ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

جڏهن آسمان ۾ تارا نہ هوندا

هيءَ هڪ سياري جي رات هئي ۽ اَڌ پنڌ ٽپي هلي هئي. هِن بس جو رُخ اُتر ڏي هو ۽ سامھون اُتر جي هوا بہ سَرڙاٽ پئي ڪيا. هن شھر جي باءِ پاس تي، شھر جي ويجهو، ٻہ مسافر اُٿي بيٺا ۽ هڪ مسافر کُهري آواز ۾ چيو، ”اُستاد روڪي!“ اُستاد سيءَ جي ڪري لوئي ۾ ويڙهيو ويٺو هو، ڪجهہ آفيم جي پنڪي بہ هيس. سُتل بس ڪجهہ سجاڳ ٿي ويئي. هيءُ ڪارين لوين ۾ ويڙهيل ٻہ همراهه، پھلوانن جيان، بس جي وچ تي بيٺا هئا. ڊرائيور ائين ئي هلندو پئي هليو.
”اڙي، موالي! ٻُڌين نٿو؟ بس جَهل!“ همراھہ وڌيڪ کُهرو ٿيندي چيو.
هن کُهري آواز تي سڄي بس سجاڳ ٿي ويئي. مسافرن کي اچي سِر سان لڳي تہ ڪٿي هيءُ ڌاڙيل تہ نہ آهن! ڦُر ٻُر تہ ڪرڻي ڪانھين! هاڻ سُتل ڪنڊڪٽر بہ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو.
”اُستاد، باءِ پاس جا هيءَ مسافر آهن. هنن کي هِت لاهه، نہ تہ وري شھر اسٽاپ تي هلڻو پوندو.“
ڊرائيور آهستي آهستي سائيڊ ڪري گاڏي بيھاري. ڪنڊڪٽر اُٿي در کوليو. سڄي بس ۾ وِلھہ پکڙجي ويئي، اُتر پئي لڳو. هيءُ مسافر ٽپ ڏيئي لھي پيا. هنن جي لهڻ سان ڪنڊيڪٽر يڪدم دروازو بند ڪيو. ايتري دير ۾ مسافرن ۾ ڏڪڻي پئجي ويئي هئي. ڪجهہ وِلھہ جي ڪري، ڪجهہ هِنن مسافرن جي مشڪوڪ انداز ۾ بس بيھارڻ جي ڪري، ۽ ڪجهہ ڦُرجڻ جي خوف کان. هيءُ ٻن ڪارين لوين ۾ ويڙهيل ٻہ همراھہ هئا: هڪ ٿُلھو ٿنڀرو، ٻيو سَنھو لِيڙ. ٿڌ تي لِيڙ کي تہ ڪجهہ نہ پئي ٿيو، پر ٿُلھو ٿَنڀرو ڏَڪڻ لڳو هو. هُن لوئيءَ کي سولو ڪري بُت تي ويڙهيو ۽ مفلر کي ڪنن ۽ مٿي کي ڇڪي ٻَڌو. هاڻ هُو ٻيئي تڪڙو پنڌ پيا. هيءُ شھر ڏي وڃڻ واري چودڳي هئي، پر هن ويل ڪابہ سواري ڪانہ هئي.
هيءُ پھريان چؤطرف نھاريندي آهستي هلندا پئي هليا، پر پوءِ وِلھہ جڏهن کين وٺي ويئي تہ هنن جي وِکن ۾ تيزي آئي. هو ائين تکا ٿيندا ويا ڄڻ ڊوڙون پئي پاتائون. هن چودڳي کان شھر چڱو پنڌ پري هو. هيءُ پھريائين تہ سھڪي پيا، خاص طرح ٿُلھو ٿَنڀرو همراھہ تہ هَڦي پيو. سندس وکون ڍريون ٿيون تہ سَنھڙي ٻہ وکون گهٽايون. هيءُ هُيا تہ اڌڙوٽ عمر جا، پر ڦُڙت لڳا پيا هئا. هلڻ ۾ تکا ۽ تڪڙا هئا.
”يار پھلوان! همت ڪر، هُو ڏس، بَتيون سامھون آهن. ائين سُست تہ نہ ٿي، اَڃا توکي وڏي جُڌ پَٽڻي آهي“، ائين چئي هُو هڪ کجين جي اُجڙيل باغ ۾ لھي پيو ۽ پھلوان بہ سندس ڪڍ ڊوڙندو ويو.
”يار ممتاز! بيھہ تہ سهين، هيءُ ڪاڏي پيو وڃين.“
”هيءُ ڪنھن زماني ۾ باغ هوندو هو، پارومل جو کجين جو باغ هاڻ هيءُ ڏس، ڪيئن کجيون وڍي پَٽ پلاٽ ڪيا اٿن! وچان اِنڪري ٿا هلون، جو شھر ۽ بازار وچان هلڻ ۾ خطرو آهي، ٻيو نالو نہ کڻ.“
”ها، هيءُ ڏس، آسمان ۾ تارا ۽ ڪتيون سڀ بيٺل آهن. جي وڇڙي يا اڳي پوءِ ٿي وڃون تہ هن باغ ۾ اوستائين انتظار ڪجانءِ، جيستائين آسمان ۾ تارا آهن. جيئن هيءُ سڀ آسمان مان غائب ٿي وڃن تہ ڪير بہ ڪنھن جو انتظار نہ ڪري، سمجهيئہ پھلوان؟ جيستائين آسمان ۾ تارا آهن، بس اوستائين.“ ممتاز پھلوان کي سمجهايو ۽ پھلوان ڪنڌ سان ها ڪندو هليو.
”يار، هيءُ تارا ٻاجهہ ۽ اُميد جا تارا آهن. هيءُ آهن تہ دُنيا ۾ ٻاجهہ ۽ اُميد قائم آهي،“ ممتاز ڳالھائيندو هليو.
ممتاز هن جو سونھون هو. ڦٽل سٽل باغن کان ٿيندو شھر جي ڳُتيل علائقي کي پاسيرو لتاڙيندو، شھر جي پراڻين ۽ ڀَڳل ڀُريل جاين جي وچ ۾ اچي بيھاريائينس. هڪ چاڙهي چڙهي هو گهٽي ٽپيو ۽ هُن پھلوان کي زبون ٿيل ۽ سِرن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويل هڪ پراڻي پر شاندار جاءِ ڏيکاريائينس، جنھن جي ڊَٺل ڀُريل حالت کي ڏسي بہ ماڻھو چئي سگهيو ٿي تہ ڪنھن وقت هيءَ جاءِ ضرور شاندار ۽ عظيم هوندي، جو کنڊر ئي ٻڌائين پيا. هن جاءِ جي ٻاهرئين ڀت اڃا بيٺل هئي، پر ڪٿان ڪٿان ڊٺل بہ هئي. ممتاز پھلوان کي اِشارو ڪيو ۽ اُنھي پاسي مُڙي ويو، جتان ڀت گهڻو ڊٺل هئي. هو ٽپ ڏيئي ڀڳل ڀت اورانگهي جاءِ ۾ وڃي بيٺو. سندس ڳچي ظاهر هئي. هُن اُتان پھلوان کي اِشارو ڪيو. هُن اوندھہ ۾ شايد نہ ڏٺو، پوءِ ٽارچ ڪڍي هلڪو چمڪاٽ ڏيکاريائينس. پھلوان ٿلھو ۽ ڳرو مڙس، ڀت تي هٿ رکيائين تہ سِرن جون ٻہ ٽي قطارون ممتاز واري پاسي وڃي ڪِريون. ممتاز ٽِپ ڏيئي وڃي پرڀرو ٿيو. سِرن جي ٺڙ ٺڙ ڪري ڪِرڻ سان چڱو آواز ٿيو . ڪا گهڙي هيءُ ٻيئي ڄڻا دم جهلي بيھي رهيا، پوءِ پھلوان لانگ ورائي اندر داخل ٿيو. سياري جي رات، اوجهڙ پاسو ۽ سيءَ جي ڪري ڪُتا بہ وڃي لڪا هئا ۽ ڪڏهن آواز تہ ڪڏهن وري اوناڙون بہ پئي ڪيائون. ممتاز جاءِ. اندر وڌندو ويو ۽ اڱڻ ۾ پيل ڀڳل سِرن ۽ ٺڪرن ڀِترن کي لتاڙيندو وڃي زبون ڀڳل ورانڊي تائين پھتو. سندس سامھون ٻہ ڪمرا هئا. ٻنھي کي قلف ڏنل ها. پھلوان هڪ کان پوءِ ٻئي قلف کي سَٽون ڏنيون، پوءِ لوئي اندر لڪل ٿيلھيءَ کي ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن مان هڪ انگڙي هنيل شيخ ڪڍيائين. اُن کي قلفن ۾ وجهي ٻہ ٽي ٻيون سَٽون ڏنائين تہ قلف اچي پَٽ پيا.
هڪ ڪمري ۾ گهڙيا تہ سڄو ڪمرو ڀڳو پيو هو. ممتاز ”هون هون“ ڪري کيس ٻئي ڪمري ڏانھن اِشارو ڪيو. هيءُ ڪمرو بھتر صورت ۾ هو. هڪ کٽ، ٻہ وڏيون آرام ڪرسيون ۽ هڪ منجي ائين لڳو ٿي تہ هت ڪو جهونو اوطاق ڪري ويھندو آهي. پَريان ڪنڊ ۾ ٻہ ٽي ڀڳل تختا پيل هئا. ممتاز رڙهندو، اُنھن تختن وٽ ويو ۽ آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري تختا هٽائيندو ويو. سامھون تختن پويان لڪل هڪ وڏي ٽجوڙ هئي. ممتاز وڏو ٿڌو ساھہ ڀريو، پوءِ هُن پھلوان کي اشارو ڪيو. پھلوان وڌي اچي اڃا بہ تختا پرڀرو هٽائي ٽجوڙ کي نروار ڪيو. هُو ڪا گهڙي ٽجوڙ کي تڪيندو رهيو، پوءِ ڪُرسي تي سامھون ويھي ٽجوڙ کي ڏسڻ لڳو. هيءَ ڳري ٽجوڙ گودريج ڪمپني جي هئي. مٿان ئي مٿان “Godrej” انگريزي ۾ نالو ڪٽ آئوٽ ۾ چنبڙيل هو. پھلوان کي ٽجوڙ کي کولڻ جي سوچ ۾ ڇڏي ممتاز ٻاهر نڪري آيو. هُو ورانڊي ۾ پيل هڪ صندل تي ويھي رهيو. هُن اڱڻ ۾ نھاريو، ورانڊي کي ڏسي ٻئي کُليل ڪمري ڏانھن اُٿي وڌيو. چوڌاري اوندھہ جو راڄ هو، پر هُو سڀ ڪجهہ چٽو پٽو ڏسي پئي سگهيو. ائين پئي هليو، ڄڻ هو چپي چپي کان واقف هو. کيس ڀڳل سرون ۽ ٺڪر ٺوٻر بہ نظر آيا. هُو ڪمري مان نڪري ورانڊو ٽپي وري اڱڻ ۾ آيو. آسمان ۾ اڃان تارا ڀريا پيا هئا. تارن جي روشني اڱڻ کي چمڪائي بيٺي هئي. هُن لاءِ هاڻ وقت پوئتي هلڻ لڳو. هيءُ اُهو ممتاز هو، جيڪو ويھہ ورھيہ اڳ ڇوڪراڻي وَهيءَ ۾ هيءُ ڀريو گهر ڇڏي ڀڳو هو. کيس لڪ ڇپ ۾ روپوش ٿي وقت گذارڻ ڪو سٺو يا سولو نہ لڳو هو. هو ڪڏهن ڪراچيءَ ڄي شھر ۾، تہ ڪڏهن بلوچستان، ڪيئي جبل جهاڳيا هئائين. زمانا ڏسي هُو اڄ پنھنجي ماڳ تي واپس وريو هو. هُن کي هِن ٽجوڙ جي تہ خبر هئي. پر هن ٽجوڙ جو عاشق هو. هُن کي اِها خبر نہ هئي تہ اِها ٽجوڙ ڪڏهن کُلندي هئي، ڪڏهن بند ٿيندي هئي. ڪھڙي ويل ۽ ڪيئن کُلندي هئي. سندس وڏا پئسي ۽ سون مين ۾ شاهوڪار هئا. ٽجوڙ ڪيئي، دُهريون، پنڙا، پازيب ۽ اَمانتون سنڀاريون هيون. سندس چاچو ۽ ٻيا مٽ مائٽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا. کيس اِها خبر پيئي هئي تہ هيءُ پراڻا گهر ڪِري پيا آهن، پر ٽجوڙ صحيح سلامت آهي. سندس چاچو هن ٽجوڙ کي ائين سنڀاليندو آهي، جيئن وڏن جي ڪا يادگار شيءِ سنڀالبي آهي. هو ننڍي هوندي کان هن ٽجوڙ کي حسرت سان ڏسندو هو. سندس خواهش هوندي هئي تہ هُو ٽجوڙ اندر ڏسي تہ اندر ڪيترا زيور، پيسا، سون مين ڪھڙيون اَمانتون رکيل آهن. ممتاز ڄائو تہ سندس پيءُ گذاري ويو. هيءُ سندس چاچو محمد پريل سونارو هو، جنھن هن کي سنڀاريو. محمد پريل جي گهر واري، جنھن کي پُٽيلو اولاد ڪونہ هو، تنھن هن کي لاڏ ڪوڏ سان نپايو تاتيو. توڙي جو ممتاز جي ماءُ جيئري هئي، پر هُو کيس ليکيندو ئي نہ هو. سڀ لاڏ محمد پريل جي گهر واري کڻندي هئي. محمد پريل کي نياڻي هئي، سونان جھڙو نالو هوس تهڙي ئي هئي سون وَرني! سندس جسم بہ سون جهڙو، پر وار بہ سونھري! سونان کانئس ڏھہ پندرنھن ورھيہ کن وڏي هئي، هنج کڻي کيس ڄڻ تہ پاليو هئائين. ٻچو ڪري ڀائيندي هئس تہ هيءُ بہ کيس دليئون ڀائيندو هو. پر ٻاهران تنگ ڪرڻ لاءِ ستائيندو هو ۽ وڙهندو بہ هوس. لاڏ ڪوڏ ڪري ممتاز ننڍي لا ڪرون ارڏو ۽ ضدي ٿي پيو هو. ٿوري ٿوري ڳالھہ تي جهيڙو فساد ڄڻ سندس سرشت ۾ پيل هو. سونان ماءُ جيان کيس سنڀاليندي هئس، جنھن سان انگل آرا هوندا هئس. هو کيس سڏيندو ئي ”اَنا“ هيس. ”انا سونان“ جي چوڻ تي ئي پرچبو هو يا محمد پريل جي گهر واري، جنھن کي هو ”جيجي“ چوندو هو. اُها بہ کيس هَٺ تان لاهيندي هئي. هُن جو جهيڙو محمد پريل جي سخت هلت چلت سببان هو. ممتاز اسڪول جو گوسڙو هوندو هو. نيٺ دوڪان تي وهاريائينس تہ آهستي آهستي هٿڙي هڻڻ لڳو. ڪڏهن اڌ مرادي گم تہ ڪڏهن زيورن جو سون گم، تہ مَٺُ موجود! پوءِ جوا تي هِريو. نيٺ هو ويھين ورهين جو ٿيو تہ محمد پريل، سندس گهر واري ۽ ممتاز جي ماءُ هن شادي جو فيصلو ڪيو سونان کانئس وڏي هوندي بہ سندس نالي ٿيل هئي. پر سونان تيل ترين لائڻ نہ ڏئي. چي، ”ممتاز منھنجي پٽن مثل آهي، مون ئي تہ کيس نپائي وڏو ڪيو آهي. هنج تي کنيو آهي.“ ممتاز جي اکين آڏو فلم وانگر واقعا گذرندا رهيا. هُن زور جي شادي جا نظارا پسيا. هيڏانھن سونان جو انڪار ۽ پڇاڙون هيون، هوڏانھن شھر ۾ وڏا منگل ٿيا. هو شاديءَ رات جي نظارن ۾ گُم ٿي ويو. سونان سچي سون ۾ جنجهجي سوني ٿي آئي. هُو هن جي حسن تي حيران ۽ شادي مان خوش هو پر اُن سان گڏ پريشان.
ائين هو خيالن ۾ ٻُڏو پيو هو تہ ڪو پٺيان اچي بيٺس. هو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو. پھلوان اِشاري سان کيس سڏي رهيو هو ۽ اِشارو ڪري رهيو هو تہ ٽجوڙ جهڙوڪر کلي وئي آهي ۽ هُو هلي پنھنجن هٿن سان هينڊل گهمائي ۽ ٽجوڙ جي اندر نظارو ڪري تہ منجهس ڇا آهي. ممتاز، پھلوان کي اڳ ئي ٻڌايو هو تہ هُو ننڍي هوندي کان هن ٽجوڙ جي عشق ۾ مبتلا رهيو آهي تہ اِنھيءَ ٽجوڙ ۾ ڇا آهي. ڀلي هينئر مال گهٽ هجي، پر چاچس جو ڪجهہ تہ مال هوندو. محمد پريل اڃا جيئرو پر بيمار گذاريندو هو. سونارڪو دوڪان اڃان قائم هو، جنھن جو اوج ختم ٿي چڪو هو، پر پوءِ بہ محمد پريل جو دوڪان هو. پراڻو سونارو هو، ڪي اڙيا ٿڙيا گراهڪ يا امانتون وٽس ضرور اينديون هونديون، ٽجوڙ ۾ ڪو تہ مال هوندو. ممتاز پھلوان جي پويان ڪمري ۾ گهڙيو هو ٻيئي ٽجوڙ جي ويجهو ويا. پھلوان ممتاز جو هٿ وِٺي اشارو ڪيو تہ هينڊل گهمائي. ممتاز هينڊل گهمائي پوءِ ڇڪيو، پر ٽجوڙ جو دروازو نہ کُليو. پھلوان سندس هٿ پري ڪري ٻہ ٽي سَٽون پاڻ ڏنيون تہ دروازو آهستي آهستي کُلندو ويو. پھلوان اندر هٿوراڙيون ڏيئي مال کي ڳوليو، پر سندس هٿ خالي موٽي آيا. هُن ممتاز ڏي نھاريندي کيس آڱوٺو ڏيکاريو. ممتاز يڪدم اندر هٿ وڌو. ٽجوڙ ۾ ڏنل هيٺيان ۽ مٿيان خانا کوليا، پر اُت ڪجهہ ڪونہ هو. ائين ممتاز کي ڀون ڀون ٻُڌڻ ۾ آئي. ممتاز پوئتي هٽيو.
”کَکر! اندر کَکر آهي. ڀون ڀون جو آواز ٻڌين ٿو!“ پھلوان پھريائين هٽڪيو، پوءِ کِلڻ لڳو.
”هن زنگيل ۽ بند ٽجوڙ ۾ کَکر ڪٿان داخل ٿيندي. ڪُنجين وارن سوراخن تي بہ ڍَڪ ڏنل آهن. ڪابہ کَکر ڪانھي. ٽجوڙ ائين خالي ڪئي ويئي آهي، جو ڄڻ تہ مالڪن کي خبر هجي تہ اَسين اَچڻان هجون. هاڻ هل تہ هلون، هت ٻيو ڇا رکيو آهي.“
پھلوان اُٿيو، پر ممتاز سامھون پيل ڪُرسيءَ تي جيئن ويٺل هو تيئن ويٺو رهيو.
”پھلوان! بيھہ، هيءَ ککر ناهي تہ هيءُ ٽجوڙ اندران ايندڙ آوز آهن. ٻُڌ، آواز ٻُڌ پھلوان ٻُڌ!“ پھلوان کي ڪجهہ بہ نہ پئي ٻُڌڻ ۾ آيو.
هُن اشاري سان پڇيس: ”ڪٿي آهن آواز؟
ممتاز چيس: ”هو ٻُڌ ٻُڌ! گهُٽيل آواز هو منھنجي ڪنوار سونان جا آواز آهن. هو روئي رهي آهي. چئي رهي آهي تہ کيس ماري ڇڏيان، پر کيس هٿ نہ لايان. هوءَ ڏس چئي رهي آهي. ممتاز! مون توکي پاليو آهي. مان تہ تنھنجي ماءُ آهيان، تون منھنجو سھڻو پُٽڙو ناهين؟... شال جواني ماڻين.“
ممتاز اوچتو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”يا خدا، هن ٽجوڙ ۾ هيترا آواز محفوظ آهن.“
پھلوان حيران پريشان هو. هُن ممتاز کي هن جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو هو. هو ڏک سک ۾ گهڻن ڏينھن کان گڏ هئا، پر هُن ڪڏهن ڪو سور نہ سليو هو. هُن رڳو کيس اَباڻي ٽجوڙ جو ٻڌايو هو ۽ بس.
”پھلوان هيءَ منھنجي شادي پئي ٿئي. هيءَ عجب شادي آهيان. مان خوش آهيان، پر سونان خوش ناهي. اڌ رات ٿي رهي آهي. ڪوٺي تي سونان ڪنوار ٿيو، مومل جيان ويٺي آهي. مان ويجهو وڃانس ٿو تہ هوءَ روئي ٿي ۽ پيرن تي ڪِري پوي ٿي. هوءَ ٻُڌ، ڇا ٿي چوي؟ منھنجا پٽڙا، منھنجا ٻچڙ،ا صدقو وڃانءِ. مان تہ تنھنجي ماءُ جيان آهيان. مان تنھنجي ماءُ ٿي رهڻ چاهيان ٿي. ڇڏ تہ مان تنھن جي ماءُ جيان خدمت ڪريان. ماءُ جيان توکي مٿڙي کي زور ڏيان، مانڙي کارايان، منھنجا ٻچڙا ممتاز! مون سان انگل آرا ڪر، رُسي وڃ، پر پنھنجي امڙيءَ کي ائين نہ مار! ماءُ کي اِئين بي عزتو نہ ڪر ممتاز!“
”پھلوان! مون هُن تي شڪ ظاهر ڪيو تہ هوءَ ٻئي ڪنھن سان کَريل آهي، اِنڪري مون سان زال واريون قرب جون گهڙيون نہ ٿي گهارڻ چاهي. مون هُن کي زوريءَ ڇاتيءَ لاتو، چميون ڏنيون ۽ کيس پان ساڻ گڏ سمھڻ لاءِ زور ڪيو. پر هوءَ سڏڪندي رهي، ڦٿڪندي رهي ۽ روئندي رهي. هوءَ پوءِ رُئندي هيٺ هلي ويئي. گهڙيءَ ۾ هوءَ منھنجي ماءُ ۽ پنھنجي ماءُ کي وٺي آئي. هو ٻُڌ اَمان جا اکر: ”اڙي بي حيا! سونان تنھنجا زال آهي. ڪھڙي ڀاڄ پئي اَٿئي. قرب محبت سان راضي ڪرينس. پيار ۽ قرب ۾ زور زبردستي نہ ٿيندي آهي ممتاز!“ هو ڏس جيجي بہ آئي آهي. هو ٻئي کلن پيون ۽ سونان کي سمجهائن پيون. ”سونان، سونان، لالي رو نہ، ڏاهي ٿي. ممتاز اُهو تنھنجو ٻچڙو نہ رهيو آهي، هاڻ هو تنھنجو مڙس آهي. ڏاهي ٿي ، پيار ڪرينس!“
پر سونان بي جان آهي، پٿر جھڙي سونان! هُن جي بي جان رَويي، سڄي رات ستائڻ تي، نيٺ مون کي ڪاوڙ اچي ٿي. مان کيس ماريان ٿو. هوءَ ڪُڇي نہ ٿي، نہ دانھون ڪري ٿي. هو ٻُڌ گهٽڪا کائي ٿي. نيٺ اڌ مئي ٿي. ٻُڌ ڇا ٿي چئي، ”ماءُ کي مارين ٿو تہ ڀلي مار، پَر ٻڌ جڏهن آسمان ۾ هيءُ ٻاجهہ جا تارا نہ هوندا، مان بہ تو وٽ نہ هوندس، ممتاز ٻچا! ڀلي مار. اڇو فجر مان بہ نہ ڏسندس.“
مون کيس مارڻ ۽ گهُٽا ڏيڻ بند ڪيا. هيءَ اُها سونان نہ هئي. هيءُ ”اَنا، سونان“ هئي. شل نہ انسان جي اندر شيطان جاڳي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ سونان مون سان بھانا پيئي ڪري. ڪڏهن خيال اَچيم تہ دوڪان تان هڪ سيکڙاٽ ڇوڪرو رانجهو اچي ٻوڙ ٻاڙي وٺي ڏيئي ويندو هو. مون کيس ساڻس کِلندي ڳالھائيندي ڏٺو هو. ڪڏهن سؤٽاڻي سوٽ بشير کي بہ وٽس ويٺل ڏٺو هيم. ذهن ۾ جيڪي شڪي ماڻھو آيا، اُهي سونان سان جوڙيم، باقي رات ڦٿڪندي گذاريم. هوءَ منھن کي ٻانھن ڏيو پيئي هئي. مون آهستي ويجهو وڃي سندس ٻانھون پري ڪيون ۽ پوءِ کيس پيار ڪرڻ لڳس. ڳلن تي، چپن تي، اُنھن هنڌن تي جتي ڌڪ هنيا هيامانس. هُن ڪا گهڙي اکيون کولي مون کي ڏٺو، پوءِ آسمان ڏي ڏٺو. هاڻ آسمان مان تارا گم ٿيندي پئي ويا. پوءِ هُوءَ اُٿي منھنجي ويجهو آئي ۽ مون کي اکين تي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين. پوءِ رَئو ڳچيءَ ۾ وجهي سھڪندي ليٽي پيئي. ائين ڄڻ ڪو وڏو پنڌ ڪري آئي هجي. هاڻ منھنجي اندر اِيرکا ۽ شڪ جي چڻنگ دُکي ڀڙ ٿي ويئي هئي. مون سندس ڳچيءَ ۾ ويڙهيل رئي کي ڇڪيو، جو ڳچيءَ ۾ سُڪ ڦاٿل هو. مون وڌي پاسن کان ڇڪيو تہ هڪ ئي سَٽ ۾ هڪ گهٽڪو، هڪ ڳيت ڏنائين. ڏس هوءَ مري وئي آهي. ٺيڪ اُن وقت جڏهن آسمان ۾ تارا نہ هئا، فجر جو وقت ٿيو هو. هو ٻُڌ، آذان ٻُڌ، ڀر واري مسجد مان اچي رهي آهي: ”حَي علي الصلاة... حيء علي الفلاح.“
مون اُن وقت کان نماز تہ نہ ڇڏي آهي. پر فلاح لاءِ رُلندو رهيو آهيان، توبنھن جي لاءِ واجهائيندو رهيو آهيان. پر ڇا هيءُ فلاح جو رستو آهي جنھن تي اَسان هلندا رهيا آهيون پھلوان!“
پوءِ ممتاز رُئڻ لڳو. پوءِ هُن پاڻ کي روڪيو ۽ لوئي وات ۾ ڏني. اِنھيءَ وچ ۾ پھلوان اچي ٽجوڙ جو دَر آهستي آهستي ورائي بند ڪيو ۽ هُو ٻاهر نڪتا. ممتاز آسمان ڏي ڏٺو، تارا آهستي آهستي اُجهامندا پئي ويا. ٻئي گهٽيون ٽپندا لهندا ويا. هن دفعي هُنن باغ وارو رستو نہ ورتو شھر اڃا اوندهڙي ۾ ٻڏل هو. هاڻ ڪٿي ڪٿي باهڙيون دُکيل هيون. چوڪيدار پنھنجي ننڊ پوري ڪري، ڪنھن ڪنھن دوڪان آڏو ويٺا هئا. پھلوان پراڻو چُور هو، هو پَريان ماڻھو ڏسي موٽيو. ممتاز ڏک ۽ غم ۾ ورتل وڌندو پئي ويو. هُن کيس ويجهو وڃي موٽايو. پوءِ هُو پوئتي جيئن وَريا تہ چوڪيدارن کيس ڏسي ورتو.
”اڙي ڪھڙا آهيو!“
”ڀلا نہ ويندي!“
پھلوان تہ ڦِٽل باغن ۾ لھي پيو، ممتاز وري بہ پنھنجي گهر وارين گهٽين ڏي وريو. هُن کي يقين هو تہ هُو سنھڙو سيپڪڙو آهي، هيءُ چوڪيدار کيس ڇا وٺندا. هُو اُنھن ڀڳل جاين ۾ لڪي ويندو. پوءِ جڏهن ڪير نہ هوندو تہ هُو ڀرسان ٺھيل ٻين نَين جاين ۾ ويندو، جتي سندس ماءُ، سندس جيجي سونان جي ماءُ ۽ چاچي پريل کان معافي وٺندو تہ هو گُنهگار ۽ ڏوهي آهي. سويل رُئندي رُئندي کيس خيال آيو تہ سندس ڇوٽڪارو اِنھيءَ ۾ آهي تہ هُو هاڻ ڌڻين کان بہ معافي وٺي، جن جو هو ڏوهاري آهي. هو اِهو سوچيندي ڊوڙندو رهيو. ”چور چور... وٺجانس، نہ ويندين!“ جا آوز هر گهٽيءَ مان گونجڻ لڳا. ممتاز پنھنجي گهر واري گهٽي ۾ داخل ٿيڻ تي هو. هو حفاظت ۽ اَمانَ واري جاءِ ۾ اچي محفوظ ٿيڻ وارو هو، جو الائي ڪٿان هڪ بندوق جو فائر ٿيو. ممتاز جي ڪُک وڃي ورتائين. هو ٿڙيو ٿاٻڙيو، پوءِ الائجي ڪيئن وڃي پنھنجي گهر جي جاءِ وٽ پھتو ۽ ڪڙو کڙڪائڻ لڳو. ممتاز جي سڳي ماءُ جي کٽ ٻاهرين دَر جي ويجهو هئي، ۽ هُن ان ويلي فجر نماز لاءِ پاسا پئي ورايا. اڃا ڪجهہ دير هئي. ائين بندوق جا ٺڪاءُ ٻُڌائين، ”چور... چور“ جا آواز ٻُڌائين، پوءِ در تي کڙڪو ٻُڌائين. بي اختيار وات مان نڪتس: ”ابا! ڪير“، جواب نہ آيو.
”اَبا ڪير؟“
ڏاڍي درد ۽ پيڙا مان جهيڻو آواز ڪنين پيس: ”امان! اَمان! مان ممتاز!“
هوءَ ڊوڙندي وئي، ممتاز جي آواز کيس ڇڪي دروازي تي آندو، پر دروازي تي اندران قُلف ڏنل هو. هُوءَ ڊوڙندي پٺتي وري. نورَ کان جهڪي، جيئن تيئن ڪنجيون کنيائين. دروازو نہ پئي کليس. نيٺ کُليو، سامھون ڪير بہ نہ هو. هُن هيٺ ڏٺو، پيرن ۾ لوئيءَ ۾ ويڙهيل هڪ ماڻھو پيو هو. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي رهي، پوءِ اَندران جهٻي آيس. هُن کي پڪ ٿي تہ هُو ممتاز آهي. هُن ورهين کان پوءِ پٽ کي ڇاتيءَ لاتو. هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. محمد پريل ۽ سندس گهر واري پيرسنيءَ ڪري رڙهندا آيا. هنن ممتاز جي ماءُ کي رُئندي ڏٺو تہ هو سمجهي ويا ۽ هنن جي هنيان کي اهڙي سَٽ آئي جو هُو اُتي ئي هيٺ ويھي رهيا هُنن آسمان ڏي رحم لاءِ واجهايو. اُت هاڻ ٻاجهہ جا تارا بہ نہ رهيا هئا. پھلوان اِنھن ٻاجهہ جي تارن لاءِ واجهائيندو شھر کان ٻاهر سپر هاءِ وي ڏي ڊوڙندو ويو. سندس اکين ۾ هاڻ ڳوڙها ها، ممتاز ۽ سونان جي ڪھاڻي ٻڌي. پر کيس اڃا خبر نہ هئي تہ ممتاز ٻاجهہ جي تارن لاءِ واجهائيندي آوازن جي ٽجوڙ ۾ دفن ٿي ويو آهي، نہ تہ هُو اوڇنگارون ڏيئي ايڏو روئي ها جو آسمان لُڏي وڃي ها ۽ تارا ڪڏهن نہ اُجهامن ها.

(مھراڻ 3/2008ع