ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

سندڙيان سِڱڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين!

هُن جي کَڙڪي تي اک کُلي وئي، ڪمري ۾ ڪجهہ اوندهه، ڪجهہ روشني هئي. هن وهاڻي جي پاسي کان هٿوراڻي ڏئي عينڪ ڳولي ڪڍي. سندس لُڙاٽيل اکيون چٽو ڏسي نہ پيون سگهن. هن عينڪ پاتي تہ سندس نظر هڪ ڪاري برقعي ۾ ويڙهيل خاتون تي پئي. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي رهي، پوءِ هُن برقعي جي منھن جا پلئہ کنيا. علي ڏني حيرت وچان کيس گهڙيءَ پل ۾ ئي سڃاڻي ورتو. روشن مُک ۽ روشن پيشانيءَ واري هيءَ خاتون سندس مامي جي ڌيءُ زهرہ هئي. زهرہ ڪنھن وقت سندس نالي بہ ٿيل هئي، جا ورهين پڄاڻان اڄ وٽس هلي آئي هئي. علي ڏني جو مٿس ڪوبہ حق ڪونہ هو، پر اڄ آس نراس جي ٻواٽي تي ليٽيل جهونو هيءَ شخص وَر وَر ڪري کيس ڏسڻ لڳو.
”ڇا وقت ايڏو تيز ڊوڙي ٿو جو ماڻھوءَ جو وجود گهڻو ڪجهہ وڃائي وِهي ٿو!“ هن ورهين پڄاڻان زهرہ کي اڄ ڏٺو هو، هيءَ جيڪا ڪنھن وقت هڪ شھزاديءَ جيان ٽِلندي هئي. ڊگهو قد، سيپڪڙي، ڪم ڪار ڪندي سڄو جسم وَري ايندو هوس. ڄڻ تہ هوءَ رٻڙ جي گُڏي هئي، جيئن وَرائينس تيئن وَري! سندس چيلھہ تہ ڄڻ هئي ئي ڪانہ، هوءَ جهٽ ۾ هيٺ مٿي ٿيندي هئي. سندس منھن جا نقش موچارا ۽ وڻندڙ پر سندس اکين ۾ ڄڻ ٻرندڙ مشعالون هيون. هوءَ گهر۾ پئي ٽِلندي هئي ۽ هو کيس ڏسندو هو، پر تمام گهٽ چاھہ ۽ پاٻوھہ منجهان کيس ڏسندو هو. هو ٻئي ڳالھائيندا هئا، پر ائين جيئن ڪو چاهت ۽ محبت جو اظهار نہ ٿئي. ڀلي ڪنھن جي بہ محبت جا انبار هجن. جيتوڻيڪ هوءَ سندس مامي جي ڌيءَ هئي. گڏيل ڪٽنبن جي رهڻ ڪَهڻ ائين هوندو هو جو ڪنھن کي ڪنھن سان لنوَ لائڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. زهرہ بہ ائين اُنھيءَ گهر جو حصو هئي، جت عشق محبت جي اجازت نہ هوندي هئي، پر جي ٿي وڃي تہ نھائينءَ جيان اندر ۾ دَمي ڇڏڻ ئي ريت هئي. علي ڏني کي عشق ۽ چاهت جو هلڪو احساس تہ ٿيو هو پر هُو جڏهن شھر ۾ پڙهڻ ويو تہ سندس عقل چرخ ۽ اکيون مٿي تي اچي ويون هيون، جو مسلسل چمڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ چنڊ تلاش ڪرڻ لڳو، هڪ چنڊ تہ آسمان تي هوندو آهي، پر گهڻا چنڊ زميني هوندا آهن، جيڪي چمڪندڙ چنڊ جيان هوندا آهن، پر سندن هِردو سنگلاخ پهاڙن جيان نہ ڀرندڙ، سندن اندر جي زمين سخت هوندي آهي. هو اهڙن زهرہ وارن جھڙن هردن رکندڙ ڪُئنرن ماڻھن کان ڏور هو. اوچتو کيس خبر پيئي تہ سندس مائٽ کيس زهرہ سان پرڻائڻ چاهين ٿا. هن اِنھيءَ نگاھہ سان کيس ڏسڻ چاهيو. هوءَ سامھون هوندي بہ ڄڻ سامھون نہ هئي. نہ رنگ برنگي ڪپڙا نہ چپن تي نہ وري چھري تي لالي، نہ انداز نہ اِشارا. هيءَ هڪ سادي سودي گهريتڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جيڪا کانئس عمر ۾ بہ وڏي هئي. هن جي سامھون هيءُ کانئس ڪھاڻيون آکاڻيون ۽ ٻاراڻا گيت ٻُڌي وڏو ٿيو هو. هوءَ گهر ۾ ئي ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙهي هئي. سندس وڏڙن جا آندل ڪتاب ۽ شاھہ جا بيت پڙهندي ۽ ڪتابي ٻول ۽ بيت پئي جهونگاريندي هئي. وڏڙن کان ٻڌل شاھہ سائينءَ جي بيتن سان تہ عشق هئس. علي ڏنو سندس اندر کي پرکي ويو. ڪُئنري مَن جا ٻول ٻُڌي خوش بہ ٿيندو هو، خاص طرح جڏهن هوءَ جهونگاريندي هئي:
الا، اي مَ هوءِ جو آءٌ مران بند ۾،
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄنم ڏينھڙا،
ڪڏهن هوءَ اها دعا گهرندي چوندي هئي:
”سَترُ ڪر ستار آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻھار ڏئي پاند پناھہ جو.
پوءِ رُئندي چوندي ويندي هئي:
جي ليلائي نہ لھين، تان پڻ ليلائج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻو.
هوءَ رئندي ائين بہ چوندي هئي:
سندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين.
”نہ هوءَ مُئي بند ۾، نہ سڄڻ ٻاجهيندڙ نڪتو“ ڳالھہ وڃي ايتري بيٺي: ”ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين.“
عليءَ ڪاليج ۾ ڪيئي چنڊ پئي تڪيا. هُن جي ليکي تہ اِهي چنڊ جھڙا ڏسڻ ۾ سھڻا، رنگ برنگي رنگن سان سينگاريل هئا، اهڙا ضرور مَن جا اُجرا ۽ خيالن ۾ ڪيترن ئي رنگن وارا هوندا، پر سندس سوچ موجب هن جيون جو سفر انھن ٻولن، ڪھاڻين، گيتن ۽ شاھہ جي بيتن جي سھاري تہ نٿو گذاري سگهجي. سفر جي ساٿي کي چنڊ جيان چمڪندڙ موسم بھار جيان ٽڙندڙ نون جذبن سان آشنا هجڻ کپي. هڪ ذهني قوت سان، ذهني سگهہ واري سان ئي گهاري سگهجي ٿو. ائين هو زهرہ کان ڏور ٿيندو ويو. زهرہ جي چھري تي وقت جي دز چڙهندي پئي وئي ۽ چھري تي هر وقت بي رونقي ڇانيل هئي! چپ اُڃايل جيان خشڪ. هوءَ هر هر خشڪ زبان کي خشڪ چپن تي ڦيرائي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر لڳندو ائين هو تہ اها اُڃ ڪا ازلي اُڃ آهي، جيڪا سندس نصيب آهي، ۽ ائين هوءَ سالن تائين اُڃايل بُکايل، اُجڙيل ۽ ويران رهي. ڪنھن بہ نہ هن جي وجود کي سنڀاريو، ۽ نہ ڌيان ڏنو. نہ ڪي واعدا پاڙيا ويا، نہ مٽيون مائٽيون سنڀاليون ويون. ٻئي طرف علي ڏنو هميشہ سيراب رهيو. سندس چَپ ڪڏهن بہ خشڪ نہ رهيا، سندس زبان آلي رهي. هن ڪيترائي ٻيا چپ چُميا، سونھن ۽ عشق جي ظاهري جذبن کان آگاھہ ٿيو. ذهني قوت ۽ سگهہ جا ڪيترائي مظاهرا پسيا، جن کيس ڪيترائي دفعا شڪست کائڻ ۽ پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هو هٽندي هٽندي وڃي پَٽ پيو. هيءُ اُهوئي علي ڏنو هو، جنھن جي ڪنھن ۾ بہ ڪڏهن اک نہ ٿي ٻُڏي. هيءُ پيسي ڏوڪڙ جي حساب ۾ سُکيو ستابو بہ بڻيو تہ چوڌاري اُهي چنڊ پسيا جو سندس اکيون هميشہ اُڀ ۾ هيون. هُن اُنھن چنڊن مان هڪ ماھہ جبين کي زندگيءَ جو همسفر چونڊيو، پر هوءَ کيس جلد ڇڏي وئي ۽ اولاد بہ کنيو وئي. علي ڏني کيس پنھنجي وڏپڻي ۾ مبتلا ڏٺو ۽ حسن تي نازان ڏٺو. ائين ٻي آئي، تنھن وري اُن کي ذهني مريض قرار ڏئي پاڻ ڪنھن ٻئي کي چريو ڪرڻ لاءِ هن وٽان تہ هلي وئي ۽ وڃي رهيا علي ڏني جا ڀاڳ علي ڏني سان! سھڻين محبوبائن جو بہ ميڙو رهيو، جيستائين جواني هئي. هو جڏهن رٽائر ٿي شھر ڇڏي ڳوٺ پنھنجين اباڻين زمينن تي پھتو تہ اُتي وري وڏيرڪي سياست جي وَر چڙهي ويو. آهستي آهستي ڪڏهن دل جي تڪليف، ڪڏهن موتيو پاڻي، ڪڏهن کنگهہ کُڙڪو. پيسو هئس، سو علاج پئي ڪرايائين. اُن سان گڏ آپريشن بہ ڪرايائين تہ ڪجهہ نوبنو ٿي پيو، پر پوڙهائپ جا ڏند پنھنجا ٿين ٿا. ڪڏهن تہ چٻاڙيو ڇڏين، ڪڏهن جيئدان بہ ڏيو ڇڏين. زهرہ جيئن ئي اندر داخل ٿي سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺي تہ هو اُٿي ويٺو ۽ کيس ڏيکارڻ لاءِ تہ هو چاق نوبنو آهي، ۽ پنجهٺ سال بہ کيس پوڙهو نہ ڪري سگهيا آهن، هو ٽپ ڏئي سامھون پيل ڪُرسيءَ تي ويٺو ۽ ٽيبل تان ڪجهہ ڪاغذ کڻي ڏسڻ لڳو. هُن عينڪ بہ نہ پاتي، ڪاغذن جا اَکر گم ٿيو موٽيو اچن ۽ وري گم ٿيو وڃن. ڪاغذ رکي وري زهرہ کي ڏسڻ لڳو.
هُن جو اَڇو پر روشن منھن مھانڊو ڪاري برقعي جي ڪري چمڪيو پئي. هوءَ برقعي جي منھن وارين ٻن پلوُن کي مٿي ڪيو ويٺي هئي. ٻي سڄي برقعي ۾ ڍڪيل هئي، سندس مٿو بہ ڍڪيل هو. هو سندس چمڪندڙ روشن منھن ۽ روشن پيشاني کڻي تڪيندو رهيو.
”ڪنھن سان آئين آن؟“
علي ڏنو ڀُڻڪيو ۽ ڪمري جي سانت هاڻي ڪنھن طريقي سان کانئن موڪلائڻ لڳي.
”اَدي شانان سان آئي آهيان.“ زهرہ آهستي وراڻيو.
”اَدي شانان ڪٿي آ؟“
”ٻاهر اَدي وڏي سان ويٺي آ، ادي وڏي نياپو ڪري اسان کي سڏايو آهي. اسان غريبن ۾ اَلائي ڪھڙو ڪم پيو اٿس.“ زهرہ ڳالھہ کي وڌايو.
”اَدي وڏي ڀرت ٽوپي لاءِ ڪپڙا اسان کي موڪليندي آهي. مان ۽ شانان آر ۽ ڀرت جو ڪم سٺو ڪنديون آهيون. گذر سفر لاءِ ڪجهہ تہ ڪرڻو پوي ٿو نہ.“
علي ڏني کي ماٺ هئي. ائين سندس وڏي ڀيڻ زهرہ جي ڀيڻ شانان سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس ڀيڻ گوڏن جي سور سبب هلي نہ پئي سگهي. هوءَ يڪدم اچي کٽ تي ويھي رهي ۽ دَم کان سھڪي پئي. هُن آهستي آهستي ڀُڻڪو ڪڍيو:
”ادا علي ڏنا! مان تہ پوري ٿي پئي آهيان. توکي تہ خبر آهي تہ اَدي شانان جو ڪير بہ ڪونھي. مڙس ڇڏي ويس، هي ٻئي اَڪيليون مامي مرحوم جي گهر رهيون پيون آهن. گهر بہ پنھنجو اٿن، پر جيئڻ لاءِ ڇا نہ کپي. هاڻ گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو. زهرہ ۾ اَڃا حال آهي. شانان ويچاري بيمار رهي ٿي. توکي تہ خبر آهي تہ زهرہ جي شادي نہ ٿي سگهي. مون شانان کي چيو آهي تہ زهرہ کي هت ڇڏي تہ گهر سنڀالي، سندس گذر سفر بہ ٿيندو تہ شانان کي بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ موڪلي ڏيندس. زهرہ جو کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو خرچي اسان تي. توکي الله سڀ ڪجهہ ڏنو آهي. علي ڏنا! ڪجهہ هنن جي واهر ڪر. گهٽ ۾ گهٽ زهرہ جو توتي حق ٿئي ٿو.“ علي ڏني جي اندر ۾ ٺڪاءَ ٿيا. اڃا چڱو ٿيو جو سندس ڀيڻ کيس اهو نہ چيو تہ هيءَ تنھنجي نالي ٿيل هئي. مائٽن وهاري ڇڏي اِن لاءِ تہ من موٽي اچين پر فيشن، رنگين ڪپڙن ۽ تيل ڦليل وارين جي ڪڍ تو عمر وڃائي ڇڏي. هڙ حاصل ڪجهہ نہ. اڄ تون اڪيلو آهين. توکي پنھنجون ٻہ زالون بہ ڇڏي ويون، توکي سنڀالڻ وارو اولاد بہ الائي ڪاٿي آ. اولاد بہ ڇڏي ويئہ. اڄ تون اڪيلو آهين. علي ڏنا! اڪيلو. بنھہ اڪيلو آهين، بنھہ اڪيلو. تنھنجي نہ اڳياڙي چڱي ٿي نہ وري پڇاڙي.
علي ڏني جا ڪن ٻَرڻ لڳا. سندس ڀيڻ بنا چوڻ جي بہ اکين اکين ۾ گهڻو ڪجهہ چوندي وئي. زهرہ بہ اُٿي وئي، ڪمري ۾ ڪير نہ هو. هو سوچڻ لڳو تہ زهرہ جو مٿس حق لڳي. هُن ڪجهہ پيسا ڪڍي سندس ڀيڻ شانان کي ڏنا، هوءَ کيس دعائون ڪندي هلي وئي، ۽ زهرہ کي هُت ئي ڇڏي وئي. زهرہ آهستي آهستي گهر جو ڪم ڪار سنڀاليو، سندس ڪمري کي سولو ڪيو. ماني جو سواد بدليو ۽ کيس وقت سر ماني ملڻ لڳي. کير ۽ فروٽ بہ ملڻ لڳس گهر جو سڄو خرچ هاڻ زهرہ هلائڻ لڳي. علي ڏنو ۽ سندس وڏي ڀيڻ آجا ٿيا ويٺا هئا. گهر جو خرچ ڪُمَ واري مائي اڳي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو، زهرہ اُنھن ئي پيسن مان هنن ڀاءُ ڀيڻ کي سُک ڏئي ڇڏيا. هُن ڪم واري مائي کي نہ ڪڍيو، پر کانئس چڱي طرح ڪم وٺڻ لڳي. زهرہ رڌ پچاءُ پاڻ ڪندي هئي. ٻُهاري، ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڪم واري مائي جي بِلي هيا، پر زهرہ کي سندس ڪم نٿي وڻيا تہ ڪڏهن ٿانوَ پاڻ مليندي هئي، ٻهاري پاڻ ڪڍندي هئي، ڪڏهن ڪپڙا بہ پاڻ ڌوئيندي هئي.
علي ڏنو هاڻ چاق ٿي ويو هو. ڪاڏي وئي دل جي بيماري، ڪاڏي وئي نظر جي جهڪائي، ڪاڏي ويو زڪام ۽ کنگهہ کڙڪو، هلڻ چلڻ ۾ جوپ، هاڻ تہ هو ٻنيءَ تي وڃڻ لڳو هو. زمين ۽ مسواڙ تي ڏنل جاين ۽ دڪانن جي سنڀال چڱي پر اڪيلي سر ڪرڻ لڳو. سندس ڀيڻ بہ هاڻ هلڻ چلڻ لڳي هئي. سور سھڪا، سار سنڀال لهڻ ۽ کاڌي مَٽ ڪري گهٽيا. گهر جا مسئلا بہ سندس مٿي جو سور نہ رهيا. زهرہ ڏينھن رات ڪم کي جُنبي پئي هوندي هئي. زهرہ کي هميشہ رَئي جو نقاب ٻڌل هوندو هو. اُن نقاب سان سندس مٿو ڍڪيل هوندو هو، پر نقاب مان سندس روشن مک روشن پيشاني سان ٻھڪندو هو. هُن جي منھن تي ڄڻ نُور اچي ويو هو. هوءَ هيڏي وڏي گهر ۾ ٽلندي ٽلڪندي وتندي هئي. علي ڏنو سندس جهونگار لڪي ٻڌندو هو تہ کيس فرحت ايندي هئي ۽ پراڻو زمانو ياد ايندو هوس. زهرہ جو سحر آهستي آهستي علي ڏني کي وڪوڙيندو ويو. هوءَ رڌڻي ۾ وڃي تہ رڌڻو ٻھڪي، اڱڻ ۾ ٻهاري ڏئي تہ اڱڻ اُجرو. هوءَ هلي چلي، ٽلي ۽ ٽُلڪي تہ علي ڏنو خوش ٿئي. جي شاھہ جا بيت جهونگاري تہ بہ علي ڏنو ڌيان اوڏانھن ڌري ۽ اُهي بيت چپن ۾ پاڻ جهونگاري. هونئن تہ هوءَ شاھہ جا بيت:
الا ائين مَ هوءِ، جو آءٌ مران بند ۾.
يا
ستر ڪر ستار آءٌ اُگهاڙي آهيان.
يا
ليلائي نہ لھين، تان پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
۽ ٻيا ڪيترا بيت پيو ٻڌندو هو. کيس عجب ٿيندو هو تہ هن گهريتڙي نينگر پنھنجين وڏڙين کان ٻُڌل بيت ڪيئن نہ ياد ڪيا آهن ۽ سُر سان ڪيئن نہ جهونگاري ٿي.
علي ڏنو شاھہ جي هيءَ وائي گهڻو ڪري ڏکويل آواز سان کيس چوندي ٻڌندو هو، پر هوءَ هن ڊگهي وائي کي ڪڏهن مڪمل نہ چئي سگهندي هئي.
”سندڙيان سڱِڙي، ڳالھہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهن...“
پھرين سٽ چوندي روئي ڏيندي هئي. هُو اِهي سٽون درديلي دانھن جيان ٻُڌندو هو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا ۽ هو پاڻ بہ جهونگارڻ لڳندو هو:
”سندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهن...“
علي ڏني جو گهر اِنھيءَ گونجار سان گونجندو رهيو. زهرہ هن گهر ۾ رهڻ لڳي ڄڻ هيءُ سندس پنھنجو گهر هو. هن گهر بہ مس مس وڃي سُک جو ساھہ کنيو هو، جو اهڙي اَڌ ڪچي اَڌ پڪي سانجهي جو، جنھن سانجهي جو هُن زهرہ کي هن گهر لاءِ سُکن ۽ خوشين جو پيامبر بڻجي ايندي پَسيو هو. اهڙي سانجهي جو هُن جي کُڙيءَ جي کَڙڪي تي اک کُلي. هُن لڙاٽيل اکين سان سڃاڻي ورتو، پوءِ بہ هن عينڪ کڻي چاڙهي. هُن جي سامھون هڪ بي ڊولي ٿلھي وَهي لتاڙيل ميڪ اَپ ۽ خوشبو ۾ ويڙهيل رنگين لباس ۾ ملبوس هيءَ عورت ٻي ڪير ڪانہ، سندس پھرين زال فريده هئي. زهرہ وانگر نہ هُن کي برقعو يا نقاب هو، نہ هُن نقاب جا پلئہ مٿي ڪيا. نہ هُن کي رَئي جو نقاب هو. جنھن سان سندس خضاب سان ڪٽيل ڪاراٽيل وار ڍڪجي سگهن. هوءَ بي حيائيءَ سان ٽپ ڏئي، کٽ تي چڙهي ويٺي ۽ سندس ويجهو ٿي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏيڻ جي ڪيائين. پوءِ نقلي ميخن وارن ڏندن سان کيس چڪ پائڻ لڳي. وات جي ڌپ سندس مغز ۾ گهڙي ويئي. ”ڊيئر علي! آءِ ايم بيڪ... يو شوڊ هيو ڪالڊ مي... واءِ ڊڊ يو ڪيپ مسٽريس... او ڊيئر! او ڊيئر! آءِ اسٽل لَو يُو... يُو آر ناٽ گوڊ باءِ ايني مور.“ هُن، هِن عورت کي پئتي هٽائڻ چاهيو. هو هن گوشت جي جبل جو بار آهستي آهستي ائين محسوس ڪرڻ لڳو جو سندس دَم گهُٽجڻ لڳو. هُڻ کيس زور سان ڌڪي پري ڪيو. پوءِ هو ٻاهر ڊوڙيو. اڱڻ ۾ سندس ڀيڻ وڏا اُڀا ساھہ کڻي رهي هئي ۽ روئي پئي: ”علي ڏنا! اِنھيءَ ظالم عورت ويچاري زهرہ کي بدشد ڳالھائي گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيو. بس! مون کي زهرہ وٽ وٺي هلُ، هتان ڪڍي هلُ.“ رُئندي، هوءَ آهستي آهستي رڙهندي هُن سان هلندي هلي. علي ڏني ٻاهران گهر جو در بند ڪيو، اندران هُن جي زال جون رڙيون ٻُڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. هوءَ کيس گاريون ڏئي رهي هئي: ”آءِ ول ڪِل يُو علي ڏنا! اينڊ ڪِل يوئر مسٽريس... اوپن دَ ڊور“ هيءَ عورت ويھن سالن کان پوءِ اچي مٿس حق ڄمائي رهي هئي. هيءُ گوشت جو جبل، هاڻ سندس روح ۽ وجود کي ڄڻ چيڀاٽي رهيو هو. ڀيڻ ڀاءُ هلندا ويا ۽ سڌو زهرہ جي گهر پھتا. شانان گهٻرايل، در وٽ بيٺي هئي. زهرہ اندر هئي. علي ڏني واٽ تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. علي ڏني ڀيڻ کان اجازت ورتي، پوءِ شانان ڏي نھاريو. هوءَ روئي رهي هئي. هُن اُنھيءَ ڪمري ڏانھن نھاريو، جت زهرہ پاڻ کي بند ڪيو روئي رهي هئي. سندس روئڻ جو آواز ٻڌي هو اندران ڦٿڪڻ لڳو. هو پاڻ کي هاڻ گهڻو گنهگار سمجهڻ لڳو. هُن کي ڪوبہ حق نہ هو تہ هڪ معصوم کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي ڪوڙهيل ماضي جي ڍير تان اُٿي آيل بدبودار جاندار کان هڪ ڌوتل پوتل نينگر کي بي عزتو ڪرائي، سُريت جا خطاب ڏياري. هُن معصوم هُن غريب جو ڪھڙو ڏوهه؟
علي ڏني در کي کڙڪايو. ڪو جواب نہ آيو. هُن کي هڪ ڊپ ويڙهي ويو. هو هاڻ در کي چرين وانگر ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏيڻ لڳو. اندران ڪوبہ آواز نہ ٿي آيو. ائين در کُليو. سامھون هڪ عورت، جنھن نقاب لاهي ڇڏيو هو، کير جھڙي اڇي مٿي جي کنڊريل وارن سان هڪ مستاني، هڪ درگاھہ جي فقيرياڻي جيان بيٺي هئي. هُن جي ڳلن تان ڳوڙها بس نہ پيا ڪن. هُن جهڪي روشني ۾ بہ هنن ڳوڙهن کي ڏسي ورتو. هوءَ هڪ عذاب ۽ پيڙا ۾ هئي. هن کي بي اختيار هن ڇڙيل ڇَتن واري زهرہ تي بي اختيار قياس ۽ پوءِ پيار آيو. اڻ ميو پيار! هو جيئن اندر داخل ٿيو تہ زهرہ پوئتي هٽي بيٺي!
” زهرہ! مان توسان نڪاح ڪري وٺي وڃڻ لاءِ آيو آهيان. مون کي تون معاف ڪر ۽ اجازت ڏي.“
زهرہ نيٺ ڳالھايو: ”سائين علي ڏنا! منھنجي ويجهو نہ اچ. مان تنھنجي گهر جي پگهاردار نوڪرياڻي ضرور آهيان. پر سُريت نہ آهيان. توکي هاڻ تہ خبر پوڻ کپي تہ مون جوڳ ورتو آهي، هڪ فقيرياڻي آهيان. منھنجو ماضي، منھنجو جوڀن ڏسڻو هجئي تہ هي اَڇا کير جھڙا وار نہ ٿو ڏسين. مون سان هاڻ لنوءَ لائڻ مان ڇا ورندءِ؟ هاڻي ٻُڌ شاھہ سائينءَ جو هيءُ بيت ۽ پوءِ موٽي پنھنجي ماڳ ڏي وڃ. ڌڻي ڪو توکي معاف ڪري. منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي.“
صبح سِڱِڙيون کڻي، ويا وڄائي وير،
ڏوريان ڏوريان نہ لھان تن بيراڳين بهير،
جن آسڻ منجهہ عنبير، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
پوءِ هُن ورائي چيو،
”آءٌ نہ جيئندي اُن ري.“ هن جي آڱر اُڀي.
پوءِ هوءَ آهستي ڍرڪندي زمين تي آهلي پئي. هيءَ شاھہ سائينءَ جي جوڳياڻي ورهين جا ورھيہ اندر ۾ الائي ڇا سانڍيندي رهي هئي. هُن بہ ڪو عشق ڪيو هو، چنڊ تڪيو هو، پر نہ هُن ڳوليو نہ هُن کان لڌو. اڄ هوءَ حالئون بي حال ٿي زمين تي پئي هئي. شانان ڊوڙي اچي کيس سنئون ڪيو. پر هُت هاڻ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو. شانان، علي ڏني ڏانھن نھاري ڪنڌ سان نهڪر ڪيائين. علي ڏنو حياتي ۾ پھريون دفعو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. هو زهرہ جي ويجهو وڃي بيٺو ۽ رئندو رهيو ۽ چوندو رهيو: ”تو ڇو تڪڙ ڪئي، مان تہ اڳيون حساب ڏيڻ آيو هيس، توکي سھاڳڻ ڪرڻ لاءِ” تنھنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ” تون ٿورڙي مھلت تہ ڏين ها.“ شايد علي ڏني کان کيس ڏنل مھلتون ئي مھلتون وسري ويون هيون. هو اُتي فرش تي ويھي رهيو. سامھون زهرہ اڇن وارن هوندي بہ هڪ ازلي حسن سان سنواريل سُتي پئي هئي. هُن کي لڳو تہ هن ڌرتي جا اصل چنڊ هيئن ڌرتي تي وڇايل هوندا آهن. شل ڪير کين ڳولھي لھي. آسماني چنڊ سراب ۽ دوکو هوندا آهن. علي ڏنو اڃا بہ جيئرو آهي. هو گهڻو اُت ويندو آهي، جت زهرہ سُتل آهي، توڙي جو هو هوش وڃائي ويٺو آهي. پر هو سندس ابدي آرامگاھہ تي لکيل شاھہ سائينءَ جي وائي جي هيءَ سِٽَ وَرُ وَرُ پڙهندو آهي:
سَندڙيان سِڱِڙي، ڳالھہ ڳُجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين!

(مھراڻ 1-2/2008ع)