اُف! هيءُ جيون.بم ڌماڪا
ماسي بگن ماءُ جڏهن سڄي خاندان سان عيد براد تي بَگي ڀرائي ڳوٺان اسان جي شھر پھچندي هئي تہ ڏاڏي قبلہ سونل تہ ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، پر اُن کان وڌ نانو موسن خوش ٿيندو هو. گُليءَ جي تہ اصل عيد ٿي ويندي هئي، خاص طرح شب برات جي موقعي تي، جنھن کي ڦٽاڪن واري عيد بہ چوندا آهن. ڦٽاڪن واري عيد هجي يا پاڙي ۾ هولي ۽ ڏياري جو موقعو، ڦٽاڪن کي ٻرندي، سُوسرين مان نڪتل رنگ برنگي چڻنگون اُڏامندڙ چڌين جا آسمان ۾ ڦھلجندڙ رنگ، بم نما ڦوڙجندڙ ڪنن تي تاڙيون چاڙهيندڙ ڌماڪا، گُليءَ کي خوش ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ هُو فقط پري کان بيھي اِهو رنگ برنگي تماشو ڏسندو رهندو هو، ڇو تہ ناني موسن جو کيس حڪم هوندو هو تہ هُو نہ ڦٽاڪا ٻاريندو ۽ نہ وري اُنھيءَ جي ويجهو ويندو.
گُلي ناني موسن سان ايڏو پيار ڪندو هو، جو هُو سندس حڪم جي پوئواري ۾ هن تماشي ۾ هڪ پري بيٺل تماشائين جيان بيٺو هوندو هو. اسان وڏي گهر جي اڱڻ ۾ ڦٽاڪا ٻاريون يا گهٽيءَ ۾، هُو پري بيھي تاڙيون وڄائيندو هو يا وري گندرف جي بوءِ تي وڏا ساھہ کڻي چوندو: ”يار! مزو اچي ويو.“ رات جو اسين گُليءَ کي ڇڏڻ ويندا هئاسين تہ نانو موسن در ڏيو اندر ويٺو هوندو هو. هنن ڦٽاڪن جي ڏينھن ۾ نانو شام کان گُم ٿي ويندو هو. هو پنھنجي ماڙي محل ۾ هنڌن رکڻ واري اندرئين ڪوٺي ۾ فراسي وڇايو هيٺ ليٽيو پيو هوندو هو. گُلي ۽ اسين ڦٽاڪا ساڙي قبلہ ڏاڏي سونل جا ڏنل پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل طباخ کڻي گُلي ماڙي محل پھچي در کڙڪائيندا هئاسين تہ نانو موسن هنڌن ۽ بسترن واري اندرئين ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪيو جو ويٺو هوندو هو، سو ڪٿان ٿو در کولي. نيٺ گُلي ڀِت ٽپي ڪڙو کولي اسان کي اندر ڪندو هو. مان، سؤٽ گُلڻ ۽ گُلي طباخ کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ ويندا هئاسين تہ نانو هيٺ فراسي وڇايو گرميءَ ۾ مٿان سَوڙ وجهيو، ڪنن کي مفلر ويڙهي، ائين اندر پيو هوندو هو جو ڄڻ تہ کيس ڪنھن غنيم کان ڀَئہ هجي. نانو اُٿي ٻاهرئين ڪمري تائين مس ايندو هو تہ ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪو ڌماڪو ٿيندو هو تہ نانو ڦيرو ڏيئي ڊوڙ پائي ڪوٺيءَ ۾ لِڪي ويندو هو. ائين گُليءَ کي اِشارو ڪندو هو ۽ اسين مٿي ماڙيءَ ۾ ٽِپ ٽِپ ڪندا گُليءَ وٽ وڃي ويھندا هئاسين ۽ گُلي پنھنجو خزانو ڏيکاريندو هو. هُو ماڙيءَ ۾ پھچي اسان کي کٽ تي ويھاري ۽ پاڻ کٽ هيٺان نئڙي پنھنجي لوهي پيتي ڇِڪي ڪڍندو هو. پوءِ جادوگر وانگر پيتي مٿان هٿ گهمائي وات مان جادو منتر جا نہ سمجهہ ۾ ايندڙ آواز ڪڍي ”شُو…شڙام… اُف غلام…“ چئي آخر ۾ پيتي کوليندو هو ۽ پيتي مان ڪاٺ جي هڪ ننڍڙي صندوقچڙي ڪڍندو هو، جنھن تي عجيب نقش اُڪريل هوندا هئا. پوءِ وات مان فلمن واري ميوزڪ وانگر ”ڊڙينگ... ڊڙينگ... ڊڙام... ڊڙام...“ چئي صندوقچڙي کوليندو هو. صندوقچڙي ۾ لغڙائي پَنن ۽ چمڪندڙ رنگين پَنين ۾ ويڙهيل مختلف قسمن جا ڦٽاڪا پيل هوندا هئا. هُو هر ڀيري ٻُڌائيندو هو تہ نانو موسن ٻي مھاڀاري لڙائي ويل فوج ۾ هو. هُو ڪو سپاهي ڪونہ هو. پر بيرڪن کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ رازو هو. هو جڏهن وڏي گهر ايندو هو تہ ڏاڏي قبلہ سونل گهرائيندي هيس ۽ کيس ڪلر کاڌل پُراڻين ڀتين جي پاڙن وٽ وهاري کانئس صلاح پڇندي هيس. هُو پوءِ کيسي مان انگريزن جي دؤر واري پُراڻي ڪانين بنا عينڪ ڪڍي، نڪ تي رکي، ڪانين بدران پيل ڌاڳن کي ڪنن جي چوڌاري ويڙهي، ڪنڌ کي ڪڏهن ’ها‘ ۾ ڪڏهن ‘نہ‘ ۾ لوڏيندو هو ۽ چوندو هو:
”نو... نو... ييس.... ييس... اَدي سونان! دِس ڀِت کاڄي فاءِ... پاڙ وٽان ڇِڄي فاءِ... هول حويلي ڊينجر، ڊينجر... پر نوڳڻتي... آءِ ايم، آفٽر آل ميسن... رپورٽنگ آرمي سَر... ڀِت آر نو ڀِتِ پاڙ... آرنو پاڙ...، آءِ مرمتي فاءِ... ائنڊ ڇِنل ڀِت بہ فَٽافٽ تيار...فاءِ“
گُلي هر عيد تي اسان کي سِڪڻن وانگر ڦٽاڪا ڏيکاري ۽ سوسريون کڻي زوُن زوُن ڪري مُنھن ۾ هڻي ڇڏي، ڄڻ ٻرن ٿيون. اسان جي مٿي تي چڌيون رکي ڪُوڙ پچاڙ ۾ ٻاري ۽ اسان کي چڌين وانگر گهوماٽيون کائي ڪِرڻو هوندو هو سو اسان وري ڦِري ڦِري پَٽ تي ڌڙام سان ڦهڪو ڪري گُليءَ تي ڪِري پوندا هئاسين. ماڙي ڪچي هوندي هئي، دَٻڪي جي آواز تي نانو ڪڏهن سَوڙ مان ئي رڙ ڪندو هو: ”اڙي گُلي! ڪير ڪِريو؟“ ڪڏهن هڪ ٻئي کي ڊوڙي پڪڙيندا هئاسين، تڏهن بہ هُو دانھون ڪندو هو: ”اڙي بابا، ڇِت ڪيرائيندؤ ڇا؟“ گُلي سڀ ڦٽاڪا رُڳو ڏيکاريندو هو، باقي ٺڪاءُ ڪندڙ بَم بہ هئا، جن کي هٿ لائڻ سان رڙ ڪندو هو ”اڙي آهستي! اڙي! بَم اَٿو... ڪٿي ڦاٽي نہ پون! هي انگلش آرمي بَم اٿو. ناني هنن ۾ انگريزي بارود پاڻ هٿ سان ڀريو آهي.“ پوءِ هُو ٺڪر ٺوٻر جو ڪوُڙو بَم ٺاهي فرش تي هڻندو هو ۽ پاڻ ’ آ ‘ ڪري ڦهڪو کائي ڪِري پوندو هو. پوءِ تہ اها سندس هيرَ ٿي ويئي هئي. اِسڪول ويندي، هلندي چلندي، ’آ‘ ڪري هيٺ ويھي رهندو هو يا کٽ تي ليٽي پوندو هو. قبلہ ڏاڏي سونل هر وقت کيس مرندي بہ ڏسندي هئي ۽ يڪدم جيئرو ٿيندي بہ ڏسندي هئي تہ کِلندي هئي، تنھنڪري کيس چوندي ئي ”مرحيات گُلي!“ هئي، پر مزي سان ”مَر....“ آهستي ۽ حيات...“ ڏاڍيان. هاڻ تہ سندس نالو ئي ”مرحيات گُلي“ پئجي ويو. وڏڙا ٿي وياسين. نانو موسن اُهوئي رهيو. گُلي ۽ ڦٽاڪا بہ اُهي ئي رهيا، عيد براد تي اسان جا رؤنشا اُهي ئي رهيا. هڪ ڏينھن ناني موسن واري گهٽيءَ ۾ چور گهڙيا. نانو پُراڻي فوجي بندوق کڻي وٺي جو چورن کي للڪاريو تہ چورن بہ ڏنو کُڙيءَ تي زور. نانو موسن: ”کلا اَٿو ڙي... نہ ويندؤ! اچيوَ ٿي گولي...“ چور تہ ڀَڄي ويا، پر پوءِ خبر پيئي تہ ناني موسن ڪڏهن بہ ڀريل بندوق نہ هلائي آهي. باقي خالي بندوق اُلاري ضرور آهي.
اَسان هاڻي ڪجهہ سمجهہ سان ٿيا هئاسين. هڪ ڏينھن پُڇي ويٺومانس:
”نانا، توهان ٺَڪائن کان ڇو ڊڄندا آهيو.“
”بابلا! انگريزي فوج ۾ جڏهن هئس تہ ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي هئي. بندوقن، بَمن ۽ توپن جا ايڏا ٺڪاءَ ٻُڌا جو سارو جيون ڌماڪا ئي ڌماڪا ٿي ويو آهي. هاڻ ئي ٻُڌ تہ هر طرف ڌماڪا ئي ڌماڪا آهن. شھر شھر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ بہ ڌماڪا آهن. هاڻ مان نہ ڌماڪن جي ويجهو وڃان ۽ نہ گُليءَ کي ويجهو وڃڻ ڏيان. توهان ٻنھي (مان ۽ سؤٽ گُلڻ) کي بہ صلاح آهي تہ ٻيلي ڦٽاڪا ٻارڻ ڇڏيو، بَم ڦوڙڻ ڇڏيو. باھہ سان کيڏڻ ڪو چڱو ڪم آهي؟... اَمن ڳوليو، اَمن سان ئي سُک شانتي آهي. اَمن وارو جيون ئي جيون آهي. اَچو تہ سڄي جَڳ ۾ اَمن قائم ڪريون تڏهن ھھڙا گُلڙا سدا ٽِڙندا رهندا.“
نانا موسن اِهو چئي چُپ ٿي ويو. هُو هاڻ ڪافي جهُونو ٿي ويو هو، تنھن هوندي بہ وڏي گهر جو ڀيرو نہ ڀَڃندو هو. ڪڏهن ڏاڏي قبلہ سونل سان رهاڻيون ڪري پاڙان کاڌل ۽ ڇَنَ پيل ڀِتين جي جاچ پڙتال ڪري ٻاهران رازو ۽ مَزور گهرائي گارو ڪِنو ڪرائي منجهس چمڪندڙ سونو بُھہ وجهرائي چڱي لِنب ڪرائي پوءِ اُتان نِڪرندو هو سڌو ’گُلي ماڙي محل‘ تي. هُو هاڻ چال ۾ ڍرو، مٿي تي پوتڙو، هڪ وَرُ سڄي ٻيو وَرُ کٻي لاڙي، وڏي گهٽي لتاڙي، بزار مان نڪري پاڻ واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿي سِڌو پنھنجي گهر. هُو الائي ڪھڙين سوچن ۾ گُم هو، جو کيس هڪ عجيب خيال آيو. اسين مئٽرڪ پاس ڪري چڪا هئاسين. هرهڪ جو سعيو پڙهڻ سانگي مختلف ڪاليجن ڏانھن وڃڻ جو هو. گُلي بہ اسان جو هم خيال هو، پر نانو موسن پِڙُ ڪڍي بيٺو. چي: پھريائين گُليءَ جي شادي ڪرايو. گُليءَ جي وري فرمائش هجي تہ نوڪري پھريائين وٺي ڏيو. ناني موسن چَئہ چواءِ ڪرائي نوڪري وٺرائي ڏنس. ڀاڻس بَگو جي تپيدار هو تہ گُلي بہ ڪلارڪ وڃي ٿيو. گُليءَ جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿيون. اندر ئي اندر پروگرام اِهو ٺھيو تہ گُليءَ جي شاديءَ تي آتشبازي بہ ٿيندي، خاص طرح گُليءَ وارا صندوقچڙيءَ وارا ڦٽاڪا ٻاربا ۽ بم ٺِڪر جي ٻن کُمرن ۾، جيڪي بقول گليءَ جي، بارود سان ڀريا ويا هئا، اُنھن جي فَتيلن کي باھہ ڏيئي ڌماڪا ڪڍبا. ڪي رنگبرنگي چڻنگون اُڏامنديون. چڌيون ڦرڙاٽ ڪنديون فلائنگ ساسرين وانگر آسمان ۾ اُڏامنديون. سُوسريون سَرڙاٽ ڪري ٻَرنديون. وڏا جشن ٿيندا. اسان ڇوڪرن کي گُليءَ جي شادي سان مطلب ايترو هو تہ ورهين جون سانڍيل تمنائون ۽ حسرتون پوريون ٿينديون، جو گُلي جنھن خزاني تي نازان ٿيندو هو اُهو هڪ گندرف جو ڍير هو، جنھن کي ٻاري هڪ دفعو ناس ڪنداسين، جو گُلي اسان کي سِڪائي پاڻ پَڏائي پنھنجو قد وڏو ٿو ڪري. اسان ناني موسن کي خبر ئي پوڻ نہ ڏني تہ اَڄ رات آتشبازي جو تماشو بہ ٿيندو.
اَسين سڀ مٽ مائٽ گُليءَ جي ڳوٺ ويا هئاسين، ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏناسين. قبلہ ڏاڏي سونل کِلي خوش ٿئي. ماسي بگي ماءُ بہ نچندي هلي. نانو ٺھي جُڙي ويٺو هجي، پر ريچڪ اَچيس تہ ڦيري پائي نچي. رات ٿي. نڪاح جون رسمون اَسر جو ٿيڻيون هيون. اَڃان ڇَني ۾ مهمان بہ گڏ ڪونہ ٿيا هئا، جو اسين ٽيئي گُليءَ جي ڏَسيل ميدان تي سامان سوڌو پھتاسين. آهستي آهستي ڦٽاڪا ٻارڻ جي ڪئيسين، پر سڀ ڦٽاڪا شُون ڪري ڪنڌ لاڙي پَئجي پئي رهيا ۽ ڪنھن بہ ڦٽاڪي ٻوُٽو ڪونہ ٻاريو. مان ۽ سؤٽ گُلڻ ڇَني ۾ موٽي آياسين. نانو موسن سامھون ويٺو هو ۽ کِليو پئي.
”بابلا، ڇا پئي ڪيوَ؟“
”بس نانا! چيوسين تہ خوشيءَ جو موقعو آهي، آتشبازي ٿي وڃي.“
”پر اِنھن ڦٽاڪن ۾ گندرف هجي تہ ٻَرندا نہ... مون اِنھن مان گندرف ئي ڪڍي ڇڏيو هو.“
”نانا، ٺِڪر جي کُمرن ۾ تہ گندرف ڀريل آهي. گُليءَ وٽ کُمرن وارا ٻہ بَم ڦٽاڪا بہ هيا.“
نانو وائڙو ٿي ويو.
”ٺِڪر جي کمرن وارا بَم ڦٽاڪا؟... مون تہ کيس اُهي کُمرن وارا بَم ڦٽاڪا ڏنا ئي ڪونہ هئا.“
”گُلي ڪاٿي آ؟“
”گُلي ٻاهر ميدان ۾ آهي.“
ناني جي ڇھين حِس ڪم ڪيو. ”متان هُو اُنھن کي ڦوڙي... اُنھن ۾ بارود نہ ڀريل هجي.... ڀَڄو، گُليءَ کي جهليوس.“
اَسين ڇَني کان ٻاهر نڪتاسين. پرڀرو ميدان ۾ گُلي جهُڪيو ڪو ڦٽاڪو ٻارڻ جي ڪري رهيو هو.
”گُلي، اِهي بَم نہ ڦوڙجانءِ....، گُلي! پري ڀَڄ....“
نانو رڙيون ڪرڻ لڳو. اَسان بہ رڙيون ڪرڻ لڳاسين. گُلي مُرڪي ڪنڌ ورائي اسان ڏي نھاريو ۽ چمڪاٽ سان هڪ ڌماڪو ٿيو. اُن کان پوءِ گُلي اُت نہ هو، باھہ ئي باھہ هئي!
اسان اڃا حيران پريشان بيٺا هئاسين تہ ڏسون تہ نانو موسن ميدان واري هنڌ ڏانھن ڊوڙندو ويو تہ ٻيو وڏو ڌماڪو ٿيو. ٻيو کُمرو بہ شايد ڦاٽي پيو هو. هاڻ نانو بہ باھہ ئي باھہ هو. ٻہ اِنسان سڙي رهيا هئا. مون کي اِئين لڳو تہ سڄي اِنسانيت سڙي خاڪ ٿي رهي آهي. اَمن بہ سڄو سارو سڙي خاڪ ٿي ويو آهي. ڪا شيءِ بہ ڪانہ بچي آهي. بچي آهي آخري مشڪ گليءَ جي ۽ ناني جا جملا: ”فاءِ- فاءِ“، جيڪي منھنجي ڪَنن ۾ ٻُري رهيا آهن. اَڄ ڏينھن تائين اسان کي خبر نہ پئجي سگهي تہ اِهي اصلي بَم گُليءَ کي ڪنھن ڏنا هئا.
(مَنوتولارام گدواڻيءَ جي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل مشھور ڪھاڻيءَ تان صرف عنوان کنيل)
(مھراڻ 1/2009ع