ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن

عاشق اُن ڏينھن منھنجي سامھون جيتريون ڦيريون پاتيون ۽ هن ننڍڙي فليٽ جا جيترا چڪر ڏنا، شايد ايترو پنڌ روڊن تي بہ هُن نہ ڪيو هوندو. هو بي چين روح جيان کنڀڙاٽيون هڻندو هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري، ننڍڙي اڱڻ ۾ پيل بالٽين، پکڙيل ٿانون ۽ ڍير ميرن ڪپڙن کي لتاڙيندو مون تائين پھچي مون تي اڻ لکي نظر وجهي وري اَلوپ ٿيو وڃي. جڏهن ساڻو ٿيو تہ منھنجي سامھون پلنگ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڊگها وڏا ساھہ کڻڻ لڳو. اوچتو مون ڏي گهوري ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين:
”اهو سڀ تون آهين، تو ئي منھنجو ٺانٺو ڦِٽايو آهي. نہ تون اِهي روايتي Wisdom واراGolden Word پنھنجي مُنھن مبارڪ مان ڪڍين ها، نہ هيئن ورهين جو ساٿ ٽٽي ها. خبر اٿئي، اڄ ڪائون ڏينھن ٿيو آهي جو هوءَ نہ آئي آهي. ميان! اٺ ڏينھن ٿي ويا آهن. مون سندس منھن ناهي ڏٺو. مان هاڻ کيس ڪاٿي ڳوليان. هوءَ پراڻو گهر بہ ڇڏي ويئي آهي. توکي خبر آهي Wise Man.“
مان ماٺ ڪيو سندس منھن ۾ ڏسندو رهيس. اوچتو هو ٿڌو ٿي ويو: ”تون ڪو ڏس پنڌ ڏئي. اڳي بہ تو ئي ٻُڏل ٻيڙا تاريا هيا. تون ئي اسان جو Wise Man آهين.“
مان کيس ڪھڙو جواب ڏيان تہ تو پاڻ پنھنجو ٺانٺو ڦِٽايو ۽ هاڻ مون کي ٿو ڏوهاري قرار ڏين.
هو ساڻو ٿي پلنگ تي پئجي رهيو هو. مان آهستي آهستي اُتان اُٿي فليٽ جي ٻئي ڪمري ۾ پيل کٽ تي پئجي رهيم. هو هوڏانھن ڦٿڪي رهيو هو، هيڏانھن مان ماٺ ميٺ ۾ يادگيرين جي ڄار ۾ وڪوڙبو ويس.
عاشق ۽ منھنجي دوستي اڄ جي ڪانہ هئي، ننڍي هوندي جي ياري هئي. ڪو وقت گڏ پڙهيا هياسين. پوءِ هو پنھنجي والد سان نوڪي سانگي، سنڌ جا ڪئين شھر لتاڙي، نيٺ اچي هن شھر ۾ مليو هو. مان بہ پڙهڻ سانگي سنڌ جي هوائن ۾ اُڏامندو هن شھر ۾ اچي نڪتو هوس. بابي هيءُ مسواڙ تي فليٽ وٺي ڏنو هو تہ اڃان بہ پڙهان ۽ پڙهي وڏو آفيسر بڻجان. پڙهيم بہ پئي تہ نوڪريون بہ ڪيم پئي.
شھر جون دوستيون- سو جُڙي وري ڊَهن، ۽ ڊَهي وري جُڙن. هڪ پکيءَ وانگر هوائن سان گڏ پئي اُڏريس. ڪڏهن مٿي آسمانن تي تہ ڪڏهن هيٺ پَٽ تي. جواني جو ڪوڙو جوش. ڪنھن تي اک پئي ناهي. موھہ کنيو وڃي ۽ وڃي سھڻن جي در ٻاهران بيھاري. دريءَ جو ديدار ڪيو، لڙي پھر موٽان تہ عشق ۾ ٻُڏل. رات جو خواب ئي خواب. عجيب زندگي هئي. اوچتو عاشق ڳولي لڌو. هيءُ حال ڏسي کِلي پيو.
”دلبر، هميشہ جيان خوابن جا سوداگر، آخر تيرا ڪيا هوگا ڪاليا.“
کلي مون بہ اُردو ۾ ئي جواب ڏنو: ”يار اسان جو تہ هيءُ حال آهي. نہ خدا هي ملا نہ وصال صنم، نہ اِدهر کي رهي نہ اُدهر کي رهي.“
”ڏس سھڻا، زندگي زندھہ دل ماڻھن وارن لاءِ آهي. هڪ دفعو ملي آهي، وري نہ ملندي. جواني بہ هڪ دفعو ايندي آهي، موٽ کاڌائين تہ هٿ نہ ايندي. شاديءَ کان اڳ واري زندگي اسان جي پنھنجي زندگي آهي، خاص طرح جوانيءَ وارو دؤر. پيارا، رُڳو خيالي عشق ڪبو يا دردناڪ چٺيون لکبيون يا دريءَ وارن جو اشارن وارو ديدار ڪبو، اِهو سڀ بيڪار آهي، مون کي ڏس!“
مون ڏانھنس نھاريو. سھڻو مست اکين وارو مست ڪندڙ جوان. مون کي ڄاڻ هئي تہ سندس اکين جي تيک آڏو ڪيتريون ئي سھڻيون بيھي نہ سگهنديون هيون. سندس مٺن ٻولن تي بہ عاشق، تہ سندس ٺاھہ ٺُوھہ ۽ ڪپڙي لٽي جي بيھڪ بہ کين وٽس ڇڪي ايندي هئي. مان سندس گاڏيءَ ۾ ڪيترا ئي سھڻا مھانڊا ڏسندو هيس. ڪيترن ئي گهرن ۾ سندس اچڻ وڃڻ بہ هيو. سندس ڳالھين ۾ ڪيترين ئي حسينائن جو ذڪر هوندو هو. ڪڏهن ڪنھن نازنين جي ڳالھہ تہ ڪڏهن ڪيترا ئي سلميٰ ستارا ڌرتيءَ تي لاهي ايندو هو.
هڪ ٻہ دفعا هُن چيو تہ مان پنھنجي ڪنھن پرينءَ کي هِت وٺي اچان. مون کيس سختي سان جهلي ڇڏيو. گهريتڙي ٻار هجڻ سان گڏ، خاندان ۽ بابي جي ناموس جو خيال، اوڙي پاڙي جو ڊپ. مون کيس ناڪار ڪندي چيو:
”ڏس عاشق! منھنجي دنيا پنھنجي آهي ۽ تنھنجي پنھنجي. مون کي اِنھيءَ جواني جي اُبتن نشن ۾ مبتلا نہ ڪر. هتي ڪير بہ نہ ايندو. دوست، مٽ مائٽ اچي سگهن ٿا پر ڪا حسين نازنين، ماھہ جبين نہ ايندي. يھان ڪوئي نھين ڪوئي نھين آئي گا، سمجهيئہ.“
I don’t know when you will grow up.” عاشق ڀڻڪيو.
هڪ ڏينھن آيو تہ چُپ هيو. سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. هونئن ئي پاڻ ڳالھائيندو هو ۽ پنھنجا تازا ڪارناما ٻڌائيندو هو تہ مان ماٺ ڪيو ٻُڌندو هُيس. اڄ جو هو چپ هيو تہ مون بہ کڻي ڳالھايو.
”عاشق سائين! ڇا ڳالھہ آهي؟ لڳي ٿو تہ اڄ سڀ عاشق حسينائون ماھہ جبينون شھر ڇڏي ڪنھن پڪنڪ تي هليون ويون آهن.“
هو ٻُڏو پيو هو. نيٺ آهستي ڀڻڪيو ۽ چيائين:
”يار هنن حسينائن جي رولڙن ۽ ڌِڪن ماري ڇڏيو آهي. مان سوچيان ٿو تہ هڪ Permanent بندوبست ٿيڻ کپي.“
”توکي هونئن بہ مستقبل بندوبست جي ڪھڙي ضرورت آهي. تنھنجو اصل عشق مبارڪ شل دائم قائم رهي. پنھنجي مڱيندي تو وٽ موجود آهي، پوءِ توکي اِنھن لؤڻن هڻن جي ڪھڙي ضرورت آهي. ڇو اچي خوار خراب ٿيون آن؟ تنھنجو اِهو مڱڻو بہ تنھنجي عشق ۽ محبت جو وڏو ۽ پُراڻو نشان آهي. ڀلا ڪڏهن ٿو شادي ڪرين تہ جان ڇُٽي.“
يڪدم جواب ڏنو هئائين:
”يار، حالتن جي توکي خبر آهي. ڪا سٺي نوڪري ملي تہ شادي ڪبي ضرور، پر تون اِهو سمجهي ڇڏ تہ تنھنجي سوچ ۽ منھنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. تنھنڪري پنھنجاSermons پاڻ تائين رَکُ. هاڻي ڳالھہ ٻڌ.“
مون ڏانھنس ڏٺو، ڏاڍو سنجيدو پئي لڳو ۽ مون ڪن کڙا ڪيا.
”توکي ياد آ تہ مون توسان هڪ ڇوڪري گلشن جو ذڪر ڪيو هو.“
منھنجي چھري تي سوال جي نشاني اُڀري آئي. الائي ڪھڙي گلشن، ڪھڙي گلبدن يا وري ڪا گل بڪاؤلي. سندس عشق جا تہ الف ليليٰ وارا هزار داستان هيا.
”اڙي يار، …That girl جيڪا اسان جي ڳوٺ جي هئي. سندس پيءُ هتي آفيس ۾ بابي وٽ ڪلارڪ هيو ۽ سندس ماءُ ۽ هوءَ هتي اسان جي گهر ۾ اچي ڪم ڪار ڪنديون هيون. اُتي ئي پيچ لڙيو ۽ پوءِ مان سندس پيءُ جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهر بہ ويندو هئس. سندس ماءُ کي تہ اسان جي عشق جي خبر هئي پر پوءِ پڻس کي خبر پيئي تہ ڏينھن پڄاڻان سندس شادي پنھنجي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو هُن کان عمر ۾ بہ وڏو هو.“
”پوءِ؟ هُن جي شادي ٿي ويئي تہ شھزادي جانعالم جو عشق خير خوبيءَ سان پورو ٿيو. هاڻي وري ڇا ٿيو.“
”اڙي سڄي ڳالھہ تہ ٻڌ سڄڻ! سندس مڙس واڍڪو ڪم ڪندو هو پر گڙنگ موالي هو. شڪي طبيعت جو ماڻھو هو. ڪُٽي سَٽي هڻي سندس هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائين. ويچاري واپس اچي مائٽن وٽ ويٺي. اُن ڏينھن ماءُ سان گڏجي اسان جي گهر آئي هئي. سندس پيءُ بہ هاڻي تازو گذاري ويو آهي. پورهيو ڪري وقت گذارين پيا. ڏاڍو رُئي پئي. پاسيرو ٿي مون سان ملي تہ چيائين تہ مون تي قرب جو هٿ رَکُ، مان گولي ٿي گذاريندس. جي پيار ۽ دوستي جو هٿ نہ رکندين تہ مان زهر کائي مري ويندس. پنھنجي پراڻي پيار جا واسطا کڻي وڌائين. پيرن ۾ ويھي رهي. يار دلبر! اهڙي نماڻي ۽ سٻاجهي نينگر منھنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪانہ آئي. مان وٺي ايندوسانس، پوءِ تون پاڻ فيصلو ڪجانءِ.“
”ڇا جو فيصلو؟“
منھنجا ڪن وري کڙا ٿي ويا. مون شڪي نگاهن سان ڏانھنس نھاريو.
”يار، ڳالھہ سمجه. مون هڪ پلان سوچيو آهي تہ سندس ماءُ کي هتي رکنداسين.“
”ماڻس کي؟ چريو ٿيو آهين ڇا.“ مون سندس ڳالھہ کي اڌ مان ڪٽيو.
”يار، ماڻس کي ڪم ڪار لاءِ رکنداسين. مانيءَ، ٿانوَ، ٻهاريءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ.“
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”ڪم عقلَ! هوءَ ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ هتي ايندي. گهڙي پل مون سان بہ ملندي. بس ائين ٻن عاشقن کي ملائڻ جو ثواب توکي ملندو.“ هيءُ ثواب جو ڪم مون کي سولو نظر نہ آيو.
”يار عاشق! مان مارجي ويندس. مائتن کي خبر پيئي تہ ڀت ٻاٽ مان ڪڍي ڇڏيندا. فليٽ بہ کسجي ويندو. بابو چڙيو تہ پوءِ سمجهين ٿو. وڏو رِسڪ آهي. اِهو مون کان نہ پُڄندو.“
مان ٽپ ڏيئي اُٿي ٻاهر نڪري ويس.
”دلبر! ڳالھہ تہ ٻڌ- ڳالھ تہ سمجه.“
هو چوندو رهيو، پر مان هيٺ لھي روڊ تي پسار ڪرڻ لڳس. هو اُتي بہ آيو. منھنجو سوڻل منھن ڏسي ڀاڪر پاتائين.
”چڱو دلبر! تون چِڙُ نہ، باقي مان هلان ٿو. رات اِن ڳالھہ تي سوچجانءِ: We have to help these poor people.
پوءِ پٺ تي تپڪي هڻي چيائين:
You Are a Progressive Witer and Social reformar. Be brave!”
هُو هليو ويو. عاشق جڏهن بہ ڪنھن ڳالھہ تي زور ڏيندو هو تہ انگريزي گهڻي ڳالھائيندو هيو. خوش هوندو هيو تہ اُڙدو شعر چوندو هيو. مان جڏهن ڪنھن ڳالھہ تي فيصلو نہ ڪري سگهندو هئس تہ اُن تي وڌيڪ نہ سوچيندو هيس. معاملو وقت ۽ حالتن تي ڇڏي ڏيندو هئس. ٻئي ڏينھن منجهند جو ڪم ڪار لاهي موٽيس تہ فليٽ اندران بند هيو. مون سمجهيو تہ عاشق اندر آهي، ڇاڪاڻ تہ ٻي چاٻي عاشق وٽ هوندي هئي. اندر گهڙيس تہ ڏٺم تہ هڪ مائي اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مان تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيس. هڪ نينگر ڪمري ۾ ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهي هئي. مان بيھي کيس ڏسڻ لڳس. هيءَ ڪا ننڍي نينگر نہ هئي، پنجويھن کن سالن جي عورت نما ڇوڪري هئي. هوءَ سڌي ٿي سامھون آئي تہ مون کيس ڏٺو. سندس جسم ڀريل، رنگ هلڪو سانورو، وارَ گهنڊيدار، نقش وڻندڙ، منھن تي پگهر ئي پگهر، پاڻ بہ سڄي پگهر ۾ وهنتل. سندس سادا لان جا سنھا ڪپڙا، سندس جسم تي چهٽيا پيا هيا. هُن ڪا گهڙي پنھنجن هلڪن ناسي اکين سان مون ڏي تڪيو. پوءِ پراڻي پوتيءَ جي پلاند سان منھن اُگهيو ۽ مُرڪي چيائين: ”مان گلشن آهيان.“
مان کيس ڏسندو رهيس. شايد سدا آباد ۽ ٽڙيل گلشن اهڙائي هوندا آهن. هوءَ شايد منھنجي اکين جو تيک نہ سهي ٻاهر هلي ويئي. گهڙي کان پوءِ وري موٽي آئي.
”اَمان وڃي ٿي. ٻين گهرن ۾ بہ وڃڻو اٿس. ڀلا توهان ماني کائيندؤ يا سائين عاشق اچي تہ پوءِ گڏجي کائيندؤ؟“
مون ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو. مون کان سڀ اعتراض، مٽن مائٽن ۽ ابي جي ڪاوڙ، لوڪ لڄا جو ڀَئُه، سڀ ڪجه وسري ويو. مان چپ چاپ اُٿي ٻاهر آيس. گلشن جي ماءُ مون کي کيڪاريو. مون کيڪر جو جواب ڏنو. پوءِ کيسي مان سوَ رُپيا ڪڍي کيس ڏنا پئي.
”نہ سائين! اهو بار توهان تي ناهي“، گلشن مون کي روڪيو. مون ماڻس جي مٿي تي هٿ رکي چيو: اَمان! هيءُ منھنجو گهر آهي. هتي جو اُجورو منھنجو ذمو آهي. تون تہ پورهيو ڪرين ٿي نہ.“
”ابا! تنھنجي مھرباني.“
هيءَ هڪ ڏکن ماريل، هيڻن هڏن واري عورت هئي. ڦاٽل گَندي مٿي تي سوري وڌائين تہ سندس چتين لڳل ڪپڙا ظاهر ٿي پيا.
”اَمان! هاڻي جڏهن بہ اَچين تہ وڳو سولو پائجانءِ. مون کيس کيسي مان ٻيو سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مائيءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
هوءَ پراڻي جُتي گسڪائيندي ٻاهر نڪري ويئي. مون ڏٺو تہ گلشن جون اکيون حيرت کان ڦاٿل هيون. هيءُ عاشق ڇا ڪندو رهيو آهي! هئڙن غريبن کي پنھنجو تہ ڪري ٿو پر کين پالي تاتي نٿو. لٽو ڪپڙو گندي هِنن بہ لهڻي.“ مان ڪمري ۾ آيس تہ هوءَ هلي آئي.
”سائين! عاشق ڇا چوندو. عاشق سائين قرب ڪري وٺي آيو آهي. هُن چيو تہ پنھنجو گهر آهي تہ پنھنجو گهر آهي. پئسا تہ نہ وٺبا.“
”عاشق ڀلي توهان کي پئسا نہ ڏئي، پر هِتي هِن گهر ۾ جيڪو بہ ڪم ڪندو مان اُن کي سندس پورهئي جا پئسا ضرور ڏيندس. مان پاڻ بہ پورهيو ڪري ڪمائيندو آهيان. ڀلا ڇڏ اِنھيءَ ڳالھہ کي، ماني پچائي اٿو ڇا؟“
”ها، عاشق سائين ڀاڄي، اٽو، چانور، گيھہ وٺي ڏيئي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو. ڀلا ماني کڻي اچان.“
مون ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مون ليئو پائي ڏٺو. رنڌڻي ۾ هوءَ ويھي ماني گرم ڪري رهي هئي. رئو لھي ويو هيس. باھہ تي سندس مُنھن ڳاڙهو ٿي ويو هو، هُن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کِلي ڏنائين:
”بُک لڳي اٿوَ نہ. اِجهو ٿي آڻيان.“ منھنجي لاءِ سڄو سلسلو نئون هو. هن گهر کي عورتاڻو هٿ لڳي چڪو هو. سڄو گهر ڌوتل اڇو اُجرو پئي لڳو.
مان ٽنگون سِڌيون ڪري پلنگ تي اکيون بند ڪري ليتي پيس. مون کي خبر ئي نہ پيئي. هوءَ آئي، ننڍي ٽيبل ويجهو ڪري ماني رکي پوءِ مون کي ٻانھن کان لوڏيائين. هڪ عجيب ڇھاءُ هو. مان ٽپ ڏئي اُٿي ويٺس. هن مُرڪي اِشارو ڪيو تہ ماني کائو. مون ايڏي لذيذ ماني ورلي کاڌي هئي. هوءَ اُڀي بيٺي هئي.
”ماني ڪنھن پچائي آهي.“
”ماني امان پچائي آهي. ٻوڙ مون رَڌو آهي. ڇو مزو نہ آهيس؟“
”عاليشان!... توهان جي هٿن ۾ خُوب شيري آهي.“
هوءَ کِلي هٿن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”عاشق سائين اڃا تائين نہ آيو آهي.“ مون سندس چھري تي هلڪي پريشاني ڏٺي. پوءِ هوءَ ٿانوَ کڻي هلي ويئي. هوءَ ٿانوَ سهيڙي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي هئي. مون ليئو پاتو. ڏٺم تہ هوءَ دري کان بيٺي هئي ۽ شايد عاشق جو انتظار ڪري رهي هئي. مان پنھنجي ڪمري ۾ اچي ليٽي پيس. هڪ ڪم ڪار، ٻيو پورهئي جو ٿڪ، مٿان لذيذ ماني، پيٽ ڀريو تہ اک لڳي ويئي. چڱي دير کان پوءِ ڀُڻڪي ۽ هلڪن ٽھڪڙن تي اک کُلي ويئي. آهستي اُٿي اڱڻ ۾ کُلندڙ دريءَ جي اڌ ٻيڪڙيل سير مان اندر ڪمري ۾ نھاريم. هوءَ کيس گرھہ ٺاهي کارائي رهي هُئي. ۽ هوءَ گرھہ گرھہ تي سندس آڱرين کي چڪ پائڻ جي ڪري رهيو هو. هُن تہ کلي آڱريون هٽائي پئي ڇڏيون. ائين هُن ڳالھايو. هِن دفعي گلشن جو آواز ٻيو هو. اُن ۾ ميٺاڄ جا مَٽ ڀريل هيا. اوتيائين پئي تہ ڳرو ۽ ڪنھن نشي ۾ ٻڏل آواز هو.
”سائين، ايڏو انتظار ڪرائبو آهي؟ صبح جا ويل، هيءَ مھل ٿي آهي. مان تہ ائين آهستي آهستي ڪري هڪ اڌ ڏينھن ۾ مري وينديس.“
عاشق هُن جو گرھہ روڪي ڇڏيو.
”مان توکي مرڻ نہ ڏيندس، مِٺي!“ پوءِ هُن کيس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو. هوءَ آهستي سندس ڀاڪر مان کسڪي اُٿي بيٺي.
”ٿانوَ رکي اچان. توهان جا هٿ ڌئاريان. ٻانھي تنھنجي آهي. تڪڙ نہ ڪر منھنجا سائين.“
منھنجي اندر ۾ الائي ڪھڙن طوفانن ڪَرُ کنيو هو جو مان اُتان چُري نہ پئي سگهيس. سڌو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رهيس. هوءَ ٻيڪڙيل در کولي ٻاهر نڪتي. هن پاسي ڏٺائين ۽ مون تي نظر پيس. هوءَ بنھہ هٻڪي؛ مُرڪي رئو مٿي تي وجهي رنڌڻي ۾ لنگهي ويئي. گلاس ۾ پاڻي کڻي ويئي. موٽي اچي چلمچي ۽ لوٽو هٿن ڌئارڻ لاءِ کڻي ويئي. موٽي اچي پنھنجا هٿ ڌوتائين. مان اُتي ئي بيٺو رهيس. هر ڀيري مُرڪندي موٽي. اوچتو هوءَ بيھي رَهي.
”اوهان کي ڪجه کپي؟“
مون ڪنڌ ڌوڻيو. آهستي ٽنگن کي چوريو. هُن دروازو بند ڪيو. پوءِ آهستگيءَ سان ٿوري کليل دري بہ بند ڪري ڇڏيائين. مان پنھنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. شام تائين دماغ ڳرو رهيو.
ڪپڙا مَٽي ٻاهر نڪتس. ڪوبہ آواز ڪونہ هو. شايد سُتا پيا هيا.
مان نوڪريءَ سان گڏ ڪاروبار بہ ڪندو هيس. ڪڏهن ڪاٺين جو تہ ڪڏهن موٽر پارٽس جو. ڌنڌي گؤنچ ڪڍيا هُيا. سوچيو هيم تہ ڌنڌو هلي پئي تہ اها هلڪي نوڪري بہ ڇڏي ڏيان. پيٽرول پمپ جي مامري کي لڳو پيو هوس. رات جو دير سان موٽيس تہ فليٽ تي ڪير بہ ڪونہ هو.
ائين سمجهيم تہ ڏينھن جو ڪو خواب ڏٺو هيم. اسان هونئن ئي خوابن ۾ رهڻ وارا، ساڀيان هجي تہ اعتبار گهٽ ايندو. رنڌڻي ۾ گهڙيس تہ ماني تيار پيئي هئي. چانور دمي ۽ پٽاٽا تري ڍڪي رکي ويئي هئي. ماني ڪمري ۾ کڻي اچي کاڌم. ماني کائي ليٽيس ۽ اکيون پوريم. نہ ڪو خواب نہ ساڀيان، هت تہ سڄي ڏينھن جي وارتا ۽ حقيقت ڪَرُ کنيو بيٺي هئي. سڄي ننڊ نہ آئي. سوچيم تہ مون کي ڪجه بہ نہ سوچڻ کپي. ائين ڇڏڻ کپي جيئن اڳ ڪندو آيو آهيان. ڏاهپ جو ڏانُ اِهوئي آهي تہ ڀل وقت ۽ حالتون پاڻھي فيصلو ڪن. اُهوئي سٺو هوندو ۽ صحيح هوندو. ائين فليٽ ۾ جيڪي ٿيندو رهيو، ماٺ ميٺ ۾ ڏسندو رهيس. ڪڏهن ڏسان تہ گلشن کيس زور ڏيئي ننڊ پيئي ڪرائي، ڪڏهن مٿي کي مالش پيئي ڪري. ڪڏهن اچيو منهجي ڪمري ۾ وهن. ڳالھيون سڄي جھان جون، کُٽن ئي نہ. ٽھڪڙا ئي ٽھڪڙا، پر مان ماٺ! ڪڏهن عاشق کيس شاپنگ ڪرائي وٺي اچي، گلشن ڀلن وڳن ۾ ڀلي ٿي پيئي هئي. رنگ بہ چٽو اڇو ٿي پيو هيس. هڪ ڏينھن آئي تہ ڇِمڪا ڪندي آئي. اچي پير پلنگ تي رکي پازيب ڏيکاريائين. اڇڙن پدمڙن پيرن ۾ چانديءَ جا پازيب اهڙا ٺھيس پئي جو مون بي اختيار پازيبن کي تہ ڇھيو پر نرم نازڪ پيرن کي بہ ڇھي ورتو. هُنَ تي ڪوبہ اثر ڪونہ هو. هُن کي اها بہ ڄاڻ هئي تہ مان کين لڪي ڏسندو آهيان. پر هوءَ پنھنجي پيار ۾ مست مگن هئي. عاشق کي ڏسندي هئي تہ ٺري پوندي هئي. منھنجو لحاظ بہ نہ ڪندي هئي. ڪڏهن تہ منھنجي سامھون مِٺيون پئي ڏينديس، ڀاڪر پئي پائينديس. منھنجو جسم سڄو ڏڪي ويندو هو ۽ مان پاڻ کي پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هيس. مان اُن کي کيل تماشو سمجهي لنوائي ويندو هئس. رات جو ڪوبہ کيل تماشو منھنجي سامھون ڪونہ هوندو هو. مان ۽ منھنجيون ويڳاڻيون راتيون! مون بہ عشق ۽ فراق جا درد پرايا هيا، پر هٿ سڙيا جسم ٻريو اندر خاڪ هيو. اُن خاڪ ۾ چڻنگ باقي آهي يا نہ، مون اُن رک کي ڦولهڻ جي بہ نہ ڪئي. هيءُ نئون کيل تماشو منھنجي سامھون پئي ٿيو، اِهو منھنجو ٿوروئي هو؟ مُنھنجو ڇا وَڃي، چئي منھن ڦيري ڇڏيندو هيس.
اُن ڏينھن عاشق عاشق اڪيلو رات جو اچي نڪتو. پريشان پئي لڳو. جڏهن قصو بيان ڪيائين تہ لڳم تہ ٻيلي منھنجو بہ ڪجه اِنھيءَ ۾ آهي. ڇا آهي، اهو بس هيئن ئي هو. هُن ٻڌايو تہ مائتن سندس شاديءَ جي تاريخ رکي ڇڏي آهي. هاڻي ڇا ٿيندو.
”سو ڇا ٿي پيو؟“
”سو ڇا ٿي پيو؟ عجيب ڳالھہ پيو ڪرين! شادي کان اڳ زندگي اسان جي آهي. شادي کان پوءِ واڳ ڌڻي وس ٿي ويندي. زال ماڻھوءَ کي کائي ڳهي ويندي. مڙد جو ڏس پتو ئي نہ پوندو. اُها سُريت، يارڙي هوندي آهي جيڪا خوف ۾ مبتلا هوندي آهي. شيلٽر هن جو وڏو مسئلو هوندو آهي. لڳندي تہ پير ڌوئي پئي پيئندي. هيءُ تہ ڇوري ڇني ٿي ويندي، پوءِ ڪاڏي ويندي؟“
”زال لاءِ بہ تہ مڙس ڇپر ڇانءُ هوندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.
”اُهو نڌڻڪين زالن لاءِ، پر جن جا اَبا اَمان، چاچا ماما، ڀائر حيات هوندا آهن، اُهي اُن ڪيري آهر پيون ڪڏنديون آهن. جيستائين هو جيئرا هوندا آهن، تيستائين مڙسن جي جسم تي چَم ئي نہ رهندو آهي. باقي رهندا آهن سندن هڏا، جيڪي زالون ۽ سندن ٻار چوپي چٻاڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڀلي سندس مائٽ سڀ مري وڃن، حڪومت هنن جي هوندي آهي.“ ساهي پٽي چيائين:
”ڇڏ اِنھيءَ ڳالھہ کي، هاڻي ٻڌاءِ تہ گلشن کي ڇا چئجي.“
”تو کيس ٻڌايو آهي.“
”ها، مون اَڄ منجهند جو کيس چيو هو.“
”پوءِ؟“
”هوءَ چوي ٿي تہ ڇا بہ ٿئي، مان کيس نہ ڇڏيان. ڀلي ٻہ زالون ڪريان، پر هوءَ چوي ٿي تہ هوءَ منھنجي گولي غلام ٿي رهڻ چاهي ٿي. ڏس يار، هُن سڀ ڪجه مون کي ڏنو آهي. ايڏو پيار تہ شايد زال بہ نہ ڏيندي. هوءَ چوي ٿي تہ دلبر سائين جيڪڏهن ساٿ ڏئي تہ پوءِ بہ اَسين هِت ملي سگهون ٿا. ڇا دلبر، ائين ٿي سگهي ٿو. تون اِهو بار کڻي سگهين ٿو.“
”جي منھنجي بہ شادي ٿي وڃي. مان هتان هليو وڃان.“
”ڀلي، هوءَ هتي رهندي. هن فليٽ جو ڪرايو ۽ سندس خرچ مان ڀريندس. رُڳو شادي پُراڻي ٿئي. يار ڪا تہ مدد ڪر يا ڪو ڏس ڏي! Wise Man. “
مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو. مون کي ائين لڳو، اُهو آواز منھنجو نہ هو. ”تو پاڻ ئي چيو تہ شادي کان پوءِ زال مڙس کي ڳهي ويندي آهي. ۽ شايد سُريت لاءِ بہ هوءَ جاءِ نہ ڇڏيندي. ڇو ٿو ٻن حياتين کي برباد ڪرين. وڃ، وڃي پنھنجي معصوم زال کي بچاءِ، جيڪا ورهين کان تنھنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. هن غريب گلشن کي ڪيستائين اُجاڙيندو رهندين. ٻہ مَن نہ ڪر. ٻِچِتو نہ ٿي. رستو هڪ وٺ. ڪجه ڏينھن ٿيا، هُن جي ماءُ مون وٽ آئي هئي. رُني پئي.“
”ڇا پئي چوي؟“
”بس رُئي پئي. پنھنجي ڌيءَ جي اُجڙيل قسمت تي رُئي پئي. ٻيو ڇا چوندي، ويچاري، تو بہ تہ قھر ڪيو آهي.“
عاشق ٽپ ڏئي اُٿيو.
”تون ڪاڏي وڃجانءِ نہ، مان اَچان ٿو.“
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آيو تہ گلشن ساڻس گڏ هئي. عاشق بنھہ منھنجي سامھون کڻي وهاريس.
”هاڻي سمجهيائينس. هيءُ نٿي مڃي، پڇينس تہ ڇا ٿي چئي.“
مون گلشن ڏي نھاريو. هوءَ ڪڇي ڪانہ، رُئي پئي.
”ڏس، دلبر بہ چئي ٿو تہ مون کي هڪڙو رَستو وٺڻو پوندو.“
هُنَ مون ڏانھن نھاريو. پوءِ آهستي ڀُڻڪيو.
”چئوس تہ مون کي نہ ڇڏي. شادي ڀَلُ ڪري پر مون کي نہ ڇڏي. توهان چئوس، مون کي اِنھيءَ ڪمري مان نہ ڪڍي. مون کي ٻيو ڪجه بہ نہ کپي.“
هن پير مٿي ڪري، پازيب پٽي لاٿا، ڳچيءَ ۾ پيل سوني زنجير لاهي اُڇلي. منڊي بہ لاهي هن جي تريءَ تي رکيائين.
”پوءِ چئوس تہ هاڻي مون کي نہ ڇڏي. مون کان سڀ ڪجه وٺي.“
مان سندس رُئڻ ڏسي نہ سگهيس ۽ ٻاهر نڪري ويس.
“Mad Girl” ، هن دفعي مون بہ انگريزي ۾ ڀڻڪيو.
مان اڱڻ ۾ بيھي رهيو هئس. اوچتو ڌڪن جا آواز آيا ۽ عاشق ڪمري مان نڪتو.
”يار! هوءَ چري ٿي پيئي آهي. هاڻي ڌڪ بہ هنيا اٿئين. پئي ٿي رُئي ۽ وڙهي .I cannot face her مان تڪڙو آهيان. تنھنجي ڀاڄائي زرين جا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ڳوٺان آيا آهن. سندن ماني آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ بہ آهي. ڪا رَسم بہ آهي. مان هلانٿو. تون هينئن ڪر، جو هن کي پرچائي گهر ڇڏي اچجانءِ. مون سان هلندي تہ رستي تي بہ راڄ کلائيندي. هن وقت منھنجي پوزيشن نازڪ آهي. ڪنھن ڏٺو بہ تہ ٺيڪ نہ آهي.“
هو آهستي مون سان ڳالھائي رهيو هو. اسان کي سمڪ نہ رهي. هينئن نھاريوسين تہ گلشن پاسي ۾ بيٺي هئي هن دفعي هِن ڳوڙها اُگهيا ۽ کيس گهوري ڏٺائين. عاشق اُن گهور کي شايد سمجهي نہ سگهيو.
”سڀاڻي اچجانءِ، وڌيڪ ڳالھيون ڪنداسين، فڪر نہ ڪر جاني.“ عاشق هٿ وڌائي کيس ڀاڪر لاءِ ڇڪيو. هُن کيس ٿيلھو ڏنو ۽ پوءِ پاڻ وري ڪمري ۾ گهڙي بُلٽ چاڙهي ڇڏيائين.
”پاڻھي ٺيڪ ٿي ويندي. سڀاڻي نہ آئي تہ مان وٺي ايندوسانس.“
هو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ڊوڙون پائيندو ڏاڪڻ ٽپندو هيٺ لھي ويو. مون ٻاهريون دروازو بند ڪيو ۽ هُن جي بند ڪمري کي ڏٺم. پوءِ اندر اچي مٽ جي ٿڌي پاڻيءَ جا ٻہ گلاس پيتم ۽ ٻہ گلاس پاڻ مٿان هاريم. منھنجو سڄو جسم تپي رهيو هو. پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويٺس. سوچيم پئي تہ ڇا مون اِهو سٺو ڪيو. يا سُٺو ٿي ويو. مون اِهو سوچيو ئي پئي تہ هڪ گهگهو آواز آيو:
”تو اِهو سٺو نہ ڪيو. دلبر!“
مون سمجهيو تہ اِهو منھنجي اندران ڪو آواز آيو آهي، پر ڏٺم تہ گلشن بيٺي هئي. شايد رُئڻ ۽ رڙين ڪري سندس آواز گهگهو ٿي ويو هو.
”تون ائين ڇو ڪيو.“
”مون ڇا ڪيو؟“
”تو عاشق کي ڇو چيو تہ هو پنھنجي معصوم زال کي بچائي ۽ هُنَ جي زندگي تباھہ نہ ڪري، تنھنڪري مون کي ڇڏي ڏئي. مان تہ کيس شادي کان نہ جهليو هو. تو هُن کي مون سان واسطو رکڻ کان بہ روڪي ڇڏيو. اِهو تو ڇو ڪيو؟“
مان سمجي ويس تہ عاشق سڄي الزام مون تي مڙهيو هو. مان سجاڳ ٿي ويس.
”خير خواهي جي ڏوھہ آهي تہ مان ڏوهاري آهيان. هو هڪ پاسي توکي سُريت يا يارڙي ڪوٺي رهيو هو، ٻئي پاسي زال لاءِ پريشان هو ۽ چئي پيو تہ هوءَ هُن کي ڳهي ويندي. تڏهن چيومانس تہ تون هن غريب گلشن کي ڇو ٿو اُجاڙين؟ توکي خبر نہ آهي گلشن، وڏا ماڻھو جڏهن شادي ڪندا آهن تہ دوستيون، ڏکن سکن جا سفري ساٿي، رڳو سفري رهندا آهن؛ دوستيون ۽ ساٿ سڀ ختم ٿي ويندا آهن. هُنن لاءِ نيون سُريتون، نيون دوست بڻجي پونديون آهن ۽ پراڻيون دوست گٺل ڦٽل سُريتيون، جن جو وٽن دُڪو بہ داخل نہ هوندو آهي، سندن کاتي ۽ کنڌي جا صفحا هيءَ شاهوڪار ماڻھو، بندين مان ڦاڙي ڪڍندا آهن ۽ اُنھن صفحن تي نوان نمبر هڻي ڇڏيندا آهن.“
گلشن اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندي رهي.
”تون ڪنھن جي بہ هجين، پر مون لاءِ پُر بھار گلشن بڻجي آئين. هيءُ گهر تنھنجي اچڻ سان مون لاءِ نيون ڳالھيون کڻي آيو. مان نون جذبن سان آشنا ٿيس. تو هو ڪمرو گهريو هو، هيءُ سڄو گهر تنھنجو آهي. اسان کي بہ آزمائي ڏس.“
هاڻ هن جو ڪنڌ هيٺ هيو.
هوءَ آهستي آهستي هلندي ٻاهر هلي ويئي. مان خاموش ويٺو رهيس، فليٽ ۾ خاموشي هئي. ٻاهر روڊ رستا بہ ويران هيا. رات لڙي هلي هئي. مون پنھنجي اندران هلڪو آواز ٻڌو، ”ڇا هيءُ سڀ ڪجه سٺو ٿيو، هاڻ سڀ ڪجه صحيح ٿي ويندو.“
صحيح ائين ٿيو جو مون رنڌڻي ۾ ٿانون جو ٺڙڪو ٻُڌو. ڪجه دير لڳي، پوءِ سندس قدمن جو آواز هو. اُن سان گڏ ڏٺم تہ هُن بيدا آمليٽ ۽ ڊبل روٽي منھنجي آڏو آڻي رکيا.
”توهان ڪجه نہ کاڌو آهي، ڪجه کائو.“
مان کيس ڏسندو رهيس. پوءِ دل جهلي ٻانھن کان ڇڪي پاڻ سان گڏ کڻي وهاريم.
”تو تہ سڄو ڏينھن ڪجه نہ کاڌو آهي.“
هوءَ ماٺ ڪري ويھي رهي.
مون ڊبل روٽي ۽ آمليٽ کي گڏي گرھہ ٺاهي، سندس وات تائين کڻي ويس. هُن عجيب نظرن سان مون کي ڏٺو. پوءِ ٿورو نئڙي گرھہ ورتائين. هُن جي اکين ۾ اڃا بہ پاڻي ڀريل هو، پر هن دفعي اُهو پاڻي ڪجهہ ٻيو هو، جو هُن هٿ وڌائي گرھہ ٺاهي مون کي کارايو. مون سندس سھڻين آڱرين کي ڏٺو. مون اُنھن کي چڪ نہ پاتو، نہ وري کيس ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو. ماني پوري ٿي، هُن ٿانوَ کنيا، پاڻي پياريائين، منھنجا هٿ ڌوتائين ۽ پنھنجي ڪمري ۾ هلي ويئي.
مان ليٽي پيس، آهستي آهستي اکيون ٻوٽبيون پئي ويون. گهڙي پل لاءِ سمڪ نہ رهي. اوچتو مون محسوس ڪيو تہ ڪو منھنجي مٿان بيٺو آهي. ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺس. گلشن بيٺي هئي.
”سائين، هن مھل مان گهر نہ وينديس. رات هِتي ئي رهنديس.“
”ڀلي، ڀلي. جيئن تنھنجي دل چوي. سوير هلي ڇڏي ايندوسانءِ.“
”مان هُن ڪمري ۾ بہ نہ سُمھنديس. هِتي ئي توهان جي ڪنڊ پاسي کان پئي هونديس.“
هوءَ وهاڻو کڻي پلنگ جي پيرانديءَ کان ليٽي پئي. مون کيس اُٿاري سنئون ڪري پنھنجي پاسي کان سمھاريو پئي تہ هوءَ منھنجي ٻانھن ۾ جُهلي پيئي. آهستي سُرٻات ڪندي چيائين:
”دلبر سائين! مون کي پنھنجو ڪندين، مون کي پناھہ ڏيندين.“
پوءِ سُڏڪو ڀري چيائين: ”هن اُجڙيل گلشن کي سُريت ڪري رکندين؟“
منھنجي جسم ۾ سيسراٽ ڀرجي ويا. مون سندن ڳوڙها اُگهيا ۽ مِٺيون ڏنيون.
”مان جيسين جيئرو آهيان مون سان تون گڏ ئي گڏ هوندين.“ پوءِ مون کيس پنھنجي پاسي ۾ سمھاري ڇڏيو.
يادگيرين جي ڄار مان نڪرڻ سولو نہ آهي. اوچتو ٻاهرين در تي ٺڙڪو ٿيو. مان ڇرڪ ڀري اُٿيس. جيئن در کوليم، ڏٺم تہ گلشن بيٺي هئي.
”اڄ تون سوير ڪيئن اَچي وئينءَ. اندر عاشق ويٺو آهي.“
”مان سوير ڪانہ آئي آهيان، روز واري وقت تي آئي آهيان. رات ٿي وئي آهي، ڀنگ پيتي اٿوَ ڇا؟“ کلي چيائين.
مون کي يادگيرين جي درياھہ ۾ تڙڳندي ڪو وقت لڳو هو.
”تون نئين گهر هل، مان عاشق کي روانو ڪري اَچان ٿو ۽ پوءِ گڏجي موٽنداسين. تنھنجو هجڻ ٺيڪ نہ آهي، ڇتو ٿيو ويٺو آهي.“ مون ڀڻڪو ڪيو.
”ڀلي عاشق هجي، مان ڪو کانئس ڊڄان ٿي؟ اِهي ڪوڙا عاشق مون کي ڇا ڪندا؟ تون رُڳو سچو هُج، منھنجا دلبر سائين.“
مُرڪندي اڳتي وڌي، ڏٺائين تہ در پٺيان عاشق بيٺو آهي. هوءَ بنھہ نہ هٻڪي. کيس نظرانداز ڪندي سڌو مون واري ڪمري ۾ هلي ويئي. عاشق مون کي پاسي ڪري فليٽ جو دَرُ بند ڪري سڌو ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو.
Oh! I see” تو ئي کاٽ هنيو آهي!... ڀاڙي، بُزدل، گيدي!... …Coward cunning fellow تون دوستي جي نالي ۾ ڪاريھر نانگ آهين... تو مون کي ڏنگيو آهي... مان توکي نہ ڇڏيندس.“ هُن جو آواز وڏو ٿي ويو هو. هو ڪاوڙ ۾ مون ڏانھن وڌيو.
”خبردار، جو دلبر سائينءَ کي هٿ لاتو اٿئي.“
گلشن آواز ٻڌي، ڊوڙي هِن ڪمري ۾ آئي هئي.
”گلشن! هن توکي برغلايو آهي. دوکي سان مون کي پري ڪري، توکي پنھنجو ڪيو آهي.“ عاشق هن کي ڏسي، کيس ٿڌائيءَ سان چيو:
”دوکو هي ڇا ڪندو، دوکو تہ تو ڪيو آهي، ميان عاشق حسين! اڙي مان تنھنجي سُريت آهيان، يارڙي آهيان، رکيل آهيان. اڙي مان تہ تنھنجي همسفر ۽ دوست رهي آهيان. ڏکن سُکن جي ساٿي. مون تہ توسان اڻ ميو پيار ڪيو هو. جيڪي عورتون پيار ڪنديون آهن ۽ پنھنجي محبوب سان شادي ڪري نہ سگهنديون آهن، ڇا سي سڀ سُريتون، يارڙيون ۽ رکيل هونديون آهن؟ تو ڪيئي لينگها لتاڙيا هوندا. ڪيئي گلشن لُٽيا ۽ لتاڙيا هوندا. تو هئڙو ڪو گلشن ڏٺو جيڪو پاڻ تو وٽ لُٽجڻ لاءِ آيو ۽ وَرُ وَرُ آيو تہ ڀلي منھنجو پرين مون کي لٽي ۽ لتاڙي. تنھنجي عشق ۾ هِن هڪ چري غريب ڇوڪري ڇا ڪجه نہ ڪيو. تو نہ اَجهو ڏنو نہ چُوڙ ڏنو. زال کي ڪپڙو لٽو، اجهو، چُوڙ نہ ڏيندين؟ ميان! ڳالھہ ٻڌ. زالن ۽ يارڙين سا سُريتن ۾ بہ ڪو خاص فرق نہ هوندو آهي. اهو هر مڙد جي هلت چلت ۽ روش تي ڇڏيل آهي. هاڻي ڏسان تہ تون پنھنجي زال کي زال سمجهين ٿو يا وري يارڙي--“
عاشق جو منھن ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو.
”هاڻي وڌيڪ نہ ڳالھاءِ. مون کي خبر آهي تہ اِهي ڪتاب ڪھاڻيون ناول پڙهي، فلمون ڏسي ڊائلاگ پئي هڻين. تون بنھہ کري پئي آهين.“ هُن مون ڏانھن نھاريندي چيو. گلشن بہ تپي بيٺي هئي.
”ها مان کريل آهيان. اڳ توسان کريل هيس، هاڻي هِن سان.“ هُن مون ڏي اِشارو ڪيو ۽ اچي منھنجي ڀرسان بيھي رهي ۽ ڀاڪر پائي مون کي مِٺي ڏنائين.
هاڻ عاشق تھان پوءِ ٿڌو ٿي ويو.
”مون تہ توکي سڀ ڪجه ڏنو، خوش رکيو. ٽپڙ ٽاڙي وٺي ڏنا، هيءُ توکي ڇا ڏيندو.“
”هان اَچي، باقي پنھنجا ٽپڙ وٺ. پازيب، منڊي هار اڳي توکي ڏنا هئم.“ ۽ پوءِ پرس کولي ڪجه ميڪ اپ جو سامان ۽ خوشبو جون شيشيون کڻي سندس سامھون کٽ تي اُڇلايائين.
”هيءُ ڏس ميان! نئين فليٽ جا ڪاغذ منھنجي نالي. هي بہ ڏس.“
پير مٿي ڪري منھنجا پازيب ڏيکاريائين. ريشمي رئو پري ڪري ڳچي هار ۽ پنڙا ڏيکاريائين. هٿ ۽ آڱريون نچائي چوڙيون ۽ ٻہ ٽي منڊيون ڏيکاريائين.
”سُريتون هيئن رکبيون آهن.“ هُن مون کي ٻانھن کان ورتو. ڇڪي ٻئي ڪمري ڏي هلڻ لڳي.
هن دفعي عاشق ڳري آواز ۾ ڳالھايو:
”وڌيڪ بحث اَجايو آ. Fine- O.K. دلبر! مان وڃان ٿو. پر اِهو مڃڻو پوندو تہ تون جھڙو تهڙو ماڻھو نہ آهين. تنھنجي Wisdom ۽ Plan کي سلام آ. You are really a Wise Man توکي پھرين يارڙيءَ جي مبارڪ هجي. سُريت مبارڪ، Mistress مبارڪ“، پوءِ ٽھڪ ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.
اوچتو گلشن بہ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا. پوءِ هوءَ چرين وانگر کلڻ لڳي. مون کيس ڇڪي سيني سان لاتو.
”هوش ڪر گلشن!“ منھنجي چوڻ تي هن ٽھڪ روڪيا. پوءِ روئڻ شروع ڪيو ۽ رُئندي رُئندي چيائين: ”تون ئي فيصلو ڪر. مان سندس يارڙي رهي آهيان؟ مان سندس سريت هيس، مان سندس مسٽريس هيس؟ هن مون کي ڇڏيو، تو مون کي پناھہ ڏني. پيار ڏنو، عزت ڏني آهي. هاڻ مان تنھنجي سُريت، مسٽريس بڻي وئي آهيان؟“ پوءِ هُن رئي سان ڳوڙها اُگهندي چيو: ”دلبر! تون مون سان شادي ڪندين؟“
مان فليٽ جو ٻاهريون دَرُ بند ڪرڻ لڳس. پوءِ کيس ٻانھن کان وٺي ڀاڪر ۾ ڀري اچي پلنگ تي ويھاريومانس. ڪمري جو در بند ڪيم، بتي وسايم. اِنھيءَ وچ ۾ سوچيم تہ مان کيس ڪيئن ٻڌايان تہ اسين زميندار ۽ سرمائيدار طبقي جا نوجوان پنھنجي خاندان ۽ هڪ جھڙن مان مڱڻا ڪندا آهيون، شاديون ڪندا آهيون، اُن سان گڏ ڪيئي سُريتون، يارڙيون چئو، مسٽريس چئو اِهي نالا مَٽ ڪري، پاڻ وٽ رکندا ضرور آهيون، پر اُنھن سان شاديون نہ ڪندا آهيون.
بتي وسائڻ کان پوءِ ڪمري ۾ اوندھہ ڦھلجي ويئي هئي. آهستي آهستي رڙهندو اچي پلنگ ڀيڙو ٿيس. پوءِ گلشن کي ڀاڪر ۾ کڻي ڀريم. سندس مُک کي چمڻ لاءِ نئڙيس تہ اوندھہ جي ڪري ڪوبہ نقش نمايان نہ هو. نہ حسن جا جلوا ظاهر هيا. اُت هاڻي انيڪ ڳوڙها ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيا هئا. مون کي ڏاڍا وڻيا. مون پنھنجي چپن سان اُنھن چلڪندڙ چمڪندڙ ٽانڊاڻن کي ڇھيو. يڪدم سندس ٻانھن جو سونيون چوڙيون کڙڪيون. هٿ وڌيو تہ سونيون منڊيون بہ چمڪيون. هُن اُن هٿ سان ريشمي رئي جو پلاند کڻي ڳوڙها اُگهي ڇڏيا. ائين سڀ ٽانڊاڻا وسامي ويا. هاڻ اُت ڳچيءَ جو هار ۽ پنڙا رئي هٽڻ ڪري چمڪڻ لڳا.
مون کي ائين لڳو تہ اِنھي سوني وکر جو ڪو بہ ملھہ ڪونہ هيو. اِنھيءَ سڄي چلڪ چمڪ ۾ ڪجه نہ هيو. جيڪي هيو سو اُنھن ٽانڊاڻن جي ٽمڪڻ ۾ هيو. لڳم تہ اوندھہ ۾ جڏهن ڳوڙها ٽانڊاڻا بڻجي ٽمڪندا آهن تہ اُنھن جو ملھہ ئي ڪو ٻيو هوندو آهي. خاص طرح هنن غريب بي وس ڇوڪرين لاءِ تہ هيءُ ڳوڙها، هيءُ ٽانڊاڻا، اَملھ هوندا آهن.