرڻ چاهيون، پر جمعي ڪڍندي ئي کيسي مان نوٽن جي ٿھي سندس ٻوٿ تي هنئي. پوءِ اهڙو وٺي ٿڏو هنيائين جو اهو اتي موٽر جي ڦيٿي وٽ پئجي رهيو.
جمعو آهستي آهستي، سھڪندو سھڪندو واپس موٽيو. ڳوڻ کڻي اندر گهڙيو. بي اختيار کانئس ٿڌو ساھہ نڪري ويو. کيس محسوس ٿيو تہ اهو هڪ سڪون جو ساھہ هو. پوءِ آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيو. زينو اُتي ئي هيٺ ساڳئيءَ حالت ۾ ويٺي هئي. جمعي جي قدمن وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن کان ڪنڌ ئي نٿي کڄيو. هو چپ چاپ اُتي ويھي رهيو، هيٺ ڪنڌ ڪريو. الائجي ڇو کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ۽ اُتي ٻانھن ۾ منھن ڪريو روئڻ لڳو. زينو روئڻ جي آواز تي ڪنڌ کنيو ۽ ڪي گهڙيون جمعي کي تڪيندي رهي. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پر هن اُنھن کي ڦاٽل چولي سان اُگهيو ۽ آهستگيءَ سان اُتان اُٿي. سورن هنيل جسم کي گھليندي جمعي وٽ آئي.
جمعي کي الائجي ڇو محسوس ٿي ٿيو تہ انھيءَ روئڻ سان هن کي سڪون ملي رهيو آهي. هو روئندو رهيو. پر اچانڪ هن محسوس ڪيو تہ ڪي قدم وٽس اچي رڪجي ويا آهن. ۽ پوءِ اُهو جسم هيٺ جهڪيو، ڪي ٻانھون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهجي ويون، ۽ هن کي پنھنجن هٿن تي ڪنھن جو ساھہ محسوس ٿيو، ۽ پوءِ پنھنجن هٿن تي هن ڪنھن جي چپن جي گرمائش محسوس ڪئي. جمعي آهستگيءَ سان هٿ هٽائي ڇڏيا. زينو ڏانھنس نھاري رهي هئي. سندس اکين ۾ پيار هو، قرب هو، ۽ اُنھيءَ سان گڏ همٿ هئي، زندگيءَ جو پيغام هو، هو اُنھن اکين ۾ گم ٿي ويو. کيس انھن اکين مان هڪ پيغام مليو- ڄڻ زينو چئي رهي هجي،’سور آهن تہ سسئيءَ جي سورن کان بہ گهٽ-‘ ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان زينو کي سيني سان لاتو، ۽ پوءِ سس پس جي انداز ۾ زينوءَ کي چوڻ لڳو، ”مون کي معاف ڪر، زينو! معاف ڪر، زينو! اسين انھيءَ زندگيءَ جو مقابلو ڪنداسين-ها، مقابلو، انھن سورن جو، سسئيءَ وانگر مقابلو! انھن سورن کي نيٺ شڪست ٿيندي، زينو، ها نہ؟“
”ها، منھنجا سرتاج، ها...“زينو سڏڪندي آهستگيءَ سان وراڻيو، ۽ پوءِ پنھنجو منھن جمعي جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو.