ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 43
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

زماني جو دستور

منھنجو اهو دستور هو تہ جڏهن بہ ڳوٺ وڃان تہ صبح جو سوير پنڌ ڪندي وڃي قبرستان نڪران. وڏڙن لاءِ ”قُل“ پڙهي وران تہ ڏينھن ٿيو وڃي. هيل ويس تہ نيم اهوئي. جيئن ئي اسٽيشن وارو چوڪ ٽپيم تہ ڏٺم تہ هڪ ڪچي پر ننڍڙي گهر مان ٽپڙي سوري هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو نينگر ٻاهر نڪتو. ڇٻو ساڻ هجيس، کڻي مٿي تي رکيائين. نڪرندي ئي هوڪو ڏنائين: ”هَلُ! مٺا انگور اٿئي..... ماکي مکڻ انگور.....“
مون تي نظر پيس تہ سڌو مون ڏي هليو آيو. مان بہ بيھي رهيس.
”سائين انگور وٺو... سُٺا مِٺا اٿو.....“
ڇٻو لاهي کڻي اڳيان ڪيائين، گول ڳاڙها ساوا انگور هئا. مون ورائي ڏانھس نھاريو. مون کي ڄاتل سڃاتل مھانڊو لڳو. ”ڪنھن جو پٽ آهين؟“
”سائين شمس الدين جو.“
”مامي شمن جو؟“
”ها سائين.“
”پڻھين ڪيئن آهي؟“
”بابو بيمار آهي، ڪم بہ ڇڏي ڏنو اٿائين. هاڻ ميوو کپائيندو آهي، پر ڪجهہ ڏينھن کان سندس بيماري ڪري آءُ ڇٻو کڻندو آهيان.“
”اڙي... اڙي.....! تون چؤنڪ وٽ بيھہ، مان قبرستان کان موٽان تہ کانئس پُڇڻ هلبو ۽ توکان انگور بہ وٺبا. ٺيڪ....!“
”جي سائين.“
هُو هوڪو ڏيندو اڳتي وڌيو. ”هَلُ.... مٺا انگور اٿئي... ماکي مکڻ انگور اٿئي....“
مان جيئن اڳتي وڌيس تہ مامي شمن جي شبيھہ سامھون هئي. خيالن ۾ سندس ڇوڪراڻو زمانو سامھون هيو. ڪي يادگيرين جون ڇوليون هيون، ڇڪي کنيون پئي ويون.
مامو شمن امڙ جو سؤٽ هيو. امڙ غريب گهراڻي جي هئي، وڏ گهراڻي ۾ اچي ويئي. ٻارُ هيو تہ کيس گهر ۾ ڏسندا هياسين. وڏڙو ٿيو تہ ڏيڍيءَ ۾ امڙ سان ملندو هيو. جوانڙو ٿيو تہ حويليءَ جي در تي بيھندو هيو. سندس سڳي ڀيڻ بہ حويليءَ ۾ ڏنل هئي. اها بہ اتي ئي سڄي ڪٽنب سان رهندي هئي. هو ڪڏهن ڀيڻ سان تہ ڪڏهن امڙ سان ملڻ ايندو هيو تہ حويليءَ جا سخت قانون ڪڏهن کيس ڏيڍيءَ تائين اچڻ ڏيندا هيا، تہ ڪڏهن ڏيڍيءَ کان ٻاهر وڏي دروازي وٽ روڪي ڇڏيندا هيا.
مامو شمن مون کان ڪو سال ٻہ کڻي وڏو هوندو، پر راند روند ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ گڏ هوندو هو. جڏهن کجين جي باغن ۾ ڪم ڪندو هو تہ وٺي باغ گهمائيندو، هيٺ ڪريل ڏوڪا ڌوئي پوئي کارائيندو.
جڏهن پڙهڻ سانگي ڳوٺ ڇڏيم تہ ڦِڏن سِڏن اکرن سان ٽي پئسي وارو ڪارڊ ضرور موڪليندو هو. يتيمي ۽ غريبي ڪري هو نہ پڙهيو نہ ڪڙهيو، پر عجيب اهو تہ نئڙت نياز، اُٿي ويٺي، ڳالھہ ٻولھہ ڄڻ تہ ڪنھن پڙهيل ڳڙهيل داناءُ ماڻھوءَ سان ويٺا ڳالھايو.
گرمين ۾ موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو تہ هيءُ پيو حويليءَ تي لامارا ڏيندو ۽ هٿ اچي ويومانس تہ سڪ سان باغ گهمائيندو، مِٺا سُٺا ٻول ٻڌائيندو. سوٽ ماسات سان گڏ ٿي اِٽي ڏڪر يا بيٽ بال کيڏندا هياسين تہ ڪنڊ تي هٽي بيھندو جو اسان جا مٽ مائٽ شايد سندس يتيمي، غربت يا باغائي هجڻ ڪري کيس گهڻو ويجهو اچڻ ڪونہ ڏيندا هيا. ڇوڪرا بہ کيس گهڻو تڻو راند ۾ شامل نہ ڪندا هيا، پر پوءِ سڀ گھرا ٿيندا ويا. چرچي گهٻي ۾ مامي شمن تي کِلن جا هوڪرا هوندا هيا. مامي کي بيٽ بال راند جو شوق هوندو هو. ڪڏهن تہ زوري فيلڊنگ ڪندو هو ۽ اسان کي بال کڻي آڻي ڏيندو هو. اسين بہ کيس ڏاڍو ڊوڙائيندا هياسين. جڏهن ٿڪبو هو تہ مون کي مٿس قياس ايندو هو.
”ماما تون هاڻي ويھي رھہ.“
هو سھڪندي چوندو هو، ”ڀلا منھنجو وارو ڪڏهن ايندو.“
هُن غريب جو وارو مڙئي گهٽ ايندو هو. ٻيو مامي شمن کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وقت جا مقبول فلمي گانا پنھنجي بي سري آواز ۾ پيو ڳائيندو هو. گهڻو تڻو هوٽلن تي ويھي ٻي آني واري ڪوپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو گانا ٻڌندو ۽ انھن ڳائڻن سان ويٺو ڳائيندو. پيسا نہ هوندس تہ ڪٿان بہ پٽي سٽي هوٽل تي ويھندو ضرور. ائين کيس هوٽل تي ويھڻ جي چُوس پئي. ڪڏهن سُري ايندو:
”مائٽ! ڀلا ٻہ چار آنا آهن.“
خرچي ئي ٻہ آنا ملندي هئي، ڪڍي کڻي تِريءَ تي رکندو هيومانس. کڻي ڊوڙ پائيندو. ٻئي ڏينھن ملندو تہ نوان گانا ڊُڻ ڊُڻ... ڪري ڳائيندو. محمد رفيع جو تہ عاشق هوندو هو، ان جو ڳايل هيءُ گانو:
”غريب جان ڪي مجهہ ڪونہ تم بهلا دينا.“
ور ور ورجائيندو ”غريب جان ڪي..... غريب جان ڪي.....!“
مان جيڪڏهن جهونگاريندو هيس، ”غريب جان ڪي!“ تہ يڪدم کڻي وات تي هٿ ڏيندو:
”مائٽ تون تہ نہ چئہ!“
”ڇو!“
”تون غريب ٿوروئي آهين. غريب تہ مان آهيان، شمس الدين غريب!“
خبر تڏهن پئي تہ ”غريب“ سندس تخلص ٿي ويو ۽ فلمي گانن جي طرز تي ڪلام چوندو. جڏهن جو چيائين ”غريب ڄاڻي وڃجانءِ نہ هٿڙو ڇڏائي...“ تہ سڄي سنگت کڻي منھن مٿو پٽيو. سوٽ گلڻ تہ ڪڍ هوندو هيس.
”اڙي شمس الدين غريب! ڪارا بيڊولا! ڪھڙي توکي هٿڙو ڏيندي؟ چئہ تہ ’غريب ڄاڻي ڀلي وڃجانءِ هٿڙو ڇڏائي.‘ يار اسين جو ويٺا آهيون، ڀلي اچي.“
سوٽ گلڻ کيسي کي کڙڪائيندو ٻہ چار ڊينگلا رپيا کڻي ڏيکاريندس. بنھہ رُسي ويندو. يار پرچائي وٺي ايندس تہ اُهڙي جو اُهڙو.
”مون تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڀلي ڪريو، پر سوٽ! منھنجي محبوب لاءِ ڪجهہ نہ چئو.“
سندس غريبي حال کي ڏسي اسان مان هرڪو ٻہ چار آنا ڏيندو هيس تہ خوش ٿي ويندو.
هڪ ڏينھن وَنگ تي چڪر پئي ڏناسين، تہ مون وڏا گول ڳاڙهسرا انگور ڏٺا. وڌي وڃي هٿ وڌم. رپئي جا کڻي ورتم.
”سوٽ هيءُ تو ڇا ڪيو؟ اجايا پيسا ڀريئہ. مان ٿو توکي انگور آڻي ڏيان. مان اڄڪلھہ انگورن جي باغ ۾ تہ ڪم ڪندو آهيان.“
ٻئي ڏينھن دونو انگورن جو گهر ڏئي ويو. مون کي احساس ٿيو. عيد جي تازي خرچي ملي هئي، ٻہ رپيا کڻي ڏنا مانس. ڏاڍو خوش ٿيو.
گهر پھتس تہ امڙ يڪدم چيو، ”شمن هيءُ ڪھڙا انگور ڏيئي ويو آهي، کٽا ٽڙھہ!“
وري جو ڪنھن ٻڌايس تہ مون کيس ٻہ رپيا ڏنا آهن تہ بنھہ بِرُ ٿي ويئي.
”هنن کٽن انگورن جا ٻہ رپيا! کٽا انگور باغ تان چورائي، اسان جا ٻار ٿو ڦري! بيھہ، تہ مان ٿي ڏسانس!“
مامي شمن کي ڏيڍيءَ ۾ گهرائي اهڙي دٻ ڏنائينس جو مامو بنھہ گم ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينھن منھن ۾ مليو.
”ماما هيءُ ڀلا ڇاهي.“
”بس سوٽ، ڳالھہ ڇڏي ڏي. غريبن جا انگور هميشہ کٽا نڪري پوندا آهن.“
ڳوڙها ڳڙي پيس. اسان بہ پڙهائي سانگي گهڻو تڻو ٻاهر، وقت ائين گذري ويو. مامو بنھہ وسري ويو. ڪڏهن عيد براد تي ملندو تہ بنھہ منجهيل ۽ مرڪون کسيل. وڌيڪ ڪارو پيو لڳندو. ڏکن ڏوجهرن هڻي کيس پورو ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪٿي پورهيو، ڪڏهن ڪٿ نوڪري يا وري ڇٻو مٿي تي. مَڙهي ماءُ مرڻ کان اڳ هڪ يتيم مائٽياڻي کڻي پرڻايس. بنھہ وٺجي ويو. ٻار ٻچا ٿيس تہ ڪُٻو ٿي ويو. ڪاڏي ويا گانا بجانا، ڪاڏي ويون هوٽلون، ڪاڏي ويا ٽھڪ ۽ مُرڪون! جي وقت کي جهل ڪانھي تہ زماني کي بہ روڪ ڪانھي. مامو اڄ بيحال هيو. سندس پٽ بہ ڇٻو کنيون پيو هوڪا ڏئي. سوچن جي دهشتي درياھہ مان نڪري واپس چونڪ وٽ پھتس ۽ ڏٺم تہ نينگر ڪونہ هيو. پٺ ورائي مامي جي گهر ڏي ڏٺم. دم نہ جهلي سگهيس، ”ڪھڙي منھن سان وڃان، يا ڪا ٻي ويل وڃان. سندس نينگر بہ تہ ڪونھي.“ اِهي ويچار ويچاريندو گهر پھتس تہ ڏسان تہ در کان ٿورو پرڀرو مامي شمن جو پٽ ڇٻو کنيون بيٺو آهي.
”اڙي بابا! تون هت بيٺو آهين. مان توکي اُتي پيو ڳوليان. پڻھين بيمار آهي، پڇڻ هلونس ها.“
هو سُري آيو، ”ها سائين، بابا بيمار آهي، توهان انگور وٺندو..... ڏاڍا مِٺا سُٺا اٿوَ.....؟
ڇٻو کڻي آڏو ڪيائين. اهي ئي ڳاڙهسرا گول ساوا انگور. مان ڄڻ تہ ڪي زمانا پوئتي هليو ويس. يادگيريون وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويون. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان جان ڇڏائي سُڪائيندڙ وڻ ويڙهيءَ وارين ولين جي ڄار مان نڪري آيس. شڪر جو ان وقت اڃان بيٺو هو. مون يڪدم کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. ”هيءُ مامي کي ڏجانءِ.“
هو ڪا گهڙي نوٽ ڏسندو رهيو، پوءِ انگورن جو سڄو ڇٻو کڻي مون ڏانھن وڌايائين.
”سائين! هيءُ توهان جا انگور.“
مان هٻڪي بيھي رهيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. جهڪي ٻہ ڇڳا انگور جا کنيم. پني ۾ ويڙهيم. نينگر جي مٿي تي هٿ ڦيريم، ڳوڙها ڳڙي پيا. تڪڙو پٺ ورائي گهر ۾ گهڙيس. سامھون وڏي ڀيڻ بيٺي هئي. امڙ تہ هاڻ هئي ڪانہ. گهر جي وڏي بہ اهائي هئي ۽ ڳوٺ ۾ گهر ‎بہ اُها سنڀاليندي هئي.
”ڀائو، ٻاهر مامي شمن جو پٽ هو نہ، هوڪا پئي ڏنائين.“
مون اخبار ۾ ويڙهيل انگور کيس کڻي ڏنا. ڳالھائڻ جي سگهہ ڪانہ هيم. منھنجو ڀاڻيجو جيڪو اڳ ٻاهر بيٺو هو، اندر گهڙي آيو.
”امان، ماما وڏي اِهي سؤ رپين ۾ ورتا آهن.“
انھيءَ وچ ۾ ادي وڏيءَ ٻہ انگور کڻي وات ۾ وڌا، کٽا ٽڙھہ لڳس.
”سو رپيا! پر ڀائو، هيءُ تہ انگور بنھہ کٽا آهن.“
مان ڀر ۾ پيل کٽ تي ويھي رهيس. مان زمانو لتاڙي وڏو سفر ڪري آيو هيس. بنھہ ٿڪجي پيو هئس.
”امان منھنجي! پر زماني جو دستور ائين ئي آهي، غريبن جا انگور هميشہ کٽا نڪري پوندا آهن.“