ويريون
ــ]ادارو[
نورپور ڪنھن وقت ۾ تہ ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن رئيسن جي رئيسي اوج تي پھچندي ويئي، نورپور بہ اوج تي پھچندي ويئي. چڱا سکر مڙس اچي وسيا، وڻج واپار تہ هونئن ئي رئيسن جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا ايترا تہ جهجها هئا جو شھر جي چڱي ڀلي ڀلاوڻي نيڻومل جي وس جي ڳالھہ نہ هئي، جو سمورو مال سودي وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙم مان جوان نڪتا جن پاڻ سيٺڪي ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنھنجو مال سودڻ لڳا. ماڻھو ساکائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي. ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون بنجي ويا. سندن وڻج واپار بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو، پر سندن خانداني لقب رئيس نہ هيٺ ٿيو نہ مٿي ٿيو. رئيسپائي مان نڪري سيٺپائي تي پھتا هئا، پر تہ بہ نہ سندن ڪڙم جا نالو مٽيو نہ وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي ۾ فرق آيو. چڱو کائيندا چڱو پھريندا هئا، سندن ڪُڙم جو واڌارو ڏسي سندس وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي چوکي حويلي ٺھرائي. ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون ٺھرايون. سندس نگاھہ ڊگهي هئي، سندس هٿ وڏا هئا، ڀر ۾ چڱا پَٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻھو هو. ساڻس عمر وفا ڪانہ ڪئي ۽ سيگهہ وڃي بَرُ وسايائين. سندن پونيَر چڱا سمجهو هئا پر جيئن نہ ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي بہ پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نہ رڳو واپار تي پر زمينداري ۽ راڄ تي بہ نظر هئي. سندس پونيَرن جي وري نظر واپار تي وڌيل هئي. سڀڪجه وڪڻي بہ داءُ واپار تي لڳايائون. ڪرڻي منھنجي مالڪ جي اهڙيءَ ٿي جو ٻي وڏيءَ جنگ ۾ ڪروڙپتين ڪر ئي نہ کنيو ۽ وڃي پٽ پيا، اُتي هيءُ لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ جهڳوئي ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينون ۽ پٽ هئن سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن تہ نڪي نڪ کي مر لائبي نڪي ابي جي پَر وڃائبي. ڪھڙي بہ حال ۾ هئا پر پنھنجي پَرِ نہ وڃايائون. اٿي ويٺي مهمان ٽاڻي کي کارائڻ پيئارڻ، اُهيئي اوطاقن جا ميڙا قائم رهيا.
پر آخر ڪيستائين. آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اُتيئي ڌنڌي کي ورتو، پر اها اوج وري نصيب نہ ٿين. هونئن بہ نيٺ ڪمال کي زوال آ. نورپور جي اوج بہ ڪا رئيسن جي دم سان هئي. آهستي آهستي، اهي ئي ڀٽون ڀاڻا، اُهي ئي ڇن ۽ وٿاڻ. جهڙيءَ طرح وقت سان گڏ ماڻھن جي طبيعتن ۾ بہ هيٺ مٿاهيون اچيو وڃن، اهڙيءَ طرح رئيسن جي حالت ۽ گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري ويون. اڄ بہ نورپور جي شھر ۾ گهڙبو تہ منھن ۾ وڏي بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي، جنھن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي بہ ڪينھي. اُهي ئي دڪان لتاڙي صابوگرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو تہ چڱي مٿانھين تي هڪ ڪوٽ نظر ايندو، جنھن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙون کٿل ۽ کاڌل. اها آهي رئيس گل محمد جي ٺھرايل حويلي، جا اڄ بہ رئيسن جي حويليءَ جي نانءُ سان مشھور آهي.
جيئن ئي حويليءَ ڏانھن وڃبو تہ هڪ چڱي چاڙهي چڙهي حويليءَ جي لنگهہ وٽ پھچبو. چاڙهيءَ جي هيٺان رئيسن جي پونيَرن جون مَنھين واريون اوطاقون نظر چڙهنديون. انھن اوطاقن جي اوج اجڙيل آهي. سندس پونيَرن مان ڪنھن بہ اهڙي اوج ڪانہ ڪئي. جي ڪن ڪئي بہ آهي تہ اهي ٻين شھرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي آهن.
حويليءَ کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ ڏيڍي آهي جا اندر وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگهہ شايد ان ڪري مختلف نہ آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل آهن.
ڪنھن وقت ۾ تہ طرفن ۽ پاسن کي ڪنھن کنگهيو بہ نہ ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساھہ بہ هڪ ئي نڪئون کڄندو هو. گهرن ۾ نہ ويڇا نہ ويريون، نہ دوريون نہ جدايون، بس پنھنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل محمد ڪي ناتا اهڙا اُڻيا هئا جو ڪي ورھيہ تہ ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر، وڌ ۾ وڌ ڏاڏن جي نالي تي ڪمرا وراهيل، پر نہ ڪو ڪي ڌار ڀتيون نہ ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويھڻ، لنگهہ هڪڙو، ڪھڙي ڀاءُ کي ڪھڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي تہ بابا رئيس گل محمد جو ڪڙم. رنگيءَ جا رنگ آهن، ڪڙم جو تہ وڃي هن دؤر ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهي. هاڻي هر هنڌ ڪڙم جي نانءُ کان اڳ هر ڪنھن جي پنھنجي حيثيت، ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه، پوءِ ٿي رئيسن جي آڪھ. پوءِ ڇا، جي هي محمد ابراهيم جو ويڙهو، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ هئا رئيس گل محمد جا ڀائر. اڃان بہ اڳتي هلو تہ شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر، مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر، ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر. ڪنھن جو نانءُ وٺجي. اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي، هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون. آڪھہ وڌندي ويئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويليءَ ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي نہ ڇڄي ها تہ ڏيڍي نہ ڇڄي، جتان حويليءَ ۾ اندر داخل ٿيو هو ۽ اها پنھنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنھنجا ٻہ در هئا، هڪ منھن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند ڪري تہ ڄڻ تہ صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس گل محمد جي آڪھہ جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي کَهي جو ماڻھو، پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي ۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکئي طبيعت جو ماڻھو هو. سندس شمس الدين وارن سان اصل ڪانہ پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪونہ هو. هونءَ بہ ناناڻي پَرِ زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پَر اها آهي جو هميشہ ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر ڏيڍيءَ سان گڏ هو. شمس الدين پورهيت ماڻھو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو تہ ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍيءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينھن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينھن، جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو ويٺو هو ۽ ڏسي رهيو هو تہ ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي دڙڪا پيو ڏي، ايميلي ڪارٽر کي سمجهاڻي پيو ڏي، سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو. هن جو هٿ بي اختيار هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت کي توريندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو تہ ڀت چڱي کاڌ ڪري ويئي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي بہ پئي آهي. پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجهي ويو. صبح جو اٿڻ سان هڪڙو رازو جو سندس يار بہ هو، ٻہ مزور وٺي اچي ڏيڍيءَ ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو تہ اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت جي مرمت ٿئي نہ تہ سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي توري رهيا هئا تہ ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن وارين عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي چيائين: ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين، ڀت ٿو ڊاهين ڇا!“ اڃان شمس الدين وراڻي ئي ورائي تہ مٿان ڦهڪايائينس، ”ڏسجانءِ ماما ڀاڙين مٿان ڀت ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نہ ڀت ڪيرائينئي.“ شمس الدين کي خبر هئي تہ محمد ابراهيم ڏکي طبيعت جو ماڻھو آهي، تنھنڪري سور پي چيائينس، ”ڀائو، ڏيڍيءَ جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي تہ نہ رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي بہ کنيو ويندي. تنھنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان تہ ڪا صلاح بيھاريون تہ ڪيئن ڏيڍيءَ کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس ”اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي سڄي ڏيڍيءَ وچ جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪابہ حرڪت ڪئي آهي تہ سڀني کي سڏائي انھيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندوسانءِ، سمجهيئہ!“
”پر بہ ڀائو، جي ڀت ڪري پئي تہ مان ڪاڏي ويندس. چڱو ڀلا ايترو حق اٿم تہ اندران پنھنجي ڀت کڻايان، پوءِ ڀلي هيءُ ڪريَو تہ ڪريَو توهان جي مرضي.“
محمد ابراهيم جي ڪنن جون پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون. لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين، ”شما، مان سڀ سمجهان ٿو، انھيءَ بھاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين تہ جيئن مان ڏيڍيءَ تي قبضو ڪيان. تون نہ نئين ڀت ٺھرائي سگهين نہ هن کي هٿ لائيندين. نہ ته-- بس سمجهين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو. شمس الدين حويليءَ جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ ويھي رهيو. سندس نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو تہ هن کي ڪيڏو نہ گهٽ ۽ ذليل سمجهيو پيو وڃي. هن انھيءَ ذلت کي انھيءَ نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويھاري ڇڏيائين، پر رئيسن ۾ نہ ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪھ ۾ پنھنجي پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين جڏهن رئيس گل محمد حيات هو.
پر جيئن هو الله ڏي هليو تہ سندس ساڻ اها ڪار ڪيائون جو پھريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ وارو سندس پيءُ هو. لنگهہ بہ ايڏو ڏيڍيءَ جي ويجهو رکيو هئائين، جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي ڏانھن ويندا نہ هئا.
شمس الدين کي خبر هئي تہ حويليءَ ۾ اڄ ڪنھن بہ گهر ۾ قرب جو نانءُ نشان ڪونھي. سڀ انھن ويرين جا قيدي هئا، جيڪي هنن پنھنجي اَنا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم خاطر ٺھرايون هيون. انھن ويرين جا بنياد بہ اونھا ڪرايا هئائون، جيئن ڪو بہ نسل انھن کي ڊهرائي نہ سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد بہ اونھا ئي هوندا آهن، پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا تہ وڌيڪ اونھا کڻائبا، ڇاڪاڻ تہ پھرين محبت ۽ پيار جي بنياد کي لَٽرائي نفرت جي ويري اونھي گهري کڻائبي آهي، صرف انھيءَ لاءِ تہ ڪٿي قرب ۽ پيار جي لَٽيل ديوار جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي نہ وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو، هو نيٺ ڏيڍي ٽپي اندر حولييءَ ۾ آيو، اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونھيون ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون. هو سوچڻ لڳو تہ آخر انھن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو هڪ هڪ ويري ويجهو وڃي اندر نھارڻ لڳو. گهر گهر انھيءَ ڪوٽ جي ديوار اندر نڪتل ديوار اندر ديوار هيٺان ڪيئن نہ ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين کي ائين لڳو تہ هيءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ جيون گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانھن هلندو ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيھي رهيون. سندس مائٽن مان ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان هيٺ اندر نھاريو. هن کي ڄاڻ هئي تہ هوءَ ٽي- بي جي مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو مَلي ۾ ورتو پيو هو. هو وڌيڪ سوچي نہ سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامھون سندس گهر هو. هو ويري جي لنگهہ وٽ وڃي بيٺو. هن پنھنجي گهر اندر ڏٺو. اَڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هن جو هنياءُ منجهڻ لڳو. هنن ڀتين بہ تہ جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن ويرين سوڙھ ڇو ڪئي آهي؟ هو اندر پھچندڙ جهڪي روشني ۾، پنھنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنھن جون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون. سندس ٻہ نياڻيون جن جا مٿا بہ اڇا ٿيڻ لڳا هئا، هاڻي ڇڙيل ڇتن سان دوران ۾ مبتلا هيون. هن حويليءَ جون ديوارون ايڏيون تہ ڊگهيون هيون جو ڌاريا سَنڱ بہ اندر اچي نہ ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون ايڏيون تہ گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنھنجا سَنڱ هڪ ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نہ ٿي سگهيا. هن ڄاتو ٿي تہ اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نہ هيون، پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار رکيو هو. هن کي اها بہ خبر هئي تہ رئيسن جي کانئس انھيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن، پر جيڪي هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انھن ۾ وري ڪھڙي محبت هئي. هو ائين سوچ جي انبوھہ مان سٽ ڏئي نڪتو، ۽ ٻاهر ڀڳو. کٽ کان گلو رازي جي تيشي کنيائين. ڊوڙندو اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍيءَ تائين ڀڳس، پر هو کيس وٺي نہ سگهيو، ۽ ڪجه سوچي هيٺ اوطاق ڏانھن ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنھنجي گهر واري ويريءَ وٽ بيٺو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا. سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت جا ٻرگهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هر هر پنھنجي منھن ڳالھائي بہ رهيو هو. ”هي ويريون اسان جون دشمن آهن. ابراهيم! هي تنھنجون بہ دشمن آهن. تو پنھنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنھنجي زال ۽ نياڻين کي بہ هيءُ ويريون کائي ويون آهن. هيءُ ويريون دلين جون ويريون آهن. ابراهيم. هيءُ اڄ ڊهڻ کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ آيو.
”رئيس محمد ابراهيم! اچي هيءُ تيشي وٺ، اهي سڀ ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري تہ ڊاھہ. اڙي سڀ گهٽجي مري ويندؤ. اڙي ٻوساٽجي ويندو اڙي دَٻجي مري ويندو. اڙي ويريون ڊاهيو تہ دليون صاف ٿين. دليون ڌوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي ٻوساٽي ماريو، اڙي!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نہ هو. هن ڀَرُ ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويھي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو پنھنجي ڪوٺي ڏانھن هليو ويو، جنھن جو در هن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويليءَ جي اداس ۽ تاريڪ رات هئي. انھيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس الدين انھيءَ ڀت ۽ پنھنجي ڪوٺيءَ جي ڇت هيٺان دٻجي ويو. جڏهن شمس الدين کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو ويو، تہ تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن هن کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻيءَ مٽي جي ڍير ڏانھن نيو ٿي ويو تڏهن چوڻ وارن چيو تہ سڄي رات شمس الدين ڪوٺيءَ ۾ بند انھيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍيءَ جي ڀت حويليءَ جي ڀت هئي، جنھن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويليءَ جو بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ بہ قائم آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن، اندر ويريون ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. وچ جو مال آهي. ڪير ٺھرائي. شمس الدين جي ڪوٺي انھيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انھيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن، باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي هاڻي حويليون ڪونہ ٺھنديون آهن، جي ٺھنديون بہ آهن تہ انھن ۾ ڏيڍيون ۽ ويريون نہ هونديون آهن.