مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ
”سائين، بس اسٽينڊ تي هيءُ همراھہ بيٺو هو. اوهان جي پي پڇا ڪيائين.ا چي پھچايو اٿمانس. هاڻي امانت سنڀاليو.“
ائين چئي هو نينگر هليو ويو. مون هن نوجوان کي بنھہ نہ سڃاتو. بنھہ اوپرو لڳو. هٿ ڏنومانس. پوءِ وري بہ گهوري کيس ڏٺم. منھنجي منھن تي سوال ڪو ائين تڪڙو اُڀري آيو جو يڪدم نوجوان هڪ هلڪي مُرڪ چھري تي آڻيندي چيو.
”سائين، توهان مون کي ائين نہ سڃاڻيندو، مان ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهيان.“
”ديوان موتيرام؟“
”سائين مان سيتا جو پُٽ، هريش چندواڻي آهيان. مان وڏو پنڌ ڪري آيو آهيان. توهان جي حيدرآباد واري گهر بہ ويو هئس، ڏس مليم تہ سڌو هت هليو آيو آهيان. اوهان سان ڳالھائڻو اٿم.“
هاڻ منھنجي سامھون ڪئين پنا اُٿلي ويا. نوجوان کي ور ڪري ڏٺم تہ ڄڻ ديوان موتيرام آڏو بيٺو هو. سندس نياڻي سيتا جا نقش چٽا بيٺا هئا. ائين کيس ڏسندي ڏسندي ڪي پَلَ لنگهي ويا. هو گهڙيءَ کان پوءِ ح:ران پريشان ٿيڻ لڳو. هُن هڪ خاموش بت کي ڏسي نيٺ وَرُ ڪري چيو.
”سائين مان هريش چندواڻي سيتا جو پٽ ۽...“
مون يڪدم کيس ٻانھن کان وٺي ڇڪيو ۽ ڇاتيءَ لاتو. منھنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڳري آواز ۾ چيم ۽ ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهين.
”اندر هلي آ بابا!“ وڌيڪ نہ پئي ڳالھائي سگهيس جيئن کيس اندر گهر ۾ وٺي آيس ۽ اڱڻ ۾ ئي هياسين تہ چيائين:
”هن ئي اڱڻ ۾. اوهان ڪڏندا هُيا؟ ڀلا اسان واري جاءِ ڪاٿي آ، اها هن گهر سان هئي نہ؟“ هو ائين ڳالھائي پيو ڄڻ گهڻو ڪجهہ ڄاڻندو هجي.
”مَنَ، هن جاءِ جي پوئتان هڪ جاءِ آهي. اُن پوئتان ٻي جاءِ آهي. ٻنھي جي وچ ۾ لنگهہ هيا. سيتا وارا ٽپي، سوٽ علڻ جي گهر ۽ وري جي ٽپي آيا تہ هن گهر ۾. هيءَ جايون يا پاسي اوسي واريون جايون سڀ سنڌي هندن جي ملڪ هيون. هنن گهرن اندر ڪيئين گهر هُيا. آباد هُيا تہ آباد هُيا. هينئر آباد هوندي بہ غير آباد آهن، جي آباد آهن تہ ڪُڻو ڪَڻي کان ڌار آهي.“
هو حيران ٿي منھنجي منھن ۾ تڪڻ لڳو. مون چوڌاري ڦھليل لنگهہ ۽ گهَٽ ڏيکاريس جيڪي بند هُيا.
”هو در ڏس، اهو بند آهي جنھن کي پريان ٻہ وڏا لوهي ڪلف ڏنل آهن، اهو در سوٽ علڻ جي گهر ڏي کلي اوهان جي گهر جي دري بہ ٽپائيندو هو. اسان اتان ويندا هياسين. سيتا دادي شيلا، سيتا جي ڀيڻ نرملا، سڀ هن اڱڻ ۾ ايندا هيا، هن گهر کي ئي اڱڻ هو. کٽن تي اسان جي مائرن ڀينرن ۽ ڪاڪي موتيرام جي گهر وارن لاءِ ڪچھري جو هنڌ هو. تون پڪ پنھنجو گهر ڏسڻ آيو هوندين؟ پر معاف ڪجانءِ مٺا. توهان جو گهر پٽ ڪري سوٽ علڻ وارن پنھنجون نئون گهر ٺھرايو آهي. تون ڇا ڏسندين. هتان سنڌ مان ڪئين ئي لڏي ويل. سانگي سان جڏهن بہ سنڌ ايندا آهن ۽ جڏهن پنھنجا ماڳ مڪان ڳوليندا آهن تہ کين يا تہ ڳوليندي نہ لڀندا آهن يا اُنھن جي شڪل اهڙي هوندي آهي جو هو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي واپس موٽي ويندا آهن.“
مان يڪو ڳالھائيندي پيو هليس. هو ماٺ ڪيو بيٺو هو ۽ مون ڏي تڪي رهيو هو. هن جي چھري تي ڪي بہ جذباتي اهڃاڻ نہ هئا. پوءِ خيال آيم تہ پرانھين پنڌ کان آيل هن مهمان کان نہ سندس حال احوال ورتو اٿم نہ وري چانھہ پاڻيءَ جو پڇيو اٿم. پوءِ مون کيس وٺي وڏي ڪمري ۾ وهاريو. ڪمري ۾ ٻہ چار کٽون، پلنگ ۽ ڪرسيون پيون هيون، هيءُ گهر ٻن ٽن هندڪين جاين تي جُڙيل هو. ڪي ڪمرا پراڻا، تہ ڪي نوان ڪمرا بہ جوڙايل هئا. هنن جاين تي مقامي ماڻھن جو حق نہ هو، هي جايون ۽ ٻيون سڀ جايون ڪليمن ۽ ٻاهران آيلن کي مليون جن پوءِ وڪيون.
هريش هر پاسي هر هنڌ لوڻا هڻي ڏسندو رهيو. مون منجهس ڪا بيچيني ڏٺي. مون کي هڪ ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي.ئ اُٿي کيس ٻانھن کان ورتم ۽ سڌو ڪوٺي تي وٺي ويس. سوٽ علڻ واري جاءِ پاسي پلئڙي کان بيھاريو مانس. اڱڻ ۾ ڪير ڪونہ هو. سوٽ علڻ جي وفات کان پوءِ گهر ۾ سندس اولاد ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. سندس گهر واري پيڪن ۾ رهندي هئي ۽ قذافي ايندي هئي. سوٽ علڻ جي ڀاءُ جو گهر ويري وجهڻ ڪري پاسي تي هليو يوو.
هيءُ اهو پاسو آهي جتي ڪاڪو موتيرام ۽ اُن جو خاندان رندو هو. اهي جايون سڀ ڊهرائي سوٽ علڻ جي پيءُ سيٺ عبدالڪريم هي نيون جايون جوڙايون. ڪاڪو موتيرام ۽ سيٺ عبدالڪريم گهاٽا دوست هئا ۽ ڌنڌي ۾ ڀائيوار بہ هئا. توڙي ڪاڪو موتيرام ڪورٽ ۾ وڏو سرشتيدار هو پر پئسي پنجڙ وارو هيو. هن ئي سيٺ عبدالڪريم کي وڏي ڌنڌي تي لاتو. هن ئي کيس وڏي حاويليءَ جي سوڙھہ مان ڪڍي هن گهر ۾ آندو. هيءُ پريون حصو جيڪو ٻئي ڀاءُ کي مليو اهو ڪنھن ٻئي ديوان جو هيو. جنھن ۾ پھريائين سيٺ عبدالڪريم اچي گهر ڪيو. پوءِ هي ٻئي گهر ڄڻ هڪ ٿي ويا. وچ ۾ هڪ دري هئي، جتان سڀ هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا هئا. ٻاهر لنگهہ لاءِ هڪ گهٽي هئي. هنن ٻنھي جي دوستي ايتري تہ پائدار هئي جو ورهاڱي کان پوءِ ڪاڪو موتيرام ڪو ٻارنھن تيرهن سالن پنھنجي جاءِ ۾ رهيو پيو هو. هن جو وڇوڙو بہ وڇوڙو هيو. وويو تہ جاءِ، دوڪان، ڌنڌو ڌاڙي سڀ ڪجهہ کيس لکي ڏئي ويو. ڪاڪو موتيرام شايد نہ وڃي ها پر ڪي بيوسيون اهڙيون هونديون آهن جو ماڻھن کي مجبور ڪيو وجهن ۽ وطن کان بي وطن ڪيو ڇڏين. هاءِ ڙي زمانا!!“
مون اڃا ڳالھايو پي تہ ڏٺم هريش پوئتي موٽي وڃي ڏاڪڻ وٽ بيھي رهيو. هُڻ اباڻين جاين ۽ ماڳن جي نئين سر جوڙ جڪ تي ڪجهہ نہ ڳالھايو. مان بہ تڪڙو موٽي اچي کيس رَسيس. ڪمري ۾ آياسين تہ اسان جي جهوني ڪم ڪار واري ماسي چانھن کڻي پيئڻ لاءِ اشارو ڪيو. هو خاموش ويٺو رهيو. اوچتو ڳالھايو. ائين لڳو ڄڻ ڪنھن ڦٽل کوھہ مان سندس آواز ايندو هجي.
”سائين، نہ مان چانھہ پيئڻ آيو آهيان نہ مان پنھنجا اباڻا ڪک ڏسڻ آيو آهيان. مان ٻي پيڙهيءَ جو شخص آهيان. نہ مون هيءَ ڀومي ڏٺي نہ هتان جو پاڻي پيتو. هتي جو ماضي منھنجو ماضي نہ آهي. منھنجو پيءُ بہ سنڌي نہ هو. هو هڪ هندستاني مرهٽو هيو، جيڪو امان سيتا سان شادي کان پوءِ سِگهو ئي گذاري ويو. امان سيتا پاڻ نوڪري ڪري، پورهيا ڪري مون کي پالي وڏو ڪيو. پالنا ۾ دادا موتيءَ جو بہ وڏو هٿ هيو. مان هاڻي اتي هڪ وڏي ڪمپنيءَ ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر آهيان. هيءَ ٻولي. هيءَ هن ڌرتيءَ سان ٿورڙي ڪي گهڻي وابستگي منھنجي ماءُ ۽ دادا جي بخشيل آهي. منھنجي گهر واري پڻ سنڌڻ آهي پر هن کي ايتري سنڌي نہ ايندي آهي. ٻہ ٻارڙا اٿم، اهي سنڌي سمجهندا آهن پر گهٽ ڳالھائيندا آهن. هو ممبئي جي وڏي ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. گهڻو تڻو انگريزي يا اردو گاڏڙ هندي ڳالھائيندا آهن.“
هن جيئن ساهي کنئي تہ مون ڳالھايو. ”تو سويل چيو پي تہ تون هت ڪنھن خاص ڪم سانگي آيو آهين. اهو خاص ڪم ڪھڙو آهي؟“
هو اٿي ٻاهر ويو ۽ ورانڊي ۾ ڇڏيل ٿيلھو کڻي آيو. هُن هيٺ ويھي ان جي زپ کولي ۽ ڪنجهي جو وڏو گول لوٽو ڪڍيو. ان لوٽي جو منھن ڳاڙهي ڪپڙي سان سوتلي ويڙهي بند ڪيو ويو هو. هن اُهو لوٽُ ڪڍي ٽيبل تي رکيو پوءِ ٿيلھي مان هڪ ننڍڙو لفافو ڪڍيو. هن ۾ ڪا چٺي هئي. هن اهو لفافو مون کي ڏنو ۽ سامھون ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. مون ڏٺو انھيءَ ٿورڙي ڪرت ۾ هو سھڪي پيو ۽ اکين ۾ آلاڻ هيس. ان آلاڻ کي لڪائڻ لاءِ هو ڇت ۾ اکيون وجهي ويھي رهيو. مون لفافو آهستي آهستي ڪري کوليو، هي هڪ پني واري چٺي هئي.
”پيارا ڀاءُ.
ورھيہ لنگهي ويا آهن. وڇوڙي پينھي ڇڏيو آهي. مان پنھنجي پٽڙي هريش کي اوهان ڏي هڪ امانت سان گڏ موڪليان ٿي. هيءَ امانت دادا موتيءَ جون هاٺيون آهن ۽ انھيءَ لوٽي ۾ بند آهن. سندس وصيعت هئي تہ هي سنڌ جي پاڻيءَ ۾ لوڙهجن، خاص طرح ان واھہ ۾ جت دادا ۽ اوهان سڀ گڏ وهنجڻ ويندا هئا. هن جي اوهان سان گهڻي دل هوندي هئي. هو اوهان کي هميشہ لِڇڻو يا لکڻو ٻار ڪري ياد ڪندو هو. دادا عبدالڪريم جي گذرڻ جو ڏک هيس. علڻ جي بيوفائيءَ جا ڏنل سور چاڪ ڪري چڪندا هيس. ان ڪري هن جو حڪم هيو تہ سندس هاٺيون، اوهان ڏانھن موڪليون وڃن تہ جيئن ان واھہ يا بريچ واري وڏي واھہ ۾ لوڙهجن. هو، اهي آرهڙ جا ڏينھن، انبن جي مند، مڇي ۽ پلي کي نہ وساري سگهيو هو. آرهڙ جي ڏينھن ۾ پت نڪرندي آهي، هت جڏهن پت يا آرايون نہ نڪرنديون هيون تہ سنڌ جي گرميءَ کي ياد ڪري آڙهڙ جي مند کي ياد ڪندو هيو. گنگا يا جمنا تي ويندو هيو پر چوندو هيو، هاءِ سنڌو درياھہ جو پاڻي!! واھہ واهڙ ڀريو ڇڏي. اُن لڙاٽيل مٽيءَ واري هڳاءَ وارو پاڻي گنگا ۽ جمنا ۾ ڪٿي؟ توهان جو قرب، آٿٿ ۽ سڪ ياد اٿم. توهان منھنجا محسن رهيا آهيو. هيءُ هڪ ٻيو احسان ڪندا. مان بہ هاڻ بيمار رهان ٿي. عمر اچي کُٽي آهي. شال مونکي بہ سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿئي. هريس کي چيو اٿم تہ منھنجون هاٺيون بہ اوهان تائين پھچائي. اوهان ٻيئي گڏجي سنڌوءَ ۾ لوڙهجو. اوهان ٻيئي منھنجا وارث آهيو. ڌڻي توکي ڏينھن ڏئي، جڏهن رکڙي ڏينھن ايندو آهي تہ توکي ياد ڪندي آهيان. ڪي پراڻيون، ڪي تازيون رکڙيون موڪليانءِ ٿي. هريش جي ٿيلھي جي پاسي واري خاني ۾ وڌيون اٿم، تون پاڻ هٿ سان ڪڍي گهڙي پل لاءِ پائجانءِ، ضرور. آهين. سٺو پر صفا ڳيٿرو، اڳيون پارايل رکڙيون تہ وڃائي ڇڏيون هوندءِ. مان بہ تہ ڳيٿري آهيان جو ورهيو پنھنجي سجڻ کي ياد نہ ڪيو اٿم. هريش جو خيال ڪجانءِ. ٻي امانت اها اٿئي. اها بہ توکي پرتي. شال جڙيو هجين، ٻچڙن سان خوش هجي.
”تنھنجي ڀيڻ سيتا.“
مان خط تہ پڙهان پيو،ا وڻ سان گڏ هنجون پيو هاريان. سامھون منھنجي هڪ وڏڙي مٺي ۽ سدوري شخص جون هاٺيون پيون هيون، ڄڻ سندس ميت پئي هئي. سيتا جي خط وري مونک يماري ڇڏيو. سامھون هريش بہ روئي رهيو هو، ائين پئي لڳو تہ ٻہ ميتون پيون آهن ۽ ماتم ڪرڻ وارو هڪ آهي.
مون اُٿي ٿيلھو کنيو. ٽيبل تي رکي، پاسي واري خاني جي زپ کولي هڪ ننڍڙو پئڪيٽ ڪڍيو.
”هريش پٽ، تون ڪجهہ آرام ڪر. مان بہ پنھنجي ڪمري ۾ وڃان ٿو. روٽي پاڻي جي ڪري پوءِ هاٺيون کڻي هلنداسين. شيءَ شڪل کپئي تہ ماسيءَ کي سڏي وٺجانءِ.“
مان ڪڌن جهڪائي هاٺين آڏو بيٺس پوءِ مون اهو گول ڪَنجهي جو لوٽو کنيو ۽ پنھنجي ڪمري ۾ هليو آيس.
ڪمري ۾ اچي هڪ پلنگ تي لوٽو رکيم ۽ ٻئي پلنگ تي آهلي پيس.
راکين وارو لفافو مٿي کان رکي ڇڏيم. مون لوٽو سوري وهاڻي تي رکيو. ائين ڪاڪو موتيرام منھنجي ڀر ۾ ٻئي پلنگ تي ائين ستو پيو آهي جيئن هو حيدرآباد واري ابي کي مليل سرڪاري گهر ۾ منھنجي ڪمري ۾ پيل ٻي کٽ تي سمھندو هو. حيدرآباد ايندو هو تہ رهندو بہ اسان وٽ هو. مان ڪاڪي موتيرام کي ننڍي هوندي کان ڏسندو آيو هيس. سھڻو سيپڪڙو قدارو جوان. پھران ۽ پاجامي ۾ هجي يا شرٽ پينٽ ۾. لوڏ ڏئي هلندو هو تہ ڪنھن فلم جو هيرو پيو لڳندو هيو. هر وقت پيو مرڪندو ۽ کلندو. سندس اڇا کير جھڙا ڏند اونداھہ ۾ بہ پي اجرڪندا. جھڙو پاڻ سھڻو تهڙي دادي شيلا. اُن کان وڌ سندس ٻہ نياڻيون سيتا ۽ نرملا پيون ٻھڪنديون، ڪاڪو موتيرام ڪچھريءَ ڄو ڪوڏيو، شام ٿي ناهي اسان جي اوطاق تي اچي نڪرندو. بابي جي سوٽن سان گهڻي هيس. خاص طرح سيٺ عبدالڪريم سان، ساڻس گڏ چمن لال، پمن داس ۽ ٻيا ديوان گڏ هوندا هيا تہ اسان سڀ نينگر نينگريون هن اڱڻ ۾ پيا ڪڏندا هياسين. چاچو سيٺ عبدالڪريم لَڏي آيو تہ ڪاڪي موتي اسان کي ۽ ٻئي چاچي کي بہ جايون وٺي ڏنيون ۽ حويليءَ جي ڪُن مان ڪڍي هتي سوکو ڪيو. بابي جي نوڪري سانگي اسان کي ٻين شھرن ۾ وڃڻو پيو. وئڪيشن ۾ ايندا هياسين تہ منگل ٿي ويندا هيا.
ڪاڪي موتيءَ جون نياڻِيون ملوڪ هيون. وڏڙيون ٿيون تہ هر هڪ جي منجهن اک هوندي هئي. چاچي سيٺ عبدالڪريم جي وڏي نينگر سوٽ علڻ وڃي سيتا تي اَڪن ڇَڪن ٿيو. گڏ جو رهندا هُيا تہ هن سيتا کي آهستي آهستي دام ۾ آڻڻ جي ڪئي. سيتا پڙهيل ڳڙهيل هئي ان ڪري هوءَ تيز ۽ هوشيار هئي. هوءَ ساڻس اهڙي قرب ۽ محبت سان پيش ايندي هئي جو اسان کي بہ شڪ پوندا هئا، مٿان سوٽ علڻ جي لاڦ تہ مٿس هڪ ڇوڪري اُڪن ڇَڪن ٿي پئي آهي. هو جنھن نموني هن کي بدنام ڪندو هيو مونکي ڏک ٿيندو هو.
سيتا هڪ دفعو سڪ سان مون کي رکڙي جو ٻڌي تہ مان کيس ڀيڻ وانگر ڀائيندو هيس. سوٽ علڻ ڏاڍو مڙس هيو ۽ مون کان بہ وڏو هيو. مون کيس چوڻ جي سگهہ بہ نہ هئي. مون هڪ ڏينھن پاسو وٺي سيتا کان پڇيو. ”هي سوٽ علڻ ڇا پيو وڦلندو وتي!“
”ها، مان کيس چاهيندي آهيان. سدنس پريم پوڄارڻ آهيان پر مَنَ ۾ پوڄا ڪندي آهيان. هن وانگر پڙها ڪونہ ڏيندي آهيان. مون کيس چيو، اٿئي همٿ تہ مونکي پنھنجو ڪر. مذهب بدلائي بہ مون سان شادي ڪر.“ سوٽ اندران نٻل هو. هو سيتا کي چاهيندو هو پر هو پريم ۽ پيار جي نازڪ ۽ ڪئنرن جذبن کان آگاھہ نہ هو. هاڻ اسان سڀ وڏڙا ٿي ويا هياسين. ڌوپڙا، ڦر ڦر سونٽا سڀ پورا ٿي ويا هيا. ڪوٺن تي چڙحي، هڪ ٻئي ڏانھن چڙهي ويندا هياسين، گڏجي سڏجي ڪچھريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينھن سوٽ علڻ سيت سان پرڀرو بيٺو ڳالھائي رهيو هو. اسين ٻيا سوٽ، ڀينر ڀائر غلم وڇايو ڪچھري ڪري رهيا هئاسين. ڪنھن پڪوڙا آندا هيا، ڪنھن گيھر، ڪنھن مرملا تہ ڪنھن پيڙا، کل ڀوڳ جاري هيا تہ ائين سيتا جو آواز تيز ٿيندو ويو.
”علڻ ٻڌي ڇڏ مان سيتا آهيان. اٿئي همت تہ جهر جهنگ جهاڳي گهر ٻاٽ ڇڏي مون لاءِ بنواس بہ ڪاٽي مون تائين پھچ تہ رام ڪري پوڄيانءِ. منھنجو تنھنجو پريم جو ناتو آهي چريا. ڪجهہ سمجهہ مون کي ڏکوءِ نہ. مان توسان سچي آهيان. شڪ نہ ڪندو ڪر.“ پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. مون وڌي کيس پرچايو ۽ علڻ کي ٿڪ لعنت ڪئي.
عشق ۽ مشڪ ڪو لڪڻ جا آهن. ڳالھہ کي گهڻو ڍڪيوسين. پر ٻاڦ ڪاڪي موتيءَ تائين پھتي. هُو حيدرآباد هليو آيو. رات جو ائين کٽن تي ليٽيا پيا هياسين تہ ڪاڪي موتيءَ ڏک مان ڀڻڪو ڪڍيو.
”مونکي ڏک رُڳو اهو آهي تہ مون کان تو هيترو عرصو ڳالھہ ڇو لڪائي. قصو شاديءَ تائين پھتو آهي ۽ مونکي خبر ئي نہ آهي. تون گهٽ ۾ گهٽ اهو تہ نہ لڪائين ها تہ هنن ٻنھي ۾ پريم جو ڪو چڪر انھيءَ حد تائين پھتو آهي؟“
مون وٽ ڪو جواب ڪونہ هو. ڪاڪو موتي ڪو اندران اهڙو راڄائتو، اڇو اجرو ۽ ننگن وارو هيو جو آهستي ڀڻڪو ڪيائين.
”جي ادو عبدالڪريم راضي ٿئي تہ مان سيتا کي هت ڇڏي هليو وڃان پوءِ ڀل مسلمان ڪري سندس شادي علڻ سان ڪرائي. مان پريت جي پت وڃائڻ نٿو چاهيان. ورهين جا ناتا ڪو ائين وڃائبا يا اولاد مِٺو ڪبو؟“
مان ٽپ ڏئي کٽ تان اُٿي ويھي رهيس. دل مان بي اختيار نڪتو، ”واھہ لاکيڻا، ڪاڪا موتي.“
پھريائين مون سوٽ علڻ سان ڳالھہ ڪئي. گهڻي همٿ ٻڌائي مانس پر پيءُ کان ڇرڪي پيو. مان ئي سندرو ٻڌي چاچي عبدالڪريم وٽ ويس. ڳالھہ ڪرڻ جي دير هئي هو بنھہ پڙ ڪڍي بيٺو.
”ميان توهان ٻار آهيو. اها ڪا سولي ڳالھہ آهي. هندو مسلم فساد ڪرائيندو ڇا؟ موتي بہ جذباتي آهي. ٻارن جي ڳالھہ آهي پاڻ ئي ختم ٿي ويندي.“
پوءِ هُن ڪاڪي موتيرام کي گهُرائي کيس سمجهايو ۽ ڇوڪراڻي وهيءَ جي جذبات کي ٻاراڻي ڳالھہ سمجهي وسارڻ جو چيو. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو ڪاڪي ٻن چئن ڏينھن ۾ ٻارن ۽ گهر واريءَ کي انڊيا موڪلي ڏنو. هو پاڻ بہ ڪجهہ مھينن پڄاڻان ويو پر رُئندو ويو. هنن مون کان نہ موڪلايو نہ وري ڪو خط پٽ هيڏي آيو. هو سڀ ڪُجهہ سيٺ عبدالڪريم کي ڏئي ويو. اڄ رَکَ ٿي موٽيو آهي. سيتا رکڙين جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي پئي آهي. مون پيڪيٽ کولي رکڙيون کڻي اکين تي رکيون. سيتا وئي هئي تہ روئندي وئي هئي. مونکي لڳو تہ سندس ڳوڙهڻ جي آلاڻ هنن رکڙين تي اڃا آهي. ائين در کڙڪيو. مان ٻاهر نڪتس، ماسي بيٺي هئي.
”مهمان اوهان کي سڏي ٿو، ڀلا ماني پايان؟“
”ها ڀل پاءِ.“
هريش اتي ئي ويٺو هيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي نھاريو. ”دادا. ڀلا هلون.“
”بس پنجن منٽن ۾ ٻہ گرھہ کائي وٺون. پنڌ پري ناهي.“
ماني هريش تہ ڄڻ کاڌي ئي ڪونہ. مون ٻہ گرھہ مس کاڌا. سچ تہ ماني وڻي ئي ڪانہ پئي. پٿر جنھن گهر ۾ هجي اوتي ماني ڪھڙي؟
اوطاق تي اچي، گيريج مان گاڏي ڪڍايم. ڊرائيور کي واھہ تي هلڻ جو چيم. اُت پھتاسين تہ واھہ ۾ ڦڙي ڪانہ هئي. سڄو سڪو پيو هو. هريش حيران ٿي ويو. ڪجهہ پرڀرو وڏو ريگيوليٽر وارو ڪئنال هيو جنھن کي بريچ بہ پوندا هيا. اُت ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيم. اُتي پھتاسين تہ هتي بہ ڪاريءَ وارا ڪک هيا. واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي بنھہ نہ هو. مان منجهي پيس. هريس چپ هيو. مون سوچي ڊرائيور کي چيو. ”هل درياھہ تي هل.“
ڊرائيور منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو. پوءِ چڱو پنڌ سٽي، درياھہ جو بند ٽپي ڪچو بہ ٽڦي وڃي درياھہ وچ پياسين. پاڻي هت بہ ڪونہ هو. بيٺل پاڻي جا ڪٿ ڪٿ دُٻيا هيا. ڪي سينوارجي ويا هيا. ڪي ڪلر سان ڪاراٽجي ويا هئا. مان ۽ هريش انھن دُٻن جي چوڌاري پئي ڦرياسين. لوٽو هريش کي ساڻ هو. هو دُٻن کي ڏسيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر ڪيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر ڪيو ڪنڌ ڌوڻي پري ڪنھن وڏي دٻي تي وڃي. هو ائين ڊوڙي رهيو هو ڄڻ ڪو هرڻ دشت صحرا ۾ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ جهلڪ پسيو ويجهو وڃي وريو موٽيو اچي. هريش هاڻ سھڪي پيو هو. مون کيس وڃي ٻانھن کان ورتو.
”بابلا. هيءُ درياءَ بادشاھہ ڪونھي. هت پوتر پاڻي بہ ڪونھي، جنھن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي رَکَ وهايون.“
”پر دادا. هيءُ ٿيو ڇاهي. امان ۽ دادا موتي، جنھن سنڌوءَ جون ڳالھيون ڪندا هيا، اهو ڪاڏي ويو. هت تہ اُهي ٻيڙيون اُهي ملاح بہ ڪونھن جن تي چڙهي هو سير ڪندا هيا. مڇيون پلا ماري گهر کڻي موٽندا هيا. اهو جَلُ پوتر سمجهي گهر کڻي اچي پيئندا هيا. هيءُ سڀ ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کيس ڪو جواب نہ ڏنو. جو مون وٽ ڪو جواب نہ هو. پنھنجي وڍيءَ جو نہ ويڄ نہ طببي، بس ايترو چيم، ”اپڻي گهتي هي بابا اپڻي گهتي!“
هو انھيءَ گهتيءَ کي سمجهي نہ سگهيو ۽ پڇيائين، ”دادا، اها اپڻي گهتي ڇا ٿيندي آهي؟“ مون وک کي تيز ڪيو ۽ ڊوڙندو اچي ڪار وٽ پھتس. هريش منھنجي پويان آهستي آهستي واريءَ جا دڙا ۽ ٻيلاٽيون لتاڙيندو، ڪاڪي جي هاٺين کي سيني سان لايو اچي پھتو.
”دادا، پوءِ هن جو ڇا ڪيون؟“ هن جو ائين چيو تہ ڳوڙها تري آيم. ”هئہ ڙي وقت، بي وطن جي مٽي پنھنجي وطن جي پاڻيءَ جي پياسي آهي ۽ پاڻي بہ ڪنھن ٻي ڀَر هليو ويو آهي.“
مون هريش کي ڏٺو هو بہ روئي رهيو هو. مون کيس ڪار ۾ وهاريو ۽ واپس گهر کنيو آيس.
گهر پھچي مون کيس ٻانھن کان ورتو ۽ سڌو ڪوٺي تي هليو ويس ۽ اُتي وڃي بيھاريومانس، جتان سڄو شھر پئي نظر آيو. سانجهيءَ جا پاڇا پئجي چڪا هيا ۽ ڪجهہ بتيون بہ ٻري چڪيون هيون. ڪي انتظار ۾ هيون، بھار جي بھاري ڏيندڙ هوا چوڌاري گهُلي پئي هئي.
”هريش، هيءُ شھر، ڪاڪي موتيءَ جو شھر آهي. هن پاسي سندس جاءِ هئي جت هو رهندو هو. هيءُ اڱڻ آهي، جتي هن پير گهمايا. هو سامھون اُحي گس پنڌ آهن، جتان ڪاڪو موتي لنگهندو هو. هوءَ اها اوطاق آهي جتي هو وهندو هو. ڇڏ انھيءَ رک کي تہ انھيءَ مٽي ۾ ملي وڃي، جنھن مٽيءَ تي سندس وکن جا نشان آهن. ڇڏ انھيءَ جُسي جي رک کي تہ انھيءَ مٽيءَ ۾ ملي وڃي جنھن مٽي جو هوُ ڳوهيل هو ۽ جنھن مٽيءَ سان سندس عشق هو.“
هريش ڪا گهڙي خاموش رهيو پوءِ هن انھيءَ لوٽي جو منھن کوليو. ڪپڙو لاهي پري ڪيائين. هن هٿ وجهي پھرين لپ رک جي کنئي، ان کي چميائين پوءِ هُن گهر واري پاسي هوا جي تيز جهوٽي سان اُن کي اڏائي ڇڏيو. هن ٻي لپ لاءِ لوٽو منھنجي ويجهو ڪيو ۽ مون بہ لپ ڀري ان کي پنھنجي اڱڻ تي ڇٽيو. ائين هوا جي جهوٽن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي جُسي جي رک کي سندس شھر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گام تي وڇائي ڇڏيوسين، جيئن حياتي بہ هڪ جهوٽو هوندي آهي. ڪڏهن پُر بھار ڪڏهن جهڪ تہ ڪڏهن جهولو. ڪاڪي موتيءَ جي رک کي سنڌ جي باهر جا جهوٽا نصيب يٿا. سندس شھر جي ماڻھن جي ساھہ ۾ بہ هاڻ اُن رک جي خوشبو رچي وئي هوندي!!
هيٺ لٿاسين تہ هريش بنھہ ساڻو ٿي پئجي رهيو. پاڻي پيارومانس تہ سامت ۾ آيو. چانھہ پياري مانس تہ ڪجهہ تڪڙو ٿيو. يڪدم وڃڻ جي واريائين. مون ان رات ئي کيس ڪار ۾ ساڻ ڪري، ڪراچي ايئر پورٽ تي آڻي ڇڏيو. موڪلائڻ مھل هو ڏکارو هو. ڀاڪر پاتومانس تہ روئي پيو. مون کيس پرچائي مِٺيون ڏئي روانو پئي ڪيو تہ هڪ ڳاله ياد آيم.
”هريش بابلا، منھنجي ڀيڻ سيتا کي چئجان تہ پراڻ تياڳڻا هجنس تہ آرهڙ ۾ تياڳي. سنڌو ۾ ٿورو گهڻو پاڻي آرهڙ ۾ ئي ايندو آهي. چئجانس جڏهن بہ مري تہ آرهڙ ۾ مري جو سندس هاٺيون وهندڙ سنڌوءَ ۾ لوڙهي سگهون!!“
مان وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيس. منھنجو آواز ائين ئي ڳرو ٿي ويو جيئن هريش جو ٿيو هو ڄڻ ڪنھن ويران ۽ ڦٽل کوھہ مان ايندو هجي. هاڻ هريش جي آواز ۽ منھنجي آواز ۾ ڪوبہ فرق نہ هو.