ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

سمنڊ ۽ مان

سمنڊ ۽ مان، ٻئي اڪيلا. هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منھنجي من جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل. منھنجي لاءِ اهائي زندگي هئي، اهائي جيون – جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا هئاسون، پر هڪٻئي جهڙا، هڪٻئي جا ساٿي. ڇوليون تيزيءَ سان اچي منھنجي پيرن مان ڪتڪتائي ڪڍي موٽي ٿي ويون، ۽ منھنجي من ۾ ويچارن ٿي ڪتڪتايون ڪيون. ڪو وقت هو تہ مان هن سمنڊ سان رقابت ڪندو هوس، پر هاڻي اسين ٻئي دوست آهيون، گهرا دوست، هڪِٻئي جا همراز. محبت جي ميدان ۾ هن کَٽيِ بہ هارايو هو، ۽ مون هارائي بہ کَٽيو هو. پر اها جيت منھنجي لاءِ هڪ عذاب کان ڪنھن بہ صورت ۾ گهٽ ڪانہ هئي. مون سڄي زندگي عذاب سٺا، پر اهو عذاب منھنجي زندگيءَ تي ايڏو تہ ڇائنجي ويو، جو مان ائين سمجهڻ لڳس تہ مَنُ پيِڙا آهي، ۽ خود ئي اها پيڙا سهي ٿو __ جيئن سمنڊ ڪيترين پيار وارين هستين کي پاڻ وٽ پناھہ ڏيئي پاڻ اهو ئي رُکو رهي ٿو، سندس من جي پيڙا ختم ٿيڻ جي ئي نہ آهي.
ويٺي ويٺي، سوچي سوچي، پاڻ کي ڪجهہ عجيب احساسات ۾ ورتل ڏٺم. انھيءَ جذبي هيٺ، واري کڻي هڪ گهر ٺاهڻ شروع ڪيم. واريءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھہ مان هڪ هنڌ گڏ ڪيم. آهستي آهستي ڀتيون کڄڻ لڳيون، ڪمرا ٺھيا، ورانڊو ٺھيو، مٿانئن ڇت پيئي _ _ ۽ هڪ ننڍڙو سھڻو گهر ٺھي راس ٿيو. مان دل ئي دل ۾ گدگد ٿيڻ لڳس. مون کي پنھنجي آڳنڌ ۾ بھار ڏسڻ ۾ آئي، ۽ مان وڌي وڃي آڳنڌ ۾ وڇايل کٽ تي ويٺس.
مون کي لڳو تہ منھنجي آڏو خوشين جي انبارن جي ڳنڍ کلي پيئي آهي، ۽ مان آهستي آهستي ان مان هڪ هڪ خوشي ۽ من جي مرضي ڪڍندو ويس.
منھنجين اکين تي ڪنھن جا گورا گورا ننڍڙا هٿ هئا. انھن هٿن کي مون پنھنجين اکين سان چمندي چيو، ” زوبي!“ ۽ ڪنھن هٿ ڇڏي ڏنا. چوڌاري موسيقي ڦھلجي ويئي. هوءَ کلندي اچي منھنجي ڀرسان ويٺي!“
”زوبي، سڄو ڏينھن لڙئين بہ ڪانہ !“
”۽ تون ڪٿي هئين ڀلا!“
”مان . . . مان تو وٽ، زوبي. انھن ڪارن ڇپرن وارين وڏين وڏين اکين ۾ ئي تہ ويٺو هوس!“
”هون! مان بہ چوان تہ اڄ منھنجون اکيون بند ئي نہ پيون ٿين! هاڻي مسين مسين اکيون ٿيون ٻوٽجن. چڱو، مان ڀلا گهڙي ساعت ننڊ ڪري وٺان جميل!“
”زوبي، تنھنجا هي ڦھليل سنھري وار مون کي ائين ٿا لڳن، ڄڻ چنڊ سان گڏ رات بہ هيٺ ڌرتيءَ تي لھي آئي آهي، ۽ چوي ٿي تہ منھنجي دامن ۾ ڦھليل خوشين کي ڏس، انھن کي ڏنل وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ رنگ کي ڏس. رنگن جي دنيا، رنگن جي ڪائنات! منھنجي زوبي، اسين جلد ئي هڪ ٿي وينداسين.“
زوبيءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. اوچتو ٽپ ڏيئي پري وڃي بيٺي. زوبيءَ جي نگاهن ۾ تبديلي هئي. سندس چھري تي ڦھليل تاثرات ائين پئي ظاهر ڪيو تہ هوءُ هن واديءَ جي رهاڪو نہ آهي __ هوءَ هينئر پري نڪري ويئي آهي، تمام گهڻو پري.
”ڇو، زوبي، تون ناراض تہ نہ ٿي وئينءَ؟ مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ عجيب طبيعت جي مالڪ هئي. سچ تہ سندس طبيعت بلڪل نرالي هوندي هئي. خوشيءَ جي ڳالھين تي رنج ٿيندي هئي، ۽ ڏک جي ڳالھين تي ٽھڪ لڳائيندي هئي.
”نہ جميل، ناراض ڇو ٿينديس... خير، مان هلان ٿي، اَمي منھنجي انتظار ۾ هوندي.“ هوءَ هميشہ وانگر شاديءَ جي ڳالھہ کي ائين نٽائي هلي ويئي. مان ويچاريندو رهيس. مان جڏهن انھيءَ لائق ٿيس جو زندگيءُ جي دامن ۾ ڦھليل رنگن کي نہ صرف پرکي سگهان، پر انھن کي وڌيڪ ڦھلائي، منجهن زياده خوشرنگي پيدا ڪري سگهان، تڏهن مون وڏا پروگرام ٺاهيا. انھن مان هڪ هو _ هڪڙو ننڍڙو گهر، خوشين سان ڀرپور.“
مون جڏهن هن ٽڪريءَ تي هيءُ پلاٽ ورتو هو، تڏهن ئي احساس ٿيم تہ مان خوش نصيب آهيان جو ھھڙو پلاٽ هٿ لڳو اٿم. گهر جوڙائيندي جوڙائيندي مان هنن ٽڪرين تي ڦھليل ننڍڙن سھڻن گهرڙن ۽ بنگلن کي ائين سڃاڻڻ لڳس، ڄڻ منھنجيءَ آفيس واري ٽيبل تي رکيل گلدان ۾ گل، جن جا مختلف رنگ، جنھن وقت مان سوچ ۾ هوندو هوس تہ منھنجي اڳيان انڊلٺ ٺاهي بيھندا هئا، جن جي آرپار مان زندگيءَ جا حسين خواب ڏسندو هوس. جيئن جيئن مان هرهڪ بنگلي وٽان لنگهندو هوس، زندگيءَ جي رنگ برنگي روپن کي پَسندو هوس.
منھنجي ٺھندڙ گهر جي ويجهو ٻہ سھڻا، وڻندڙ بنگلا هئا، جن جي وڏي خوبصورتي انھن جا رهاڪو هئا. هڪڙي بنگلي ۾ هڪ ڊاڪٽر رهندو هو. ڊاڪٽر ۽ سندس گهر واري ڏاڍا قربائتا هئا. جڏهن بہ مان اتي ويندو هوس، تہ ڊاڪٽر، سندس بيگم ۽ سندن ٻہ ڌيئون مون کي ڪافي وندرائيندا هئا. سندن دلچسپ ڳالھين ۾ ڪجهہ وقت تہ مان صفا گم ٿي ويندو هوس.
ٻيو بنگلو هو زوبيءَ وارن جو. زوبي پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ هن گهر ۾ رهندي هئي. هوءَ گريجوئيشن ڪري رهي هئي جو منھنجي ساڻس واقفيت ٿي. گهٽ قربائتي ماڻس بہ ڪانہ هئي زوبيءَ جو پيءُ هڪ وڏو واپاري هو، ۽ اڪثر پنھنجي ڌنڌي جي واڌاري لاءِ ٻاهر گذاريندو هو. زوبيءَ جي ماءُ کلمک خاتون هئي. جڏهن بہ ايندي تہ پھريون سوال ڪندي هئي:
”ابا جميل، تنھنجي جاءِ جُڙي راس بہ ٿيندي يا . . . جڏهن ڏس، ڪم اوتري جو اوترو! مزورن کي مزوري تہ ڏيندو آهين نہ ؟“
” ها امي! بس، ڀتيون کڄي پوريون ٿيون آهن، ڄاڻ ڇت بہ پيئي؛ پوءِ صرف سنھو ٿلھو ڪم باقي رهندو.“
ڀتيون کڄيون، ڇت پيئي. مون محسوس ڪيو تہ ڀتين کڄندي کڄندي، منھنجي محبت جي محل جي اوساري بہ ٿيندي هلي. زوبيءَ جي محبت جي پيڙھہ منھنجي دل ۾ پئجي چڪي هئي. آهستي آهستي اسين ايترو تہ ويجهو اچي وياسين جو هڪٻئي کان سواءِ بيچين ۽ بيقرار رهڻ لڳاسين.
منھنجي آفيس کان موٽڻ بعد زوبي يڪدم منھنجي گهر هلي ايندي هئي. اسين ڪافي دير ويٺا ڳالھيون ڪندا هئاسين. شام ٿيندي هئي تہ هوءَ هلي ويندي هئي، ۽ مان اڪيلو رهجي ويندو هوس. صبح جو هوءَ ايندي هئي، ۽ ٽڙندي، مون سان گڏ موٽر ۾ ڪاليج هلندي هئي. مان کيس ڪاليج ڇڏيندو، آفيس هليو ويندو هوس.
هڪ ڏينھن جيئن زوبي ويئي پئي، مون کي الائجي ڇو محسوس ٿيو تہ هن کي وڃڻ نہ کپي _ هن کي هن گهر جي بھار هجڻ کپي. هن ويرانيءَ ۾ بھار ايندي، ۽ ضرور ايندي... ۽ مون کيس ٻانھن کان ڇڪي ويھاري ڇڏيو.
”زوبي، تو ڏٺو آهي تہ جڏهن تون اچين ٿي تہ هن ويران ۽ اڪيلي گهر جي رخ تي بھار جا پاڇولا ڇانئجي وڃن ٿا، ۽ جيئن تون نچندي ڪُڏندي اچين ٿي تہ اهي بھار جا پاڇولا نچندا ڪڏندا هن گهر جي ٽُڪر ٽُڪر ۾ ڦھلجي وڃن ٿا، ۽ چوڌاري بھاريءَ ۽ موسيقيءَ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. مان چاهيان ٿو تہ هن گهر جي بھار، هن گهر ۾ ئي رهي. ان لاءِ مان اميءَ سان ڳالھائيندس... منھنجو خيال آهي، زوبي، تہ مان . . .“
مان پنھنجو جملو ختم ڪري نہ سگهيس. ڏٺم تہ هوءَ اٿي بيٺي هئي. سندس چھرو ڪنھن بہ قسم جي جذبات کان خالي هو.
”مان وڃان ٿي جميل، امي منھنجو انتظار ڪندي هوندي.“ هميشہ وانگر پنھنجو مخصوص جملو دهرائي، ڳالھہ کي نٽائي، هوءَ هلي ويئي. جڏهن بہ مان اهڙي ڪا ڳالھہ ڪڍندو هوس تہ سندس منھن جي رنگت بدلجي ويندي هئي، هوءَ اندروني ڪيفيت کان مجبور ٿي، خاموش هلي ويندي هئي.
پوءِ اسين سمند جي ڪناري تي وڃڻ لڳاسين. گهران خوش خوش ۽ ٽڙندا نڪرندا هئاسين، ۽ موٽڻ ويل زوبي خاموش هوندي هئي ۽ آئون اداس. ٻنھي جا چھرا لٿل ۽ ڪوماڻيل هوندا هئا. مان پيار جون ڳالھيون ڪندي ڪندي شاديءَ جو ذڪر ڇيڙي ويھندو هوس، ۽ جواب ۾ زوبيءَ جي خاموشي پلئہ پوندي هيم.
هڪ ڏينھن سمنڊ جي ڪناري سج کي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيندو ڏسي، زوبيءَ چيو، ” الا! سمنڊ ڪيڏو نہ ظالم آهي؟ سج جي ٻھڪدڙ مکڙي کي ڪيئن نہ پاڻ ۾ غرق ڪريو ٿو ڇڏي. وري صبح جو ٿُڏي کيس ٻاهر اڇلايو ڇڏي.“
”نہ زوبي ائين نہ آهي. سمنڊ جو اٿاھہ سينو تہ هڪ گهر آهي، جنھن ۾ سج محبت جا نغما ٻڌي ٿو. سڄي ڏينھن جي ٿڪ لاهڻ خاطر هو سمنڊ جي گود ۾ پناھہ وٺي ٿو. سمنڊ سڄي رات کيس پنھنجي دامن ۾ لڪائي ٿڦڪيون ڏيئي سمھاري ٿو، ۽ صبح جو نئين دم سج ڪر موڙيندو پنھنجي سفر جا سانباها ڪري ٿو. ڪيڏو نہ گَهرِو سنٻڌ آهي ٻنھي ۾!“
”گهٽ ۾ گهٽ مان انھيءَ کي پيار جھڙو پاڪ نالو ڏيئي نٿي سگهان. سچ تہ جيڪڏهن اهو پيار آهي تہ پوءِ خودغرضي ڇا کي ٿو سڏيو وڃي؟ دراصل ڪنھن کي ڪنھن سان پيار ڪونھي. هرڪو خالي آهي، ۽ هرڪوپياسو. هرهڪ پاڻ کي ڀرڻ ٿو چاهي. سڀڪو پنھنجي پياس اُجهائڻ لاءِ سرگردان آهي. پوءِ ڪنھن جا پيمانا محبت سان پُر ٿا ٿين، تہ ڪنھن جي پيالي منجهہ يادگيريون ئي پون ٿيون. سمنڊ ۽ سج صرف رات گذّارڻ لاءِ هڪٻئي جو سھارو وٺن ٿا. صبح جو سمنڊ ڇولين سان راند رمڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، تہ سج جا سونھري ڪرڻا ڪنوارين مکڙين جو مُک چمڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ٻيئي هرجائي تہ ٿيا! ڪير ڪنھن کي پيار نٿو ڪري، جميل! پيار تہ دراصل پياريون يادگيريون ئي آهن. ها نہ ؟“
مان ويچار ۾ پئجي ويس تہ هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ مان سمجهي نہ سگهيس _ ۽ نہ شايد سمجهي سگهان، ڇو جو زوبيءَ سان مون کي عام پيار هو _ پيار، جيڪو عام آهي.
مون شاديءَ جي مسئلي تي زوبيءَ جي ماءُ سان ڳالھايو هوءَ ڏاڍو خوش ٿي، ۽ چيائين، ” زوبي ئي تہ منھنجي زندگي آهي، پٽ! هوءَ جيئن چوندي، تيئن ٿيندو.“
واقعي ٿيو بہ ائين، جيئن زوبيءَ چيو. هن مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو! مون کانئس پڇڻ چاهيو. هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، ۽ مون ڏک، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ساڻس ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو.
هوءَ پنھنجي مقرر وقت تي روز ايندي هئي، ۽ منھنجي پرپٺ منھنجي نوڪر کان مون بابت پڇي هلي ويندي هئي.
هڪ ڏينھن شام ڌاري جيئن مان بنگلي مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، منھنجا قدم وزني ٿي ويا. جيڪي ڪجهہ مون ڏٺو هو، ان جو ڏاڍو ڏک ٿيم.زوبي هڪ ڪاليجي نوجوان سان ٽھڪ لڳائيندي ڪيڏانھن وڃي رهي هئي.! منھنجو دماغ ڪنھن بہ ڳالھہ سوچڻ کان قاصر هو. بيخيالو، ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويس.
سامھون ڊاڪٽر جي وڏي ڌيءَ سلميٰ ويٺي هئي : ”او.... جميل صاحب! اچو اچو. اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو هن طرف.“
ڪلاڪ ٻن جي گفتگو کان پوءِ مون کي الاجي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو تہ سلميٰ ڪا معمولي ڇوڪري نہ آهي. هن جي ڳالھائڻ ۾ شائستگي ۽ گنڀيرتا ڀريل هئي. گنڀيرتا سندس چھري کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو هو. سندس چھري جي معصوميت ۽ وڻندڙ گفتگو مون کي روز شام جو ڇڪي سندس گهر آڻيندي هئي. ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽن ويٺو دل وندرائيندو هوس. سلميٰ سان اڪثر زندگيءَ جي مسئلن تي ڪافي دلچسپ بحث ٿيندو هو. پر جيئن مان ٻاهر نڪرندو هوس، سامھون زوبيءَ جو بنگلو هوندو هو.... ۽ گهڻو ڪري زوبيءَ کي ڪنھن نہ ڪنھن ڇوڪري سان گڏ ڏسندو هوس. ڪڏهن گهمڻ پيا ويندا هئا، ۽ ڪنھن وقت گهمي واپس ورندا نظر ايندا هئا. ان هوندي به، هن منھنجي غيرحاضريءَ ۾ منھنجي گهر اچڻ ڪڏهن بہ نہ وساريو. ڪڏهن وارو نہ ڀڳائين، جيتوڻيڪ مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو هو.
اهو الائجي ڪيئن ٿيو، خبر نہ اٿم تہ منھنجي شادي سلميٰ سان ڪيئن طي ٿي ويئي. شادي طي ٿيڻ کان پوءِ، سيگهہ ئي هڪ ڏينھن زوبي منھن ۾ ملي وئيم.
”جميل صاحب، مبارڪون! ڏاڍي خوشي ٿي اوهان جي شاديءَ بابت ٻڌي.“
”مھرباني اوهان جي.“ مون وراڻيو.
” دعوت بہ ڏيندين يا رڳو مبارڪون وٺندين؟“
” ضرور، ضرور. پاڙي ۾ ٿي رهين، آخر پاڙي وارن کي نہ سڏيندس تہ ڪنھن کي سڏيندس. “
” ائين ئي سهي، سڏيندين تہ سهي نہ؟“
شاديءَ ٿي. زوبيءَ کلندڙ صورت سان شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. هر شرارت ۾ اڳري. پر الاجي ڇو، مون محسوس ڪيو تہ هوءَ ڪجهہ وڃائي آئي آهي _ يا تہ هوءَ خوابن جي دنيا جي رهاڪو آهي.
ان رات زوبي ايترو تہ مون مٿان ڇانيل رهي جو سلميٰ ۾ بہ مون زوبيءَ کي ڏسڻ چاهيو، ۽ هوءَ مون مان بيزار بيزار نظر اچڻ لڳي. صبح جو جيئن ئي مان ٻاهر نڪتس تہ نوڪر مون کي هڪ چٺي آڻي ڏني. لکيل هو:
”جميل، سمنڊ کان سج جدا ٿي چڪو آهي. اڄ منھنجون همدرديون سمنڊ سان آهن. مان ان جي گود ۾سڪون جي تلاش لاءِ وڃي رهي آهيان. شايد منھنجو گهر اهو آهي. مان پيار کي سڃاڻي ڪانہ سگهي هيس. اڄ جڏهن توکي وڃائي ويٺي آهيان، تڏهن خبر پيئي اٿم تہ پيار ڇا آهي.__ زوبي.“
مان انھيءَ مھل سمنڊ ڏانھن ڀڳس. ننڍڙن پيرن جا نشان ڏسندو، واريءَ جي هڪ ڊٺل گهر وٽ اچي پھتس. اتان پير اڳتي وڌيا. اڳتي، ... اڳتي، ... ۽ مون ڇوليون ڏٺيون، رانديون ڪندڙ ڇوليون. هي ڇوليون وڌي رهيون آهن . . . وڌي رهيون آهن، . . . ۽ منھنجو ٺاهيل هيءَ واريءَ جو گهر به، الا، ميسارجي ويو!
مون چڙ ۾ سمنڊ طرف نھاريو. هن جي ڪاوڙ وڌي ويل پئي ڏسڻ ۾ آئي . ڏٺم تہ سج سمنڊ جي گود ۾ پناھہ وٺي رهيو هو. مون کي ياد آيو تہ مون کي بہ ڪنھن گود ۾ پناھہ وٺڻي آهي. سلميٰ _ جنھن جي گود انھيءَ سمنڊ مثل هئي، جيڪو سج کي حاصل ڪندي بہ خالي خالي، رکو رکو ۽ اڪيلو هو. سمنڊ ۽ سج _ مان، ۽ منھنجو ويران گهر.
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)