ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 94
  • 51
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

لڳي لڳي واءُ

ڪيترن يارن جي، انھن خيالن کان چڱي پر آگاھہ آهيان تہ منھنجي ڪھاڻين ۾ هاڻ ’موت جو موهه‘ ۽ قبرستان جا قصا مڙيوئي ڪجهہ وڌي ويا آهن. هڪ يار تہ لکيو ئي ائين تہ، منھنجا گهڻا تڻا ڪردار ’موت جي موهه‘ جا ماريل آهن. مان کيس ڇا چوان ۽ ڪيئن ٻڌايان تہ ماڻھوءَ جي اصل حياتي موت کان پوءِ شروع ٿي ٿئي ڇو تہ ڳالھہ آهي ’هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيا‘ واري جنھن کان ڪير بہ انڪاري نہ ٿو ٿي سگهي.هيءُ جيڪي جيءُ جيارا ڏٺل وائٺل. سولا سڌا ماڻھو، ڏاهپ ۽ بزرگي جي رنگ ۾ رڱيل شخص، بھادري ۽ دل وارا جوڌا جوان سھڻيون نسبتون، پکين جيان ٻوليون ڪندڙ مان شان واريون مايون ۽ ڪيترا ٻيا جانب جن مون سان ڪي پل ڪي گهڙيون مس گهاريون. ڪي ڏٺم ڪي چڱي پر بہ نہ ڏٺم ڪي تہ مور نہ ڏٺم. واريءَ جيان هٿ وٿين مان سڀ وهي ويا. سي حيات نہ ڀانيان ۽ اُنھن کي جيءَ ۾ سانڍي نہ رکان تہ مان ڪيئن جيان، هو موت کان پوءِ ڪيئن جيئن. مون لاءِ سڀ جيئرا آهن ۽ جيئرن سان ڪيئن جدائي ڪبي.
هميشہ جيان ڳوٺ وڃان تہ ٻن قبرستانن جو ڀيرو نہ ڀڃبو. هڪ ميان آدُر وارو قبرستان جتي نہ رڳو منھنجا جيئرا جگر پر سنڌ جي سالن جي تاريخ رکندڙ ڪئين ئي جوڌا جوان، ننڍا وڏا ستل آهن. جن ۾ گهنا تڻا بادشاهن ۽ حاڪمن جي جوٽيل جنگين جو بَکُ ٿيا، ڪيرُ تہ کين ياد ڪندو. ٻيو قبرستان آهي شاھہ نصير وارو جتي سنڌ جو عظيم شاعر ڪجهہ عرصو اڳ بنا ڇت نٽهڻ اُس ۾ ستل رَهيو، مينھن ۽ طوفان ۾ ڀڄندو رَهيو. وَري بہ پنھنجي زمين مان ٽڪر دُڪانن لاءِ ڏئي، مقبرو ٺھرايائين، اُهو جنھن بہ جيئن بہ جوڙايو اُنھيءَ کي شاباس ۽ پونيئر جن اُها ڪمائي ڇڏي مقبري جوڙائڻ ۾ لڳرائي اُنھن کي بہ جَسُ هجي. مان اُنھي شاعر ۽ اوسي پاسي سُتل ڪيترن سخين، ڏاتارن ۽ بھادرن کي ڪيئن ماري ڇڏيان، جيڪي سنڌ جي ماڻھن لاءِ جيئري مري ويا پر مون لاءِ هميشہ هوندا سي حيات.
هيل عيد تي ڳوٺ ويس تہ شاھہ نصير جي نئين ٺھيل رنگ ۽ روغن وارو مقبرو ڏٺم پر ٻاهران احاطي ۾ سندن خاندان وارن جون اجڙيل قبرون ڪي ڀُري ويون هيون. ڪن جا تہ شايد رُڳو آثار نشانيہ رهيا. وقت اچي تہ شاھہ نصير جا پونيئر ٻيا ٽڪر وڪڻي اُنھن کي ٺھرائي وجهن. ڪي موزيڪ جي چٽسالي واريون، ڪي لوهي جنگلن ۾ قابو قبرون بہ هُيون پر ڪي پاسيريون قبرون، انھيءَ انتظار ۾ هُيون تہ سندن وارث ڪا سار لهن. اُنھيءَ غريبن جي قبرن ۾ هيل وڏي سيمينٽ ۽ لوهي جنگلي ۾ ٻہ پختيون قبرون پسيم. ويجهو ويس تہ هڪ قبر شهيد رياض جي هئي. ڀرسان سندس پيءُ مرحوم مولا بخش جي هئي. رياض جي قبر اڳ بہ ڪجهہ ڏسڻ جھڙي هئي پر مولا بخش جي قبر ڪا خاص نہ هئي. هيل ڏٺم تہ بيھي رهيس. ڏاڍا رنگ روغن ڏنل هُيا، ٻہ وڏيون سنگ مرمر جون تختيون لڳل هيون. شهيد رياض هڪ پاسي لکيل هو ٻي پاسي شهيد رياض جو والد مولا بخش لکيل هو. هونئن تہ کجين جا ٻہ چار ساوا کنڀ اُڇلائي هليو ويندو هُيس. اَڄ بيھي رَهيس تہ هن گورِ غريب کي ڪنھن نوازيو. شهيد رياض کي تہ سندس پيءُ مولا بخش نوازيو هُيو. پر اُهو ڪير هُيو جنھن کيس شاهوڪارن وارين قبرن سان مقابلي ۾ بيھاريو هو. مٿن وڻن جا ڇانورا ۽ پاسي ۾ گل ٻوٽن جي بھار. مالڪ ڪا مھر ڪئي، يا مولا بخش جا پورهيا ۽ نيڪيون ثاب پيون. توڙي جو پڇاڙي جو سندس رُخ ٻيو ٿي ويو هو. شايد شهيد رياض ئي کيس مئي بہ جياري ويو هو.
مولا بخش کي تہ اوهان سڃاڻندا هوندا، اُهوئي ’ٽڪي ۾ ٻاٽي‘، ”ڌوپار“ ۽ ’ڪنچن ڪايا‘ وارو مولو ڪوهرن وارو. شهيد رياض جو پيءُ مولا بخش مشھور بيلف نہ ٿا سڃاڻو تہ ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا غريب يتيم ڪوهر وڪڻڻ وارا يا سنڌ جي شهيدن جا پيئر يا در در جتيون گسائيندڙ بيلف مري کپي ويا، ڪير ٿو کين ياد ڪري ڪير ٿو کين مانُ ڏي. پر قبرون ٺھرائي مانُ ڏيڻ بہ ڪو مانُ ٿيو. ڪير ٿو قبرستان ۾ وَڃي قبرون پسي يا ڪتبا پڙهي. پر دوستو! مون وٽ انھن بي نام بندن لاءِ وڏو مانُ آهي. مون انھن يتيمن غريبن سان گڏ گهاريو آهي.
مولا بخش عرف مولُو هڪ يتيم ٻار هو ۽ مون کيس پاڻ واري گهٽي ۾ هوڪا ڏيندي ڪُوهر (اوٻاريل چڻا) وڪڻندي ڏٺو. هڪ جست جي ٻاٽيءَ (هنڊي) جي ڍڪ تي اخباري پنا، مرچ مصالحه رکيل، پيو گهٽي گهٽي ڦرندو. سندس ماءُ اسان جي حويلي جي گهرن ۾ پورهيو ڪندي هئي. صبح جو هو اسڪول بہ ويندو هو. منجهند جو پنھنجي ڪرت ڪندو هو. گذر سفر ڏکيو ٿيس تہ پڙهڻ ڇڏي وَڃي ڪن دوڪانن تي ڪم ڪيائين، مزدوري ڪيائين، رَب راضي ٿيس يا ماءُ جي دعا لڳس، هڪ غريب پرور جج کڻي ڪورٽ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ڏنس اُتان ترقي ڪري وَڃي بيلف ٿيو. مولا بخش لاءِ تہ اها وڏي ترقي هئي. اسان جي تَر ۾ ڪورٽ جو بيلف وڏي ڳالھہ آهي. هوڏانھن هڪ هو وَلي محمد جيڪو ڊرائيور مان بيلف ٿيو هو، اُنھيءَ تہ بيلفي مان جايون جوڙايون. سندس اولاد هاڻي لک پتي آهي. جھڙي تهڙي کي هٿ بہ نہ ڏين. اسان جو هيءُ غريب ڪردار اُهو ئي غريب رَهيو. سول ڪورٽ جا سمن يا نوٽيس کڻي وَڃي تہ کيس اُهو يتيم پورهيت سمجهي ماڻھو خرچي تہ ٺھيو پر دڙڪا ۽ گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيندا هُيا. ڪن جي بہ چار ڏوڪڙ ڏنس تہ هٿ پير چمندن ۽ پيو سندن ستن پيڙهين کي دعائون ڪندو پر اسان جي اها ئي ڪوهرن ۽ چڻن واري دوستي هئي، سو هُنَ مون وٽان ڪڏهن ڀيرو نہ ڀڳو. اوطاق تي ايندو هو تہ ويٺا پراڻا ڏينھن ياد ڪندا هُياسين. جڏهن مان ننڍي هوندي کيس سڄي ڏينھن جي خرچي ٽڪو ڏئي ڪجهہ چڻا کائي، گهٽيءَ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏيو وٽس ويٺو هوندو هُيس. ڪو وڏڙو سيٺ صاحب لنگهيو تہ دڙڪو ملندو هُيو، ”اڙي گهورڙيو ٿيندين ڇا هل گهر؟“ گهر ويندو هوس تہ ڏاڏي سانئڻ پڇندي هئي ”ابا مٺل! ڪوهر وٺي آئين؟“ مان ماٺ. وري چوندي، ”مولوءُ کي سڄو سارو ٽڪو ڏئي آئين؟“ مان گهڻي آڏي پڇا تي روئڻھارڪو ٿي ويندو هُيس تہ يڪدم ڇاتيءَ لائي چوندي هُئي ”نہ منھنجا مٺا، تنھنجي لاءِ ٽڪا کوڙ“. اهڙيون وڏڙيون، اهڙيون ڏاڏيون اَڄ ڪٿي؟
مولو مون کان ڪي سال وڏو هو پر هُئو تہ ننڍو نينگر، اَچي حويلي جي ڏيڍي ۾ بہ ويھندو هو حويلي جا ٻارڙا، نينگريون، وڏڙيون ڏيڍيءَ جو ٻاهريون در ٻيڪڙائي اچي کانئس ڪوهر وٺنديون هُين. سندس ڌنڌو وڌيو تہ هڪ وڏي ڇٻي ۾ وَکر وجهڻ لڳو، هاڻ گدامڙي جي چٽڻي بہ ساڻ کڻڻ لڳو. سندس ماءُ جو اندر گهر ۾ ڪم ڪندي هُئي تہ مولوءَ کي ڏيڍي تائين اجازت هئي، گهڻو تڻو وڏڙا بہ کيس نہ روڪيندا هُيا. وڏڙو ٿيو تہ ڏيڍي جا دروازا بہ بند ٿيا ۽ هو ڌڪجي وري وَڃي گهٽيءَ ڀيڙو ٿيو. آهستي آهستي ترقي ڪندي جڏهن مولوءَ مان مولا بخش بڻيو تہ گهٽي لاءِ بہ اوپرو ٿي ويو. مولا بخش جي ماٺ ميٺ ۾ شادي ٿي، ٻارڙا بہ ڄائس ڪو خاص خوشيون ڪونہ ڪيائين. اهو سو ڪيائين تہ بچت سَچت ڪري ٻارڙا پڙهائي وڌائين. ٻارڙا ننڍڙا ئي هُيا تہ عيد تي جڏهن اوطاق تي ملڻ اَچي تہ ٻن پٽن کي وٺيو اَچي. مان کين خرچي ڏيان تہ خوش ٿئي ۽ چوي ”اها خرچي، سونُ آهي“. مان چوانس تہ. ”مولا بخش اها سمنن واري خرچي نہ آهي، اها ٻچڙن جي خرچي آهي“. وراڻيائين ”مٺل سائين الله اهڙو ڏينھن نہ ڏيکاريندو جو مان اوهان تي سمن يا نوٽيس کڻي اَچان ۽ اهڙي خرچي پلئہ پويم. زهر نہ کائي ڇڏيان“.
اسان جي ڪن مائٽن کي ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرڻ جو شوق هُيو. ابن، ڏاڏن، ڏاڏين، پڙ ڏاڏن، پڙ ڏاڏين، نانن ۽ نانين جي ملڪيتن جون وتيندا هُيا دعوائون ڪندا. پھريائين وڏڙن جي فيصلن وسيلي ڌٻڙ ڌونس يا ايلاز منٿن سان حصا وٺندا هُيا پوءِ ڪرائيندا هُيا ڪيس ۽ سول دعوائون. منھنجي اَبي ڏاڏي تي بہ نوٽيس ۽ سمن، پر اُهي ويا جھان ڇڏي تہ مون تي ۽ سڀني خاندان وارن تي نوٽيس ۽ سمن جاري ڪرايائون. مولا بخش کي حڪم ٿيو تہ گهرجي وڏي يعني مون تي تعميل ڪرائي، هُن اشراف جواب ڏنو، حڪم ٿيو ولي محمد عرف وَلوءَ کي. هو اسان وٽ ڊرائيور رَهيو هو. هاڻ جو بيلف ٿيو بجاءِ اوطاق تي اَچي، گهر اَچي، هُل هنگامو ڪيائين ۽ دعوا ڪندڙن جي ڏاڍي نينگر کي وٺي آيو ۽ ٻنھي گڏجي، درَ تي لتون هنيون ۽ بدشد ڳالھايائون. منھنجي نڪرڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ٻئي ڀڄي ويا. وَلي محمد عرف وَلو ڊرائيور پوياڙي جو لڪي نوٽيس اچي در تي چنبڙايو، مون پڙهيو پوءِ رات پيٽ ۾ ڪنھن ڦاڙي لاهي ڇڏيو. مون کي پوءِ خبر پئي تہ اهو مولا بخش هُيو. اها سندس شناس ئي هئي. مان ائين سمجهان ٿو: مولا بخش جو وڏڙو پٽڙو رياض مئٽرڪ پڙهي نڪتو تہ کيس وٺي آيو. ”هن کي پڙهاءِ مون ۾ طاقت نہ آهي، پولي ٽيڪنيڪ ۾ داخلا وٺي ڏينس، بس هيءُ تنھنجو حوالي آهي“.
رياض، سھڻو وڻندڙ، ڏاهو نينگر هو. ننڍي هوندي کان مون وٽ جو ايندو هو تہ ساڻس نہ رڳو ويجهڙائي ٿي بنھہ اولاد وانگر پنھنجائپ محسوس ڪرڻ لڳس. رياض حيدرآباد ۾ پولي ٽيڪنيڪ ڪاليج ۾ پڙهيو. سندس رهائش ۽ ٻيو سڀ خرچ مون تي هُيو. شھر جي لائيف هئي سو رياض بہ رنگ ڪڍيو. هڪ ڏينھن ڳوٺ هجان تہ مولا بخش اوطاق تي آيو.
”مٺل سائين، رياض ڏٺو اٿو“.
”ها، ڇا ٿيو اٿس“.
”وارن جا گل ٿو ٺاهي، پينٽڙي ۽ شرٽ کڻي پاتي اٿائين. هاڻ مون کان ۽ ماءُ کان بہ فيشن لاءِ پئسا ٿو وٺي. هاڻي چئي ٿو تہ جينز ۽ چنهبيارو بوٽ وٺي ڏي“.
”ڏس مولا بخش ڇوڪرو وڏو ٿيو آهي. ڪاليج ۾ پڙهي ٿو هڪ جيڏن سان ضرور هڪ جيڏو ٿيندو. ڀلا فيشن ٿو ڪري، ڪا بدمعاشي يا لچائي تہ نہ ٿو ڪري“.
”سائين ڏسجوس پيا، مون کي رياض اوهان جھڙو کپي. هوشيار، سياڻو، زماني ساز ۽ ترقي ڪري اوهان جهرو آفيسر يا اُستاد ٿئي“.
”مولا بخش، اسان بہ فيشن ڪيا، رڇ بہ سوٽڙا بوٽڙا پائي پيا هلون. دعا ڪرينس تہ رُڳو کَرجي نہ. باقي ڀاڳ ڀلا ٿيس تہ انجنيئر ٿيندو مان کيس ڊپلوما کان پوءِ انجنيرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيندس. ڏسجانءِ تہ ڇا ٿو بڻجي!!“.
مولا بخش ڪنڌ ڌوڻيندو رَهيو، ويو تہ مطمئن هيو. هڪ ڏينھن پبلڪ اسڪول پنھنجي آفيس ۾ ويٺو هجان تہ رياض ڊوڙندو اندر داخل ٿيو، سڄو پگهريل هجي ۽ سھڪي پيو. مون وٺي کيس وهاريو پاڻي پياريومانس، ٿڌو ٿائنيڪو ٿيو تہ پڇيومانس تہ خير تہ آهي؟ ”سائين مرندي مرندي بچيو آهيان. سنڌي شاگردن کي دل تي ڪٽيو اٿن. هيءُ ڏسو“. هُن بشرٽ مٿي ڪري، پٺي ڏيکاري، سڄي پٺي ڏنا ٿي پئي هيس. مون چيومانس: ”مڙس تہ ڪيڏو آهين، پاڻ ڪُٽائي هت پھتو آهين. سو بہ ڌڪَ پٺي وارا. واھہ رياض واھہ لڄي ڪري ڇڏيئہ. شاھہ صاحب جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي:
”ڀڳو آءٌ نہ چوان ماريو تان وسھان
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُھان،
تہ پڻ لڄ مَران جي هئنس پٺ ۾“.
رياض ڪجهہ دير خاموش رَهيو. پوءِ اُڀو ٿي بيٺو، سائين، آئيندي ائين نہ ٿيندو“. هو هليو ويو ۽ ڪم مان واندو ٿيس تہ سندس چيل سٽ تي غور ڪيم تہ وسامي ويس. هيءُ جوان رَت شاھہ سائين جي بيت تي عمل ڪيائين بنا سوچ ۽ سمجهہ جي تہ ويل وَهي ويندو. ڪجه ڏينھن ۾ خبر آئي تہ رياض، ڪاليج ۾ شاگرد ليڊر ٿي ويو آهي. ويڙه ۽ جهيڙي ۾ بہ اڳرو آهي. ڪاليج جو پرنسپل تہ بنھہ چڙيو ويٺو هيو. شايد ڪاليج مان ڪڍيس ها پر منھنجي چوڻ آکڻ تي ٿڌو ٿيو. مولا بخش جي بہ چٺي آئي تہ رياض ڳوٺ اَچي ٿو تہ رڻ ٻاري ڏئي ٿو. انقلابي ڪامريڊ ٿي پيو آهي. نعرا، تقريرون ۽ جهيڙا فساد عام ڳالھہ آهي. ايڏانھن پڙهڻ ويو هو، هت تہ ڳالھہ ٻي ڪري ٿو. مون کيس ڳوليو نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ منھنجي گهڻن نياپن بعد آيو. مون ڇوٽ ۾ چيومانس ”رياض، هيءَ تو ڪھڙو ويل ٻاريو آهي. پڙهڻ آيو آهين يا جهيڙا ۽ فساد ڪرڻ. ڪامريڊ ۽ انقلابي ماڻھو تہ نہ ماريندا آهن. اُهي تہ اُنھن کي جياريندا آهن“.
چپ چاپ ويٺو ٻڌندو رهيو. مون ڳالھائي بس ڪيو تہ هڪدم ڳالھايائين، هن دفعي هيءَ اُهو رياض نہ هو. ”ڏاڍ ڏمر ۽ آمريت جي خلاف جنگ جوٽڻ ڪو ڏوھہ نہ آهي. جبر جو جواب جبر سان جيستائين نہ ڏبو، جَبر ختم نہ ٿيندو. مون دنيا جي عظيم انقلابين کي بہ پڙهيو آهي مون مائو. لينن، جي ايم سيد ۽ ٻين کي بہ پڙهيو آهي. مون شاھہ سچل بہ پڙهيو آهي. مون اوهان جي دور وارو مزاحمتي ادب بہ پڙهيو آهي. مون اياز، تنوير، نياز، امداد، شمشير، پليجي، رشيد ڀٽي ۽ جمال ابڙي کي پڙهيو آهي. مون اوهان کي بہ پڙهيو آهي. مون ’روح رهاڻ‘ جا جُلد بہ پڙهيا آهن. مون اسڪول جي لائبرري ۽ ٻيون لائبرريون بہ ڀيٽيون آهن. اوهان بہ وڏا تحريڪي، انقلابي رهيا آهيو ۽ سنڌ جي سورن جي ڳالھہ ڪئي اٿوَ.
”پر اسان ڪڏهن بہ جهيڙي فساد ۽ تشدد جي ڳالھہ نہ ڪئي هئي. مٿيان جيڪي بہ مفڪر تو ڳڻايا آهن، اُهي بہ تہ عدم تشدد جا حامي رهيا آهن. اسان تہ علم ادب جون ڏياٽيون ٻاري، گهر گهر وَڃي محبت جا گيت ڳاتا آهن. اسان جلسا جلوس ڪڍيا هوندا جشن ڪرايا هوندا. اُنھن ۾ اسان جا وڏڙا، امڙيون، ڀينرون اسان سان گڏ هيون. اسان هڙتالون ڪونہ ڪرايون. اسان چندا ڀتا ڪونہ ورتا“. رياض اٿي بيھي رهيو. ”سائين اسان ڀتا چند اڪونہ وَرتا آهن. اسان بہ علم ادب پڙهون ٿا. اسان بہ محبت ۽ انقلاب جا گيت ڳايون ٿا اسان صرف تشدد ۽ زيادتي جو جواب ڏيون ٿا. سروٽي جو جواب سروٽي سان..........
”ها. هاڻي توهان پُراَمن تعليمي ادارن ۾ سروٽا هلائيندؤ. ڇُريون ۽ چاڪون پسٽل هلائي پوءِ محبت جا گيت ڳائيندؤ. هاڻي بس! وڌيڪ بحث نہ ڪبو. ٻيا تنھنجا ساٿي ڇا ٿا ڪن منھنجو انھي سان نہ وَڃي. تون منھنجي ذميواري آهين. اَڄ کان وَٺي اُرھہ زورائي بند. اَڄ کان انقلاب اهو ايندو تہ تون پڙهندين رُڳو پڙهندين. پڙهي پورو ڪَر. پنھنجي پيرن تي بيھہ پوءِ سڄو ملڪ پيو اٿئي ڀيل ۽ جيترا انقلاب وَڻئي سي سڀ آڻ. سنڌ جي ماڻھن جو انھيءَ انقلاب جي انتظار ۾ مٿو اَڇو ٿي ويو آهي، ڊڀ ڄمي ويا آهن. بس جي وڏو سمجهين ٿو تہ وَڃي پڙهائي جو پورهيو ڪَر. آخري امتحان بہ مٿان اٿئي نہ.....!!“
هُن ڪنڌ ڌوڻيو. سندس چپ ڀڪوڙيل هيا. رَت منھن تي بہ مڙي آيو هوس. هو هليو ويو ۽ پوءِ سندس انقلابي نمونو بند ٿي ويو. امتحان ڏئي پاس ڪري پوءِ مون وٽ آيو. انھيءَ وچ ۾ پئسي پنجڙ لاءِ نياپو نڙو ڪندو هو. هن ڀيري آيو تہ پريشان ۽ جهڪو هُيو. مون کيس امتحان جي مبارڪ ڏني ۽ چيو تہ بي ٽيڪ لاءِ فارم ڀري. پھريائين ٻہ ٽي ڳيتون ڏنائين پوءِ آهستي آهستي ڳالھائيندو ويو. ”سائين، هاڻي بس، مان وڌيڪ پڙهڻ نہ ٿو چاهيان. مون کي ڪا نوڪري وٺي ڏيو تہ مھرباني ٿيندي. مان جي ڪنھن ڪاليج يا يونيورسٽي ويس تہ پوءِ مان ٻئي پاسي هليو ويندس.........!!“
”ڪھڙي پاسي؟“
”اُنھي پاسي جنھن جي اوهان کي ڳالھہ نہ ٿي وڻي“.
”تون پڙهي بيھہ پوءِ جھڙي پاسي وڻئي تنھن پاسي وڃجان. هاڻي تون ڳوٺ وَڃ. مولا بخش ۽ تنھنجي امڙ پريشان آهن. هفتي ڏيڍ ۾ مان اتي ايندس پوءِ فيصلو ڪنداسين“. هو تہ هليو ويو. مون کي اُن ويلي خيال نہ آيو. اخبار پي پڙهيم تہ ايم آر ڊي تحريڪ جون زوردار خبرون پي ڇپيون. ايم آر ڊي جو زور ٻهراڙين ۾ ڏاڍو هو. ننڍو وڏو ماڻھو، سنڌ سان ٿيل ڏاڍ ڏمر ڪري، سَرُس ڪاوڙيل هو. وڏا زميندار ۽ اُنھن جا نينگر بہ پڙ ۾ لٿل هُيا. اسان وارو تُر ٻريو پيو هو. مون محسوس ڪيو تہ رياض کي اوڏانھن موڪلي مون غلطي ڪئي آهي. پر هت ڪھڙي برف پي وَسي. اهو سوچي ڪجه آٿت آيم. کيس دوستن ۽ ڪامريڊن کان ڇني ڌار ڪرڻ تي مان ڪو خوش ڪونہ هيس. مون کي اُلڪو هو تہ پرائو ٻار ڪنھن آويءَ ۾ نہ اَچي وڃي. پوءِ مولا بخش کي ڪھڙو جواب ڏيان ها. هاڻ مولا بخش پاڻ سنڀاليندس. تنھن هوندي بہ وسوسي جان نہ ڇڏي. اُهو وَسوسو اُن ڏينھن پورو ٿي ويو. جنھن ڏينھن اخبار ۾ پڙهيم تہ نوشھري شھر ۾ وَنگ تي شاگردن ۾ پوليس جي چڪري ٿي جنھن ۾ پوليس خالي هٿين شاگردن تي گوليون هلايون. ڪي ڌڪيا ڪي بچيا پر رياض هڪ ئي گولي جو بَکُ ٿي ويو. مون سوچيو پي تہ پوليس وارن جو گولي سان ڪھڙو ڪم. هنن عمر هلايون لٺيون، ڌڪا ۽ گئس. شاگردن جا خاص طرح مٿا چٿڻ ۾ تہ ايڪسپرٽ هُيا. چوٿين مارچ واري واقعي جا چٿيل مٿي وارا شاگرد اَڄ تائين سنوان نہ ٿيا. هيءُ تہ ڌاڙيلن وٽ گوليون بارود ڇڏيو اَچن. هيءُ شاگرد ڪھڙا ڌاڙيل يا رهزن هُيا جو سڌيون گوليون پي هلايائون، ٻين ماڻھن جيان پڪڙي ٿاڻي تي ’سچ پتر‘ هڻن ها تہ بہ ڪا ڳالھہ هئي. گوليون هنيائون بہ رائيفل جون!! ماريون بہ رياض، جنھن جو مون ۽ مولا بخش پاڻ ئي مٿو چٿي سانچي ۾ وجهي دولا شاھہ جي ڪوئي وانگر ڪري ڇڏيو هو. هيءُ ڪھڙو قھر ٿي ويو هو. مولا بخش ۽ سندس گهر واريءَ جو ڪھڙو حال ٿيو هوندو. مان وٺي ڀڳس ۽ پنھنجي ڳوٺ پنھنجي شھر نوشھري وڃي پھتس. جنھن جي گهٽي گهٽي ويران هئي، رستا ۽ چوڪ سنسان هُيا، دوڪان بند، ماڻھو الائي جي ڪاڏي هليا ويا هُيا. پوليس جو هن خاموش شھر کي ڪڙو ڏنل هو. مون کي اُهي ماڻھو نہ پي لڳا جو هنن جا منھن ڦريل، مٿي تي لوهي ٽوپ، بندوقون اُڀيون، منجهن سنگينون لڳل، نہ دُشمنن، نہ ويرين جو نشان، هيءُ ڪھڙو جنگ جو ميدان هُيو، هيءَ ڪھڙي جنگ هئي، جو فضا ۾ اَڃا تائين دونھين ۽ بارود جي بوءِ هئي. مان سڌو مولا بخش جي گهر وڃي پھتس. گهٽي ۾ تڏو وڇايل هو. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ويٺا هُيا. مولا بخش مليو، نہ اوڇنگار ڏنائين نہ پار ڪڍيائين. ’رب جي رضا‘ جي جواب ۾ ’سائين قبول آ‘ چئي خاموش ويٺو رَهيو. مون اطلاع نہ ڪرڻ ۽ جلدي جلدي ۾ رياض کي دفنائڻ جو ڏوراپو ڏنو. هُنَ ڪو جواب نہ ڏنو. ڀرسان سندس عزيز ماستر صفر ويٺو هو. تنھن وراڻيو، ”سائين پوليس، فرياد بہ نہ وَرتو، پوسٽ مارٽم بہ نہ ڪرايو، ڏنڊو کڻي بيٺي تہ جلدي دفنايوس بنھہ پيرا ڊاهيو، اسان تہ رات ئي کيس دفنائي ڇڏيو. ڪلھہ منجهند ڌڪيونس. ڪي ڪلاڪ ونگ واري روڊ تي پيو رَهيو. گولي بہ ران کي چيري ڦاڙي نڪري وئي. هو رَت وَهائي گذاري ويو“. ”پر ٿيو ڇا، اهو ڪيئن ٿيو“. مون کيس ڪٽيو. هو اڃان ڪجهہ ٻڌائي ها تہ مولا بخش اُٿي بيٺو ۽ مون کي ٻانھہ کان ڇڪيائين ۽ اُٿاري پاڻ سان ساڻ کنيائين. گهٽيءَ جي ڇيڙي تي سندس گهر هيو. اوڏانھن وٺي هليو. ”بابا پاسي – بابا پاسي“ ڪندو اڱڻ ٽپي، هڪ ڪمري ۾ هلي وهاريائين پوءِ هو گهڙيءَ کان پوءِ هڪ ڪمزور ۽ نٻل مائيءَ کي سھارو ڏئي اندر وٺي آيو. مون کيس بنھہ نہ سڃاتو. هڪ جهريل، جهولن ۽ جهڪن ماري ڇڙيل ڇتن سان ڪا عورت هئي. هن جڏهن ويجهو اَچي دانھن ڪئي. ”او ادا، او ادا، منھنجي رياض کي ڪاڏي ڪيئہ. پاڻ سان ڪونہ وٺي آئين. مون تہ رياض توکي ڏنو هو. ڪاڏي ڪيئہ رياض. مون کي پنھنجو رياض موٽائي ڏي. منھنجو رياض، منھنجو رياض.............“ چوندي هوءَ مورڇا ٿي ڪري پئي. يڪدم مولا بخش ۽ ٻين ماين کيس کڻي کٽ تي ليٽايو. پاڻي جا ڇنڊا هنيا. هوءَ سامت ۾ آئي. پر سندس دماغ جاءِ تي نہ هو. مان گهر مان ٻاهر نڪري آيس. مولا بخش بہ مون سان گڏ ٻاهر نڪتو. ٻاهر در تي کڻي بيھاريومانس. ”مولا بخش! اهو ٿيو ڪيئن؟“ مولابخش جا ڳوڙها ڄڻ سڪي ويا هُيا. هُن ڳالھہ ائين ٻڌائي ڄڻ ڪو راوي، ٻئي ڪنھن جو قصو بيان ڪندو هجي. ”مان ئي سائين، کيس قابو ڪيو هو. دوست ساٿي ايندا هيس. مان کيس وڃڻ ڪونہ ڏيندو هُيس. هن ايم آر ڊي جو زور بہ زور هُيو. پيو ڦٿڪندو هُيو. مان ڪلھہ ڪورٽ ويو هيس ماڻس کي جهلي ويو هُيس تہ کيس ٻاهر نہ ڪڍي جو ڇوڪرن جو روز جلوس نڪرندو هو. ڪلھہ بہ زوردار جلوس نڪرڻو هو. ماڻس پي ٻڌايو تہ نعرن جا آواز ٻڌي پيو تہ ڇوڪرو لُڇي پيو.
”اَمان مون کي وڃڻ ڏي.
اَمان مون کي وڃڻ ڏي“.
ماڻس بہ اندران ڪُلف ڏئي ڇڏيو هو. هو بہ پڃري ۾ ڦاٿو هو سو شينھن وانگر اڱڻ ۾ پيو اَچي وڃي. نيٺ گڙڻ لڳو. رڙيون، واڪا، دَر کي ڪلھا پيو هڻيس. ڪُلفُ پيو ڇڪي ۽ پٽي. ٿڪي ۽ ساڻو ٿي ماڻس جي پيرن تي ڪري پيو.
”امان مون کي وَڃڻ ڏي. مان پري کان بيھي ڏسندس. واعدو آ جلوس ۽ جلسي ۾ شريڪ نہ ٿيندس. منھنجي اَمان ناهين، مٺي ناهين“. ماءُ آخر ماءُ آهي سائين. ماڻس ڪلف کولي کيس ڇڏيو پر گهٽي تائين، مٿس دعائون پڙهندي شوڪاريندي آئي. ڇو تہ ڪيترن ڏينھن کان جو جلوس هُيا، پوليس جو لٺ ڌُڪو، کين گهٽين ۾ ڊوڙائڻ جو سڀ خبرون هيس. ويو تہ اجهو ائين لاش ٿي وَريو. چون ٿا تہ هيءُ پريان بيٺو هو. ڇوڪرن ۽ نوجوانن جون چڪريون هليون پي اوچتو گولين جي ٽڙ ٽڙ ٿي وئي. هيءُ تہ جلوس ۾ ڪونہ هو. الائي ڪٿان اها نڀاڳي گولي آئي، سا بہ رائيفل جي سَٿُر چيري وَيس. هو گولين جي ٺڪائن، ماڻھن جي ڀڄ ڀڄان ۾ اُتي بي دريافتو پيو هو. مان گهر تي پھتل هيس پي گهر واريءَ سان جهيڙيم. ائين گولين جا ڌوڌاٽ جو ٻڌم تہ وٺي ڀڳس. ويجهو پھتس تہ پوليس وڃڻ نہ ڏنو ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڇڏيون، هيءُ روڊ تي هڪ مانڊڻي وٽ ڪنڊائتو پيو هو. رَت ريلا ڪيو پي وَهيو. سائين بس ميدان جنگ هيو. ڪي ڪٿي ڌڪيا پيا هُيا ڪي ڪٿي. هر ڪنھن پنھنجن پيارن کي پي ڳوليو. مون کي بہ رياض ڏکيو لڌو. مون کيس هن حال ۾ ڏٺو تہ وٺي دانھون ڪيون ڪي جوان ڪي نينگر ڊوڙندا آيا. ڪنھن سٿر کي پوتڙي سان ٻڌو. اڃان هوش هيس. اسپتال وَڃون تہ وَڃڻ نہ ڏين پوليس ڌِڪي گهر اُماڻبو. گهر ۾ ڇا نہ ٿيو هوندو، ماتم هو ماتم. مون کي سڏي ويجهو ڪيائين ۽ چيائين تہ سائين کي چئجان تہ ’ڀڳو آءٌ نہ چوان‘ ٻيو شاھہ سائين جو سڄو بيت پڙهيائين. الائي جي ڪيئن آهي ڌڪڙا سيڪيندي سھان....... مون کيس هٿ سان روڪيو. مان هاڻ روئڻ لڳو هيس. پوءِ چيم: ”مولا بخش اهو هيئن آهي، جي سمجهين: ”ڀڳو آءٌ نہ چوان، ماريو تان وسھان ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سھان تہ پڻ لڄ مران جي هئنس پٺ ۾“. اها ڳالھہ ٻڌائي ٿي تہ هو ميدان جنگ ۾ هو ۽ ڊوڙي وَڃي شريڪ ٿيو هو. رياض، شهيد ٿيو آهي. هُن کي پٺ ۾ ڌڪ نہ هُيا. ڀڄندي ڪونہ مئو هو“.
هو خاموش بيٺو رَهيو. مان آهستي چُرندو گهر آيس شھر ۾ چوڌاري اوندھہ هئي. منھنجي اندر ۾ بہ اوندھہ انڌڪار هُيو. مان تڏي تي ويندو رهيس نيٺ تڏو کڄيو. مون کائنس موڪلايو پي تہ هو منھنجي ويجهو آيو ۽ چيائين، ”مون هڪ فيصلو ڪيو آهي. سائين! شهيد جو خون رائيگان نہ ويندو آهي. مان کين نہ ڇڏيندس. ڏسو تہ مان ڇا ٿو ڪيان. شهيد رياض جتي ايم.آر.ڊي تحريڪ کي ڇڏيو آهي اُتان مان کڻندس. سنڌ جي ماڻھن کي حق وٺي ڏيندس. مان تڪڙي رٽائرمنٽ وٺي تحريڪ هلائيندس“. هن تحريڪ جي شروعات اُنھي ڏينھن ڪري ڇڏي. مان اوطاق وٽ بيٺو ئي هيس ۽ حيدرآباد نڪرڻ جي تياري پي ڪيم تہ اوچتو نعرا ٻڌم ڏسان تہ بازر واري گهٽي مان هڪ جلوس آيو پي. نوجوان ڇوڪرڙا، ڪي وڏڙا، ڪي ٻارڙا ڌوڪيندا آيا پي. مولا بخش اڳيان هُيو. کيس گلن جا هار پيا هُيا. نعرا پي لڳا ”قاتلو حساب ڏيو— خون جو حساب ڏيو. انقلاب زنده آباد. شهيد رياض زنده آباد – مولا بخش زنده آباد“. جلوس اڳيان ڪي نينگر سُر سان گيت ڳائيندا پي هليا. ”تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نہ رُڳو“. پوءِ ڪن وري ڳائڻ شروع ڪيو“. اڄ اٿڻو آهي شينھن جيان، ڪنھن آنڌي آندل مينھن جيان. ۽ ٻوڙان ٻوڙ اسھڻو آ، ها تا بڙ توڙ اسھڻو آ“. هيءُ جلوس سڌو اَچي مون آڏو اوطاق تي بيٺو. ڪنھن نعرو هنيو، ”مٺل سائين زنده آباد!“
مون هٿ سان اشارو ڪري کين خاموش ڪيو ۽ چيو، ”دوستو چئو، شهيد رياض زنده آباد.“ نعرن جي گونج ۾ مولا بخش کي وڏي ڀاڪر پاتم. هن دفعي هن جي اکين ۾ پاڻي هو، ڳوڙها ڳڙي پيس. مان بہ هئس ڏکويل بنھہ روئي پيس. اوچتو هڪ جوان چيو تہ ”سائين چئو! انقلاب زنده آباد“ مون ڪجهہ نہ ڪڇيو. ڳوڙها اُگهندو اوطاق ۾ اندر هليو آيس. مون چوڻ ٿي چاهيو تہ ويچاري سنڌ ۽ سنڌ جا اٻوجهہ ماڻھو صدين کان، انقلاب جو انتظار ڪندا رَهيا آهن پر ويچارو انقلاب ٻين هنڌ پھچيو وڃي، پر هتڙي نہ ايندو آهي. مون کي مولا بخش جون خبرون ملنديون هُيون، هُن رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي. ايم.آر.ڊي جي اڳواڻن کيس سڏي چڱي مالي امداد ڪئي. شھر جي چڱن مڙسن بہ سندس مدد ڪئي. آهستي آهستي هُن کي هير پئي ۽ هو گهر گهر، هر هنڌ شهيد رياض نالي ۾ چندا چيڙا ڪرڻ لڳو. پھريائين تہ ماڻھن دل کولي ڏنو پوءِ آهستي آهستي ٿڌا ٿيندا ويا. هاڻي مولا بخش کي ڏسندا هُيا تہ گهٽي مَٽي ويندا هُئا. جلسا ۽ جلوس پورا ٿي ويا هُئا. گهڻن ڏينھن کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو. مولا بخش آيو. گهڙي ويٺو ۽ پوءِ چيائين: ”مٺل سائين اوهان سان الڳ ڳالھائڻو آهي.“ جيئن ئي ٻئي ڪمري ۾ ويٺاسين تہ هو شروع ٿي ويو، ”سائين، شهيد جي زبردست قبر ٺھرائي اٿم. اُن جي نالي ۾ ٻارهي جي موقعي تي هڪ وڏو جلسو ڪرڻو بہ اٿم. اوهان جي امداد جي ضرورت آهي.“ مون کيسي مان ڪجهہ نوٽ ڪڍي کيس ڏنا. يڪدم چيائين: ”سائين هنن مان ڇا ٿيندو.“ ڏس مولا بخش هيءُ پئسا اُنھن سمنن ۽ نوٽيسن جي حساب ۾ خرچي آهي. جيڪي تو در در وڃي هاڻوڪي چندي چيڙي جي نالي ۾ ڄڻ تہ چنبڙايا آهن ۽ اهڙا چنبڙايا آهن، جو ڇڪي ڦاڙي لاهڻ سان بہ نہ ٿا لهن، تنھنجي منھنجي ۽ رياض جي چڱي ناماچاري ٿي آهي جو اڄ بہ تون شهيد رياض جي شهادت کي ڄڻ ڪيش ڪرائيندو ٿو وتين. رياض ڪڏهن ڪنھن کان چندو يا ڀتو نہ ورتو. تون آهين جو وتين ٿو ماڻھن کان سندس قيمت وصول ڪندو. اهو تنھن جي منھن تي پئي ٿو. مولا بخش ماڳ موٽي آ. امدادون گهڻيون پر رُڳو رياض کي بدنام نہ ڪر؛ رياض رُڳو تنھنجو نہ پر اسان سڀني جو هو. سڄي قوم جو هيرو هو“ چپ چاپ منھنجي منھن ۾ تڪيندو رهيو. مون اُهي نوٽ ڪجهہ ٻين نوٽن سان گڏي سندس کيسي ۾ وڌا. هُو هليو ويو تہ ڄڻ گم ٿي ويو.
مولا بخش جو هانُ غوغاءُ گهٽجي ويو. نہ ٻارها ٿيا نہ تحريڪ هلي. چيائون تہ مولا بخش بيمار آهي. مھيني اڌ کان پوءِ مان کيس پڇڻ ويس هو گهر ۾ نہ هو، سندس گهر هاڻي اُهو ڪچو گهر نہ رهيو هو. اهڙو پڪو هو جو هُن ماڙي بہ ٺھرائي هئي هاڻ تہ گهٽي بہ پڪي گهٽي ٿي ويئي هئي. سندن پڪي گهٽي کان نڪري پنھنجي پراڻي حويلي واري ڪچي گهٽي ۾ آيس تہ ڏسان مولا بخش اُنھيءَ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو منھن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي، ڪوهرن (چڻن) جو ڇٻو آڏو اٿس. هو ڪوهر وڪڻي رهيو هو پر اُنھي سنسان گهٽي ۾، اُنھي پراڻي ڀور ڀور ٿيل حويلي جي سامھون جتي هاڻي شايد ڪير بہ نہ رهندو هُيو. مون هيٺ ويھي کائنس ڪوهر گهريا، هُن پئسا ورتا ڪوهر ڏنا پوءِ منھن مونن ۾ هڻي ويھي رهيو. ”مولا بخش يار هو پاڻ وارو هوڪو تہ ڏي. ”مون ڪوهر چٻاڙيندي چيو. هُن آهستي ڪنڌ مٿي کنيو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. پوءِ گهگهي آواز ۾ هوڪو ڏنائين، ”هَلُ تازه ڪوهر هُل ٽڪي ۾ ٻاٽي“ پوءِ آواز وڌيڪ گهگهو ٿي ويس. هو وري منھن مونن ۾ هڻي ويھي رَهيو. جهونو جهاز، جنھن جا سڙھہ وڌيڪ سٽ جهلي نہ سگهندا، ڇاڪاڻ تہ مولا بخش آهستي آهستي مَري رهيو هو ۽ هڪ ڏينھن مَري ويو.
اوچتو ڪُلھي تي هٿ جو هلڪو دٻاءُ محسوس ڪيم، مون کي انھن ٻن قبرن تي بيٺي ڪو وقت لڳو هو. هيءُ منھنجي ڀاءُ شمسَ جو هٿ هُيو، هو ڪافي دير درگاھہ جي وڏي دَر تي انتظار ڪندو رَهيو هو. اتي منھنجو ڀائيٽيو بابر وڌي آيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڏسي چيائين، ”بابا! ڇا ٿيو.“ ”بابا تکو واءُ وريو. ريتي ۽ مٽي مٿان وَري ويئي هئي.“ هن واءُ ۽ مٽيءَ ۾ اکيون بہ ڀرجي ويو اٿم. اهي ڳوڙها ان ڪري آهن.
”بابا پر ڪاٿي آ مٽي، ڪاٿي آ ريتي؟“ مون کيس سڄي قبرستان ڏي اشارو ڪندي چيو“، انھيءَ ريتي ۽ مٽي ۾ جيڪي ستل آهن هيءُ اُنھن جي مٽي آهي.“ هُن سمجهيو الائجي يا نہ. ڀاءُ مون کي ٻانھن کان وٺي هلڻ لڳو تہ شاھہ سائين جي هيءُ سٽ هيئين تي تري آئي:
لڳي لڳي واءُ ويا انگڙا لٽجي.
ٻي سٽ ياد هُئي پر مون ۾ پڙهڻ جي سگهہ هئي نہ حُجت ۽ نہ وري حقداري .