ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

آخري درخواست ۽ پھرين تيلي

هن منھنجي اُجڙيل جهير جهير ۽ ڀور ڀور ٿيل شھر جي اوج جا ڪيئي نشان ذهن کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهايو بيٺا آهن. ڪھڙي نشان کي اول کڻان؟ عظيم عمارتون ڏسيانوَ يا انھن جي آسپاس ڀٽڪندڙ روح ڏسيانوَ، يا ڪي انسان بہ ڏسيانوَ جن جو گذر سفر انھن عمارتن ۾ ٿيندڙ وهنوار تي هوندو هو. اُهي ئي تہ هيا جن هنن عمارتن کي دوام بخشيو، جو هُو هليا ويا پر عمارتون قائم آهن.
هيءَ عمارت پڪي پختي وڏن ڪمرن ۽ ڪوٺين سان گڏ بلند ۽ بالا ڪنگرن سان اڄ بہ قائم آهي. هيءَ عمارت هتي جي مختيارڪاري آهي. ڪورٽ بہ آهي تہ کاتي بدل سدل جو هنڌ بہ ۽ تپيدارن ۽ سرشتيدارن جو ڳڙھہ بہ هيءُ تہ جياپي جو هنڌ بہ هيءُ. پر ڪي پورهيت ۽ غريب مختيارڪاريءَ کان ٻاهر وڻن جي ڇانوَ ۾ ويٺا وڏي دروازي ڏانھن نھاريندا تہ ڪڏهن ڪي درخواست گذار کانئن درخواست لکائڻ لاءِ اچن ٿا. هيءُ ٻہ چار عريضي نويس سڄو ڏينھن هت گذاري ڇڏيندا هيا. گهر ويندا تہ ٻہ ٽي رپيا جُڙين تہ وڏي ڳالھہ آهي. ڀلا جت درخواست لکاڻي ريٽ اُنھيءَ زماني ۾ (پائلي) چار آنا يا (آڌيو) اٺ آنا. وڏي ڦڏي واري درخواست تي ڊينگلو رپيو. باقي ڪو دستاويز اچي ويو تہ سٺا پيسا جڙندا هين، نہ تہ ڪڏهن خير ئي خير. هيءُ ٻہ ٽي عريضي نويس، مختيارڪاريءَ جي وڏي لوهي شيخائين گيٽ جي ويجهو ئي ويھندا هُيا. گراهڪن کي پاڻ يا سندن ماڻھو وڃي چنبڙندا هيا. هنن کان پرڀرو هڪ بزرگ اڇي سلوار خميس پھريل، اڇي ڪاري گاڏڙ سنوارت ڪيل چاپئين ڏاڙهي سان، ميز ڪُرسي وجهيو ويٺو هوندو هئو. هُن سان گڏ هڪ ننڍڙو گلن جھڙو ٻارڙو ويٺو هوندو هو يا ويٺو کيڏندو هو. هو بزرگ نہ ڪنھن کي سڏ ڪندو هو، نہ ڪنھن درخواست گذار سان ريڙھہ پيڙھہ جيڪو جيڪي ڏئي وڃي اُهو روزي ۽ وٺي ٽيبل جي خاني ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هيءُ هو هنن سڀني ۾ معزز ترين شخص سائين محمد ڇُٽل ۽ ساڻس گڏ هو سندس پيارو پوٽڙو، جيڪو هر هر چوندو هيس ته: ”ڏاڏا! گهر هلون... پيشا گهڻا ٿيا آهن.“ محمد ڇٽل خانداني طرح رئيس، پر حالتن پٽاندر اچي عريضي نويس ٿيو. پاڻ فائنل پاس پر ٽي درجا انگريزي بہ پڙهيل هو. اُن وقت فائنل ۽ ٽي درجا انگريزي بہ وڏي ڳالھہ هئي. سندس هٿ اکر پڪا، پراڻي ۽ پختي لکت هئي. انگريزي بہ اهڙي ئي ڏانوَ ۽ ماهرانہ انداز سان لکيل هوندي هئي جو ”خانصاحب“ (مختيارڪار صاحب) کيس گهرائي سرڪاري نوٽ بہ لکرائيندو هيو، جو هُو ڪجهہ وقت مختيارڪاريءَ ۾ ڪلارڪ بہ رهيو هو. هن جي هوشياري ۽ قابليت جا هواڻ پري پري تائين ٻُڌبا هيا. ماڻھو روينيو جي مُنجهيل معاملن ۾ کانئس صلاح وٺڻ ايندا هئا. رئيس محمد ڇٽل مشورو مفت پر درخواست لکاڻي اُهائي پائلي (چار آنا) يا آڌيو (اٺ آنا) يا وري ڊينگلو رُپيو. دستاويز جي رقم ڪجهہ سرس. اُن ڏينھن هو ڏاڍو خوش هوندو هو جڏهن کيس هڪ ٻہ دستاويز ملي ويندا هئا. هو پائليون، آڌيا، رُپيا، پوتڙي جي ڪنڊ ۾ سُڪ ٻڌي گهر روانو ٿيندو هو. گهر وڃڻ مھل بزار وچان ٿيندو، پرڀداس پنساريءَ کان پائلي جي ٿاڌل جي پُڙي ٺھرائي گهر ويندو هو. هُن جو پنھنجي گهرواريءَ شمل سان ايترو پيار هوندو هو جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سڏي پوتڙو هُن جي حوالي ڪندو هو ۽ شمل ڳنڍيون کولڻ کان اڳ ۾ پوٽڙي گل کي سڏ ڪندي هئي: ”گل! ڏاڏا هن مان گهڻيون پائليون کپايون.“ گل ٺينگ ڏيندي چوندو: ”ڏاڏي! هڪ.“ پوءِ هوءَ ڪاٺ جي پيتي جو ڪلف کولي ڪاٺ جون جنڊيءَ لٿل نقشن واريون دٻليون ڪڍي ايندي هئي. هو هڪ دٻلي ۾ پائليون، ٻيءَ ۾ آڌيا ۽ وڏي داٻلي ۾ رپيا وجهڻ کان اڳ شمل کي وهاري چوندو ويندو هو: ”شمل، هيءَ پائلي تنھنجي، هيءَ پائلي منھنجي“. ائين پائلين جي ڳڻپ پوري ٿيندي هئي تہ آڌين جو وارو ايندو هو. هو خوش ٿيندو ٽھڪڙا ڏيندو پنھنجي جهونڙي شمل جي ڪڏهن ڳلن تي تہ ڪڏهن سندس آڏو رکندو ويندو هو ۽ چوندو ويندو هو: ”هيءُ آڌيو تنھنجو هيءُ آڌيو منھنجو.“ پوءِ ڊينگلين رُپين سان بہ اها راند ڪندو ويندو. اوچتو سڀئي پائليون سڀئي آڌيا ۽ سڀئي رُپيا شمل مٿان گهوري پوءِ چوندو ويندو: ”آخر گل جا ٿيا نه“، پوءِ دٻلين ۾ بند ڪندو ويندو. ”شمل، هي ڏس چاندي ئي چاندي. هن عمر ۾ بہ ڪمائي توتان گهوريان ٿو. ڏس، ير، ائين الله توهار نہ ڪجانءِ. هن جهونڙي کي ڇڏي نہ وڃجانءِ.“ شمل ويچاري کنگهندي کنگهندي مُرڪي ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي: ”ميان، مان پوڙهي توکي هاڻ ڇڏي ڪاڏي وينديس؟ مري وڃان تہ ٻي ڳالھہ آهي. تون اڃا جوپ لڳو پيو آهين، متان تون...“ ڇٽل ڳراٽڙي پائي چوندو هيس. ”اهڙي وائي تہ نہ ڪڍ.“
هو شمل سان بي انتھا پيار ڪندو هو. پوءِ هو اُٿي کيس ماني ڏيندي هئي. هو ماني بہ شمل جي هٿان کائيندو هو. سندس پوٽو گل بہ ساڻس گڏ ماني کائيندو هو. مانيءَ کان پوءِ هو جهٽ گهڙي آرام ڪندا هئا. پوءِ هو وڏي صفحي ۾ اچي ٿاڌل گهوٽيندو هو. وڏي صفحي ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا ننڍڙا وڏڙا ستل هوندا هُيا. گهَرڙ گهَرڙ تي جاڳي اچي چنبڙندا هيس. هيءُ پائلي واري ٿاڌل جي پُڙي کوليندو تہ سڄو صفحو ڦوٽن ۽ خس خس جي خوشبو سان واسجي ويندو هو. هن جو سڀني کان پيارو پوٽڙو گل جڏهن ٽپو ڏئي اچي پويان ڀاڪر پائيندس تہ سندس هٿ بيھجي ويندا هئا. هو هن کي ڦيرائي هنج ۾ آڻيندو هيس ۽ ڪا دير پيو مِٺيون ڏيندس. هن جو پيار تہ سڀني پوٽن ۽ پوٽين سان هيو پر گل سان قرب مڙيوئي سوالو هيس. هو گل کي ڏسندو هيو تہ ٿاڌل گهوٽڻ وسري ويندي هيس. پوءِ گل ئي چوندو هيس: ”ڏاڏا، جلدي ڪر، اُڃ لڳي آهي، گرمي بہ ڏاڍي آهي، ٿاڌل گهوٽ“. پوءِ هو تڪڙو هٿ هلائي ٻہ ڪونڊا ٿاڌل جا تيار ڪندو. هر هڪ کي هڪ هڪ گلاس ڀري ڏيندو ويندو. ٻار ٻچا، ننڍا وڏا پيئندا وڃن، پر اندر ٺري ميان محمد ڇٽل جو. هو پنھنجي گهر واريءَ شمل ڏانھن نھاري خوش ٿيندو هو: شمل، ڏس پائليءَ ۾ بھاري اِها اٿئي.“ ”پائلي ۽ ٽڪو، ٽڪي جي برف جو گهرائي ڏني مانءِ، ”شمل بہ کلندي وراڻيندي هيس. جيڏي مھل شمل بنا کنگهڻ جي ورائيندي هُيس تہ محمد ڇٽل سک جو ساھہ کڻندو هو، نہ تہ سندس کنگهڻ کيس ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هوءَ کنگهي پر چلم نہ ڇڏي. هڪ ڏينھن ميان محمد ڇٽل ۽ گل ڪورٽ کان موٽيا تہ شمل ڪوٺيءَ ۾ کنگهي کنگهي بي حال پئي هئي. محمد ڇٽل گهڻو ئي ڊوڙيو ڦٿڪيو. سندس ڀاءُ خود وڏو حڪيم هو، پر اُهو بہ ڪجهہ نہ ڪري سگهيو. شام تائين شيءِ وڃي ڌڻين کي پھتي. محمد ڇٽل جون اوڇنگارون ۽ رُئڻ بس نہ ٿئي. سندن پوٽو گل بہ روئي ماندو ٿيو. ڏينھن پڄاڻان ٻار جو رئڻ تہ بس ٿيو پر محمد ڇٽل کي بہ صبر اچي ويو. آهستي آهستي سج ٻہ پاڇا ڪيا. محمد ڇٽل جنھن کي غم ماريو هو ڳالھائڻ لڳو هو. گل اسڪول وڃڻ لڳو هو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ميدان جي ڀرسان ئي ڪي ڪچاوان گهر هيا. اُنھن مالڪن گهرن کي ڪچو پڪو ڪيو تہ اڳيان بہ ٽي دُڪان نڪري آيا. ڏهين رپئي مسواڙ تي رئيس محمد ڇٽل هڪ دُڪان ورتو. هو ٽيبل ڪُرسي کڻي اتي وڃي ويٺو. ٻاهران ”ميان محمد ڇٽل عريضي نويس ۽ اسٽامپ وينڊر“ جو بورڊ هڻائي ڇڏيائين. دڪان ڪري هو مختيارڪاريءَ کان پري وڃي ويٺو، پر مامرن جا ماريل محمد ڇٽل وٽ ئي ايندا هيا. هُن انھيءَ چاندي جهڙين پائلين، آڌين ۽ ڊينگلن مان ٽائيپ رائٽر ورتو، هڪ ڪٻٽ ورتو. پر حساب ۽ مالڪي ڪرڻ واري شمل تہ وئي موڪلائي.
ميان محمد ڇٽل دڪان ٺاهيو. ٻہ چار نيون ڪرسيون بہ ورتائين، هڪ نئين ٽيبل بہ ورتائين. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن مرادي اُتي ڪٻٽ ۾ پراڻين دٻلين ۾ رکڻ لڳو. ڪٻٽ کي مضبوط تالو هو. دڪان کي ٻاهران بہ وڏو ڪلف. هو وڃڻ مھل ڪلف کي ڇڪي ڏسندو هو. پر يارن هن جي دڪان جي ٽيپ ٽاپ کي نظر ۾ رکيو. هڪ رات پاسي واري ڀت مان کاٽ هڻي، سڀ ڪجهہ کڻي ويس. ٽائپ رائٽر، ميز، ڪرسيون، ڪٻٽ، ڏوڪڙ پيسا دٻلين سوڌا، ڪا شيءِ نہ ڇڏيائونس. هو سمجهي پيو تہ کاٽ انھن ئي گهرن مان لڳو آهي، ٻيو اهو ڪاٺ ڪٻاڙ ميلن تائين ڪير گهليندو؟ مال بہ اندر هو. هو ۽ گل خالي دڪان کي حسرت سان ڏسندا رهيا. هو وري نم جي وڻ هيٺان اچي ويٺو. اُهائي پراڻي ميز ڪرسي هٿ ڪيائين. ڪم ٿي شروع ڪيايئن پر کيس چوري جو ڏاڍو ارمان هجي. ٿاڻي تي هُن پنڌ ڪيا، مختيارڪاريءَ ۾ ڊُڪيو، پر اُن پراڻي انگريزن جي انصاف جي يادگار عمارت جو هڪ ڪنگرو بہ نہ لُڏيو. هتي ڪجهہ نہ ٿيو ۽ سندس چوري سامھون دڪانن سان لڳ لوڙهن پويان اندر ڪوٺين ۾ پيئي هئي. هن جاءِ کي چوڌاري لوڙهو هو، پر مالڪ اصلئون نسلئون چور هيا. تڏهن تہ ڪير ٻيو عريضي نويس سندن پاڙي بہ نہ پئي ويٺو. هيءُ جگر رئيس ميان محمد ڇٽل جو هو، پر پوءِ بہ سندس دڪان کي کاٽ لڳو هو. سندس ورهين کان حسرت هئي. هن ميڙي چونڊي اتي لڳائي هئي. هو سڀ هنڌ دانھي بيٺو ۽ ڪيئي درخواستون ڪيائين. هن عريضي نويسي جو هُنر پنھنجن درخواستن ۾ کڻي پيٽيو. پر ڪجهہ نہ ٿيو. پوليس کي همٿ ئي نہ پئي ٿي تہ هنن گهرن اندر رُڳو ليئو پائي ڏسن. ٽپڙ تہ سڀ هٿيڪا هيا. ننڍڙو گل ڦيرا ڏئي لوڙهي جي ڪنھن ڪنڊ کان اندر کسڪي ڏسي آيو. ڏاڏي کي ٻڌايائين. ڏاڏو سڌو اندر گهڙي ويو. ٻن ٽن عريضي نويسن کي گهلي بہ ويو. سڀ ٿاڻي تي بہ ويا. ٿاڻي وارا آيا تہ چورن مال گم بہ ڪري ڇڏيو. ميان محمد ڇٽل جون درخواستون ۽ اثر رسوخ بہ ڪم نہ آيا. عريضي نويس ساٿين گهڻو ئي ساٿ ڏنس، پر الائي ڇو ڪجهہ بہ نہ پئي ٿيو. نيٺ هڪ ڏينھن هنن عريضي نويسن پاڻ ۾ بہ صلاح ڪئي. ننڍڙي گل لوڙهي جي اُن ڪنڊ کان پھرين تيلي ڏني، جتان هو اندر ويندو هو. پوءِ لوڙهي کي سڀئي تيلي ڏيندا ويا. شام جي ٿڌڙي هوا هئي. باھہ جڏهن ڀڙڪي تڏهن هي سڀ آهستي آهستي پنھنجن گهرن طرف کسڪي هليا ويا. هيءُ گهر ۽ دڪان سڀ ڪجهہ سڙي ويو. ميان محمد ڇٽل کي اُن جي سمڪ نہ رهي جو هو گهر هليو ويو هو. پويان هي ئي شاهد هيا. شام جو ميدان ۽ مختيارڪاريءَ ۾ ٻيو ڪير هوندو؟ سڀ ڪجهہ سڙي رک ٿي ويو. مالڪن گهڻو ئي دانھيو پر ڪنھن بہ شاهدي ئي نہ ڏني. ميان محمد ڇٽل اُنھيءَ ئي وڻ جي هيٺان دنيا جھان لاءِ درخواستون لکندو رهيو، پر پنھنجي لاءِ هن وري ڪڏهن بہ درخواست نہ لکي. هن جي پنھنجي لاءِ لکيل سُٺن اکرن ۾ جوڙيل اُها آخري درخواست هئي، جيڪا هن مختيارڪار صاحب کي لکي هئي ۽ اُن قديم عمارت جي ٻاهران ويھي ورھيہ گذاريا هئا. هُن ڪيئي درخواستون لکيون هيون پر هو جڏهن نم جي وڻ جي هيٺان اَڪيلو ويٺو هوندو هو، تڏهن هُن جو پوٽڙو گل هُن عمارت جي ڪُنگرن کي ڏسي ۽ سڙيل دُڪانن ۽ جاين کي ڏسندو هيو تہ کلي ڏيندو هو ۽ کيسي ۾ پيل ماچيس کي سختيءَ سان جهليندو هو.