ڪھڙي مومل، ڪھڙو راڻو
”شانان! هن گُهٽ ٻوسٽ ۾ پاڻ کي مارينديئن ڇا؟ اُٿي، هٿ منھن ڌوءِ ۽ ڪپڙا مَٽاءِ. سانجهي ٿي ويئي.“
ماڻس گهڻن ڏينھن کان پوءِ کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏيو هو. شانان ڇرڪي ويئي. پوءِ دري مان ٻاهر نھاريائين. ٻاهر اونده ڦھلبي پئي ويئي.
”امان! مان اڄ شانان ٿي لڳان؟“
”تون منھنجي تہ شانان آهين،“ ماڻس پيار سان وراڻيس.
هن ڏٺو تہ ٻاهر اوندھہ وڌندي پئي ويئي، پر هن کي انھيءَ اوندھہ کان وڌيڪ اندر جي اوندھہ جي ڳڻتي هئي. ماڻس ٿرماس مان پاڻي ڪڍي کيس پياريو. هن جيئن ٻہ ڍُڪ ڀريا تہ اندر ٺري پيس. هوءَ سڄو گلاس يڪساهي پي ويئي.
”سڄو ڏينھن هُن جي انتظار ۾ ائين ئي گذاري ڇڏيئہ!“
”هون!“
”هو هِن هفتي بہ نہ آيو نہ!... هي چوٿون ڇنڇر آ نہ! انتظار ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو اٿئي. نہ ننڊ نہ آرام، پنھنجون سھڻيون اکيون تہ ڏس!“
”هون!“
”پوءِ بہ ڳالھہ نٿي سمجهين؟“
”ڇاسمجهان،“ شانان جواب ڏنو.
”هاڻ هُو نہ ايندو.“ ماڻس آهستي چيو.
”ڇو نہ ايندو، امان! هن کي اچڻو ئي پوندو. ڪيئن نہ ايندو؟“ هن وڏي ڀروسي سان چيو.
”هو نہ ايندو، جو هن شادي ڪري ڇڏي آ.“ ماڻس هڪ ڌماڪو ڪيو، هوءَ سڄي ڏڪي ويئي.
”توکي ڪنھن ٻڌايو؟“ هن ڀڻڪيو.
”پاڻ واري هاڻوڪي مئنيجر گل محمد مون سان ڳالھہ ڪئي. هن کي مون چيو هو تہ پڇا ڪري.
۽ هُو لڳو پيو هو. هو هيٺ اڃان بہ ويٺو آ، پڇڻ چاهين تہ پڇينس کڻي. مان مٿي چڙهيس پئي تہ مون کي سڏ ڪري جاچ جوچ کان پوءِ پڪي ڳالھہ ڪري ٻڌايائين. کيس ڏاڍو ڏک هيو. هن ڪيترن ڏينھن کان پئي منھنجا ڪن کڻايا، مان توکي ڇا ٻڌايان...؟“
هوءَ وڌيڪ پگهر جي ويئي ۽ پوءِ کڙائي سان اُٿي بيھي رهي. ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي اوتي هڪ سَٽ ۾ سڄو گلاس پي ويئي. هن دفعي پاڻي سندس اندر نہ ٺاريو. اندر جي باھہ ڄڻ وڌيڪ ڀڙڪي پيئي. هوءَ رڙهي ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون وڃي بيٺي. هن پاڻ کي ڏٺو. هوءَ پنجٽيھہ ٽپيل عورت لڳي پئي، پر سندس ڀريل مضبوط جسم ۽ چھري جا تِکا نقش ٻڌائي رهيا هئا تہ هوءَ جھڙي تهڙي جسم ۽ منھن مھانڊي واري عورت نہ هئي. هن ويلي بہ سونھن سندس منھن مان پئي بکي. هوءَ هينئر بہ پنھنجي عمر کان گهٽ پئي لڳي. قدرت هن کي پنھنجو رنگ روپ ڏنو هو. هوءَ آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي رهي. هن ماءُ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو. هن آهستي اچي سندس وار کولي هٿ سان وکيريا. سندس وار لھرو کائي سندس چوڌاري ڦھلجي ويا. ماڻس وارن کي سنيڌ کان وٺي هيٺ تائين ڏٺو. کيس ٻانھن کان وٺي ڪرسيءَ تي ويھاريائين. پوءِ کوپري جي تيل جي شيشي کڻي آئي. مٿي ۾ تيل وجهي مالش ڪرڻ لڳي.
”تو ڪھڙا حال کڻي ڪيا آهن؟ هاڻي اُٿي تيار ٿي. اقبال اچي يا نہ اچي، وڃي ڌوڙ پائي. تو سڄي حياتي مڙسنھين جي مرڻ کان پوءِ ڪنھن ڏي اک کڻي نہ نھاريو. اقبال کي ڏسي هرکي پئين جو ننڍو نيٽو ۽ سھڻو نوجوان هو. توکي اهڙو وڻيو جو تو نہ ڏٺو اڳ يا پوءِ. اسان توکي ڇا سمجهايون؟ پاڻ وهيڻي آهين، توکي ڪير جهلي. ڏس اڄ هيءُ حال آهن. گل محمد مون کي سندس قصا پيو ٻڌائيندو هو، پر مون ڌيان نہ ڏنو. گل محمد اسان جو هڏ ڏوکي آهي ۽ هتي جو ئي ماڻھو آهي. هاڻي ترقي ملي اٿس، هتي ئي مئنيجر ٿيو آهي. جي توکي مڙس ڪرڻو هو تہ گل محمد جي زال کي ڪي سال مئي ٿيا. پري تہ ڪونہ هو. ڪئين ٻيا بہ هئا جن پئي چورايو، پر اقبال ڏٽن ۽ آسرن تي ٻہ سال ڪڍي ويو ۽ توسان شادي بہ نہ ڪيائين. هاڻي حيدرآباد ۾ ويٺو نئين زال سان موجون ڪري. تو ڪڏهن پنھنجين ٻن نياڻين جي بہ سنڀار نہ ڪئي. جڏهن کان اقبال آيو تہ تو پٺ ڏئي نہ نھاريو. اسڪول کان گهر ايندي هئينءَ، پوءِ سڌو هن ماڙي تي. هيءَ ماڙي، هيٺين بينڪ، دوڪان، زمين، جائداد، مڙسهين جي توکي ملي، پر ڪنھن جي مھابي؟ انھن ٻن نياڻين جي ڪري نہ تہ مرهيات علي محمد جا واسطيدار مٽ مائٽ گهٽ هئا؟ انھن ڪيسن ڪڙن کان گهٽايو؟ پر هنن نياڻين جي ڪري ڪورٽن ۾ تنھنجي سرسي ٿي. اڄ يارُ مِٺو، اولاد ڪؤڙو، ڏاهي ٿي مومل!“ ماڻس هن دفعي سندس پيار جو نالو کنيو. ماڻس هٿ ڍرو ڪيو پرڳالھائيندي مومل سندس هٿ کي هٽايو ۽ ڏانھس نھاريندي پڇيائين.
”نرمل ۽ ڪومل ڪٿي آهن؟“
”ڪٿي وري ڪٿي آهن، کين ساڻ وٺيو آئي هيس. سڄو ڏينھن پئي پُڇيايون. ننڍيون تہ ڪين آهن سڀ سمجهين ٿيون. توکي اوندھہ ۾ فڪرن ۾ ٻڏل ڏسي اڱڻ ۾ هليو ويون آهن.“ سدوريون اهڙيون آهن جو ٻڙڪ بہ ٻاهر نہ ٿيون ڪڍن ڪيئن نہ چپ ويٺيون آهن. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽ ورانڊو ٽپي اڱڻ ۾ آئي. سندس ٻيئي نينگريون کٽ تان اُٿي ڊوڙي اچي کيس چنبڙيون. هو هيٺ جهڪي ۽ پوءِ ويھي رهي، ۽ کين ڇاتيءَ سان لائي مٺيون ڏيڻ لڳي. ”ممان! تون وهنتين بہ ناهين. وار بہ چِپ ڄِپ پيا ڪن. اَمان وڏيءَ تيل وڌو اٿئي نہ. ڏس منھنجا وار.“
هن سندس پشم جھڙن وارن تي هٿ گهمايو ۽ آخر تائين سندس هٿ هليو ويو. هن کي محسوس ٿيو تہ هيءَ ننڍڙي ڪومل ڪيڏي نہ وڏي ٿي ويئي آهي. هن وڏيءَ نرمل ڏانھن نھاريو، کيس هوءَ ڊگهي قد سان ٻارنھن سالن جي نينگري سفيدي جي وڻ جيان وڌندڙ لڳي. هن کين اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ويھاريو.
”ممان! توهان وڃو، پھريائين تيار ٿي اَچو، پوءِ ڳالھيون ڪنداسين.“ هوءَ مشڪي پيئي.
ڪمري ۾ ويئي تہ وري ويچار وڪوڙي ويس. هنن ڏينھن تي اقبال هتي هوندو آهي، هو ۽ پاڻ نڪو فڪر نڪو غم. هوءَ پلنگ تي اُن پاسي آهلي پيئي، جنھن پاسي اقبال ليٽندو هو. هو هيترا ڏينھن نہ آيو تہ بہ اُميد تي پئي هلي، پر اڄ سندس شاديءَ جو ٻڌائين تہ جهڄي پيئي. هن ڏاڍيان روئڻ پي چاهيو پر نينگرين جو خيال ڪري هن وهاڻو کڻي منھن تي ڏنو هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. اوچتو سندس نظر هڪ رومال تي پيئي جيڪو وهاڻي سان گڏ چهٽيو پيو هو. وهاڻو هٽائي رومال کڻي ان کي چمڻ لڳي هيءَ اقبال جو رومال هو جيڪو هن وهاڻي هيٺيان رکي ڇڏيو هو. هن رومال کڻي منھن تي رکيو تہ کيس هڪ عجيب هڳاءُ آيو. هن جو روئڻ تہ بيھي ويو، پوءِ هوءَ رومال کي چمندي رهي. کيس لڳو تہ رومال بہ کيس چمڻ لڳو آهي، ائين جيئن اقبال هر گهڙي هر پل پيار ڪندو هو ۽ هوءَ کيس پنھنجين ٻانھن ۾ لڪائڻ جي ڪندي هئي. هو سڄو سارو ويڙهجي سيڙهجي اُن ڀاڪر ۾ سمائجي ويندو هو. مومل جي مڙس کي مئي ورھيہ ٿيا. هن مڙس جي مرڻ کان پوءِ ڪنھن ڏي بہ نہ نھاريو. پھريائين هو اندر شھر ۾ رهندا هئا. مڙس وڏو واپاري، زميندار ۽ پيسي وارو هو. هن مومل کي جيئري تہ سک ڏنو پر مئي بہ محل ماڙيون ڇڏيون. مومل آهستي آهستي هن هڪ ماڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو. مڙس بہ کيس شانان بدران مومل سڏيندو هو ۽ هن ماڙي کي مومل جي ماڙي. هيٺيان دوڪان ۽ ٻي عمارت بئنڪ کي ڪرائي تي ڏنل هئي هوءَ ٻن نياڻين ۽ ماءُ کي وٺي هتي اچي رهندي هئي. هڪ تہ هيءُ هنڌ شھر کان ٻاهر مين روڊ تي هو، ٻيو اسڪول کيس ويجهو هو جت هوءَ نوڪري بہ ڪندي هئي. شادي کان پوءِ بہ مڙسس کيس نوڪري نہ ڇڏائي. ماستري اڳ سندس گذر سفر هو هاڻ وندر ورونھہ. هاڻ تہ اسڪول بہ هاءِ اسڪول ٿي ويو هو. هوءَ منجهند جو ساهيڙين سان ۽ شام جو پنھنجي مڙس سان گهڻو تڻو هن ماڙيءَ ۾ اچي رهندي هئي. خوشي ۾ وقت پئي گذريو، جو اوچتو سندس مڙس کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. مڙس کانئس عمر ۾ چڱو وڏو تہ هو پر نہ ڪڏهن عمر لکايائين ۽ نہ وري بيماريءَ جي لکا ڏنائين. مڙس جي مرڻ کان پوءِ هوءَ حيران پريشان ۽ ويڳاڻي ٿي پيئي. ڪڏهن پراڻي گهر ۾ رهي تہ ڪڏهن هتي. هن کي هميشہ ڪپڙي لٽي سينگار جو شوق هوندو هو. پنھنجي حسن تي ناز هوس، سو هوءَ هلندي ئي شان مان سان هئي. مڙس مري ويو تہ اهو شوق تہ هليو ويس پر سندس سونھن سوڀيا کي ڏسي ڪئين ڪڍ پيس، پر هن لوڻو ئي نہ هنيو. کيس خبر نہ رهي تہ اقبال جيڪو بينڪ ۾ نئون مئنيجر ٿي آيو هو، هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. واٽ ويندي، بينڪ ۾ ايندي ويندي ٻولاچاري وڌندي ويئي ۽ هو نہ رڳو سندس من کي وڻيو پر اندر ۾ پيھٿي ويو. جڏهن هئو مئو ٽرندي هئي ۽ هُو ماڙيءَ جي پوئين ڏاڪڻ ٽپي مٿي ايندو هو تہ هوءَ ٽڙي پوندي هئي. عمر جو ننڍو، سدا ملوڪ، ڪپڙي لٽي ۾ ٺھيل ٺڪيل، پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرو، سندس من پرپائي ويو. هن بہ کيس ايڏو پيار ڏنو جو هُو ڪي هفتا پنھنجي ڳوٺ بہ نہ ويندو هو. بينڪ جي پويان ٻہ ڪمرا ٺھيل هئا، جتان مٿي ماڙيءَ ڏي ڏاڪڻ ويندي هئي. هونئن تہ ورهين جا ورھيہ ڏاڪڻ بند رهي پر اقبال جي نينھن سڀ دروازا کولي ڇڏيا. در کلندو هو تہ اقبال ٽپا ڏيندو چڙهي ايندو تہ سھڪي پوندو هو. مومل کلي پڇندي هيس:
”اڃان تہ ننڍو نيٽو آهين، هاڻي ئي سھڪين ٿو.“
”مومل! هيءَ مومل جي ماڙي چڙهڻي آهي، جتي جھڙي تهڙي جي جاءِ ناهي. هن ڏاڪڻ تي چڙهڻ بہ ڏکيو تہ لهڻ بہ ڏکيو!“ پوءِ هو اڱڻ ۾ بتيون وسائي ويھندا هئا، تارن جي جهرمر، ٿڌڙي هوا جا جهوٽا کين جهومائي ڇڏيندا هئا.
اقبال جي مٺين ڳالھين سان سندس اکين تي کيپ چڙهي ويندا هئا. رات بہ ڳالھين ڪندي ڪندي وهامي ويندي هئي ۽ هيءُ ٻيئي بنا ڪنھن منزل يا مستقبل جي يا ڪنھن سوچ ويچار جي هلندا ويندا هئا. رات ٺرندي هئي تہ ٻيئي ڪمري ڀيڙا ٿيندا هئا، جت هوءَ ٽيپ کولي پھريائين پٺاڻي خان جي ڪيسٽ وجهندي هئي. ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا پيار وي تون....“ پوءِ ويٺي کيس تڪيندي هئي. سندس اکيون آهستي آهستي ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. پوءِ اُٿي اقبال کي ايڏو تہ پيار ڪندي هئي جو خود اقبال ڊڄي ويندو هو. هوءَ رڳو ايترو چوندي ويندي هئي: ”منھنجا راڻا، منھنجا راڻا، ڀيرو نہ ڀڃجانءِ. راڻا، مون کي نہ ڇڏجانءِ.“ اقبال صرف اهو چئي سگهندو هو: ”مومل، منھنجي مومل، ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو؟“
هن سندس عشق جو جنون ڏسي نيٺ کيس چيو: ”مومل! آخر ڪيستائين هيئن ملندا رهنداسين؟ ماڻھن ۾ بہ چؤپچو آهي، ڇو نہ شادي ڪيون.“
مومل پھرين تہ لنوائي ڇڏيو، پر اقبال جڏهن ماڻھن ۾ چوٻول ڏٺو تہ گهڻو زور ڀريائين. مومل سندس منھن کي نھاريندي چيو:
”ڏس اقبال! منھنجا راڻا، شادي ڪو مسئلو ناهي. شادي ڪڏهن بہ ڪري سگهون ٿا، پر ڏس تنھنجي منھنجي عمر ۾ ڏهن ٻارنھن سالن کان وڌ جو فرق آهي. مان جلدئي پوڙهي ٿي وينديس، پوءِ تون هونءَ ئي مون کي ڇڏي ڏيندين، ۽ اهڙي انت کان بھتر آهي تہ هاڻ ئي انت اچي وڃي. من! جي نڀائڻي اٿئي تہ هينئن ئي نڀاءِ. ڀلي راڄ ڇا بہ چون، مان ايستائين بيھندس جيسين تون پاڻ ڀاڙي ٿي نٿو ڀڄين. وفا ڏسڻي اٿئي تہ نڀائي ڏس. مون کي بہ ڏسڻو آهي تہ هن اڻ ميي پيار جي موٽ ڇا ٿو ڏين.“
”مان نڀائيندس منھنجي مومل! تون آزمائي تہ ڏس.“
”اڄ آزمائش پوري ٿي ويئي. بنھہ ڌوڙ ڪري ڇڏيائين. هو ائين ڀاڙي ٿي ڀڳو هو، جو اطلاع بہ نہ ڏنائين. ڪرڻي هيس تہ ٻہ لفظ وات ٽڪاڻي جا تہ ڪري ها. عشق ائين جو انگ وڃائبو آهي؟ موٽ ائين ڏبي آهي؟“ هن سوچيو ئي پئي تہ ماڻس اندر آئي.
”اڃا ويٺي آهين؟ تيار بہ نہ ٿئين؟ چڱو مٿو ڍڪ ۽ ٻاهر اچ، گل محمد پاڻ آيو آهي. اقبال جي سربستي ڳالھہ ٻڌائي ٿو، تہ ٻڌ تہ سهين. اُٿي اَمان اُٿي، ڏاهي ٿي، هيءَ چادر ويڙهه، اچ ٻاهر.“
پھريائين تہ هن سوچيو تہ هاڻي ڪھڙا احوال ڪھڙا ليکا. هيترا ڏينھن تڙپي هئي، هن جو حال ساڻو هو، پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي ٻاهر نڪتي. ڇوڪريون گل محمد سان کل مشڪري ۾ لڳيون پيون هيون. گل محمد بينڪ جو پراڻو ملازم هو. مڙس جي زماني کان وٽن ايندو ويندو هو. پوءِ ڪرايي وٺڻ ڪرڻ ۽ بينڪ ۾ اڪائونٽ سنڀالڻ ۾ بہ سندن مدد ڪندو هو. هوءَ وڌي آئي تہ گل محمد اُٿي بيٺو. هوءَ کانئس ڪو حجاب ڪانہ ڪندي هئي، هن کيس سلام ڪيو، هن جواب ڏنو. پوءِ هوءَ ڇوڪرين جي پاسي کان واڏڻ تي ويھي رهي. گل محمد پنھنجي جاءِ آڇيس: ”ڀلا هتي ويھو.“ ماڻس ٻي کٽ تي ٽپ ڏيئي ويھي رهي هئي. ”مان هت ٺيڪ آهيان. ڀلا احوال ڏيو.“ هن نياڻين کي پيار ڪندي چيو: گل محمد نياڻين ڏي ڏٺو. هن ماءُ ڏي ڏٺو. ماڻس ٽپ ڏئي بيھي رهي. ”مان نينگرين کي گهر ڇڏي ٿي موٽان. هنن کي لڳي آ بُک، ماسي جنان ماني تيار ڪيو ويٺي هوندي، مان تولاءِ بہ ماني کڻي وران ٿي.“ مومل ڪوبہ جواب نہ ڏنو، رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.
هو ويون تہ هوءَ سامھون کٽ تي چڙهي ويٺي.
”ها، پوءِ ڪھڙي خبر آهي، گل محمد!“
”ڪھڙيون خبرون؟ توهان جو مون تي اعتبار ئي نہ آهي. ٻہ ٽي دفعا ڳالھائڻ جي ڪيم، پر توهان رُخ ئي نہ ڏنو. توهان جي اميءَ کي ڪيترا ئي دفعا ٻڌائڻ جي ڪيم هن ڪجهہ بہ نہ ڪڇيو.“
”ڀلا ڳالھہ کڻي ڪر.“
”ڳالھہ ڇا، اقبال هيڏانھن اوهان سان چڪر هلائي رهيو هو، هوڏانھن حيدرآباد ۾ مائٽن سندس چڪر پئي هلايو. هيءُ بہ راضي هيو. مان سندن ڳالھيون ٻڌندو هيس. بدلي بہ پاڻ ڪرايائين. ڪيترا دفعا مون کي فون ڪئي اٿائين. زور اهو تہ سندس شادي جي ڀُڻڪ اوهان تائين نہ پھچي. هو چوندو هو تہ هو پاڻ ئي اوهان کي پرچائي وٺندو. توهان هن کان سواءِ رهي نہ سگهندو. اڄ بہ فون ڪئي هئائين، شايد اڄ يا سڀان اچي ۽ پرچائي وٺي. مون کيس سمجهايو بہ هيو. اوهان تہ کيس سڀ ڪجهہ ڏنو. پيسا ڏوڪڙ بہ سندس حوالي. گاڏي وٺي ڏني، پر ان سان گڏ قرب جون گاڏيون ڀري ڏنيون. ايڏو پيار... ايڏو پيار........اسان پاري ماڻھو کي ڪير ڏئي تہ نئون ۽ نوبنو ٿي پوي ۽ ان جا پير ڌوئي پيئي.“ مومل اک کڻي مٿي نھاريس، سندس اک ڪرڙي هئي. هو هٻڪي بيھي رهيو، پوءِ هوءَ بي اختيار کلي پيئي.
”عمر گهڻي هوندوَ.“
”اهائي پنجيتاليھہ ورھيہ“، مومل کي خبر هئي تہ هو عمر لڪائي رهيو هو.
”پوءِ بہ نوبنا تہ لڳا پيا آهيو، اوهان کي ڪھڙي پيار محبت جي ضرورت.“
”اها ڳالھہ ناهي سانئڻ، مون امان سان ڳالھہ بہ ڪئي هئي. اسين ڪنھن کي بہ ڪٿي ٿا آئڙجون يا وڻون؟“ گل محمد رومال ۾ ويڙهي ڳالھہ ڪئي. مومل جي منھن تي گهنج پئجي ويا. هيءُ پنجاھہ ٽپيل. ڪارو بيڊولو شخص ڪيتري عرصي کان سندس خواب پيو ڏسي. کيس خبر هئي تہ سندس مڙس جي مرڻ کان پوءِ هيءُ بہ اميدوار هو. زال مُيس تہ هن سندس ماءُ کي وَٽَ وڪڙ ڏنا، پر سندس نہ هلي. پوءِ جو اقبال جي عشق جو سُڻيائين تہ هو ماٺ ٿي ويو. ماڻھو سياڻو هو. اقبال جو زيردست تہ هو پر پوءِ رازدار بڻجي ويو.
اڄ هيءُ سندس سامھون هلڪو کُليو هو. مومل کي بڇان اچڻ لڳي ۽ خار پڻ. جيسين کيس تڙو کڙو جواب ڏئي، ڏاڪڻ هيٺان ڪار جي بيھڻ جو آواز ٻڌائين.
”گل محمد! توکي اقبال اڄ اچڻ لاءِ چيو هو؟“
هن کانئس تڪڙ ۾ پڇيو.
”هن چيو هو اڄ يا سُڀان.“
هن ڊوڙ پائي ڏاڪڻ جو مٿيون در بند ڪري ڇڏيو. هوءَ پرڀرو ٿي بيھي رهي. ڏاڪڻ تي تڪڙي ٺپ ٺپ ٿي. دروازو وڄڻ لڳو. ڪيتري دير دروازو وَڳو، پوءِ اقبال جو آواز گونجيو.
”مومل دروازو کول، مان آهيان، مان...“
هوءَ دروازي کان هٽي آئي ۽ گل محمد کي اشارو ڪيائين. کيس ڪمري ۾ اچي ويھاريائين. هوءَ خاموش صوفي تي ويھي رهي. دروازي جو کڙڪڻ بند ٿي ويو. چوڌاري خاموشي ڇانئجي ويئي. هوءَ خلا ۾ گهوري رهي هئي ۽ اُڀا ساھہ کڻي رهي هئي. ائين ماڙيءَ جي ٻي ڏاڪڻ جو در کڙڪڻ لڳو. اُهو در جتان اقبال ايندو هو. اُهو در جيڪو اڳ ڪڏهن نہ کڙڪيو، هوءَ ان در کي سندس اچڻ جي ويل کان اڳ ئي کولي رکندي هئي. در پھريائين آهستي پوءِ ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو. گل محمد کڙڪي تي کڙو ٿي ويھي رهيو ۽ ڏانھس تڪڻ لڳو. هو هراسيل پئي لڳو. مومل جهٽ رکي اُٿي ۽ پوءِ ڪمري جي ٻاهران ئي اُن در جي ويجهو ويئي. هن لوهي در جي لوهي ڪڙي کي چيڪ ڪيو ۽ پوءِ اُن کي چڱيءَ طرح بند ڪيو. قدمن جي آواز ۽ دروازي کي ڇڪي بند ڪرڻ مان اقبال محسوس ڪيو تہ مومل ئي در جي پريان بيٺي آهي.
”مومل! مومل...!“
”ڪير آ“، اوچتو مومل ڳالھايو.
”مان آهيان تنھنجو راڻو، مومل!“
”ڪھڙو راڻو؟ مان ڪنھن راڻي کي نٿي سڃاڻان. هِت ڪابہ مومل نہ رهندي آهي.“ مومل جي اندران ائين آواز نڪتو، جو هوءَ پاڻ حيران ٿي ويئي. انھن لفظن ۾ سندس پيڙا سمايل هئي.
”منھنجي ڳالھہ تہ ٻڌ. منھنجي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي آهي. مان ساڳيو ئي تنھنجو آهيان، تو جيئن چوندين مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مان تہ توسان شادي ڪرڻ لاءِ اڄ بہ تيار آهيان، تون بہ رڳو ها ڪر. دروازو کول من! مون کي ٻڌ تہ سهين.“
اقبال جو آواز رئڻھارڪو هو، پر هن جو هيترا ڏينھن لوڙيو هو، فراق جون گهڙيون گهاريون هيون. هن دفعي سندس دل لوڏو ئي نہ کاڌو. مومل ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪمري ۾ هلي آئي. گل محمد وري اُٿي بيٺو. هن ڪمري جي در بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي رکي. وڏي طمطراق سان صوفي تي ويھي رهي. هن سائيڊ ٽيبل مان سگريٽ ڪڍي دُکايو. هوءَ اقبال سان گڏ سوٽا هڻندي هئي پر هاڻي تہ آئي وئي پيئندي هئي. دروازي کڙڪڻ جو آواز جهڪو ٿيندو ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. مومل گل محمد کي اشاري سان وهڻ جو چيو، پوءِ ڏاڍي کڙائي سان چيائين:
”گل محمد! تو سويل ڇا چيو هو.“
گل محمد سندس هيءُ رخ ڏسي گهٻرائجي ويو. کيس هيءَ مومل ئي نہ پئي لڳي، جنھن جي چھري تي عجيب سختي هئي. هوءَ حاڪماڻي انداز سان سگريٽ پي رهي هئي.
”جي، الائجي ڇا چيم“.
”هاڻي ئي وسارين ٿو. تو چيو هو تہ توکي ڪير ايڏو پيار ڏئي تہ تون بہ رڳو نئون نہ پر نوبنو بہ ٿي پوندين، ۽ تون ان جا پير ڌوئي پيئندين.“
گل محمد منجهيل هو، پر هن ٻہ دفعا ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
”توکي جي ايڏو پيار ملي ۽ جي ’مان‘ بہ ملي وڃان تہ تون...“ هو هڪو ٻڪو ٿي ويو.
”راضي آهين يا نہ.“
”مان ۽ نہ راضي ٿيان“، گل محمد ٻئي صوفي تان اُٿي اچي سندس پيرن ۾ ويھي رهيو.
”جيئن چوان تيئن ڪندين.“ مومل جو انداز حاڪماڻو هو.
”تون حڪم تہ ڪر سانئڻ! مان تنھنجو ٻانھو ٿي گذاريندس.“
هن سندس مضبوط جسم ۽ ڳاڙهي بَکندڙ چھري کي ڏٺو، پوءِ سندس ملڪيت جي باري ۾ سوچيو تہ سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. بنھہ خوشي ۾ نہ پيو ماپي.
”تون رڳو حڪم ڪر سانئڻ!... حڪم سانئڻ.“ هو ڄڻ وڦلي رهيو هو.
”توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي.“
”قبول آ.“
”پر اڄ جو اڄ. ڪلاڪ جي اندر... نڪاح جو بندوست ڪر. امان، ماسي ۽ نينگرين کي گهرائي وٺ. ٻہ چار ماڻھو پڻ، دير نہ پوڻ کپي.“
هو يڪدم اُٿي بيھي رهيو.
”ڳالھہ چڱيءَ طرح ٻڌ. ٻاهريون سڀ کٽون وڇرائي اُن تي چادرون وجهرائي ڇڏ. مٺائي چانھہ پاڻي جو بہ بندوست ڪر. هاڻي تکو ٿي، دير نہ پوڻ کپي. سمجهيئہ.“ هو ائين ڊوڙيو جو کيس خبر نہ پئي پئي. ڪيترا دفعا تہ ٿاٻڙيو. هيءَ پويان ڏاڪڻ تائين آيس.
”گل محمد! آهستي... هن ماڙيءَ جي هر ڏاڪڻ ڏکي آ. چڙهڻ بہ ڏکي تہ لهڻ بہ ڏکي.“ پوءِ هن دروازو بند پئي ڪيو تہ اقبال گل محمد کي ٿيلھو ڏئي مٿي چڙهڻ جي ڪئي: ”پري ٿي گل محمد!“
”ڪير آن تو؟... خبردار ميان! جو پرائي گهر جي ڏاڪڻ ٽپيو آهين.“ مومل اُتان ئي رڙ ڪئي. سندس رخ ئي ڦريل هو. هيءَ مومل ئي ٻي هُئي.
”مان اقبال! تنھنجو راڻو، ڇا ٿيو آ توکي.“
”ڪھڙي مومل، ڪھڙو راڻو؟ ڇو ڇتو ٿيو آهين. مان شانان آهيان ڌي رجب علي. گل محمد سان پنھنجي رضا خوشيءَ سان هاڻي هن وقت ئي نڪاح ڪري رهي آهيان، سمجهيئہ ميان محمد اقبال.“
پوءِ هن گل محمد کي گهوري ڏٺو.
”گل محمد توکي غيرت نٿي اچي؟ هيءُ ڪير ٿيندو آ جو ائين گهر ۾ گهڙي اچي.“ هاڻ گل محمد جو وارو هو. هن ٿيلھو ڏيئي اقبال کي پٺتي ڪيو ۽ ڏاڪڻ مان ڌوڪيندو هيٺ ويس. مومل وري گل محمد کي سڏ ڪيو.
”سائين گل محمد...!“ گل محمد ’سائين‘ ٻڌي ٺري پيو.
”ٻڌو،... بينڪ واري چوڪيدار کي چئو تہ هاڻ هن در جي سنڀال ڪري، توهان جلد موٽجو... پھريائين امان جن کي موڪلجو.“ هن دفعي هن جو لھجو بہ ٻيو هو. هن مٿيون دروازو بند ڪيو. هن جي هلڻ ۾ کڙائي هئي هو. پڪا پختا قدم کڻي ڪمري ۾ آئي. آئيني آڏو بيٺي تہ هوءَ مومل نہ پر شانان هئي. هن ڪٻٽ مان زريءَ جو ڀريل ڀلو وڳو ڪڍيو. وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتي. وڳو پائي، سينگار سڙو ڪيائين، تہ هوءَ پاڻ کي نہ پئي سڃاڻي سگهي. کڙڪي تي دروازو کوليائين. ماڻس اچي ڀاڪر پاتس، مٺيون ڏنائينس. هن رئي سان ڪنوار وانگر مٿو ڍڪيو ۽ ٽپ ڏيئي پلنگ تي پلٿي ماري ويھي رهي. ٻاهران هاڻ ماڻھن جا آواز اچي رهيا هئا. هن وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو، پوءِ نياڻين کي ڀر ۾ ڪري ڀاڪر ۾ قابو ڪيائين. چيائين، ”ڏسي اچو، گهوٽ آيو آهي.“ هو هن جي سرتين وانگر ٽھڪڙا ڏيڻ لڳيون، هو بہ ساڻس گڏ کلڻ لڳي. پوءِ هو کلنديون ٻاهر هلي ويون.
هوءَ خاموش ويٺي هئي. سڀ ڪجهہ خاموشي سان ٿي ويو. نڪاح ٿيو، ڇوهارا ورهايا ويا. آهستي آهستي ماڻھو بہ هليا ويا. ماڻس بہ نينگرين کي وٺي هلي ويئي. هوءَ ائين ئي پلنگ تي ويٺي هئي. ڪافي دير گذري ويئي پر گل محمد نہ آيو. هو اُٿي اڱڻ ۾ آئي، جتي ڪير ڪونہ هو.
وري ڪمري ۾ اچي پلنگ تي ويھي رهي. چڱي مھل گذري ويئي، ائين ٻاهرين در جي بند ٿيڻ جو آواز آيو. گل محمد اندر آيو تہ ٿڙيو پئي! چانپن ڪبابن جا پُڙا ٿيلھين ۾ وجهيو کنيو آيو هو. ٽيبل تي ٿيلھيون رکيائين ۽ پوءِ شانان وٽ هليو آيو. هن دفعي ڏاڍو پراعتماد پئي لڳو. سندس ڀرسان ويھي ٻانھن ۾ ٻانھون وجهي کيس پاڻ ڏانھن ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڇڪيائين. لڳو پئي تہ هو نشي ۾ ٽُٻ هو.
”من! دل!... هيڏي تہ اچ.“
شانان ڇھاءُ تي سجاڳ ٿي ويئي. هن کي وري اُهائي بڇان اچڻ لڳي جڏهن هُن شام جو ساڻس کُلي ڳالھايو هو. جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار ڪرڻ لڳو تہ سندس بيڊولن چپن کي محسوس ڪندي سندس هنيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو. هن کي اُٻٿ آئي ۽ ٽپ ڏيئي سندس هنج مان نڪري، باٿ روم ۾ ڊوڙي ويئي. دروازو ڏيئي واش بيسن آڏو بيھي اوڪارا ڏيڻ لڳي. هڪ ٻہ اُلٽيون بہ آيس، سندس دل خراب ٿي ويئي هئي. آهستي آهستي گرڙيون ڪيائين، پيسٽ هنيائين. خوشبو هنيائين تہ ڪجهہ سامت ۾ آئي. ساڻي ٿي ٻاهر نڪتي تہ گل محمد صوفي تي چڙهيو بوتل کوليو، گلاس ۾ وهسڪي پيٽي رهيو هو. هو کيس ڏسي کِليو ۽ گلاس ڀريائين.
”هيٺ ويٺي پيتم پر اڃان نشائي نہ چڙهيا آهن. اچ ويھہ، ڪجهہ کاءُ، سڄو ڏينھن بک تي رهي آهين، طبيعت خراب نہ ٿيندءِ تہ ٻيو ڇا ٿيندو.“
هوءَ آهستي آهستي اچي صوفي تي ڀرسان ويٺي. گل محمد دونا کولي کڻي اڳيان رکيس. هوءَ ڪا گهڙي خاموش رهي پوءِ اوچتو هن سَٽ ڏيئي سندس گلاس کنيو ۽ هڪ ساهي اکيون ٻوٽي ائين پي ويئي ڄڻ پياڪ هجي. گل محمد گهڻي ’هان! هان‘ ڪئي پر هن گلاس خالي ڪري ميز تي رکيو. هاڻ گل محمد پيلا ڏند ڪڍي کِلڻ لڳو. شانان گلاس ڀرڻ لاءِ اشارو ڪيس. ۽ هاڻ گل محمد کي تہ مزو اچي ويو. هن سندس گلاس بہ ڀريو ۽ پنھنجي لاءِ بہ پيگ ٺاهيو. سگريٽ دکائي ڏنائينس.
”سھڻا سائين! آهستي پيءُ... تڪڙ ڇا جي آهي.“
پر شانان اهو گلاس بہ تڪڙا ڍُڪ ڀري ختم ڪيو تہ ٽئين پيگ پيئڻ ۾ بہ دير نہ ڪيائين، ٻہ ٽي سگريٽ پي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ سندس دماغ ڦرڻ لڳو. آهستي آهستي گل محمد جي ويجهو ايندي ويئي ۽ هن جي ٻانھن ۾ جُهلي پيئي. هن دفعي جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيس ۽ بي ڊولن چپن سان مٺيون ڏيندو رهيس، تہ نہ کيس بڇان آئي نہ اُٻٿ محسوس ڪئي. هوءَ ائين ئي سندس هنج ۾ جهولندي رهي. گل محمد آهستي سرٻاٽ ڪيس منھنجي مٺي مومل! منھنجي شانان! اکيون تہ کول، ڏس تہ سهين.“
مومل خماريل اکيون کوليون.
”ڪھڙي مومل! ڪھڙي شانان!... گل محمد، توکي تہ هيءُ سڀ ڪجهہ کپي.“ هن پنھنجي جسم ڏانھن اشارو ڪندي آهستي چيو. ”اجهو مان حاضر آهيان.“
پوءِ خماريل نيڻ پوري گل محمد جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويئي. گل محمد ٽڙي پيو. خوش ٿي ٻانھن ڊگهي ڪري ٽيبل تان پڪل گوشت جي چانپ کڻي چٻاڙڻ لڳو.