ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟

استاد شفيع محمد جي جيئن 1936ع جي پراڻي گهڙيال تي نظر پيئي تہ هو اهڙي ئي پراڻي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اُٿيو. هو ٽنگڻيءَ ڏانھن وڌيو مس تہ گهڙيال بہ ٺڪاءَ هنيا. هن جيئن تڪڙ ۾ صدري ۽ ڌوتل پوتل اڇو وڳو ٽنگڻيءَ تان ڇڪي لاٿو تہ ٽنگڻي سوڌو وڳو ۽ صدري هٿ ۾ هيس. هن وڳو کٽ تي رکيو ۽ ٽنگڻي ڀت تي ڦهڪائي، ڪوڪا ساڳين سوراخن ۾ اٽڪائي هٿ سان کڻي ٺوڪيا. ٽنگڻي اُهائي ٽنگجي بيھي رهي. هن کي ان جو فڪر نہ هو، جو ائين روز ٿيندو هو. هن وڳي ۽ صدري کي ڇنڊڪو ڏنو ۽ پوءِ وڳو پائي مٿان اڇي صدري اوڍي ڪٻٽ ڏانھن وڌيو، جنھن جا طاق بہ اُلڙيا پيا ها. هٿ وڌائي ترڪي ٽوپي ڪڍي پوءِ هڪ برش ڪڍيو جنھن سان ترڪي ٽوپي کي صاف ڪيو. برش رکي ڪٻٽ جي هڪ طاق تي لڳل آئيني ۾ ڏٺو. تُرڪي ٽوپي مٿي تي بيھاري ان کي جائيتو ڪيو ۽ پوءِ وري ڪنڊ کان رکيل مُٺئي وارو لڪڻ کنيون تکو وريو. هاڻ هو آڳر ۾ هو جت سندس هڪ نياڻي ٿانو پئي ڌوتا. ٻي نياڻي اڱڻ ۾ ٺھيل ڇپر واري بورچيخاني ۾ ماني پئي پچائي. ٽين نياڻيءَ ٻهاري پئي ڏني. هو جيئن ٻاهرئين دروازي وٽ پھتو تہ ڇوڪري ڊوڙندي آيس.
”بابا بابا، اِهو ڇا، هاڻ تہ اسڪول ٽائيم تي پھچڻو بہ ڪونھيو، پوءِ اِها تڪڙ ڇا جي؟“
هو ڇرڪجي بيھي رهيو. پوءِ هوءَ کيس ٻانھن کان ڇڪي ڇپري ۾ وٺي آئي. هڪ منجي تي کيس ويھاري ٻي منجي ريڙهي پاڻ ويٺي ۽ مکيل ڊڳڙي دٻڪي ۾ وجهي آڏو رکيائينس. هن ڪاڙهيل چانهه، کومچي سان ننڍڙي ديڳڙي مان ڪڍي سندس آڏو رکيل ڪوپ ۾ وڌي. هو چپ چاپ ڊڳڙي ڀور ڀور ڪري وات ۾ وجهندو ويو ۽ مٿان مٺي چانھہ جا ڍڪ ڀريندو رهيو. هن ڪوپ کي ڏٺو، سڄو ڏريل هو. هن رنڌڻي ۾ نھاريو، ڀڳل سڳل ٿانو. اڱڻ تي نظر وڌائين، ڀور ٿيل سرون، کڏا ۽ کوٻا، ڀتيون ڀُريل ۽ ڏارون ٿيل سرون. هو نھاريندو رهيو ۽ چپ چاپ کائيندو بہ رهيو. بي خيالي ۾ دٻڪي ۾ هٿ هنيائين، دٻڪي خالي ٿي وئي هئي. هو آهستي آهستي اُٿيو. ٻاهرئين در ڏانھن وڌيو، پوءِ مُڙي ڌيءَ کان پڇيائين، ”عمران اُٿيو آ؟“
”بابا توهان بہ ڪمال ڪيو ٿا. هو هاڻ اُٿندو!“
هن ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻاهر لاءِ اُٿيو ئي تہ سندس نياڻي ويجهو آيس. ”بابا، سيڌو کپي ويو آ، هاڻي عثمان بقالي بہ اوڌر تي سامان نٿو ڏئي. اچو تہ ڪجهہ سامان وٺيو اچجو.“
پڻس ڪنڌ لوڏيو.
”ٻيو بابا شاهينا ۽ رضيہ جا ڪپڙا بہ ڦاٽي پيا آهن. سندن گَنديون ڏسو ٿا ـــ ڪي ٻہ وڳا تہ وٺي ڏيون.“ استاد پنھنجي وڏي نياڻي شانان ڏي ڏٺو تہ سندس گَندي بہ ڦاٽل هئي ۽ سندس وڳي ۾ بہ حال ڪونہ هو. هو وڌيڪ نہ ڪڇيو، وري بہ ڪنڌ لوڏيو ۽ سندس ٽوپي جو ڦندڻ ڦري آيو. پوءِ هو در پٽي ٽپڙي پري ڪري ٻاهر نڪتو. سامھون ئي غفور بيٺو هو. غفور رازڪو ڪم ڪندو هو ۽ استاد شفيع محمد جا پاڙيسري بہ هو تہ يار بہ. غفور وڌي اچي هٿ ڏنس.
”استاد، هيڏانھن تہ ڏس، سڄي جاءِ ڏري پئي اٿئي. ڪنھن بہ مھل هلي ويندءِ. سؤ دفعا چيو اٿمانءِ تہ ڪجهہ تہ مرمت ڪراءِ نہ تہ وڏو نقصان ٿيندءِ. اڙي يار، مان ڪو توکان پيسا وٺندس، رڳو سرون ۽ مزور کپن، گاري سان ئي بيھاري ڏيندو سانءِ.“
استاد شفيع محمد ڪا گهڙي ٻڌندو رهيو، پوءِ آهستي آهستي کُلندو ويو. ”يار، توکان حال تہ ڳجهو ڪونھي، ڇهون مھينو ٿيو آهي رٽائر ٿئي. هونئن بہ پرائمري ماستر يا هيڊ ماستر جي پگهار گهڻي. هاڻ تہ پگهار بہ بند تہ پينشن بہ بند. روز وڃان ٿو اسڪول، من پينشن جا ڪاغذ ٺھي آيا. هجن ۽ منظوري ملي هجي. ٽي نياڻيون گهر ويٺيون آهن. ڇوري عامر جي خبر اٿئي، نہ پڙهيو نہ ڳڙهيو. ڪيڏو سوچيو هيم تہ پڙهي ڳڙهي آفيسر ٿيندو پر کيس لوفرپائي کان ئي فرصت ناهي. توکي بہ چيم تہ ڀلا ڪو ڪم سيکارينس. توتہ ها ڪئي پر ڇورو بہ بيھي. گهر ڪِري، يا مان ڪِران، ڪو فرق نہ پوندو غفور سائين! دعا ڪر، اڄ وڃان ٿو من ڪو پينشن جو منھن سر نڪتو هجي.“
اُستي غفور اوچتو سندس سورن کي روڪيو، ۽ هو سُري وٽس آيو.
”ٻي ڳالھہ ٻڌ. ٻڌو اٿم تہ پٽهين هيروئن وڪڻي بہ ٿو ۽ پيئي بہ ٿو. ڪا خبر اٿئي؟“
استاد شفيع جي ترڪي ٽوپيءَ جو ڦندڻ ڦرڻ لڳو.
”نہ يار، مون تہ نہ ٻڌو آ، نہ کيس نشي جي حالت ۾ ڏٺو آ. لوفرڙو ضرور آهي، سندس ناني کيس کاري ٻُهر ڪري ڇڏيو. گهڻو تڻو وٽس رهي، ۽ ڏوڪڙ بہ اُنھيءَ کان ڦُري. اهڙي ڳالھہ نہ آهي پاڙي ۾ تہ تون بہ ڏسين ٿو.“
”نہ يار، هن پاڙي ۾ نٿو ڪري. ناناڻي ويندو آهي نہ، اُنھي پاڙي ۽ اوسي پاسي هٿڙي بہ هڻندو آهي.“
”ماري وجهانس، موٽي اچان تہ وٺ پڪڙ تہ ضرور ڪندوسانس، شام جو گڏ آهيون.“
هن ڳالھہ کي لنوايو ۽ تڪڙو ٿيو. پر سندس دماغ صفا ڦري ويو هو. هن جو ڪنڌ جيڪو اڳ ٿورو ڏڪندو هو هاڻ وڌيڪ ڏڪڻ لڳو. ٽوپيءَ جو گل لڏڻ لڳو. هو سوچ ۾ هو کيس شڪ پوڻ لڳا. ڪيترن ڏينھن کان هن ڏٺو پئي تہ پٽس جو رنگ مَٽيل هو. ڀلا وڳا، نوان بوٽ، گل ڪڍيل وار، ٻانھن ۾ نئين گهڙي. هن سمجهيو تہ نانيءَ کي ڀائرن وٽان ٻني ٻاري جا ڪي نوان ڏوڪڙ اچي ويا هوندا، پئي ڏوهٽي تي لُٽائي. هاڻ هو ڪجهہ سمجهي پيو تہ آخر ناني ڪيترو ڏيندس. کيس پٽهنس جي يتيم ٻارن کي بہ پالڻو آهي. سند زال بيمار ٿي تہ سسڻس دوا درمل ۾ مدد ڪيس. گذاري وئي تہ جماڻا، چاليھا ۽ ختما پئي ڪيائين. وٽس ڪو خزانو تہ ڪونہ هو. هئس ٻنيءَ ۾ ڀائرن سان اَباڻو حصو، ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ، پھچائي ويندا هُيس. هو اهڙن خيالن ۾ هو جو واٽ ويندي ماڻھن سلام پئي ڪيس تہ ڪنھن کي وعليڪم سلام ٿي چيائين تہ ڪنھن آڏو ڪنڌ لوڏي اشارو پئي ڪيائين تہ ڪنھن کي ٺپ جواب. اوچتو ڪنھن وڏي واڪي سڏ ڪيس.
”او استاد سائين، بادشاهي برقرار، بابل سائين.“
هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مولي ڏنو موالي، اوتاري کان هيٺ ٿيو بيٺو هو.
”ڇو ڀلا ڪھڙي خيال ۾ آهيو استاد. اڄ سائين آمن شاھہ جو سلام بہ نہ ڀريوَ، دعا بہ نہ گهريوَ خير تہ آهي؟“
هن يڪدم کڻي هٿ اُڀا ڪيا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري کڻي منھن تي هٿ گهمايا.
”موليڏنا، تڪڙو آهيان ان ڪري نہ ٿي بيٺس.“
”پر سائين ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آهن، نذر نياز بہ بس! ان کان تہ عرمان ڀلو چئبو جو هاڻ روز اچي ۽ درگاھہ وسائي ڇڏي اٿائين.“
استاد شفيع محمد، موالي موليڏني کي جيڪو درگاھہ آمن شاھہ جو ٻهاريندار بہ هو، گهوري ڏٺو.
شڪ جا دروازا وري کُلي پيا. هو آهستي آهستي چُريو پر موليڏنو ڪڍ آيس.
”بابل سائين، عمران کي تہ موڪلجو، چئجوس تہ سندس يار انتظار ۾ ويٺا آهن.“
پوءِ پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. استاد پٺ ورائي ڏٺو.چار پنج ڇوڪرا اوتاري جي پاسي کان بيٺل نم جي وڻ هيٺان موالين وانگر ڪنڌ لاڙيو پيا هيا..
هن هاڻ وک تکي ڪئي. موليڏني جا پيلا ڏند ۽ کلڻ وارو نمونو کيس نہ وڻيو. هاڻ سندس من ۾ شڪ جو پوکيل ٻوٽو وڌي وڻ ٿي ويو.
هو جيئن بزار مان لنگهيو تہ ڪيترن ماڻھن يا دڪاندارن اُٿي بهي کيس سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. استاد شفيع محمد پراڻو استاد هو، سڄي شھر کي پڙهايو هئائين. سندس عزت هئي پر الائجي ڇو اڄ جنھن بہ کيڪارس پئي يا سلام ڪيس پئي، هن کي ائين پئي لڳو تہ هو هاڻ اهو سڀ ڪجهہ رسمي طور تي پيا ڪن۽ کين سندس پٽ جي افعالن جي خبر پئجي ويئي آهي. هو چُپ چاپ لڪڻ ٽيڪيندو وڌندو رهيو. ڪنھن کي مرڪي کيڪر جو جواب ٿي ڏنائين يا هٿ ٿي ٻڌائين پر سندس دماغ جاءِ تي نہ هو. هر هر کيس من اِهوئي پئي چيو تہ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ هڪ استاد جو پٽ هيروئنچي ٿئي ۽ هيروئن وڪڻي. ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اوچتو هڪ همراھہ دوڪان مان ٽپ ڏيئي اڳيان اچي بيٺس. هن سڃاتو عثمان بقالي هو. هُو عثمان جي دوڪان تان سيڌو سامان کنڌي تي کڻندو هو. کيس ياد آيو تہ اڄ سيڌي لاءِ ڌيڻس بہ کيس چيو هو ۽ کيس اها بہ خبر هئي تہ عثمان جي اوڌر چڱي خاصي ٿي هوندي. هو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهي بزار واري گهٽي لنوائي ويندو هو، پر اڄ بيخيالي ۾ پراڻي پنڌ پيو هو. هن کي خيال آيو تہ هن کي سيڌي ڏيڻ لاءِ چوي پر عثمان هٿ ڏيندي ئي شروع ٿي ويو.
”استاد سائين، ناراض نہ ٿجو، پر هاڻ ڳالھہ چڙهي ويئي آهي. ڇهن مھينن کان کنڌي ۾ اوهان رپيو بہ جمع نہ ڪرايو آهي. اوڌر هزارن ۾ اچي پھتي آهي. مان وڏو واپاري تہ نہ آهيان. اڳ بہ چيو هيم پر هاڻ تہ دوڪان هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. اوڌر وارا مھيني سوا اندر پيسا ڏئي ويندا آهن پر اوهان جو حساب ڳرو ٿي ويو آهي.“ هو اڃا ڪجهہ ڪڇي تہ ڀر واري ڪپڙي جي دوڪان مان سيٺ هريرام لھي آيو.
”استاد اسين بہ اُميدوار آهيون. اڳين ٻن عيدن جي اوڌر کاتي جي ٽنگ کنيو بيٺي آهي.“ سوڙهي بزار ۾ ٽي چار مانھو بيٺا هئا تہ ٻيا بہ بيھي رهيا. هن هيڏانھن هوڏانھن لوڻو هنيو. پاسي وارن دوڪانن جا مالڪ هن ڏانھن گهوري ڏسي رهيا هئا. استاد کي محسوس ٿيو تہ سڄي بزار کيس چٿر وارين نظرن سان گهوري رهي آهي. هن آهستي هٿ سان سندن گفتگو کي روڪيو. خشڪ ٿيل نڙي کي کنگهي آلو ڪيو. هن ڪوشش پئي ڪئي تہ کين هلڪي لھجي ۾ سمجهائي، پر سندس آواز ڏاڍيان ٿيندو ويو ۽ ان ۾ شايد صبح کان ٿيل وارتا جي ڪوڙاڻ بہ شامل هئي.
”بابا مري تہ ڪونہ ويو آهيان، اڃا جيئرو آهيان. رٽائر ٿيو آهيان پر سُڃو ڪونہ ٿيو آهيان. توهان جي اوڌر ڪڏهن رهي آهي جو وچ بازار ۾ کڻي جهليو اٿوَ. دير سوير پئي ٿيندي آهي. پر ڪو مرم پويو ٿو. ماڻھو ئي نٿا ڏسو. وڻيوَ تہ وچ بازار ۾ هڻي ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي پٽڪي لاهي ڇڏيو. وڻيوَ تہ لفظن جا تير تفنگ هڻو، وڻيوَ تہ ماڻھوءَ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو، وڻيوَ تہ...“ استاد شفيع محمد جو آواز ويو بلند ٿيندو. اهڙو بگڙيو جو وٺ نہ ڏئي. ٻنھي دڪاندارن کڻي ماٺ ڪئي. هڪ ٻہ ٻيا دوڪاندار، جن جي هلڪي سلڪي اوڌر رهيل هئي، جن پريان بيٺي تماشو ڏٺو. ٽپ ڏئي واپس دوڪانن ۾ گهڙي ويا. استاد شفيع محمد بڙبڙ ڪندو لڪڻ ٽيڪندو، بازار ٽپي اچي پرائمري اسڪول جي ميدان ۾ گهڙيو. پرائمري اسڪول جي پراڻي جهريل عمارت سندس سامھون هئي. جيئن هو جوش ۾ ورانڊي ڏانھن وڌيو تہ سندس نگاھہ ٻن ٽن ماسترن تي پيئي، جيڪي اسڪول جي ورانڊي هيٺان بيھي ڪچھري ڪري رهيا هئا. سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا ۽ دونھان ڪڍي رهيا هئا. هڪ ٻن جو کيس ايندي ڏٺو تہ سگريٽ وسائڻ ۽ لڪائڻ جي ڪئي. يڪدم هڪ همراھہ روڪين.
”اڙي سگريٽ ڪي مفت جا آهن ڇا جو زيان ٿا ڪريو. استاد ڪو هاڻي اسان جو هيڊ ماستر ٿوروئي رهيو آهي. روز اچيو اسان تي رعب ٿو رکي. ڀلي اچڻ ڏيسو، سگريٽ ڦٽو نہ ڪجو.“
استاد سھڪندو سندن ڀرسان پھتو. کيس ڪلاس ڇڏي ٻاهر سگريٽ پيئندي ڏٺائين تہ بنھہ بِرُ ٿي ويو. اڳيئي ڇتو ڪيل هاڻي تہ گڦ پئي وهيس. ”اڙي استاد ٿيا آهيو! شرم نہ ٿو اچيو؟ هڪ تہ ڪلاس نہ وٺو، ٻيو ٻاهر بيھي ٻيڙيون ٿا پيو. ڇورا ڇا سکندا. ڪاٿي آ توهان جو هيڊ ماستر غلام علي، ڇھہ مھينا ٿيا اٿس پر اسڪول جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين. جي مان روز خبر نہ لھان تہ ڀينگ ٿي وڃي.“
اوچتو سندس نظر اسڪول جي عمارت جي پڇاڙي تي پيئي، جتي ڀت جي اوٽ ۾ تي چار ننڍا وڏا ڇورا ويٺا دونھان ڪڍي رهيا هئا. ڪي ليٽيا پيا هئا. الائي خالي سگريٽ يا نشي جا سگريٽ پئي پيتائون.
”اڙي هو ڏسو، منھن ڪارو پيو ٿيوَ. هاڻي تہ نشو بہ هلي ٿو. لخ جي لعنت هجيوَ.“
هو کين گاريون ڪڍندو سھڪندو هيڊ ماستر غلام علي جي آفيس ۾ در کي سٽاڪ ڪري کوليندي اندر گهڙيو. غلام علي بہ پن جي ٻيڙي وات ۾ جهليو، دونھان ڪڍندي سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. اوچتو جو در ٽڪاءُ ڏنو تہ هن ڇرڪ ڀريو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي بيھي رهيو. ’ڪٿي ڪو اسڪول جو صاحب تہ نہ آيو آهي،‘ پر استاد شفيع محمد کي ڏٺائين تہ پيٽ ۾ ساھہ پيس.
’سائين اڄ تہ ساھہ ڪڍيو هُيوَ.“ هن کي ڪاوڙ ۾ بڙبڙ ڪندي ڏٺائين تہ غلام علي چوڻ لڳو، ”سائين مان ڇا ڪيان. توهان جي پينشن لاءِ ايس ڊي او جي آفيس بہ ويو هوس. توهان بہ تہ ٻہ ٽي دفعا ويا آهيو. هاڻ هو ڪاغذ نٿا ڪڍن تہ مان ڇا ڪيان. توهان بہ دنياداري ڪيو نٿا. ڪجهہ ڏوڪر اڳواٽ گهرن ٿا. اوهان بہ ٽڪو پيسو ڏيو نہ تہ ڪاڳر ڪيئن ٺھندا؟“
هو اڃا وڌيڪ ڳالھائي تہ هن ڏٺو تہ اُهي چارئي اُستاد سامھون بيٺا هئس ۽ انھن جو منھن ڦريو پيو هو. هن سمجهيو تہ ڳالھہ مڙئي ڪا ٻي آهي. استاد شفيع محمد ٺنڀ هنيو بيٺو هو. هو جيسين ڳالھائي هڪدم هڪ استاد وڏي واڪي ڳالھايو:
”سائين جي پينشن ٺھي يا نہ، اسان ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جو روز اچيو بيعزتو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪنھن استاد کي بڇڙو ڪيو وڃي تہ ڪڏهن ڪنھن کي. اڄ بہ اسان چئن کي بُجا ۽ گاريون ڏيئي هيڏي آيو آ. اها جي صورتحال آهي تہ اسان ڪم ڪونہ ڪنداسين. اڳ تہ پاڻ هيڊماستر هو تہ اسان سَٺو پئي. هاڻ ڪو اسان جو صاحب آهي جو پيو بڇڙو ڪري.“
غلام علي هيڊ ماستر يڪدم ڀڻڪيو.
”سائين ائين تہ نہ ڪيو.“
”ائين نہ ڪيان؟ ماستر ورانڊي آڏو بيھي شاگردن جي سامھون سگريٽ پين، ڪلاس ڇڏيو اچن. کين ڪجهہ نہ چئجي. کين وهڻ جو ڪمرو بہ ڏنم تہ اُتي وڃي ٻاڙَ پوري ڪيو پر هاڻي هو اگهاڙا ٿيو بيٺا آهن. ڇورا سندن سامھون ويٺا سگريٽ پين. الائي نشو ٿا ڪن. سندن ئي منھن ڪارو پيا ڪن، پر آهي ڪا هنن بيشرمن کي سَمَڪ؟“
استاد شفيع محمد اڃان وڌيڪ ڳالھائي تہ ساڳئي استاد، جنھن استادن جي ٽولي جي اڳواڻي پئي ڪئي، سندس تقرير کي روڪيو ۽ هيڊماستر غلام علي ڏانھن نھاريندي چيو. ”هاڻي بس، اسان وڌيڪ گاريون نہ کائينداسين. سائين اسين وڃون ٿا. هاڻ توهان ٻيئي ويھي اسڪول هلايو.“ چارئي ڄڻا ٺپ ٺپ ڪندا نڪري ويا. غلام علي ڦان ٿي ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو. استاد شفيع محمد ڪا گهڙي بيٺو رهيو، پوءِ هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. ڪمري ۾ سانت هئي. ٻيئي چپ هئا. هيڊماستر غلام علي ڪجهہ چوڻ لاءِ چپ کولي وري بند پئي ڪيا. استاد شفيع محمد ڇت کي گهوري رهيو هو. ائين سانت ٽٽي ۽ اوچتو اسڪول جو گهنڊ وڄڻ لڳو. گهنڊ جو آواز هن دفعي ايڏو تيز هو جو هو ٻيئي ڄڻا ڄڻ تہ نند مان ڇرڪ ڀري اُٿيا هجن.
هنن هڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ سوچيو تہ اڃا رسيس جو ٽائيم بہ نہ ٿيو آهي، پوءِ هيءُ گهنڊ؟ ائين هڪ استاد جيڪو نائب بہ هو، اندر گهڙيو.
”سائين، استاد ڏاڍا ڪاوڙيا آهن، وٺ ئي نٿا ڏين. هنن پاڻ گهنڊ وڄائي موڪل ڪري ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ استاد سندن بيعزتي ڪئي آهي. هاڻ جي استاد ايندو رهندو تہ هو نہ ايندا.“
هو ڏکوئجي ويو. ٻارن جي گوڙ ۽ جوش وارن آوازن استاد شفيع محمد کي ڏکويو. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. نائب کيس رئندي ڏسي پاڻي ڀري آيو. هن پاڻي جا ٻہ ڍڪ پيتا.
پل ۾ ٻارڙن جا آواز پري ٿيندا ويا ۽ پوءِ چوڌاري چپ چپات ٿي ويئي. هو آهستي آهستي اُٿيو ۽ ڳالھائڻ کان سواءِ هيڊ ماستر جي ڪمري مان نڪري آيو. ورانڊي مان هيٺ لٿو تہ هن ڏٺو تہ سندس ٺاهيل ننڍڙو باغيچو بہ سُڪي ۽ ويران ٿي ويو هو. ڪنھن ان کي پاڻي بہ نہ ڏنو هو. گل ٻوٽا ۽ ڇٻر سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. ڳوڙها وري جاري ٿي ويا. هو تڪڙو تڪڙو ميدان ٽپڻ لڳو.
ميدان پورو ٿيو. هن جي سامھون هاڻ گهرن جي گهٽين جو ڄار وڇايل هو. هن گهٽين ۾ گم ٿيڻ کان اڳ پوئتي ورائي اسڪول جي عمارت کي ڏٺو. هو ڪا گهڙي ان ڀڳل سڳل عِلم جي گهر کي گهوريندو رهيو. پوءِ هن کي احساس ٿيو. هاڻ تہ اوڏانھن وڃڻ لاءِ مٿس بندش پئجي ويئي آهي. هن گهورڻ بند ڪيو.
هن جون اکيون وري ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هاڻ اها عمارت کيس چٽي بہ نظر نہ پئي آئي. هن يڪدم اسڪول جي عمارت کي پٺي ڏني ۽ پوءِ هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙي پيو.
هو گهٽيون لتاڙيندو هليو پر کيس لڳو تہ سندس من اهڙو منجهيل آهي جو سُٽ جيان منجهيل گهٽيون کيس دڳ نہ پيون ڏين. ائين جيئن هو هڪ وڏي ۽ موڪري گهٽي لتاڙي رهيو هو ۽ اوچتو ڇرڪ ڀريائين. پريان هڪ نينگر تيز ڊوڙندو آيو ۽ کيس ڌڪيندو پاسي واري گهٽيءَ ۾ گهليندو ويو. پھريائين تہ کيس ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پوءِ ڏٺائين تہ هيءُ سندس پٽ عمران آهي. عمران يڪدم ٻہ ننڍڙا پُڙا قميص جي کيسي مان ڪڍي سندس صدري جي ٻنھي کيسن ۾ دٻائي زور سان اندر وڌا، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين:
”بابا، هيءَ امانت اٿو، ڪو ماڻھو کڻڻ ايندو.“
ائين چئي هو اڳتي ڊوڙندو ويو ۽ ننڍين گهٽين جي ڄار ۾ گم ٿي ويو. هُن کيس گُم ٿيندي ڏٺو ۽ سامھون ڏٺائين. کيس ٻہ ٽي اڇن ڪپڙن وارا ماڻھو نظر آيا، جيڪي ڊوڙندا وڏي گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو پوءِ هن کيسي مان هڪ پُڙو ڪڍيو. پُڙي ۾ ڪافي پڙيون پيل هيون. هو سمجهي ويو تہ اِهي اُهي ئي پُڙيون آهن، جيڪي ’پُڙيون‘ سڏبيون آهن ۽ جن جو ذڪر اُستي غفور ساڻس ڪيو هو.
هن پٽ لاءِ ڪيڏا نہ خواب ڏٺا تہ پڙهي ڳڙهي ڪو وڏو آفسر بڻبو. لاڏ پيار کيس مئٽرڪ فيل تي بيھاريو هو. ڪا گهڙي اُن پاسيري ننڍي گهٽي ۾ بيٺو سوچيندو رهيو سندس بت وڌيڪ پگهرجي ويو پوءِ ڳرين وکن سان اڳتي وڌيو ۽ وڏي گهٽي ۾ داخل ٿي پنھنجي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪيائين. گهٽي پوري ٿي تہ هو آمن سائينءَ جي درگاھہ وٽ هو. اوتاري آڏو موليڏنو موالي بيٺو هو.
”سائين آبڪاري وارن ڇاپو هنيو دلبر عمران ائين ڇانگ ڏيئي ڀڳو جو فرشتا بہ نہ وٺينس. انھي گهٽي ۾ اڏار ڪيائين.
توهان سان مليو؟ استا، شفيع محمد چپ بيٺو رهيو. ڏٺائين تہ موليڏنو بي اونو هو. هان اوتاري ۾ ڪوبہ ننڍو وڏو موالي ڪونہ هو. استاد جي چھري تي فڪر ۽ پريشاني جا آثار نمايان هئا. موليڏني پنھنجا پيلا ڏند ٽيڙيندي کيس آٿت ڏنو.
”اُستاد، هن ڌنڌي ۾ ائين ٿيندو آ، پيا ڇاپا لڳندا آهن. عمران بہ دلبر ماڻھو آ. نئون ڌنڌو آهي، آبڪاري وارن سان ڪو حساب ڪتاب رکيو آ. هن يار بہ آڱوٺو ڪڍي ڏنن. اڳي بہ ڪڍ پيا هيس پر هيءُ گولي ٿيو وڃي. جي هٿ اچين تہ کيسا خالي، سَڳ بہ نہ. پر اڄ مال هيس. پڪڙجي ها تہ وڏي ڏچي ۾ اچي ها. عمران هڪ دفعو انھن گهٽين ۾ گهڙي سو سهين، وٺ جو ناهي.“
اُستاد سڳ ۽ مال جو و تہ ککو وکو ٿيو. يڪدم کڙين تي زور ڏنائين. سڌو اچي گهر ساھہ پٽيائين. موليڏني کيس تڪڙو ويندي ڏٺو تہ اچرج ۾ پيو.
استاد شفيع محمد ٽپڙي کڻي جيئن در کڙڪائڻ جي ڪئي تہ ڏٺائين تہ در ٻيڪڙيل هو. هٿ جي لوڏي سان طاق کلي پيا هو اڱڻ ۾ آيو، ڪو بہ نظر نہ آيو، پر رڌڻي ڏانھن نظر ڪيائين تہ اُستي غفور جو پٽ نظر آيو.
”سائين، اديءَ جن نانيءَ جي گهر ويون آهن. مون کي سار سنڀال لاءِ وهاري ويون. اڄ تہ موڪل بہ سويل ٿي ويئي. خبر ناهي ڇو؟“
هن نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو. هن رنڌڻي ۾ ڏٺو، اڄ تہ منجهند لاءِ باھہ بہ نہ ٻري هئي. رَکَ ۽ ڪِرُ هئي جتان هلڪو سيڪُ پئي آيو. هو سمجهي ويو تہ هي سڀ ويلو ٽارڻ لاءِ نانيءَ جي گهر ويا آهن. هو چپ چاپ وڌيو ۽ پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي پيو. ائين نينگر ڪوٺيءَ جي در وٽ بيھي سڏ ڪيس.
”سائين، مان وڃان.“
هن ڪنڌ ورائي کيس ها ڪئي، پوءِ پاڻ واري پراڻي آرام ڪرسيءَ تي آهلي پيو. سڄو پگهريو پيو هو ۽ پوءِ صدري ڇڪي لاهي کڻي کٽ تي اُڇلي، جنھن مان هڪ ننڍي لفافي اچي ٻاهر ٺڪاءُ ڪيو. هيءُ پُڙو تہ بي جان هو پر سندس جسم ۾ جان پجئي ويئي ۽ هو سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪي گهڙيون هن جي ڪيفيت عجيب رهي. هو سڄي ڏينھن جي ڪارگذاريءَ تي سوچيندو رهيو. هن اهو بہ سوچيو تہ استادن تہ کيس ڪڍي ڇڏيو جو هو اڃا تائين ان ڪاٺي جيان هو جيڪا ڪڏهن بہ ڪير ڀڄي نہ سگهيو هو. هو قديم قدرن جو اَمين اُستاد هو. پر اڄ هيءُ ڇا ٿيو؟ سندس ئي گهران باھہ جا شعلا اُٿيا هئا. هن عمران کي ڏوھہ ڏيڻ جي بدران پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. ماءُ جي دادلي سو بہ هڪ پٽ هجڻ ڪري، هن ئي کيس ڍر ڏني ۽ اڄ هيءُ زهر سندس سامھون پيو هو. هو اُٿي بيٺو. مُٺئي وارو لڪڻ هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڦيرائڻ لڳو. ”اڄ عمران اچي سو سهين، کل لاهي ڇڏيندو سانس.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندو ويو. ائين ٻاهريون در آهستي کڙڪڻ لڳو. هو ڇرڪي ويو ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. هيءُ زهر جون ڍير پڙيون لفافن ۾ ويڙهيل وٽس پيون آهن. ڪٿي آبڪاري وارا تہ نہ آهن؟ هو بيٺو رهيو. در وري کڙڪڻ لڳو. هو نہ ويو. در وري کڙڪڻ لڳو. هن محسوس ڪيو تہ کڙڪي ۾ ايڏو زور ناهي. آبڪاري وارا هجن ها تہ ڏٺائين تہ کيس اطمينان ٿيو. موليڏنو موالي بيٺو هو. هو ٽپڙي هٽائي ٻاهر آيو. هاڻ کيس ڪاوڙ پئي ائي تہ هيءُ بدمعاش جنھن عمران کي کاريو، سو در تائين اچي پھتو هو. هن خار مان پڇيس. ”وري ڇا هي؟“
موليڏنو سُري ويجهو آيس. ڪن ۾ سس پس ڪيائين:
”سائين خير آ، عمران پڪي هنڌ تي آهي. آبڪاري يا پوليس ڀلي مٿو هڻي. پر نياپو ڪيو اٿائين. تہ جيڪا امانت ڏني اٿائين اُها ڏيو.“
استاد ويچار ۾ پئجي ويو. پھريون تہ خيال آيس تہ لڪڻ وهائي ڪڍيس، پر پوءِ وري خيال آيس، هو پوئتي ڊوڙيو ٻيئي لفافا کنيائين.
”هن مصيبت مان تہ جان ڇُٽي.“
هن دروازي وٽ بيھي ٽپڙي هٽائي، موليڏني کي ٻانھن کان اندر ڇڪيو. هو سٽ تي اندر هليو آيو.
”اچي پنھنجي امانت کڻ، هيڏي وري نہ اچجانءِ مروان! توئي عمران کي کاريو آهي. هيءُ هڪ اشراف جو گهر آهي سمجهيئي، وري ايندين تہ ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ“ موليڏني هڪ لفافو کنيو ۽ رٻڙ۾ ويڙهيل مچو ٿيل نوٽ سندس هٿ تي رکيا ۽ اُهوئي کلندو پيلا ڪارا ڏند ڏيکاريندو اهو چئي ڀڄي ويو:
”استاد اڄ ايترو ئي مال کپي، سڀاڻ وري ايندس، عمران ٻہ ٽي ڏينھن نہ ايندو. هيءُ گهر تہ اسان کي سولو آ. استاد ڊڄ نہ، فڪر ئي نہ ڪر.“ هن کي ائين لڳو تہ عمران جي وڃڻ کان پوءِ هاڻ هو هيروئن جو دلال بڻجي ويو آهي. هن کي بُڇان اچڻ لڳي.
پوءِ هن ڪاوڙ ۾ در بند ڪيو ۽ اڱڻ ۾ هلڻ لڳو. هن ٽنگن ۾ سگهہ ئي ڪانہ پئي ڀانئين پر گهلجي پئي هليو. جڏهن رنڌڻي وٽ پھتو تہ ڏٺائين تہ چلھہ اُهائي وساميل آهي. هن وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ ٻہ ڪاٺيون وجهي، پوءِ ويٺو چلھہ کي ڦوڪڻ. هو ايستائين ڦوڪون ڏيندو رهيو جيستائين ڪا چڻنگ نہ دُکي. هن نوٽن وارو مڙيل سُڙيل مچو بہ ان ۾ وجهي ڇڏيو. باھہ دُکي پيئي، تيئن هن اندر ۾ باھہ محسوس ڪئي. هن پلاسٽ جي پراڻي جڳ کي کنيو ۽ وڃي پراڻي مٽ مان پاڻي اوتڻ لڳو. سڄو جڳ پي ويو پر کيس لڳو تہ سندس اڃ ئي نہ لٿي آهي، هن ٻيو جڳ ڀريو ۽ منجي تي سھڪندو ويھي رهيو. اوچتو سندس نظر پُڙين واري لفافي تي پيئي.
”هيءَ زهر ڪير تہ پيئندو؟“ سٽ ڏيئي لفافي مان هن پڙيون ڪڍيون ۽ تڪڙو تڪڙو جڳ ۾ خالي ڪرڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. پوءِ هن جڳ ۾ هٿ وجهي ان کي گهمايو، پوءِ هو تڪڙو تڪڙو هيروئن مليل پاڻي پيئڻ لڳو. هو ڀڻڪي رهيو هو:
”هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟“
هو هر هر چوڻ لڳو، ”هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو……… هيءُ زهر ڪير تہ پيئندو؟“
هن چلھہ ڏانھن ڏٺو، هاڻ اُت باھہ وسامي ويئي هئي ۽ کيس لڳو تہ زهريلي ڪمائي سڙي وڃڻ سان گڏ سندس اندر جي باھہ بہ وسامي ويئي آهي ۽ پوءِ هو ساڻو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي آهلي پيو.
سندس اکيون پورجڻ لڳيون. هو ڀڻڪڻ ۽ وڦلڻ لڳو: ”موليڏنا، هن گهر ڏي هاڻ نہ اچجانءِ، ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ.“
پوءِ هن ڏٺو تہ عمران سوٽ بوٽ ۾ گهر ۾ داخل ٿيو. سندس نياڻيون ڀلن وڳن ۾ ملبوس، هٿن ۾ طعام، ساڻس گڏ اچي بيٺيون آهن. اوستو غفور بہ پٺيان آيو ــــ مزور ساڻ، هٿن ۾ تيشي ۽ مارو. ”استاد، جاءِ جوڙيون پيا.“
ائين استاد غلام علي هيڊ ماستر گهڙي آيو ۽ چيائين، ”استاد پينشن بہ اچي ويئي اٿو.“
استاد گدگد ٿيڻ لڳو. پوءِ هن اکيون کوليون پر اُتي تہ ڪير بہ نہ هو. دروازي ڏانھن ڏٺائين، دروازو بند هيو پوءِ هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون جو اُتي تہ ڪير بہ ڪونہ هو!