هڪ خواب، هڪ حقيقت
نيٺ شھر جي ٻاهران هڪ ٽڪري تي ننڍڙو پر سھڻو بنگلو ملي ويو. مڙئي ڪجهہ آفيسري رعب ڪجهہ منگلوءَ جي اثر رسوخ ڪري، بنگلو تمام ٿوريءَ مسواڙ تي ملي ويو.
منگلو آسام جو رهاڪو هو. نھايت شريف ۽ ايماندار. غربت کيس تمام گهڻو اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. کيس ٻہ پٽ، هڪ ڌيءَ هئي. زالس گهڻو اڳ مري ويئي هيس. سندس وڏو پٽ به، زال ۽ چار ٻچا ڇڏي گذاري ويو هو، سڄي ڪٽنب جو بار مٿس هو. ڌيءَ سامائيل، پٽس ننڍو، ٻيا پنج ساهوارا کائڻ وارا، تن جي فڪر ڪري هو هميشہ موڙهل پيو لڳندو هو. مون کيس تمام سٺي پگهار تي رکيو، جنھن ڪري مڙئي سندس مالي حالت ڪجهہ سڌري ويئي هئي. هاڻي کيس رڳي ڳڻتي هئي تہ سندس ڌيءَ جي شادي ٿئي. انھن ڳڻتين جي ڪري هو نئين جاءِ ڳولڻ کان نٽائيندو رهيو. پر هڪ ڏينھن جو صبح جو نڪتو، سو منجهند جو موٽي اچي ٽپڙ کڻائي سڌو انھيءَ بنگلي ۾ رکايائين. مان آفيس ڏانھن هوس، اتان سڌو منگلو مون کي بنگلي تي وٺي آيو. بنگلو نھايت ئي سندر هو. ننڍڙو سو هو، پر سندس جوڙجڪ اهڙي تہ سھڻي ۽ انوکي هئي جو دل چوي تہ رڳو پيو ان کي ڏسجي. تاري وانگر کڙيل، پنج ڪنڊو باغ وچ تي هوس. ان جي هڪ ڪنڊ کان بنگلو هڪ سنھيءَ ليڪ وانگر شروع ٿي ٿيو. وچ تي ڪجهہ ويڪرو ٿي، وري سنھو ٿيندو، ليڪ وانگر، ٻيءَ ڪنڊ تي ڇيڙو ٿي ڪيائين. چنڊ- تاري جو هيءُ ماڊل مون کي ايڏو وڻيو، جو منگلو کان مسواڙ بہ نہ پڇيم. ايترو سو پڇيومانس تہ هيءُ بنگلو ڪنھن جو آهي. تنھن جي جواب ۾ هن مون کي هڪ ڪھاڻي ٻڌائي، جا دلچسپ ضرور هئي، پر مون بنگلي جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ ان تي گهڻو غور ڪونہ ڪيو.
ٻئي ڏينھن اسان بنگلي کي صفا ڪيو ۽ سٺي نموني ۾ سجايو. منگلوءَ کي مانيءَ تي دير ٿي ويئي هئي، تنھنڪري هو ڀڳو بورچيخاني ڏانھن، ۽ مان ڊرائننگ روم ۾ ويھي ٿڪ پٽڻ لڳس. اڄ مان آفيس بہ ڪونہ ويو هوس، صرف انھيءَ بنگلي کي سنوارڻ ۽ سجائڻ جي ڪري.
اوچتو گهنٽي وڳي. ڏٺم تہ منگلو پوئين پاسي هو. مان يڪدم اُٿي در تي آيس. ٽپالي بيٺو هو.
”صاحب، سلام!“
”هون. ڇا هي؟“
”پارسل.“
”مون کي ڏي.“ مون بيخيالي ۾ پارسل وٺي، رسيد تي صحيح ڪري ڇڏي. پارسل کڻي آڻي ڪوچ تي ڦٽو ڪيم، تڏهن اوچتو منھنجي نظر ايڊريس تي پئي: ”اندر!--- اندرس نواس---- شيلانگ---- آسام.“
”هيءُ پارسل منھنجو تہ نہ آهي، پوءِ موٽائي ڏيڻ گهرجي.“ يڪدم مان ٻاهر ڀڳس. اوچتو مون کي ياد آيو تہ ’اندر نواس‘ تہ هيءُ ئي آهي! مان وري واپس اچي ڪوچ تي ويھي رهيس.
”اندر نواس!“ منھنجي ذهن تي اکر اُڀريا... ”اندر!... اندر نواس!“ مون کي منگلو جي ٻڌايل ڪھاڻي ياد اچڻ لڳي.
هيءُ بنگلو سيٺ سندر داس پنھنجيءَ اندر الاءِ ٺھرايو هو. هوءَ بمبئيءَ جي چترڪار اسڪول ۾ ڊپلوما ڪري رهي هئي. هن کي بنگلو اصل نہ وڻيو هو. هت صفا ڪانہ رهي. وري موٽي بمبئي ويئي، جتان وري واپس نہ موٽي. ڪن تہ چيو ٿي تہ ڪنھن سان ڀڄي ويئي. پڻس سندس ڳولا ۾ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏنو. نيٺ هو چريو ٿي پيو ۽ سيگهہ ئي مري ويو. ’اندر نواس‘ ويران ئي رهيو. جائيداد سڄي مائٽن ۾ ورهائجي ويس. هيءُ بنگلو بہ هڪ ڪنگال مائٽ کي هٿ اچي ويس، ۽ اهو وري اچي ويو منگلو جي آور ۾، جنھن کيس چڱي مسواڙ ٻولي، ۽ ائين اسان اچي هتي واسو ڄمايو.
اوچتو مون کي پارسل جي يادگيري آئي. پارسل ڪافي ڊگهو ۽ ويڪرو ٿي لڳو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنھن تصوير جو فريم هو. الائجي ڇو، منھنجا هٿ بي اختيار ان جي چوڌاري ويڙهيل رسين کي ٽوڙڻ ۾ لڳي ويا. تان خبر پيئي جو مون آڏو هڪ ڪاٺ جو فريم هو، جنھن تي باقي هلڪو پنو چڙهيل هو، جنھن مان ڪنھن جي چتر پئي جهلڪا ڏنا. اتي مون کي احساس ٿيو تہ مون پارسل کولي غلطي ڪئي آهي، پر پوءِ آخري پنو بہ هٽي ويو.
مان ڪي گهڙيون تہ يڪٽڪ انھيءَ فريم ۾ پيل چتر کي ڏسندو رهيس. منھنجي سامھون هڪ فنڪار جو اعليٰ پر سندر خواب هو. پينسل جون ڪي ڦھليل ريکائون هيون، جن گڏجي هڪ جسم کي جنم ڏنو هو. ڇا اهو جسم، ڇا اُن جو مک- سندرتا جي انتھا هئي. سندريءَ جي چھري تي گنڀيرتا ڇانيل هئي. اُن گنڀيرتا پھريائين تہ رعب ٿي وڌو، تنھن کان پوءِ ظاهر ٿي ٿيو سندريءَ جو هٺ ۽ غصو- ۽ اهائي فنڪار جي خوبي هئي تہ هوءَ انھيءَ هٺ ۽ غصي جي عالم ۾ ڪھڙي نہ خوبصورت ٿي معلوم ٿي! اهو سڀڪجهہ صرف چند ليڪن جو کيل هو. سندس لباس بہ ٻن ٽن لڪيرن سان ظاهر هو- ڄڻ ڪنھن فرشتي کي ڪو اڇو ڊگهو جبو پارائي ڇڏي ڏنو ويو هجي. فنڪار جو تخيل خوبصورتيءَ جو بھترين مثال هو: هڪ خوبصورت معصوم فرشتو، غصي جي عالم ۾، ان ۾ بہ وڻندو هجي! فنڪار ٻہ ضد پاڻ ۾ ملائي، ان سنگم کي سندرتا بخشي هئي. هڪ ڳالھہ جا تصوير ۾ سڀني کان مختلف هئي، سا هئي سندريءَ جون اکيون: گول گول، ڪاريون، ڊگهن ڇپرن سان ڍڪيل، جن ۾ غصي جي بجاءِ هڪ عجيب مڌر جوت هئي، جا سندس ڪردار کي وڌيڪ جِلا بخشي رهي هئي.
اوچتو منھنجي نظر تصوير جي هڪ ڪنڊ تي پيئي:
”هيءَ روپ- ڀيٽا اُهي، اُن روپ کي، جو هن کان مختلف نہ آهي. روپ؟“
مون ان جملي کي ور ور ڪري پڙهيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ انھيءَ نتيجي تي پھتس تہ هيءَ تصوير اندرا جي ئي آهي، جا حسين پر مغرور، هٺيلي ۽ غصيلي هئي. سندس ڪردار جي اها ادا ڪنھن چترڪار کي وڻي بہ آهي، تہ ان سان گڏ کٽڪي بہ آهي، ڇاڪاڻ تہ لڳي ائين پيو، ڄڻ تہ سندس ڪردار جي انھي پھلوءَ چترڪار کي اندرا جي ويجهو اچڻ نہ ڏنو آهي، جنھن ڪري هو هميشہ ڏکويل رهيو آهي. پر، الائجي ڇو، اکين جي انو کائپ مسئلي کي ڪجهہ منجهائي ڇڏيو. اکين جي جوت، پيار ۽ ڪجهہ ٻين گڏيل جذبات کي ظاهر ڪري رهي آهي.
مون بہ وڌيڪ سوچڻ کي ڇڏي، تصوير کي کڻي اچي آتشدان مٿان ڪارنس تي رکيو. پوءِ ٿورو پرڀرو ٿي کيس وري جاچڻ لڳس. مون کي سندس بيھڻ جي انداز ڪافي متاثر ڪيو هو. ان ۾ بيباڪي هئي، جان هئي، جنھن کيس بلڪل زنده انسانن جي صف ۾ ٿي بيھاريو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ تہ هوءَ زنده ڪارنس تي بيٺي آهي: سندس هڪ هٿ سفيد جبي جي ڪنڊ کي ڪجهہ مٿي کنيو بيٺو آهي، جنھن سان سندس رعب وڌيڪ نمايان ٿي ويو آهي، ۽ ٻئي هٿ سان ڪو اشارو ڪري رهي هئي. الائجي ڇو، مان ائين محسوس ڪرڻ لڳس تہ واقعي هوءَ تصوير مان نڪري آئي آهي، ۽ ڪو حڪم ڪري رهي آهي: ’هيءُ ڪم ڪر، هو ڪم ڪر، تکو ٿي!‘ مان سندس تحڪمانہ انداز تي ڪجهہ ڇرڪجي ويس. يڪدم اکيون کڻي مَليم، پر ڏٺم تہ ساڳي تصوير هئي. انوکن جذبن جو انوکو مجموعو. ۽ مون کان زبان مان نڪري ويو، ”ڪاش، اها زنده هجي ها، ۽ مان بنا ڇهڻ جي کيس ائين ڏسندو رهان ها!.... ڪاش!....“
۽ پوءِ مون کي پنھنجي انھيءَ خواهش تي کل اچي ويئي. منھنجي کلڻ جي آواز تي منگلوءَ، جو شايد ڪنھن ڪم سان مون ڏانھن ٿي آيو، هڪدم ڊڪ پاتي ۽ چيائين:
”سائين، سڀ سک!“
”ها، ڇو؟“
”الائي، بابوجي، توهان جو ائين پنھنجي ليکي کليو، سو يڪدم وهم اچي ويٺم. بابوجي، هونئن ئي هت ڀوت پريت گهڻا آهن. نہ بنگلي لاءِ بہ ماڻھو ائين چون ٿا. سو اوهان مڙئي خيال ڪجو، ڀڳوان پيو ڪرپا ڪري! شائين، جاءِ جي تنگي نہ هجي ها تہ اسين هت هن رهون ها. پر مجبوري..... اڙي هيءُ ڦُوٽو ڪٿان آيو؟“
”هڪ دوست موڪليو آهي.“
”پر، بابوجي، هيءَ تہ ڪا آسامي عورت لڳي ٿي!“
”ها، اندرا جي تصوير آهي.“
”اندرا جو ڦوٽو! توهان کي ڪٿان هٿ آيو؟ پر بيھو.... سچ، هيءَ تہ اندرا آهي.. نس پس اندرا! سندر، تيز، پر سٺي ڇوڪري.“
منگلو الائجي ڇو اداس ٿي ويو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري، تکو تکو بورچيخاني ڏانھن هليو ويو. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منگلو ڪا ڳالھہ مون کان لڪائي رهيو آهي، هو اندرا جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ ڄاڻي. دل چاهيو تہ کيس سڏيان، ۽ کائنس پڇان اندرا جي جيون- ڪٿا. پر پوءِ سوچيم تہ ڪنھن جي جيون- ڪٿا ۾ گهُري وڃڻ سان ڇا ٿو ٿئي: جڏهن ان جي گهاريل جيون جو هڪ عڪس ئي سڄي جيون جي اُپٽار ڪري رهيو آهي، تہ پوءِ باقي رهيو ڇا؟ ۽ پوءِ مان وري گم ٿي ويس ان لڪيرن ۽ ريکائن جي ديس ۾. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ تہ اهو ديس ئي حقيقت آهي، باقي سڀ ڪوڙ.
مون کي چٽو پٽو ياد آهي تہ اهو سڄو ڏينھن منھنجو ڪيئن گذريو. تصوير ڪارنس تي رکي هئي. مان سامھون ڪرسي وجهيو ان کي تڪي رهيو هوس. ان ۾ ايترو تہ گم رهيس جو منگلوءَ ٻہ ٽي دفعا مانيءَ جو پڇيو، پر مون ٽاري ڇڏيومانس. مان جنھن ديس جو سير ڪري رهيو هوس، تنھن جي منگلوءَ کي ڪھڙي خبر؟
دراصل مان انھيءَ ڪوشش ۾ مصروف هوس تہ اها تصوير جاڳي، ڪَرَ موڙي اُٿي، منھنجي تصور تي ڇانئجي وڃي، بلڪل منھنجي مرضيءَ مطابق، جيئن مان کيس چوريان، تئين چري، لطيف لھرون من ۾ پيدا ڪري. پر پوءِ ڏٺم تہ شام ٿي ويئي، ۽ مان ناڪام رهيس. هوءَ ساڳئي انداز ۾ مون تي ڇانيل رهي. رُعب ۽ تمڪنت سان گڏ، هراسيندڙ ادا! نيٺ مون منگلو کي سڏ ڪيو ۽ ماني کاڌم. منگلو خاموش هو. هن ڪنھن قسم جو تبصرو منھنجيءَ محويت تي نہ ڪيو، پر مون چاهيو ٿي تہ هو ڪجهہ پاڻيھي چوي، اندرا جي ڪردار جي وڌيڪ اُپٽار ڪري، تان تہ هوءَ وڌيڪ واضح ٿي منھنجن جذبن مٿان ڇانئجي وڃي. پر جڏهن ڏٺم تہ هو ڪجهہ خاموش ڪجهہ اُداس ٿي رهيو، تڏهن کيس کولڻ لاءِ کائنس پڇيم:
”ڇا ڳالھہ آهي، ڪاڪا منگلو، ڪجهہ اُداس آهين؟“
”ڪجهہ ناهي، سائين. مڙئي آهي جِندگي گذارڻي.“
”آخر، چئہ کڻي!“
”سائين، ساڳي پراڻي ڳالھہ آهي. جمنا جي سسرال وارا گهڻو جهيز گهرن. نہ تہ چون ڇوڪري نہ کپي! مان غريب ڪٿان ايترا جيور ۽ ڪپڙا، ڏيان؟ ڇوري بہ وڏي ٿي ويئي آهي. سائين، بس، وڏو سور اٿم انھيءَ جو، ڇا ڪريان! پر سائين، اوهين ڇو ويچار ڪريو؟ ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي، اوهين ماني کائو.“
منگلو ائين چئي چپ ٿي ويو، ۽ الائجي ڇو، مان بہ ڪجهہ چئي نہ سگهيس. ماٺ ڪري ماني کاڌم، ۽ پوءِ ٻاهر نڪري باغ ۾ ڦرڻ لڳس. منگلو جي ڏک جي خيال ڪجهہ دير مون کي بہ دُکي ڪيو، پر پوءِ اندرا جو ساڳيو روپ منھنجن خيالن مٿان ڇانئجي ويو. پر صرف انھيءَ ويچارسان، ڄڻ مون کي هراسي رهي هجي. بس، جي ڪجهہ ڪوملتا هئي، سا سندس اکين ۾ هئي. مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي تہ هوءَ چُري پُري ۽ پنھنجي هستيءَ کي جلا بخشي، پر هوءَ خاموش، هڪ ڀت مئل، ائين ئي ڇانيل رهي. مان وري ڇڪجي واپس ڪمري ۾ موٽي آيس.
منگلو کي مون رات جي مانيءَ لاءِ جهلي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ منجهند جي ماني دير سان کائڻ ڪري پيٽ تي ڪافي بار پئي محسوس ڪيم.
مان ساڳي ڪرسي تي ويھي رهيس. تصوير وري منھنجي سامھون هئي. اوچتو مون کي هڪ خيال آيو تہ فنڪار جھڙي لباس ۾، جھڙي لباس ۾، جھڙي انداز سان ان کي بيھاريو آهي، ان ۾ نزاڪت يا لطافت تہ ڪڏهن بہ پيدا ٿي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو مون کي هُري آيو تہ عورت کي لطيف ۽ نازڪ بڻائڻ لاءِ لباس ۽ زيور گهڻي قدر ذميوار آهن.
منھنجون نگاهون سندس اڇي جبي کي جاچي مايوس ٿي ويون. ۽ پوءِ سندس خالي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦري، وري ٻانھن تي اچي بيٺيون، اتان لھي، سنھڙين آڱرين تي آيون: ’نہ هار، نہ چوڙي، نہ منڊي..... بس، اها تصوير فنڪار پنھنجي لاءِ ئي ٺاهي آهي، اسان جي تصور تي ڇانئجي نٿي سگهي!“ مان اهو سوچي اُٿيس. اوچتو منھنجي نظر پنھنجيءَ آڱر ۾ پيل سونيءَ، قيمتي ٻڙي واريءَ منڊيءَ تي پيئي، جا مون کي مڱڻي جي موقعي تي ڏني ويئي هئي. منڊيءَ کي ڏسندي ئي مون کي ڪجهہ ياد پيو. مان يڪدم پنھنجي سامان واري ڪمري ڏانھن ڀڳس، پيتي کوليم، جنھن ۾ هڪ قيمتي بنارسي ساڙهي ۽ ٻہ جڙائو سونا ڪنگڻ پيا هئا، جيڪي مون پنھنجي شاديءَ لاءِ گڏ ڪيا هئا.
ٻئي شيون کڻي، مان واپس ڊرائنگ روم ۾ آيس. آهستي آهستي، تصوير ڏانھن وڌيس. منھنجون نگاهون هر ساڙهيءَ کي، هر ڪنگڻن کي، ۽ هر منڊي کي تڪي، وري اچي اندرا تي کتيون ٿي. مون سوچيو ٿي تہ ڪيتري نہ سندريءَ جي سندرتا وڌي ويندي، هن وڳي ڍڪڻ سان ۽ زيورن پائڻ سان! مان لباس ۽ زيورن کي سندس آڏو ائين جهلي بيٺو هوس، ڄڻ تہ سندس ڏاج کڻي ٿي آيس. مون سندريءَ جي آڏو لباس رکي، تصور ۾ کيس اهي زيور ۽ اهو لباس پھريل ڏسڻ ٿي چاهيو، پر ڏٺم تہ اندرا جي بت جي ساڳي حالت هئي. تصوير، تصويرئي رهي هئي، منھنجو ذهن ڪافي ٿڪجي چڪو هو، ۽ مان پنھنجي تصوراتي مقصد ۾ ناڪام ٿيو هوس. مون ڪجهہ خار سان لباس، منڊي ۽ ڪنگڻ اُتي ئي ڪارنس تي ڦٽا ڪيا، ۽ موٽيس پنھنجي سمھڻ واري ڪمري ڏانھن. سمھڻ جي ڪوشش ڪيم. پر ننڊ ئي نہ اچي، تصوير جي سندرتا جي ڇايا ڇانيل ئي رهي. مان ان جي تصور کي موڙڻ سوڙڻ جون ڪوششون ڪندو رهيس. گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ ياد آيم تہ ڊرائنگ روم جا در کليل ۽ بتيون ٻريل ڇڏي آيو آهيان. مان آهستگيءَ سان اُٿيس ۽ واپس ويھڻ واري ڪمري ۾ آيس. بتي وسائڻ چاهيم، پر قدم ڌڪجي آتشدان تائين ويا.
’اُف، هيءَ بيجان سونھن! ڪاش، جيڪر هيءُ روح ئي هجي، پر تصور ۾ تہ مختلف ادائن سان اچي، تشنہ آتما سڪون تہ حاصل ڪري، باقي هن هٺ، غصي، ۽ هڪ ئي سھڻيءَ پر مغرورانہ ادا سان ڇا ٿو ٿئي!‘ سوچيندي، مون ڪارنس تي پيل ساڙهيءَ، ڪنگڻ ۽ منڊيءَ تي نظر وڌي، ۽ محسوس ڪيم تہ واقعي هيءُ سندرتا جو مجسمو هن لباس ۽ زيورن کي پھري، تہ جيڪر لباس ۽ زيورن جي خود سونھن وڌي وڃي ها، هو ٻھڪي اُٿن ها.
مون ڪنگڻ آڱرين ۾ جهليا، منڊي کڻي، آڱر ۾ ورائي پائي ڇڏيم، ساڙهي کي ڪلھي تي رکي، اچي بتيون وسايم ۽ در ڏنم، ۽ پوءِ واپس آيس سمھڻ واري ڪمري ۾، ساڙهي پلنگ جي مٿن کان پيل ٽيبل تي ڦٽي ڪيم، ڪنگڻ کي حفاظتي طور وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيم، ۽ پوءِ کڻي پاڻ کي پلنگ تي سٽيم، آهستي آهستي، ننڊ جا پنک مون مٿان ڇانوَ ڪندا ويا.
ڪا مھل ٿي تہ مون محسوس ڪيو تہ ڪير منھنجي وهاڻي کي هيٺ مٿي ڪري رهيو آهي. مون وهم سمجهي، پاسو ورائي ڇڏيو. پر پوءِ پنھنجين آڱرين تي ڇھاءُ محسوس ڪيم، ۽ هڪ آڱر کي سخت ڇڪ آئي. مان يڪدم ٽپ ڏيئي اُٿي ويھي رهيس. واقعي، هڪ پاڇو منھنجي مٿي کان بيٺو هو! هاڻي هو رڙ هي پرڀرو ٿي ويو هو. مون يڪدم اُٿي بتي ٻاري.
’هان، هيءُ ڇا!‘
مان حيران ٿي ويس..... ساڳي تصوير، ساڳيو روپ، ساڳي ادا، ساڳيو هٺ ۽ غصو! بس، فرق رڳو ايترو هو جو هن جي هٿن ۾ ساڙهي، منڊي ۽ ڪنگڻ چمڪي رهيا هئا، ۽ هوءَ جيئري جاڳندي منھنجي سامھون هئي، هُن يڪايڪ سامان ورائي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو، ۽ سندس قدم مون ڏانھن وڌيا. منھنجي ويجهو اچي، گهُور ڪري، هوءَ خار ۽ غصي وچان مون ڏانھن نھارڻ لڳي.
”اندرا.... ديوي!“
”ها، اندرا، پر تنھن سان تنھنجو ڇا؟“ هن جا نازڪ چپ غصي وچان ڏڪي رهيا هئا. مون سندس اکين ۾ نھاريو، جت ڪجهہ نرمي هئي، پر اتي بہ مون هينئر تيزي ڏٺي. سندري تمام گهڻو ناراض ٿي ڏٺي.
”اوهين ناراض آهيو؟“
”تو گهر آئي جو اپمان جو ڪيو!“ هن جي لھجي ۾ تيزي هئي.
”اپمان؟“ مان حيران ٿي ويس.
”ڪي شيون سوکڙيءَ طور اَرپي، انھن کي موٽائي وٺڻ، ڄڻ تہ مان انھن جي لائق ئي نہ هيس.... اپمان ناهي تہ ٻيو ڇاهي....“
”مان شرمندو آهيان، اندرا ديوي! هيءُ سڀڪجهہ توهان جو ئي تہ آهي، توهين ڀلي کڻو. پر....“
”پر ڇا؟“
”پر مان چاهيان ٿو تہ توهين هڪ مھرباني مون تي ضرور ڪندا وڃو: پنھنجيءَ ڪٺورتا ۽ غصي کي ڪوملتا ۽ مڌرتا ۾ بدلي ڇڏيو تہ منھنجيءَ تشنہ آتما کي سڪون ملي!“
”هون، سڪون! سڪون واري ڪُٽيا ۾ رهندي بہ سڪون جي ڳولا؟ پر توکي جنھن سڪون جي ڳولا آهي، اُهو ڪڏهن بہ نہ ملي سگهندو. اهو سڪون ڪوملتا ۾ مڌرتا جو نچوڙ آهي: پر جيئن اهي شيون خود اڻلڀ آهن، تنھنڪري اهو سڪون بہ اڻلڀ آهي!“
”پر مان پنھنجي من کي ڇا ڪريان، جو ان تي ضد ٻڌي بيٺو آهي؟“ مون بيتاب ٿيندي چيو.
”من کي مار! هون، جي من کي انسان ماري ها تہ جيڪر ھھڙا افعال ئي نہ ٿينس ها، تنھنڪري، توکي بہ من جي مارڻ جو، تن کي تسيي ڏيڻ جو اُپديش ڏيڻ بيڪار آهي.“
هوءَ آهستي پٺتي هٽي، در وٽ وڃي بيھي رهي. هوا جا هلڪا لوڏا سندس لباس ۽ سھڻن گهاٽن ڪارن وارن کي لوڏي رهيا هئا. هن ڪنڌ ورائي مون ڏانھن ڏٺو. سندس اکين جي انوکي جوت موٽي آئي هئي.
”ڪن کولي ٻڌ تہ تون جنھن ڪوملتا ۽ مڌرتا جي تلاش ۾ آهين، سا تہ توکي ڪٿي بہ نٿي ملي سگهي. مون جيڪي ڪجهہ انھيءَ دنيا ۾ رهي محسوس ڪيو آهي، ان جا آثار تون منھنجي چھري تي پسي سگهين ٿو. فنڪار جي ليڪن بلڪل صحيح نموني ۾ منھنجي ضمير، منھنجي روح کي چٽيو آهي. مون کي غصو آهي، دنيا جي اڍنگيءَ هلت چلت تي، مون کي بانور آهي، پنھنجي پاڪ ۽ نيڪ ضمير تي، مون کي هٺ آهي، پنھنجن خيالن تي، جن جي مدد سان مون هڪ الڳ دنيا ٺاهي آهي.“
”الڳ دنيا؟“
”ها، الڳ دنيا.... ليڪن ۽ ريکائن جي دنيا، جت خيال جو واسو آهي ۽ هٿ چُرن ٿا، زندگيون جنم وٺن ٿيون: پاڪ، نيڪ نيت، دنيا جي بغض، حسد ۽ ڪيني کان اڻواقف، دکن کان پرڀرو، سک جي ڇانو ۾، پنھنجو جيون، پنھنجي دنيا! بس، ائين چئجي تہ هيءَ خيالي تخليق، حقيقي يا مادي تخليق کان بہ مٿڀري آهي. جيتوڻيڪ خيالن کي جنم ڏيڻ واري هستي خود مادي تخليق آهي.“
مان مسحور ٿيو، بت بڻيو، خاموش انھن نازڪ لبن کي ڏسي رهيو هوس، جن مان فلسفيانہ ڪرخت نظريا نڪري رهيا هئا.
”مون صفا ڪونہ سمجهيو.“ مون ڀڻڪيو.
”تون سمجهندين بہ ڇا. توهين چاهيو تہ لطيف جذبا هجن، ۽ انھيءَ خيالي دنيا ۾ رهي صرف نفس جي پوڄا ڪندا رهو. توهان جو فرض آهي تہ ڪجهہ ڏسو، سوچيو، پنھنجي اردگرد ڦھليل زندگين تي ڪجهہ سوچيو. ڪڏهن توهان سوچيو آهي تہ ماءُ خود بکايل آهي، ٻار ڇاتي ۾ کير نہ ڀانيو، اُن ڇاتيءَ تي منھن بہ هڻي رهيو آهي، ڦٿڪي بہ رهيو آهي، ۽ روئي رهيو آهي.. اُن مھل ماءُ جا جذبا ڪھڙا هوندا؟ ڳول، اُن ڇاتيءَ ۾ مڌرتا ۽ ڪوملتا تلاش ڪر! ڪڏهن انھن خيالن تي طبع آزمائي ڪئي اٿو، جڏهن ٻار بک وچان ڦٿڪي رهيا آهن، ماءُ- پيءُ ڳڻتين ۾ آهن: ان وقت ٻيو حيلو ڪونھي، سواءِ انھيءَ جي جو ماءُ پنھنجي عصمت انھن ساهوارن تان گهوري ڦٽي ڪري: انھن مسئلن تي سوچ تہ تنھنجو ذهن، زندگيءَ جي عياشيءَ جي ٻئي رخ کان واقف ٿئي. لطافت نزاڪت تہ اُتي بہ آهي، جت ڪنھن جي عصمت، ڇير پايو، ڪوٺي تي چند ٽڪن واسطي نچي رهي آهي. پر شايد اُها ڪجهہ تلخ آهي، ائين نہ؟ شايد، اُن مھل بہ تون انھن جي ڇاتين ۽ چرندڙ جسمن ۾ ڪومتا تلاش ڪندو هوندين، جڏهن اُهي ڇاتيون ڀينر، زال ۽ ماءُ ڪٽي رهيون هونديون: جسم ۾ ڏهڪاءُ هوندو، طوفان هوندو، ڇا نہ هوندو، جڏهن هڪ ڀاءُ، هڪ مڙس، هڪ پٽ، هڪ مزدور، محنت ڪندي، مل جي مشين ۾ اچي ويو هجي، ۽ ان جو چچريل لاش، بي ڪفنيو، انھن آڏو پيو هجي. چئہ، ڪجهہ تہ چئہ! ٻال وڌوا جي جليل سڙيل جوانيءَ ۾ بہ هڪ نزاڪت ۽ ڪوملتا ٿئي ٿي، ڪڏهن انھيءَ تي غور ڪيو اٿئي؟ ڪڏهن ان پيءُ جي نراڙ ۾ پيل گهنجن ۾ ان جي ڌيءَ جي ڪوملتا ڏٺي اٿئي، جنھن جي هٿن تي ميندي لڳيو ڇڻيو وڃي، ڄڃ در وٽ اچي موٽيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو پيءُ ڌيءَ کي ڳھن ڳٽن ۽ لباس سان نٿو جهنجهي سگهي. ڳول نہ! انھن سڀني واقعن ۾ پنھنجي مڌرتا ۽ ڪوملتا! ڏس تہ اُها ڪھڙي رنگ ۾ آهي؟ ڳول نہ!.... هليو آ زندگيءَ کي مڌر ۽ ڪومل بڻائڻ!“ هن جا چپ غصي وچان ٿڙڪي رهيا هئا، منھن ڳاڙهو هوس. سندس لفظن منھنجن ڪنن ۾ زوزٽ ٿي ڪيا. مان سڄو پگهرجي ويو هوس. هڪ بت زندگيءَ کي بي نقاب ڪري رهيو هو، منھنجو ڪنڌ هيٺ هو.
”تون ڪنڌ ڇو ٿو هيٺ ڪرين؟ مون اهو سڀڪجهہ ڏٺو هو، مون ڪنڌ هيٺ نہ ڪيو: مون انھن لاءِ سڀڪجهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مون کان ٿي سگهيو. مان پڇاڙيءَ تائين اهو ڪجهہ ڪندي رهيس، جنھن سان ماءُ جي سڪل ڇاتيءَ ۾ کير اچي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عصمت وڪڻڻي نہ پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نہ پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي، وڌوائون سھاڳڻيون بڻجي وڃن، غمگين پيءُ جي نراڙ جا گهنج لھي وڃن، ۽ ان جاءِ تي سک ۽ اطمينان جون لھرون هجن. پر ڏٺم تہ هيءُ دنيا ايڏي تہ وسيع آهي جو جيڪڏهن هڪ دک جو خاتمو ٿو ڪجي تہ ٻيا دک ازخود پيدا ٿيو ٿا پون. تنھنڪري مون دنيا ئي الڳ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. مون زندگيون تخليق ڪيون: پينسل جي ليڪن سان انھن انسانن کي جنم ڏنم، جن جي پيشاني عزم ۽ استقلال سان چمڪندڙ هئي، جن جا جذبا سندن مضبوط ۽ سٻري جسم مان ظاهر هئا. سندن ٻارڙا، ننڍڙن پر سھڻن گهرن ۾، خوش خوش ڦيريون پائيندا نظر ايندا هئا. سندن زالون، چپن تي آجيان جي مشڪ کنيو، گهر جي ڪم ڪار ۾ مشغول هونديون هيون. مائرن جون اکيون، پٽن جي خوشحال زندگي ڏسي .....تي ٿي وينديون هيون. ڌيئر پنھنجي پيءُ جي ڏنل سھاڳ جي ڪنگڻن کي ائين کڙڪائينديون هيون، ڄڻ ڪو خوشيءَ جو نغمو الاپي رهيون آهن. اهڙين خوشين کي تخليق ڪرڻ منھنجو فرض هو، جن کان هيءَ زندگي واقف بہ نہ هئي. انھن خيالن کي پينسل جي ذريعي هٿ جي چرپر سان چٽيندي، مون پاڻ هن روپ ۾ اچڻ پسند ڪيو. مون پنھنجن چپن جي مشڪ انھن ڪاغذي ڪردارن کي ڏيئي ڇڏي. ڪوملتا، نزاڪت..... سڀ انھن مائرن، ڀينرن، زالن جي نالي ڪري ڇڏيم پڇاڙيءَ جو پوترتا جھڙي قيمتي زيور کي ڪن ساهوارن مٿان گهوري ڦٽي ڪيم. مون اها ڪوشش پڇاڙيءَ تائين نہ ڇڏي تہ ڪيترو بہ ٿي سگهي، ساهوارن جي چپن تي مشڪ آڻي ڇڏيان، ۽ اُنھيءَ سان گڏ پنھنجيءَ حسين دنيا جي تخليق ڪندي رهيس.“
هوءَ ڪجهہ وقت ماٺ ۾ رهي، ۽ مون بيتاب ٿي پڇيو:
”پر..... توهان جي پوترتا!“
”ڏٺئہ، ٿي وئين نہ پوترتا جي ڳالھہ تي بيتاب. توهين جسماني انسان سوچيو بہ جسم جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ ٿا. ڇو نٿا ضمير جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ سوچيو، ڇو نٿا روح جي پوترتا جي باري ۾ سوچي امر ٿيو؟ نہ تہ اوهان جھڙو جيون تہ ڪروڙين انسان گذاري ويا آهن، توهين جي اهڙو جيون گهاريندؤ تہ ڪھڙو تير هڻي ڇڏيندؤ! منھنجو مثال ئي وٺ. مون کي ناز آهي پنھنجي وويڪ جي پوترتا تي، جا مون جسم جي پاڪيزگي ڏيئي حاصل ڪئي آهي. هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي جو هڪ چترڪار کي، جو غربت ڪري ڪاليج ڇڏي چڪو هو، پيءُ جي مري وڃڻ سبب نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پيئي. نوڪريءَ جو نيٺ کيس آسرو مليو. ان وقت سندس ماءُ اڌرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي، وڏو ڀاءُ ٽي. بي جي حوالي هو، سامائيل ڀيڻ بک جو شڪار هئي، ۽ ننڍي ڀاءُ جي حادثي ۾ ٽنگ ڪپجي پيئي هئي. مصيبتن جي هن اوڙاھہ ۾ ويھي، هن گهڻيئي تصويرون چٽيون، پر سڀني ۾ غم جون ريکائون ظاهر هيون، تنھنڪري ڪنھن نہ ورتيون، چي، ’غم وارا غم خريد ڪن، خوشيءَ وارن جو غم سان ڪھڙو واسطو؟‘ مان ان غريب جي وس آهر مدد ڪندي رهيس. پر آخر ڪيستائين؟ نيٺ هو انھيءَ نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، جنھن جي هڪ شرط پاڙڻ سان هڪ زندگي سا تباھہ ٿي وڃي ها، پر سڄو خاندان نہ رڳو بچي ها، پر خوشحال زندگي گهاري ها. هن نيٺ سيٺ سان ها ڪئي، ۽ ڀيڻ کي چيائين تہ تيار ٿيءُ تہ توکي گهمائڻ ٿو وٺي هلان. دکن ماريل ڀيڻ بہ سڀڪجهہ سمجهي ويئي... تہ اڄ سندس قرباني ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. هوءَ خوشيءَ سان تيار ٿي. ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺي هليو. چِتا تي چاڙهڻ.... شايد سَتي ٿي ڪيائينس. ڪيڏو نہ جيون ۾ دک آهي!“
هن جي چھري تي غصي سان گڏ دک جون ريکائون بہ ڦھلجي ويون هيون. مون صرف ائين پئي محسوس ڪيو تہ مان اڳ ڪنھن اونداهيءَ غار ۾ هوس، اڄ ڪا زندگي مون آڏو مشعل جهلي بيٺي آهي، ۽ مان سڀڪجهہ ڏسي رهيو هوس... دک جي انتھا، انسان جي بيڪسي، زندگيءَ جو اصل روپ. هوءَ بيان ڪندي رهي:
”جڏهن هو ڀيڻ کي سيٺ وٽ ڇڏڻ آيو، تنھن کان اڳ مون کي خبر ملي چڪي هئي. مان سيٺ وٽ پھچي ويس، ۽ کيس ساڳيو زيور آڇيم جو هڪ ڀاءُ پنھنجيءَ ڀيڻ کان کسائي رهيو هو. سيٺ ڇوڪريءَ جي مٿي هٿ رکيو، ۽ ڀاڻس کي ٻئي ڏينھن آفيس ۾ اچڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو، ۽ پوءِ موٽي اچي مون کان ان جي قيمت وصول ڪيائين. ڀاءُ ڀيڻ کي موٽائي گهر وٺي آيو، ڏاڍو خوش سوچيائين تہ سيٺ ڪيڏو نہ ديالو آهي! سيٺ جي انھيءَ ڳالھہ تہ هن کائنس امتحان ٿي ورتو، کيس سڪون بخشيو. پر مون تہ اها سچي تسڪين پاتي، جا خواب ۾ بہ نہ ڏٺي هيم. مون زندگيون بچايون هيون، جسم تي گندگي ملي، جرڪندو ضمير پاتو هوم، انھي تي جيترو بہ بانور ڪريان، ناز ڪيان، ٿورو آهي.
”سيٺ وٽان ٿي، سڌو مان چترڪار وٽ آيس. کيس زبان سان ڪجهہ نہ چيم، پر ڏانھنس ڏاڍي غصي وچان نھاريم، صرف انھيءَ ڪري جو هو پنھنجين زندگين مٿان ٻي زندگي کي قربان ڪندي نہ هٽڪيو. ۽ پوءِ اتان هلي آيس، کيس اکين ۾ هڪ پيغام، هڪ جوت ڏيئي. مون پوءِ شام جوئي گندي جسم کي سمنڊ جي لھرن جي حوالي ڪيو، ۽ صاف روح کي کڻي اچي چترڪار جي خيالن تي قبضو ڪيم، جنھن مون کي هيءُ روپ ڏنو. واقعي ’روپ‘ مون کي صحيح روپ ڏنو.“
”روپ؟“ مون کان بي اختيار زبان مان نڪري ويو.
”ها، اهو ساڳيو ئي روپ آهي. هن سمجهيو تہ مان غائب ٿي ويئي آهيان. ماڻھن جي چوڻ تي تہ مان ڪنھن سان ڀڄي ويئي آهيان، تصوير هيڏانھن ڏياري موڪليائين. جيتوڻيڪ هن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ مون کي جيترو ڪٺور ۽ هٺ وارو ڏيکاري اوترو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ جو مان سندس پريم جي بدلي ۾ پريم ڏيئي جو نہ سگهي هيس. بي سمجهہ هو نہ، هن کي ڪھڙي خبر تہ مون پريم جي ورکا اڳي ئي پنھنجيءَ دنيا مٿان ڪري ڇڏي آهي. ها، سو ڳالھہ ٿي ڪيم تہ هو تصوير ٺاهي خود حيران ٿي ويو، جو ان ڪٺورتا ۽ هٺ ۾ بہ هڪ قسم جو شان هو. آخر ڇو نہ ٿئي؟ ڇو نہ بانور ڪريان پنھنجي آدرشي جيون تي! هاڻي تہ ڪنھن جي پرواھہ ڪانھيم... پنھنجي دنيا جو وسائي اٿم!“
هوءَ آهستگيءَ سان، در وٽان رڙهي، ٽيبل وٽ آئي. سندس نگاهون ساڙهيءَ، منڊيءَ ۽ ڪنگڻ تي هيون. هن آهستگيءَ سان انھن شين کي کنيو، ۽ هٿن ۾ جهلي مون ڏانھن نھاريو.
”هونءَ... تہ هن لباس ۽ زيورن سان منھنجي نزاڪت ۽ مڌرتا وڌي ها؟ ٺيڪ تہ آهي،.... منھنجي نہ، تہ ڪنھن ٻيءَ ڪنيا جي خوبصورتي وڌائيندي، جنھن جا هٿ شاديءَ رات جو خالي هوندا، لباس ڦاٽل هوندس، پيءُ وٽ نہ زيور، نہ ڪپڙا، بس هن جي ڪمر انھيءَ دک کان وڌيڪ جهڪي ويندي.“
الائجي ڇو، سندس انھيءَ جملي تي منھنجي آڏو منگلوءَ جي جهڪيل ڪمر ڦرڻ لڳي. ان سان گڏ منگلوءَ جا چيل دکي لفظ، جمنا جي خالي سينڌ، خالي ڳچي، خالي ٻانھون مون آڏو ڦرڻ لڳيون. ۽ پوءِ انھن سينڌن، انھن ڳچين، انھن ٻانھن جو تعداد وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ لاتعداد سينڌون اُجڙيل آهن، سندن لباس، سندن اُمنگن سان گڏ، تار تار آهن. ’اُف، دکي دنيا!‘ مون زور سان ڪنڌ ڌوڻيو. ڏٺم تہ اندرا ڪمري ۾ ڪانہ هئي. يڪدم ٻاهر ڀڳس. هوءَ باغ ۾ بيٺي هئي. هن جي. هٿن ۾ ساڳيون شيون هيون.
”اچ، مان ڀانيان ٿي تہ جي مان هيءُ شيون کڻان تہ توکي اعتراض تہ ڪونہ ٿيندو.“
لھجي ۾ ساڳي تيزي هيس.
مون ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ هن وري چيو:
”مان چاهيان ٿي تہ هي شيون صحيح حقدارن وٽ پھچن. هيءُ لباس، هي زيور ڪنھن جا بہ آهن، هاڻ اُن ڪنيا لاءِ آهن، جنھن وٽ ڪوبہ زيور ڪونھي، سواءِ عزت جي زيور جي. تنھنڪري هيءُ سامان منھنجي قبضي ۾ رهندو، جيستائين ان جو صحيح حقدار پيدا ٿئي. تنھنجو فرض ٿيندو تہ ان جي صحيح مالڪ کي ڳولي، ان تائين شيون پھچائين!“
منھنجين اکين آڏو منگلوءَ جي تصوير ڦرڻ لڳي.
”حقيقت تہ اها آهي تہ اهڙين گهڻين ساڙهين، منڊين ۽ ڪنگڻن جي ضرورت پوندي. جي ٿي سگهيئي تہ ڪوشش وٺي خالي آڱرين، خالي ٻانھن ۽ خالي سينڌن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، جيئن منھنجيءَ آتما کي وڌيڪ تسڪين حاصل ٿئي. ۽ ٿي سگهيئي تہ ڪوشش ڪندو رهجانءِ جيئن ماءُ پٽ کي ٿڃ ڏيئي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عزت وڪڻڻي نہ پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نہ پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي. پر تون اهو سڀڪجهہ ڪٿي ٿو ڪري سگهين، مان ئي پوري نہ پئجي سگهيس! پر، چڱو ڀلا، جي ايترو نہ ڪري سگهين تہ پوءِ اها دنيا تہ ضرور ٺاهج، جا خيالي ڀلي هجي، پر ان ۾ زندگي پنھنجي نالي سان نمايان هجي. پوءِ ڀلي چترڪاري هجي يا شاعري هجي يا نثر جي دنيا هجي، پر قلم هجي ۽ خيال هجن. پوءِ انھن انسانن جي تخليق ٿي سگهندي، خوشحال هوندا، بت تي ڪپڙو هوندن. کائڻ لاءِ سڀڪجهہ هوندن، رهڻ لاءِ چڱو مضبوط اجهو هوندن، سندن ٻارن جو مستقبل روشن هوندو، سندن زالن جي چپن تي سدائين وڻندڙ مشڪ هوندي، ۽ مڌرتا ۽ ڪوملتا خود بخود جاڳي نروار ٿيندي. بيشڪ، اها دنيا دنيا هوندي، پوءِ خيالي ئي سهي پر انسان جوڙيندڙ جي آڏو ائين تہ چئي سگهندو تہ ’اي ڀڳوان، ڀيٽ ٻيئي دنيائون: ڏس، اسان توکي ڇا ڪري ڏيکاريو آهي! انھيءَ دنيا جي تخليق ڪئي آهي، جنھن جھڙي تو هن دنيا کي بنائڻ چاهيو ٿي، پر ائين ٿي نہ سگهيو. پر اسان توکي الڳ هڪڙي دنيا ٺاهي ڏني، جتِ ڪوبہ غم نہ آهي، جت زندگيءَ جون لھرون آهن، قرب آهي، مِٺ محبت آهي، سڀڪجهہ آهي: ڪوملتا، مڌرتا، پوترتا، ڇا ڪجهہ ناهي؟ سڀڪجهه، جيڪي تو وٽ موجود تہ آهي، پر ساهوارو مادي انسان حاصل ڪري نہ سگهيو، ۽ خيالي انسان ڪيئن نہ حاصل ڪيو!“
هوءَ خاموش ٿي ويئي، هن هڪ وڏو ٿڌو ساھہ کنيو.
”ڪيڏو نہ گهڻو ڳالھايو اٿم، سڀڪجهہ انھيءَ اميد تي تہ شايد ڪو ٻيو هڏ ڏوکي انسان پيدا ٿي پوي، ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ڪري. مان ڪوشش ڪنديس تہ سڀني وٽ وڃان، کين اهو پيغام ڏيان تہ يا زندگي ٺاهين يا تہ خيالي زندگيون ٺاهي، ساهوارن کي رشڪ ڏيارين تہ هو انھيءَ وانگر پنھنجي جيون کي بنائين. ڏسان، ڪيترا ٿا جاڳن، ڪيترا ٿا سمھي پون!“
مان بلڪل خاموش کيس تڪي رهيو هوس. مون کان ڪجهہ بہ اُڪلي نہ رهيو هو. دل چاهيو تہ ڪجهہ چوان، پر......
”مان سڀڪجهہ توتي ڇڏيان ٿي ۽ وڃان ٿي، موٽي پنھنجي ديس ڏانھن. هن دنيا جا ڦيرا پيئي ڪنديس، پر جي هيڏانھن نہ آيس تہ ڪو ڀولو نہ آهي، ڇاڪاڻ جو ڀانيان ٿي تہ تون گهڻو ڪجهہ ڪندين. ڪريان ڪجهہ اميد!“ هن مون ڏانھن نھاريو. سندس اکين ۾ جوت هئي، پيغام هو. مون ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. ۽ پوءِ مون ڏٺو تہ هن جي پيشانيءَ جا گهنج هٽي ويا، اکين جي جوت وڌنڌي ويس، چھرو وڌيڪ ٻھڪڻ لڳيس: مشڪ چپن تي پنڌڙو ڪندي آئي، ۽ هوءَ کلي ويٺي. هن هڪ ادا سان ساڙهي پنھنجن ڪلهن تي پکيڙي ڇڏي، ڪنگڻن کي پنھنجين ٻانھن ۾ پاتو، منڊيءَ کي هڪ آڱر ۾ وڌائين، ۽ هڪ وڻندڙ مشڪ سان مون ڏانھن ڏٺائين. مان صفا بت بڻجي ويس. مون آڏو منھنجي تصور جي سندري هئي. بس، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا نئين ڪنوار آهي، جا پنھنجي سندرتا ۽ سينگار تي ناز ڪري رهي آهي. ساڙهيءَ جي چمڪ وڌي ويئي هئي. ڪنگڻ ٻھڪي رهيا هئا. منڊيءَ جي ٽڪ تنھان ئي تيز چمڪي رهي هئي. ۽ هوءَ ديويءَ سمان هلڪي مشڪ مشڪندي رهي.
”چڱو ڀلا، مان هلان ٿي.“ هن جا نازڪ چپ چريا.
ائين چئي، هوءَ مست چال سان ڊرائنگ روم ڏانھن وري. هينئر نہ غصو هو نہ ڪٺورتا، بس چوڌاري ڪومل فضا ڇانيل هئي. هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي چڪي هئي. مون کيس ويندو ڏسي ڊڪ پاتي...... تان خبر پيئي جو ڊرائنگ روم جي چائنٺ تان ٿاٻڙجي وڃي ڦهڪو ڪيم. هاڻ مون کي ڪجهہ هوش اچڻ لڳو. ائين محسوس ٿيم، ڄڻ ڪو جادوءَ جو اثر هو جو هاڻ لهڻ لڳو آهي. سوچيم تہ اهو سڀڪجهہ ڇا هو؟ ويتر، حيران ٿي ويس، جڏهين ڏٺم تہ ڊرائنگ روم جا ڏنل در پٽيا پيا هئا ۽ وسايل بتيون ٻريل هيون. مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس... تہ پوءِ اهو ڇا هو؟ خواب يا حقيقت!
سامھون ڪارنس تي ساڳي تصوير رکي هئي. مان يڪدم ڏانھنس وڌي ويس. ساڳيو روپ، غصو، هٺ، اکين ۾ جوت. اوچتو منھنجي نگاھہ ساڙهيءَ ۽ زيورن تي پيئي، جيڪي ڪارنس تي رکيا هئا. الائجي ڇو، اها سوچ منھنجي مٿان ڇانئجي ويئي.
’ڀلي خواب ئي ڇو نہ هجي، پر مون لاءِ اها حقيقت آهي. هڪ ديوي هئي، جا آئي هئي مون کي جاڳائڻ ۽ انھيءَ دنيا ڏانھن توجهہ ڏيارڻ، جا انسانن جي دنيا آهي. جي هن دنيا جا دک مايوس ڪن تہ پوءِ هڪ اهڙي دنيا ٺاهجي، جا خيالي بيشڪ هجي، پر قابل رشڪ هجي، جو يڪدم ساهوارا احساس ڪن تہ ٺاهجي تہ اهڙي دنيا ٺاهجي!‘
مون لباس ۽ زيور تي هٿ رکيو، ۽ تصوير ڏانھن مخاطب ٿي چيم، ”ديوي، ائين ئي ٿيندو، جيئن تو چاهيو آهي. اها ساڙهي اهو جسم اهو جسم پائيندو، جيڪو هميشہ ليڙن ۾ گذاريندو آيو آهي. منڊي ان آڱر ۾ پوندي، جنھن ڪڏهن سون نہ ڏٺو هوندو. ڪنگڻ انھن ٻانھن ۾ پوندا، جيڪي هميشہ ٻُٽيون رهيون آهن. ۽ پوءِ ان ڪنيا جي سينڌ ضرور سندور سان ڀربي!“
منھنجي تصور ۾ منگلوءَ ۽ سندس ڪنواري ڌيءَ، جمنا، جون تصويرون ڦري رهيون هيون.
”مان اهڙيون گهڻيئي ڪنيائون سھاڳڻيون ڪندس، ديوي! مان اها بہ ڪوشش ڪندس تہ مائرون فخر سان پنھنجن نونھالن کي ڇاتيءَ سان امرت اوتي ڏين، ڀينر سھاڳڻيون بڻجي ڀائرن جو ڪنڌ مٿي ڪن، استريون پنھنجيءَ لڄ کي وڪڻڻ بجاءِ پنھنجن ٻارڙن جي زندگيءَ کي سڦلو ڪن ۽ پيءُ جي شيوا ڪن. منھنجين ڪوششن جي اها انتھا هوندي جو مان شهيد ٿيل مزدورن جي وداوئن، مائرن ۽ ڀينرن جا ڳوڙها اُگهي سگهان. مان سڀڪجهہ ڪندس، ديوي، سڀڪجھہ!“
منھنجو ڪنڌ شرڌا وچان اُن تصوير جي آڏو جهڪي ويو. ڪنڌ کنيم تہ ڏٺم تہ ديوي مشڪي رهي هئي. چوڌاري پوتر، ڪومل ۽ مڌر مهڪ ڦھليل هئي، جيڪا هر روح ۽ ضمير جي خوراڪ هوندي آهي.
(مھراڻ 1/1962ع)