ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

ٺوٺ ڌرتي

مستن تي ڪھڙي ميار. پَرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو. ڊگهي چولي جو پلوَ مٿي ڪري جهولي جهلائي دانھون ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“.
رب جي ذات وڏي آهي. اَگهي تہ ڪائو ڪچ، نہ تہ ماڻڪن کي بہ موٽ. پَروءَ جي چوڌاري ماڻھن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا بہ وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نہ هو ڪائو ڪچ، نہ هُن آڇ ڪئي، نہ هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنھن جي هيٺان ڪجهہ بہ نہ هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا بہ وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جھڙا مست تہ گهڻئي، پر پرو سڏبو ئي هو ”مينھاڻي مست!“ پرو ڪھڙو جي ”مينھاڻي مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻھن جا ميڙ. اک اک منجهس. سندس هر چُر پُر تي ماڻھن ۾ چُر پُر اچيو ٿي ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛ ”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“
”جيڏو تنھن جو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي هئي. پگهر پي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾. اڃا تہ ڪٿي بہ آگم جو اُهاءُ نہ هو. ابر جو اُهڃاڻ نہ هو. پر آسروند اهو ئي آسرو کنيو بيٺا هئا تہ رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي تہ وڏڦڙو، اچي تہ اڱڻ آگهاري، برسي تہ بھاري، اُٺي تہ اُڃايل پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڌرتي ٺوٺ هئي، سو ڪھڙي ساوا بہ سڪائي ڇڏيا هئا.
انھيءَ ٺوٺ سڪل ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنھن سان هن جو ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن تہ هو پروءَ مان مينھاڻي مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونہ هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو، هيٺان ڪجهہ بہ نہ، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ، مٽيءَ سان راند، ٻاراڻي وهيءَ جي مستي، کيس انھيءَ ڳالھہ جو پتو ئي نہ رهيو تہ هُن جا پيءُ ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولرُ وڏي نعمت هو. کيڏڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيھي جڏهن ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو تہ سندس ڪيفيت ڪنھن مست کان گهٽ ڪانہ هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪابہ اهميت ڪانہ هئي؛ پر هو پنھنجي دلبريءَ جا داوَ ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منھن لاءِ ڪنھن کي ڪو خاص چاھہ نہ هو. هو هڪ يتيم ٻار هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوھہ پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا.
پرو انھيءَ ۾ بہ خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن پنھنجي سؤٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پيرکڻي هن سان گڏ اڱڻ ۾ هلندي هئي، تہ هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل تہ ڏس ڪيئن هلي ٿي، جھڙي ڊيل!“
پڦي جنھن پروءَ کي پنھنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي هيس، ”ها، ها پريل مومل تہ ڊيلن جي بہ راڻي آهي.“ هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو: ”هلي منھنجي ڊيل راڻي، هلي منھنجي ڊيل راڻي!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيھندو هو. پڦي هيڏانھن هوڏانھن نھاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ تہ ڊيل آهي تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ تہ پرو مومل کي ڇڏي ٻانھون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آرهڙ جا ڏينھن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينھوڳيءَ جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوھہ ڦلارجڻ جا ڏينھن هوندا هئا. هو پھرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽ خوشيءَ وچان دانھن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ سندس سؤٽ بہ هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چاندي جا گولا.“ ”ڀت تي نوڙي، مينھن آيو ڊوڙي.“ پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو: ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻن ۾ هو بنھہ مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينھن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊي ۾ ڊوڙي ويندا هئا، تہ بہ پرو بيٺو هوندو هو. سندس رڳ رڳ بھاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينھن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينھن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن تہ گپ کڻي بت تي لائيندو، منھن تي ملندو ۽ ڪڏهن تہ دُٻن مان پاڻي پيئندو هو. پڦيس رڙيون ڪندي هيس: ”پرو، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ.“ پر هو مينھن جي گوڙ ۾ ڄڻ تہ ٻڌندو نہ هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان اُلاريندي هيس: ”اڙي اچين ٿو يا نہ، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ تڏهن لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيھي، مينھن جي ڪا لار جهٽي وٺندي هو.
مينھن اڃا اڪري مس هلندا هئا تہ پروءَ لاءِ ساوا پَٽ، پَٽ پٽيھر بڻجي پوندا هئا، هو لھي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو هو، خوشيءَ جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو تہ اچڻ سان مومل کي کڻندو ۽ چوندس، ”منھنجي ڊيل راڻي هلي تہ سائي پٽ پٽيھر تي. هت نہ هلي، هلي تہ سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾ هلندينءَ؟“
يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نہ کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنھنجي ٽنگن ۾ تہ لوھہ پيو آهي.“
”چاچي مومل وڏي ٿئي تہ پوءِ تہ هلندي؟“
”چڱو، چڱو، وڏي تہ ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي ۽ مومل پير نہ کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نہ ڪري. مول جڏهن چِٽو ڳالھايو تڏهن بہ پروءَ دانھن ڪئي: ”پڦي ڊيل تہ ٻولي ٿي!“ پڦي وراڻيندي هيس: ”ٻولي سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانھن جون کنڀڙاٽيون هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ لڳندو هو ۽ مومل بہ هاڻ ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نہ ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ ڄڻ تہ وڄ واسو ڪيو هو، ۽ کيس اسڪول جو بہ خيال نہ رهيو، نہ وري موسم جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇا جو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ ۾ بھاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نہ هئي، جيستائين گهر نہ پھتو. هُن دانھن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ سڀني سرتن گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄُ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بھاريءَ ۾ آيو: ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا بہ مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي: ”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو- گوڏي جيڏو مولا-!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄ وراڪو ڏئي، وڄ جو وَڄُ اڃا وڄي بس ڪري تہ بادل بڙ ٿي بيھن ۽ گوڙ جا ٽڪاءُ هيان ڏڪائڻ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ تہ مومل جو بہ آواز نہ هو پر پروءَ جي صدا صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو بہ ائين وسيو جو هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻھوءَ جا تہ اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندن ڀتيون ٿي لُڏيون، ڇتيون تہ اڳ ئي وهي هليون هيون. گهر وارن جو بنھہ ساھہ منجهيل هو. هر هڪ اهو پي وراڻيو، ”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو تہ ورانڊي ۾ بيٺي هئي، هاڻ تہ هوءَ پروءَ کي سڏ بہ نہ ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي الله...“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينھن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينھن اصل پوريون ڪري ڇڏيون.
ماسي نعمت تہ وهلور پئي ويئي، ”هئڙو مينھن نہ ڏٺوسين نہ ٻڌوسين. اصل قيامت اهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينھن بس نہ ڪري، ائين سڀڪنھن کي محسوس ٿيو تہ ڪا خاموشي آهي. هاڻ مينھن گوڙ، وِڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اُڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو، پَرُو اُتي ئي بيٺو هو، هاڻ هو نعرو نہ هڻي رهيو هو. هو مينھن جهٽي رهيو هو، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيو هو، ”واھہ ڙي مولا واهه، بنھہ بھاري ڪري ڇڏيئہ مولا، اصل رنگ لڳي ويا، واھہ منھنجا مولا!“
اِئين چاچي وڃي ڳٿر کان جهليس. کنڀي اندر کڻي آيس، ”ڪتي جا ڦر، اسان جو ٿو وڃي سِرُ ۽ تون آن بھارين ۾. ”هڻ مولا گوڏي جيڏو“، هاڻي جهل دٻ. جاءِ جهڪي آ، ڇت وهي آ، اڃا بہ مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي ورتائينس: ”اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو. پڻھين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻھين گارو ڪندين. توکي اصل نہ ڇڏيندس. اڙي ٻيا ڪھڙا هئا، جن گوڏي جيڏو جو نعرو هنيو هو؟“
ٻين نينگرن جو ساھہ مٺ ۾ هو. ڪن تہ ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽ شيرل تہ کٽ هيٺان وڃي لڪا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو، اڙي وَروُ، شمو، يارو هيڏي اچو.“
ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو، ”اڙي گهوڙا ڙي مري وياسين، اڙي بابا ڙي، الاڙي- گهوڙا ڙي“ پي پئي. اِئين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، اُن سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت ويھي ويئي هئي. اُن سان گڏ سڀني ڏٺو تہ پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيھي رهيو، ننڍڙا هٿ مٿي کڻي چيائين ”مولا هاڻ هالار ۾ هارينس.“ هُن وري صدا هنئي ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا- مولا- منھنجا مولا!“
پروءَ جي صدا بہ ڪا صدا هئي. مينھن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نہ گذري جو مينھن بس ٿي ويو. پرو اتي ايستائين بيٺو رهيو جيستائين، ڪڪر ٽڙي پکڙي نہ ويا، هاڻ تہ ڏينھن شينھن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منھن ۾ نھارڻ لڳي. اِئين وڏي واڪي چاچس کي چيائين، ”ادا نصير، هيءُ ڇوڪرو فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي، آئندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“
گهر وارا سڀئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آيا هئا، هن کي ائين ڏسي رهيا هئا، ڄڻ ڪا نئين شيءِ ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪِريل رنڌڻي ڏانھن وڌي ويو. هاڻ تہ مومل بہ پدمڙا پير کڻندي ٻاهر نڪري آئي هئي.
”پلو- مولا دوڏي ديڏو نہ، ڊيل راني هلي ڪيون.“ پرو هن کي هلائيندو، ”منھنجي ڊيل راڻي هلي“ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي، هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪوبہ اعتراض نہ هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بھار، اُٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو هو، جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جھڙي پئي لڳي. هيءُ ڌوتل پوتل وڻ، اُجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويھي رهيو، مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بھاري ۾ هو، مينھن وسيا هئا، بھاريون ٿيون هيون، ڊيل راڻي ساڻس هئي.
هوڏانھن ماسي نعمت کي برقعو نہ ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾ اهائي وات وائي هئي، ”پرو ڪاني ڪرامت وارو آهي“ ۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شھر ۾ پکڙجي وئي. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻھو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کانئس دعا گهرائيندا هئا. پرو منڍ ۾ تہ حيران هو، تہ هيءُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو، مار موچڙو بنھہ گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويھي رهيو. چاچي نصير ۽ پڦي زينوءَ جي تہ چاندي هئي. آهستي آهستي گهر ۾ رونق اچڻ لڳي. پرو ڪوڙا سچا ليڪا پائيندو وڃي، ”حق الله هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽ چاندي نہ وسي!
جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻيو ويو. هو ڪڏهن ڪڏهن پڦيءَ کان پڇندو هو، ”پر پڦي مون کي تہ ڪجهہ بہ نہ ٿو اچي، مان قرآن بہ پڙهيل نہ آهيان. الف بي بہ پوري نہ ٿي اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس؟“
پڦي، هُش ڪري آهستي چوندي هيس، ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي ٻاهرين علم جي ضرورت نہ هوندي آهي. توکي باطني علم آهي پٽ! تون رڳو نيت سان اُبتو ليڪو ٿو پائين يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ ٿو شوڪارين يا پاڻيءَ ۾ ٿو هٿ ٻوڙين تہ سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ اُن سان گڏ اسان جا بہ ڪم سولا!“
پرو ڪجهہ بہ نہ سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، سڀ ڳالھہ کيس سمجهہ ۾ ايندي وئي. هن چاچي جي مجبوري بہ سمجهي، سڄي گهر جي بي وسي جو بہ پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ هنن جي گهر ۾ غريبيءَ جو نانءُ نشان نہ هو. ڪچي گهر مان پڪو گهر ٿي ويو، اوطاق ٺھي وئي، وڏي ڳالھہ تہ پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺھيو، جنھن کي آڏو سھڻو ڇاپرو هو.سڀڪجهہ چاچي نصير جي نظرداريءَ هيٺ ٺھيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ تہ سندس هٿ بہ ڏڪندا هئا، پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو! هونءَ بہ کيس رازپي جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا بہ عجيب رنگ آهن، ڪنھن کي هٿ ۾ شفا ڏئي، ڪنھن کي هٿ ۾ ڪرامت ۽ پروءَ جو ننڍڙو هٿ کڄيو ناهي، ۽ سواليءَ جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ تہ پروءَ جا هٿ مضبوط جوانن وارا هٿ هئا، ڪرامت ۾ بہ اوڏوئي زور هو.
پروءَ لاءِ هاڻ اِها ڳالھہ ڪا دلچسپيءَ واري ڳالھہ نہ هئي، هن لاءِ جيڪي ڪجهہ هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل راڻي هئي. هوءَ هُن جي سامھون جوڻ مٽائيندي رهي. هاڻ هوءَ هڪ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سھڻي راڻي هئي. پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تيئن سڏيندو ايندو هيس. مومل جو چاھہ بہ رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي، مَٽ ۾ وجهندو هو، تہ ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦھلجي ويندو هو. اُهو پاڻي بين لاءِ تہ شفا جو پاڻي هو؛ پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز اُن هٿ لاءِ واجهائيندي رهندي هئي، تہ ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ نہ چوندي بہ چوندي هيس: ”پرو، منھنجي هٿ ۾ ڪھڙي شفا آهي؟ تون منھنجو هٿ ڇو ٿو مٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منھن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.
پرو اُن ڏينھن تہ بنھہ سندس ويجهو وهندو هو. جنھن ڏينھن هوءَ وهنجي سهنجي، اُجريل ڪپڙا ڍڪي، آلا وار پکيڙي، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ اُن تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي، ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس ٻانھن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نھاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اُڻيل تاڃي پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساھہ کڻندو هو، اُن مھل بي اختيار ٿي چوندو هو ”رب منھنجي جي قدرت!“ مومل وَرُ وَرُ ڪري پڇندي هيس ۽ اُن جو جواب بہ ساڳيو ملندو هيس، تہ بہ هوءَ چوندي هيس: ”پرو، ان ۾ ڪھڙي رب جي قدرت آهي؟“
”راڻي تنھنجي آلن وارن مان اُهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اُٺي ويل ڌرتي ڇڏيندي آهي، ۽ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اُهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“
اُٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو. اُٺي جون بھارون آيون ناهن، پرو ڇاپري ۾ نڪري ايندو، سندس صدا اُها ئي هوندي: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ اڃا هڪ ٻہ صدا مس هڻندو، تہ مومل پري کان ڊوڙندي ايندس. ”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي ويندو؛ پر اُهو ٿي پيو نچندو، مينھن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دُٻن مان ڍُڪ ڀريندو، مٽي کڻي بوت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس تہ ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اُگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺِڪر جي چِٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي، پاڻ کي پاڻ اُگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيھندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيھندو هيس. مومل سندس اکين ۾ نھاري چوندي هيس: ”پريل تون مينھاڻي مست ڇو آهين؟ مينھن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“
پرو مُرڪي چوندو هيس: ”راڻي، مينھن ۽ هن ڌرتيءَ جو ازلي لاڳاپو آهي. اسين هن ڌرتيءَ جا ننڍڙا ڌڻي آهيون؛ اسين بہ مست نہ ٿينداسين تہ ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينھن مست نہ ڪندو آ؟ هن جهُڙ ڦُڙ جي بھاري ۾ تون ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿي ڪرين؟“
مومل انھيءَ جملي سان ڄڻ تہ ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ سامھون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي هٽي ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هيس: ”پرو مون کي پتو ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انھيءَ ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي، جنھن ۾ سندس ساھہ هو ۽ پرو يڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:
”انھيءَ ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي تہ ٿو پر سولو نہ. ڪاڏي ويندو، نيٺ تہ هن هٿ وس ايندو.“
مومل مرڪي چوندي هيس، ”هاڻي تنھنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر بہ تہ تنھنجو آهي!“
”نہ راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي تنھنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ وجهي انھيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس، پوءِ جيڪي نصيب!“
مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساھہ اُڀو کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو تہ هوءَ هٿ وڌائي چوندي هيس:
”پرو انھيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منھنجو شاديءَ ۾ ايمان نہ ٿو بيھي، هونئن بہ پرو شادي محبت جو معراج تہ ڪونھي.“
پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالھہ ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون بہ ڪنھن کان گهٽ ناهين. بنھہ مست آهين، مون کان بہ وڌيڪ- تو ۾ هونئن بہ مڻيا آهي؛ پر راڻي جڏهن سمجهہ ڀريو ڳالھائين ٿي تہ بس، پوءِ اسان پارو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“
ائين ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي، سامھون ورانڊي مان اهو نظارو پئي پسندي هئي. نُور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي نصير کي تہ پتو بہ نہ ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي، ”ادا، هو جوڙو ڏسين ٿو؟“
”ڪھڙو جوڙو.“
”پکين جو؟“
”مينھن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن.“
هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس: ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“
”توکي بہ رکيو رکيو ٿا پُور پون. الله ڪري جُڙي هجين، مون کي پارت ڇو ٿي ڪرين.“
”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نہ ڪجانءِ، نہ تہ سڀڪجهہ ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي، اِهو بہ ٻڌايانءِ ٿي تہ هيءُ ٺھيا ئي هڪٻئي لاءِ...“ ۽ اچي کنگهہ ڇڙندي هيس، هوءَ ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمھاريندو هو.
”چري، ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالھہ آهي، ڪا پري آهي ڇا، ڪنھن ڏينھن مکا ميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي هو مرڪي بہ ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري بہ ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت جيڪا ڪن لايو ويٺي هوندي هئي؛ ڪوڙو منھن ڪريو، موڙو ڏيندي هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منھنجو شيرل روزگار سان لڳي؛ ڏس تہ مان ڪيئن ٿي پنھنجا ٻيڙا ٻني لايان.“
ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو تہ الله ڏي هلي؛ پر چاچي نصير بہ ڌڪ نہ جهليو. مِٺي ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا؛ پر جيءَ جو ڪھڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وَس. وڻيس تہ جياري وڻيس ڪَکُ پن ڪري ڇڏي.
پروءَ کي ڪنھن بہ اڄ تائين رئندي نہ ڏٺو هو، سو وَسيو ۽ سندس اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ کي ڏسي، پروءَ کڻي ماٺ ڪئي نہ تہ شايد اُڀ کي بہ رئاري ها؛ پر پروءَ جو هانءُ تڏهن بنھہ کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينھن مومل ڏانھنس نہ لڙي، منجهند جو ماني بہ ماسي نعمت کڻي آيس. هُن رات تائين صبر ڪيو؛ پر جڏهن رات جو بہ ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اُڇلائي، تڏهن هو بِرُ ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“
”مومل ڪا تنھنجي ڳڌل ٻانھي آ جو هر ويلي تنھنجي ماني کڻي اچي، ٽهل ٽڪور ڪري.“
”ماسي مستن کي نہ ڇيڙ“، پروءَ رڙ ڪئي اُن سان گڏ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.
”اِهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اِهو مينھاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين، مان سڃاڻانءِ ٿي تہ تون ڪھڙو مست فقير آن! مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندين، تہ وجهندس هٿ برقعي ۾. جيئن مون پاڙي پاڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو، هاڻ تنھنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“
پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اُڇلائي، ”نڪري وڃ هتان.“
”وڃان ٿي پر اِهو ياد رک تہ مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي، جي تون اُن جو نالو بہ کنيو آهي، تہ مون جھڙو بڇڙو نہ ٿيندءِ!“
پَرو حيران ٿي سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳو ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ تہ ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين، مَستن وانگر مست ٿي پيو، دانھن اهڙي ڪيائين جو ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي ”مولا، ڪٿي آهين، مولا، ڪٿي آهين!“ ۽ هو جوجُڪيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، اڱڻ ۾ ڊوڙڻ لڳو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
ٺار جا ڏينھن هئا، سڀ ورانڊي مان نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس، ”ماسي ڇا ڪَيس!“
”اڙي امان مار:يئي کي ڇا ڪيم، چيومانس تہ منھنجي مومل جو نالو نہ کڻي.“
”ماسي توکي جهليو بہ هيم تہ في الحال ڳالھہ نہ ڪر؛ پر اصل پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانھن ڇوڪرِ کي بہ بند ڪيو اٿئي، جا پئي جهِڄي. هيڏانھن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“
”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي؛ رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو وسائڻ؛ مينھن جي ڪا موسم آ، جو بس هاڻ اُڀ ڏري پوندو!“
پروءَ رڙي رڙي، اڃا گهڙي ساھہ کنيو ۽ آسمان ڏانھن ڏٺو، پر اُتي ڪجهہ بہ نہ هو.
اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جون حدون لتاڙيندو، ورانڊو ٽپندو، سندس مستيءَ کي وَڌ مست ڪندو ويو، ”پَرو، پَرو!“
پروءَ کي ائين محسوس ٿيو تہ ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري. سندس هٿ مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين ۽ ڊوڙ پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پھتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو. اندران اُهوئي آواز ”پَرو، پَرو!“ هُن ڪُلف کي سٽ ڏني، پر نہ کُليو. هن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منھن تي اُهائي مستي هئي. هو هاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو ”منھنجا مولا! ڪٿي آهين. ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو تہ نہ. بس مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بھاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو، ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير بہ سندس ويجهو نہ پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو؛ پر شيرل اُتي ئي ڄمي ويو. سندس ٻيا سؤٽ پري بيٺا هئا. پَرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪِري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هُن اُٿڻ جي ڪئي، پر اُٿي نہ سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئين، هاڻ رت جو مينھن هو، جو پئي وسيو. اِئين گوڙ جو آواز ٿيو، وِڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪارنھن سڄي آسمان کي ويڙهي ويئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ، ٻيو وڄ جا چمڪاٽ، اوندھہ انڌوڪار ٿي ويو. وڄ جي روشني ويتر ٿي هنياءُ ڇِنو. ۽ ائين اچي وڏ ڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينھن بہ مينھن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو پيو نئين، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچيءَ ڪجهہ پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺين پير واپس وري، پروءَ کي اورانگهي وڃي ڪُلف کوليائين. پَروُ بي سُرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي، مومل بہ ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي، يڪدم دانھن ڪيائين.
”اڙي، مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گُلو، اڙي هيڏانھن اَچو...“
سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائيون. ڪو سرمو کڻي آيو، ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو ”پريل!“ سڀني اوڏانھن نھاريو، جت پَرو پيو هو. هوءَ ڌڪ جي پرواھہ نہ ڪري پروءَ ڏانھن وڌي، نئڙي هُن کي ڏٺائين. ڳوڙها ڳڙي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي چيائين، ”ادا گُلو! هن کي کڻوس“. هُن پاڻ بيھي پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس. آهستي آهستي هن جي ڀرسان ويھي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا بہ وهلور پئي ويئي، تنھن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو تہ پَروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اُڇلي اچو. مومل سُرٻاٽ ٻڌو. ڪنڌ کڻي چيائين ”خبردار جو ڪنھن پروءَ کي هٿ لاتو آهي. رڳو پنھنجو خير گهرو.“
ان ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنھن ورانڊي مان دانھن ڪئي، ”رڌڻو ويو.“
اُن ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو، ”وهنجڻ جاءِ وئي.“
ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا، ”ورانڊي جو هڪ حصو بہ هليو.“
ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناھہ ورتي. مومل پروءَ کي ڏسي رهي هئي، جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين، مينھن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لھي بيٺو، مومل ٻانھن کان ورتس، پر هو اڳتي هلندو ويو، ائين چوندو ويو، ”واھہ منھنجا مولا اصل بھاري ڪري ڇڏيئہ، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئہ، واھہ منھنجا سائين؟“
هو ورانڊي ۾ ئي هو تہ ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين، رڙيون واڪا، ان سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز اچڻ لڳو. مومل اچي ڀرسان بيٺس: ”پريل هاڻي بس، رب جي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“
”مومل، منھنجي مولا آڏو سڀ بندا برابر آهن. تون بہ ٻاڏاءِ اچ مون سان.“
وچ اڱڻ ۾، مينھن جي پناھہ وٺيو ٻيئي بيٺا هئا. مومل هٿڙا اُڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس.“
”منھنجا مولا هاڻي هالار ۾ هارينس“ ”منھنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻاڏائيندي رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين مينھن جهڪو ٿيو، تان جو ڦڙ ڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪانہ گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءِ آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو، ”راڻي اهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ جون بھاريون نہ ٿينديون، هاڻي مينھن نہ وسندا، هاڻي ملڻ ڪھڙا، جدايون تہ ڪينھن منھنجا سائين!“ پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو، ۽ ڏيڍيءَ وٽ بيھي مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي مڙي ويا هئا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو، ”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ الله لوڪ نينگر اٿو، ڪرامت ڪانہ ڏٺو. وٺي هلي اندر ويھاريوس، هئڙا الله لوڪ ماڻھو ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن.“ پروڪڙو کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي، دانھن ڪيائين، ”پريل- پريل!“ پرو جيئن ڏيڍي چائنٺ ٽپيو تيئن وري نہ آيو. هو هاڻي سچو پچو مينھاڻي مست هو، هڪ الفي ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪھڙي دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون پيو پائيندو، رکي رکي دانھن پئي پوندس، ”هاڻي جهڙڦڙ بھاريون نہ ٿينديون، هاڻي مينھن نہ وسندا.“
ڪو ڳالھائڻ جي ڪندس تہ وارن ۾ ڍڪيل چپ کُلي پوندس ۽ کلي چوندو، ”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪو دل جليو اُتي ئي پڇندس، ”مينھاڻي مست! پوءِ محبت جو معراج ڇا آهي.“
”جهڙڦڙ جي بھاري ۽ وسندڙن جو خير!“
”پر تون چئين ٿو تہ هاڻي مينھن نہ وسندا، هاڻي جهڙڦڙ جي بھاري نہ ٿيندي.“
”اکين جي جهڙڦڙ کي ڪنھن روڪيو آ!“
پرو غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويھندو هو، غلاموءَ سان دل بہ هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دڪيءَ تي سمھي پوندو هو. ٿڌ ۾، ولھہ ۾، سوڙ يا رلي بہ نہ ورتائين، دڪان مان ٻه- ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين، جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو، جو پاڻ بہ ڦٽيل هو، ڪو نينھن لاتو هئائين، پر دل جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو تہ يڪدم دانھن ڪري ڇڏيندو هو، ”پريل! دل ڪنھن سان لائجي؟ هنن ماڻھن سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس، ”پنھنجي مولا جا غلام، تون هن مولا جي ڌرتيءَ جو بہ غلام آهين، هن ڌرتيءَ سان نينھن لاءِ، ڏاڍي سوادي اٿئي.“ پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾ وجهندو، منھن تي مکيندو، ڌڌڙ اُڏائيندو، ڊوڙندو ويندو، ”واھہ منھنجا مولا، اصل بھاريون ڪري ڇڏيئي.“
هاڻي تہ واقعي مٽيءَ جو مينھن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون مندون ٽري ويون، ۽ هيءَ نئين مند بہ خير سان پوري ٿيڻ تي هئي، مينھن جو تہ پتوئي نہ هو، چوڌاري خشڪيءَ جو سمنڊ هو، جنھن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون، ڪسيون، ڪورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، ڍور ڍڳو سوڪھڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا، ڪن دم ٿي ڏنو، تہ ڪي پوين پساهن ۾ هئا، ٻنيون ٻارا تہ ٻري ٻارڻ ٿيا، هاڻ ماڻھن جو وارو هو. سڀ پروکي ڦري ايندا هئا، پر هو دانھن ڪري چوندو هو: ”هاڻ جهڙڦڙ جون بھاريون نہ ٿينديون، هاڻ مينھن نہ وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاھہ واري ميدان ۾ لھي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ چيس: ”پرو، ائين نہ ڪر، مينھن وساءِ!“
”مينھن منھنجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪھڙي طاقت آهي.“
”پر پرو تنھنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ، تون کڻي دعا گهر، ڏس ڌرتي سڄي ٺوٺ ٿي ويئي آ، هاڻ تہ کوهيون بہ سڪي ويون آهن، باقي بچيو آ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو بہ گهڻا ڏينھن؟ هيءَ ڌرتي وڌيڪ ٺوٺ رهي تہ اسين سڀ ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس: ”منھنجي مولا جا غلام، منھنجي مولا جي ڌرتيءَ جا غلام، هن ڌرتيءَ ۽ سندس ماڻھن جي ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد رک تہ ڌرتي هميشہ دان گهرندي آهي، سمجهيئہ! ڌرتي دان گهري ٿي!“
غلاموءَ دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين، ۽ خير خيراتون شروع ٿي ويون، پر شايد اُتي نہ اگهاميون يا اڃا دير هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پروءَ منھن تي چڙهيو، اصل بِرُ ٿي بيٺس: ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينھاڻي مست آن! تون الله لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن. مومل جي عشق ۾ حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتيءَ سان بہ عشق؟ ڌرتي دان گهري ٿي، ڌوڙ نہ ڇائي. هاڻي وڃي ڌوڙ پاءِ، مومل ڪارو منھن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانھي، اڄ دعا گهرندي، ڏس تہ منھنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيھي رهيو، پوءِ ڊوڙ پاتائين. سڌو وڃي پنھنجي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پھتو، پر چانئٺ نہ ٽپيو. اندران مومل جو آواز پئي آيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“
”ڀيڄ مولا، منھنجا مولا رحم!“ پروءَ اُت بيٺي ئي سين هنئي: ”ڀيڄ مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي ڏيڍيءَ وٽ پھتي. پرو هن کي سڃاڻي نہ سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون پناھہ واريون، ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر عنبير جا هڳاؤ! هو هڪ ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتيءَ کي ڏسي رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منھن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو خوش ڪانہ ٿي. اَڇي اُجري ماڻھوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي، پروءَ ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اُتي اهوئي ٺڪر جو چٽيل ڇلو موجود هو. هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس، ”راڻي! هاڻ بھاريون ٿينديون، مينھن وسندا، سڀڪجهہ اوجري پوندو، تون دل نہ لاھہ.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو تہ ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس، ”ابا، پٺتي نہ موٽ بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ بہ تنھنجي آهي، تنھنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانھن نھاريو، ”ماسي، مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ تہ تنھنجي شيري کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
”اڙي ابا، هن تہ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي. هن تنھنجي ڊپ کان مومل سان شادي ئي نہ ڪئي.“
”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙجي ويس. ”هيءُ مومل ٿوروئي آهي، هيءُ تہ منھنجي ڌرتي آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي. ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ سُٿرو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ ڪنھن جي ڪانھي، سمجهيئہ ماسي!“
ماسي ڪجهہ بہ نہ سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي.
پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽ صدائون هڻندو ٻاهر نڪري ويو، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، تہ نظر وڃي رئيسن واري باغ تي پيس، جتي هاڻ سلا بہ سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنھن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي لھي ان پٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنھن وقت هن لاءِ پٽ پٽيھر هو، جنھن جي سائي گاھہ تي هو ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جنھن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙيءَ ۾ ماڻھو اچي مڙيا. سڀ آسائتا، آسروندا، اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي.
هاڻ پروءَ جي مينھاڻي مست هجڻ مان ماڻھن جو بہ ايمان لڏڻ لڳو. پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا ڏئي کنڀڙاٽيون هڻي سھڪي پيو هو، سندس نڙي ويھجي وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪابہ ڪمي نہ آئي هئي، اُها ئي صدا، پر منھنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي آهي، جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو، اوچتو هن دانھن ڪئي:
”ها منھنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو ريج گهري ٿي، تون سو منھن نہ موڙ، باقي بندو حاضر آهي.“ ائين چئي پرو نوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش کنيائين ۽ زور سان ڌرتيءَ تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي ورهين جي اُڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رُڪ ٿي لڳس، ٻئي ڌڪ ۾ رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس: ڀلا خشڪ زمين رت ائين پيئندي وڃي جيئن ڪو اُڃايل اُڃ لاهيندو آهي، پر پرو بہ ريج ڏيندو وڃيس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو، جيستائين ابر ۾ اُهاءُ نہ ٿيو ۽ پھرين ڦُڙي مٿس وسڪارو نہ ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو، ”واھہ منھنجا مولا اصل بھاريون ڪري ڇڏيئہ، اصل رنگ ڪري ڇڏيئہ، بنھہ بھاريون.....!“ پرو وڌيڪ چئي نہ سگهيو ۽ وڃي ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت بہ ڌو پيو پئي ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينھن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦھلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنھن طرف هو. رت جي لالائي پاڻي جي سونھن کي وڌيڪ سھڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ جون رڳون آهستي آهستي ان ڳاڙهي پاڻيءَ کي کڻي رهيون هيون. سڀني اهو بہ ڏٺو تہ مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي، اتان جيڪي بہ وهڪرا آيا پئي، تن ۾ بہ اهائي لالائي، اُها ئي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا تہ سڄي ڌرتي پٽ پٽيھر جو وڳو کڻي پاتو.
چون ٿا تہ جڏهن بہ اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي تہ ڪونہ ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي ۽ الائجي ڪيترن مستن جو هن ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي، جو هاڻ ڪڏهن بہ هت سو ڪھڙ نہ ٿيندي آهي، هميشہ جهُڙڦُڙ جون بھاريون هونديون آهن ۽ اُٺي جي مند ڪڏهن بہ کوٽي نہ ٿي آهي.

(مھراڻ )