ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

بند ڪتاب جو بند باب

ڪمري ۾ هلڪي اونداهي هئي. ڪير اندر گهڙي اچي تہ جهٽ پل کانپوءِ ڏسي سگهندو تہ هيءُ هڪ مرمت گهُرندڙ پراڻو ڪمرو هو. ڀتين جا ڪيترن ئي هنڌن تان چاپُڙ لَٿل هيا. هيٺان کان مٿي ڇت تائين ڏارون ٻِرگهل ڪري ويون هيون. گرڊرن ۽ ٽيئرن واري ڇت بہ ڪيترن ئي هنڌن کان جُهڪي ويئي هئي. در دريون بند، پر سٺي ڪاٺ مان ٺھيل قديم طرز تي نقش نگارن سان سينگاريل، منجهن رنگين شيشا لڳل، جن مان دٻيل پر رنگين روشني ڪمري جي اونداهيءَ کي هلڪو پئي رکيو. ڪمري اندر ساڳوان مان ٺھيل اسپرنگن وارو ڪوچ، جنھن جا اسپرنگ پراڻا ٿي ويل ۽ ويٺل؛ مٿن چڙهيل ڪپڙو گسي، رنگ وڃائي، اصل سونھن کان وانجهيل. ڪشمور جي جنڊيءَ تي لٿل پاون واري نوار سان واڻيل وڏي، پر جهِڪيل کٽ، جنھن تي چئن خانن واري ڦٽل ميري چادر، بنا ڇَوَ جي هڪ وهاڻو، ڀرسان ئي هڪ ڪتاب ۽ ڪاڳر وکريل. آبنوسي ٻن طاقن وارو هڪ ڪٻٽ، جنھن جو هڪ طاق کليل، جنھن مان مٿئين طاق تي رکيل دوائن جو ڍير، جنھن جي خوشبو سڄي ڪمري ۾ ڦھليل. هيٺين طاقن ۾ ڪتاب ۽ فائيل ڀريل. هيٺ مٿي ٿيل ڀڳل فرش، جنھن تي سندس لڙڪيل پر گهٽ ٽڪيل پير، ۽ چوڌاري هڪ عجيب ماٺ ڇانيل. اهڙي ماٺ، جو هڪ پراڻي آرام ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ جهونڙو شخص بہ اُن ماٺ جو حصو پئي لڳو. سٺ سالن جي هن جهوني شخص کي گرم ٽوپ پيل، گلي جي چوڌاري مفلر ويڙهيل، اکين تي نظر جي عينڪ چڙهيل. هو اُن عينڪ مان ڀت تي ٽنگيل هڪ تصوير جي فريم کي تڪي رهيو هو، جنھن مان هڪ ڳلن ڀريل ٽويڊ جو ڪوٽ ۽ سٺي ٽاءِ پھريل اڌڙوٽ کيس مشڪي نھاري رهيو هو، ڄڻ کيس چئي رهيو هو تہ ”تون ختم آهين، ڏس مان ڪيئن نہ جيئرو آهيان ۽ چمڪان پيو، جرڪان پيو!“ هُن جي چھري تي مرڪ ايندي ايندي رهجي وڃي ٿي. هو هڪدم نظر ڦيرائي ٻيءَ ڀت ڏانھن ڏسي ٿو. هڪ پراڻي آرٽسٽ گل محمد کتري جي ٺاهيل هڪ تصوير، جيڪا هُن کيس تحفي ۾ ڏني هئي. سسئي وندر پيئي ووڙي، جبل پيئي جهاڳي. رسيءَ جي سرڪڻ ڦاهي سوريءَ جي علامت طور سامھون اٿس. هيٺان شاھہ سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ عنوان طور ڏنل آهي. هو اُها سٽ پڙهڻ جي ڪري ٿو تہ اوچتو پاسي وارو در کُلي ٿو. روشني ور وڪڙ کائيندي آهستي آهستي اندر داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي ڪنڌ ورائي در ڏي ڏسڻ جي ڪري ٿو. هڪ عورت در وٽ بيٺي آهي. هوءَ ڪا گهڙي در وٽ بيھي اندر داخل ٿيندڙ ڏِنگن ڦڏن روشني جي ڪرڻن وسيلي ڪمري کان آگاھہ ٿئي ٿي. هوءَ پھريائين درين ۾ لڳل رنگين شيشن مان ايندڙ رنگبرنگي روشني کي ڏسي ٿي، ۽ پٺيان دروازو بند ٿي وڃي ٿو. هوءَ شيشن مان ايندڙ رنگين روشني کي ڏسندي اوڏانھن وڌي وڃي ٿي ۽ آهستگي سان هڪ دري کي کولڻ جي ڪري ٿي. دريءَ جا طاق نٿا کُلن. هوءَ دريءَ ۾ لڳل هٿيئي کي زور سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي، ۽ ائين دري جا ٻيئي طاقُ کلي پون ٿا. ٽپھريءَ جي روشنيءَ جا انبار اندر داخل ٿي پون ٿا ۽ هوءَ مڙي اُن جهونڙي ڏي ڏسي ٿي، جو هاڻ پنھنجي ڪرسي وٽ اُٿي بيٺو آهي، ۽ سندس چپن تي مُرڪ اچي ويئي آهي. هو ٻانھون کولي بيھي ٿو. هاڻ هن عورت جو خاڪو چٽو آهي. هيءَ سنھڙي سيپڪڙي، وارن ڪٽيل، ننڍي قد جي خوبصورت عورت آهي. ٽيھن پنجٽيھن جي هوندي بہ ننڍي نيٽي لڳي پئي. هوءَ کليل ٻانھن کي ڏسي ٽڙي پوي ٿي ۽ ٻن وکن ۾ پنجن وکن جو فاصلو لتاڙي سندس سيني سان لڳي ٿي ۽ پوءِ سندس هلڪي لپِسٽڪ سان سينگاريل سنھڙا پر خوبصورت چپ کُلي پون ٿا. ڳري لڳي هوءَ آهستي آهستي سس پس واري آواز م ڪجهہ چوڻ شروع ڪري ٿي ۽ جهونڙو هڪ هڪ اکر چٽي طرح ٻڌي رهيو آهي ۽ پوءِ هُن جا هٿ ڏڪڻ لڳا آهن. ٽنگن ۾ بہ سَتُ نٿو ڀانئي ۽ هو آهستي آهستي ڪرسيءَ تي ويھي رهي ٿو. هوءَ بہ سندس سيني لڳي رهي ٿي ۽ آهستي آهستي پاڻ جهُڪائي سندس قدمن ۾ ويھي رهي ٿي. هاڻ جهونڙي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو آهي. هوءَ هڪ هٿ سان سندس ڳوڙها اُگهندي چوندي هلي ٿي:
”... گُل! توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي؟ تنھنجي سڄي حياتي هونئن ئي خالي ۽ اڪيلي، پر هيئن بنھہ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، مون بنھہ نہ سوچيو هو! مڃان ٿي تہ ڏوھہ منھنجو آهي، گنهگار آهيان، ڏوهاري آهيان، پر ائين ڪبو آهي جو ٽي سال اڳ تنھنجي آڏو ڪيل هڪ اعتراف ۽ هڪ انڪار کان پوءِ تو اها سزا ڏني جو تون بنھہ گم ٿي وئين! مان ڳوليندي رهيس. تنھنجي حيدرآباد واري گهر تي فون ڪيم، تنھنجي پٽ کان پڇيم. منھنجي گهڻي پڇا ۽ ڳڻتي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ هو آواز ٻڌي فون بند ڪري ڇڏيندو هو. تنھنجي گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ تہ تنهجي وجود کان اِنڪاري هجن. ائين پئي لڳو تہ هو تنھنجي اندر دفن ٿيل راز کان آگاھہ ٿي ويا هجن. هُنن توکي شايد اها سزا ڏني آهي جو تنھنجي پنھنجي ڳوٺ جي هن پراڻي گهر ۾ توکي دفن ڪري وساري ڇڏيو آهي. هن گهر ۾ تہ ڪير بہ ڪونھي. ٻاهر هڪ ننڍو نينگر مليو، جنھن تنھنجو ڏس ڏنو ۽ هن ڪمري تائين پھچايو. ٽي سال مس ٿيا جو تون منھنجي شھر ۾ ٻہ دفعا تڪڙو تڪڙو آيو هئين. اُن وقت تہ تون ٺيڪ هئين، هيئن هڏائون پڃرو تہ نہ هُئين؛ تون هيئن مايوس ڀڳل ٽٽل شخص نہ هئين. تون تہ ايترو پُر اُميد هُئين جو تو منھنجي ڏنڀيل حياتي کي ڏسي ڪيئي اميد جون مشعالون ٻاري ڏنيون هيون. مون توکان پڇيو هو تہ ويھہ سال اڳ ڏنل آڇ اڃان برقرار آهي، تہ تو وراڻيو هو تہ جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين نہ منھنجيءَ دل جا دروازا نہ بند ٿيندا، نہ گهر جا دروازا.
”تو اهو بہ چيو هو تہ ماڻھو مرڻ گهڙيءَ تائين اميد جي مشعال آهي. اُها تڏهن وسامي ٿي جڏهن قبر جي مٽي اُن تي پوي ٿي. مون ٻيو دفعو بہ اُهائي غلطي ڪئي، جيڪا ويھہ ورھيہ اڳ ڪئي هيم ۽ تنھنجي آڇ موٽائي ڇڏيم. تو اُميد رکندي پيار لاءِ چپ وڌايا ۽ مون جواب ۾ پنھنجا چپ تنھنجي پيشاني تي رکي اُنھي باب تي آخري مھر هڻي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو.“
اُن عورت سُڏڪندي ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو. جهونو سندس مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو، پيار سان وار سنواريندو رهيو.
”گُل! تون ڳالھائين ڇو نٿو؟ ڪجهہ تہ چئہ، هنيانءَ جو بار تہ گهٽ ڪر. هيءَ ڏس، مان تنھنجا خط بہ کڻي آئي آهيان.“
جهونو اڃا بہ خاموش هو. عورت پنھنجي پرس مان خطن جو بنڊل ڪڍيو. هُن خطن جا ورق ائين ورايا ڄڻ هڪ هڪ ورق ۽ اکر اکر کان واقف هجي. هُن ڇڪي هڪ خط ڪڍيو.
”هيءُ ڏس تنھنجو اُهو خط، جنھن ۾ تو نيٺ لکيو هو تہ ’مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو‘. اُهو بہ تڏهن لکيو جڏهن مون توکان لکي پڇيو تہ آخر تون چاهين ڇا ٿو. مون کي ياد آهي تہ جڏهن تون ويھہ ورھيہ اڳ منھنجي شھر ۾ آئين، مسلسل پنج سال ايندو رهين. تنھنجي هر شام اسان جي گهر گذرندي هئي. تون ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان عجيب ڳالھيون ڪندو هئين. مون کي ڪيتريون ڳالھيون سمجهہ ۾ نہ اينديون هيون. منھنجي عمر بہ ننڍي هئي، سترهن سالن جي هڪ نينگر. پر هيءُ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ ناتو بہ عجيب هو. مان تنھنجي ويجهو رهڻ چاهيندي بہ هيس پر هر هر ڀَؤ ٿيندو هيم تہ ڪٿي ڪنھن پيچ ۾ اڙجي نہ وڃان. تنھنجون مٺيون ڳالھيون ۽ مٺو سڀاءُ اندر ۾ وَرُ ڪري ويھي رهيو هو. مان حيدرآباد آيس، تنھنجي ڪٽنب سان مليس. تنھنجو ڪٽنب بہ اسان وٽ آيو. رشتا اڳ بہ هيا پر آهستي آهستي رشتا گم ٿيندا ويا، بس تون ۽ مان بچياسين. منھنجا سڀ مائٽ توکي گهرندا هيا، خاص طرح منھنجي اَمي. سڀ اسان جي خاموش پيار کي بہ پَسندا رهيا. پر هر ويلي مون کي اِهو احساس ڏياريندا رهيا، تہ اهو سڀ سولو نہ آهي. ’توکان پنجويھہ ورھيہ وڏو هيءُ ڪٽنب وارو شخص توکي ڪجهہ بہ تہ نہ ڏيئي سگهندو.‘ مون خود غرض بڻجي پنھنجي Security لاءِ سوچيو. سوين ميل پري رهندڙ شخص کي فاصلن ۽ ملڪيت جي تصور سان توريو تڪيو. تو وٽان جڏهن پڪ ٿي تہ هيءُ دوستي هاڻ شاديءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، تہ مان ڇرڪي هٽي ويس. پوءِ پنھنجي هڪ همعمر کي همسفر ڄاڻي تہ هڪ عمر وارا ئي گڏجي رهي سگهن ٿا، ساڻس شادي ڪري ڇڏيم. مون سندس مستقبل بہ شاندار تصور ڪيو، پر جلد محسوس ڪيم تہ شاندار مستقبل بہ ماڻھوءَ جي من جي خوشين جو امين نہ هوندو آهي. ٿوري ئي عرصي ۾ هُن مون کي ڏنڀ ڏيئي ڇڏيا. جواني ۽ پنھنجي سونھن ۾ بدمست هڪ چريو ماڻھو! هُن منھنجي ڪنھن بہ خوشيءَ ۽ ڏک جو خيال نہ ڪيو. مون کي جيڪڏهن اُن گهاريل حياتيءَ مان ڪجهہ مليو تہ اُهو منھنجو پٽ منظور آهي. مون سندس مستقبل لاءِ پاڻ پڙهيو، امتحان ڏنا، نوڪري ڪيم ۽ ائين هيءُ ٻچو پالي وڏو ڪيم. شھزاد منھنجي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي، پوءِ هو پاڻ مون کي ڇڏي ڪنھن ٻيءَ عورت سان ڀڄي ويو. تعليم مڪمل ڪري نوڪريون ڪندي مٿي چڙهندي آيس. توکي خبر آهي تہ هاڻ مان هڪ وڏي سرڪاري عهدي تي آهيان. ننڍڙي منظور لاءِ مون پنھنجو شھر ڇڏي ڏنو. هو هاڻ لاهور ۾ سٺي ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. منھنجي حياتيءَ جو اهو بہ مقصد آهي تہ منظور پنھنجي حياتي جو مقصد ماڻي، پر توکي ڇڏي بہ پڇتاءُ جو وڻ وڏو ٿي ويو آهي. من اندر هڪ خال آهي. هن وڻ ۾ ڪوبہ ڇانورو نہ آهي، ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن. اِهي ٽي سال چُڀندا رهيا آهن. من جو پکي ڦٿڪي ڦٿڪي زخمي ٿي هاڻ مون کي ماري رهيو آهي. مان اُن پکي جي جيئدان لاءِ تو وٽ آئي آهيان. مون شھزاد کي بہ مڪمل ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنھنجا بند آجا ڪرائي ڇڏيا اٿم. توکي خبر آهي تہ هڪ گهر بہ ٺاهيو اٿم. اُن ۾ تنھنجو ڪمرو بہ سينگاريو اٿم، ڪتاب بہ گڏ ڪيا اٿم، لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ خوبصورت ٽيبل بہ سجائي اٿم. ان ڪمري جون دريون باغ ۾ کُلن ٿيون، جت من جي پکين وانگر ڪيترا ئي پکي آزاد اُڏرن ٿا. هاڻ ڪابہ بندش ڪانھي. مان توکي وٺڻ آئي آهيان. ڀل تنھنجا پنھنجا توکي ڇڏي ڏين، پر مان توکي ڪانہ ڇڏينديس. مون ان باب کي کولي پنھنجي مھر مِٽائي ڇڏي آهي. مون تہ شايد اُن سڄي ڪتاب کي وَرُ ڪري کوليو آهي. اڄ مان اُهائي آڇ کڻي تو وٽ آئي آهيان، جيڪا تو مون کي ڏني هئي. پر تون بنھہ خاموش ڇو آهين، ڪجهہ تہ ڳالھاءِ!“
هوءَ سندس چپن ڏانھن پنھنجا سنھڙا نازڪ چپ وڌائي ٿي. جهونو هاڻ مُرڪي ٿو. سندس نفيس پر هلڪي رنگ ۾ ملبوس چپن کي ڏسي، سندس ورهين جي تمنا ڪَرَ موڙي اندران جاڳي ٿي. اوچتو هو ويجهو ويندي بہ سندس چپڙا نٿو چُمي ۽ پنھنجا چپ سندس پيشانيءَ تي رکي ٿو ڇڏي. سندس اکين مان ڳوڙها لڙي هن جي پيشانيءَ کي آلو ڪن ٿا. عورت جون اکيون بند آهن. هن کي اڃا بہ انتظار آهي. انھيءَ وچ ۾ هو پنھنجي گلي مان ويڙهيل مفلر لاهي ٿو ۽ سندس اکين کي چمندي هن جي اکين کي کولڻ جي ڪري ٿو. هوءَ اکين کي کولي سندس منھن ۾ آس سان نھاري ٿي، پر اُت ڪجهہ بہ ناهي. هوءَ حيران ٿي پوئتي هٽي ٿي ۽ سندس تپرس اڃا بہ وڌي وڃي ٿو، جڏهن هن جي نظر سندس ڳچيءَ تي پوي ٿي. سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ماس ڪوريل آهي. سُڪل زخمن جا ڪارا نشان اُماس ورتل چنڊ جيان چِٽا ٿي بيٺا آهن. هوءَ آهستي هٿ وڌائي اُنھن زخمن کي ڇھي ٿي، پوءِ اُنھن کي چُمڻ جي ڪري ٿي. هو سندس چھري کي ڇڪي پنھنجي هنج ۾ آڻڻ جي ڪري ٿو. هوءَ خشڪ چپن کي آلو ڪندي پڇيس ٿي:
”ٿروٽ ڪينسر... آپريٽيڊ؟“
هو ڪنڌ سان هاڪار ڪري ٿو ۽ اشاري سان ٻڌائيس ٿو تہ انڪري هو ڳالھائي نٿو سگهي. هوءَ آهستي ڪنڌ لاڙي پنھنجو منھن سندس هنج ۾ آڻي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ٿي. پوءِ آهستي آهستي سندس روئڻ جو آواز جهڪو ٿيندو وڃي ٿو. اچانڪ هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ٿي ۽ کيس ڇڪي اُٿاري ٿي ۽ ٻانھن کان ڇڪي در ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪري ٿي. هن کان اکر نٿا اُڄهن، پر اِشاري سان کيس چئي رهي آهي تہ ڇا بہ هجي توکي مون سان هلڻو پوندو- هلڻو پوندو. هو ٻہ وکون هلي بيھي رهي ٿو ۽ آهستي هٿ ڇڏائي موٽي ٿو. وهاڻي هيٺان پيل خطن جو بنڊل ڪڍي ٿو ۽ پلنگ تي پيل هڪ کليل ڪتاب کڻي ٿو ۽ واپس وري اُن عورت جي هٿن ۾ اُهو خطن جو بنڊل ڏئي ٿو ۽ پوءِ اُهو کليل ڪتاب، جو سندس ئي لکيل آهي، زور سان بند ڪري کيس ڏئي ٿو. هوءَ ڪتاب وٺندي ئي سندس سيني سان لڳي رُئڻ لڳي ٿي. کيس ڀاڪر پائي مٺيون ڏئي ٿي. هوءَ آهستگي سان سُري وڃي کُليل دريءَ جو پاسو وٺي ٿي. ٿڌي هوا سندس آلن ڳلن کي مَسُچٽي وانگر خشڪ ڪرڻ جي ڪري ٿي. سج اُلھي چڪو آهي. اڱڻ ۾ ٻريل ٽمڪندڙ بلب جي روشني سندس وجود کي جرڪائڻ لاءِ وڌي اچي ٿي. هوءَ هن کي پٺي ڏيندي بہ ڄڻ سندس سامھون هئي. هو چٽو پٽو ٻڌي رهيو هو ۽ هوءَ چئي رهي هئي:
”مان هاڻ اُها ڪمزور ڇوڪري نہ رهي آهيان، جنھن هن جهاڳيل ۽ نپوڙيل حياتيءَ ۾ ڪوبہ مضبوط فيصلو نہ ڪيو. هاڻ مان هڪ مضبوط ارادن ۽ حوصلن واري عورت آهيان. تون مون تي ڀروسو ڪر، مون وٽان توکي تنھنجن مونجهارن جو ڇوٽڪارو ملندو. هڪ نئون جيئدان ملندو. مان سوين ميل جهاڳي ائين نہ آئي آهيان. مان توکي وٺڻ آئي آهيان، تون ائين پاڻ کي نہ مار، گُلَ!“
هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ پوءِ هن پٺي ورائي ڏٺو. جهونڙو اُن ئي ڪرسي تي ويٺو هو. هن ڳچيءَ تي مفلر ورائي ڇڏيو هو. هو سڌو اُن ڀت ڏانھن ڏسي رهيو هو جت سندس تصوير لڳل هئي. اُن عورت کي مٿس پيار بہ آيو ۽ رحم بہ. جهڪي روشني ۾ تصوير ڏانھن ڏٺائين. اُت کيس پڪي ارادي وارو بھادر ليکڪ، بھادر اُستاد ۽ مڪمل بھادر انسان نظر آيو. پوءِ هن ڏانھس ڏٺو، هڪ نٻل ڪمزور شخص، هڪ بازي هارايل انسان وانگر ويٺو هو. سندس جملن جو مٿس نہ ڪو اثر هو نہ جذبو. هو خاموش ويٺو رهيو. هوءَ آهستگيءَ سان وڌي ۽ پرس کنيائين. جُهڪي سندس پيشانيءَ تي پيار ڪيائين ۽ پوءِ ڪمزور ۽ جهڪن قدمن سان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويئي. هن دفعي دروازي مان ڪي بہ ڏنگا ڦڏا وروڪڙ ڪرڻا اندر داخل نہ ٿيا. ڪجهہ اونداهي اندر ڪمري ۾ هئي، ڪجهہ اونداهي اندر گهڙي آئي ۽ پوءِ دروازو بند ٿي ويو!
جهونڙي کُليل دريءَ ڏانھن نھاريو، جتان ٽمڪندڙ بلب جا ڪي وقتي ڪرڻا اندر ايندي ڄڻ تہ ڊڳا پئي. هُن دريءَ مٿان سسئيءَ جي وندر وؤڙڻ واري تصوير ڏي ڏٺو. اُن ۾ چِٽيل سوريءَ جي سرڪڻ ڦاهي کي بہ ڏٺو. چٽي نہ ايندڙ تصوير بہ هن روزمرھہ وانگر چٽي ڀانئي ۽ اُن ۾ نقش ٿيل اُن تصوير جي عنوان طور ڏنل بيت جي هڪ سٽ کي ياد ڪيو. چپن ۾ ئي هن چيو پر کيس لڳو، سندس چپن ۾ چيل اُها سٽ سڄي ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳي آهي. کيس لڳو تہ ڏريل ڀتيون بہ ڳالھائن پيون. جِهڪيل ڇت مان بہ اُها سٿ ٽپڪي پئي. هن پراڻي ڪوچ ڏي ڏٺو، اُتان بہ اُهوئي آواز هو. پراڻا اسپرنگ بہ اهوئي ڳالھائين پيا. سڄو ڀڳل فرش بہ کڙڪي پيو ۽ اُهائي سٽ چئي پيو. آبنوسي ڪٻٽ جي هر کُلندڙ ۽ بند ٿيندڙ طاقن مان بہ اُهوئي سڏ هو. جنڊي لٿل پاون واري کٽ تي پيل ڪتاب هر کُلن پيا، وري بند ٿين پيا، اُتان بہ اُهي ئي سڏڙا هيا. پنا کڙ کڙ ڪري اُڏامن پيا، ۽ سڄي ڪمري جي ڪردارن سان گڏ جهونگارين پيا، ڄڻ تہ کيس سڏين پيا. آواز وڌندا ويا، ۽ پوءِ هُن اُنھن آوازن سان هم آهنگ ٿي چيو. آواز نہ نڪتو ۽ سندس چچريل گلي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ هن ڪوشش ڪري بند گلي مان هڪ ڏاڍي وڏي دانھن ڪئي. هن جو آواز ڄڻ تہ کُلي پيو، ۽ هن پاڻ چٽو ٻڌو تہ هاڻ هو اُها سٽ سڀني سان گڏ چئي پيو سگهي: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ هو چوندو هليو: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ سندس اکين مان ڳوڙها وهندا هليا ۽ پوءِ آهستي آهستي آواز گم ٿيندا ويا ۽ هو بہ ماٺ ٿيندو ويو.
ڪمري ۾ هاڻ اُهائي ماٺ هئي، پراڻي ڄاتل ماٺ. هميشہ وانگر هو ماٺ جو حصو بڻجي ائين ئي ويٺو رهيو. سندس نظرون سامھون واريءَ ڀت تي هيون، جت فريم مان سندس ماضي، سندس همزاد، کيس پيار مان مُرڪي ڏسي رهيو هو. هو خاموش کيس تڪيندو رهيو. پوءِ سندس چپن تي بہ ساڳي سندس تصوير جھڙي ئي مُرڪ ڦھلجي ويئي.