کِڙيا کٽڻھار
مان بہ اُن زماني ۾ ’جونيئر پارٽنر‘ هئس.
منھنجو سينئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو. هميشہ اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو تہ چوندو هو، ”يار اديب!... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجان“... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ...“
اُن زماني ۾ قتل ڪيس پھريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا - جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينئر گهڻو تڻو پنھنجن سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا تہ هُو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چِٽو ڪري بيھارين.
هيءَ ڳالھہ بہ اُنھيءَ زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنھن لاءِ مون کي منھنجي سينئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءُ هو تہ قتل ڪيس، پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنھنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو تہ مـسمات سفوران، پنھنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنھنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪھاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منھنجي سينئر مون کي چيو هو تہ ”هيءُ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنھنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦُريندا هئا. مال ملڪيت بہ لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پئسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ بہ وٺي ويو، پر هنن نہ مڃيو. زميندار کي پنھنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽ شهمير ۽ شانان جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي تہ مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو تہ شهمير کي هُنن ئي ماريو آهي.“
”اگر اِها ٿيوري آهي تہ پوءِ سائين! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينئر صاحب کان پڇيو.
هـُـن کلي مون ڏي ڏٺو، ”آهي نہ ادبي سوال!“
”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي تہ تنھنجي ڌيءُ شانان کي ’ڪاري‘ ۽ شهمير کي ’ڪارو‘ ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي مليس. ڦاسي يا عمرقيد کان بچي ئي بچي.“
”سَر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“
”ثابت اِهو ڪرڻو آهي تہ It is not honor Killing (غيرت جو سوال ناهي.) مائي سفوران پنھنجي مڙس ۽ وڏيري جي چـُـرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنھنجي ڌيءُ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءُ ڊرامو رچايو آهي. هوءَ قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“
مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منھنجي سينئر مٿان اِهو بہ چيو تہ ”ميان! هڪ ڳالھہ ياد رکجانءِ تہ توکي Prosecution جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنھنجي طبيعت مطابق هيڏانھن هوڏانھن ناسون هڻي ڪا ڪھاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي وهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ ۾ بہ هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنھنجي راءِ جو اظهار مڙيوئي مھانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رُڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف. آئي. آر. مطابق هلڻو آهي. سمجهيئہ. آهين تہ هوشيار ۽ سمجھدار.“
”سَر! بالڪل سمجهيم. توهان فڪر نہ ڪريو. قانون کان مٿاهون ڪير بہ ڪونھي. ادب بہ نہ.“
هن ننڍي شھر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شھر جي ڪجهہ ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دَور جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائونڊ وال ۽ اندر ننڍڙو باغ بہ اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي وڻ ڪي سـُـڪل، تہ ڪي ساوا قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منھنجي سينئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هـِـت آهن. ڪورٽ ننڍي آهي، انڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسين جونيئر اِنھيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنھن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺان ويھي اصيل سان ٻولا چاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺھيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانھہ گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوريءَ پاران سڏ ٿيو تہ اندر پھتاسون. ڪيس هليو نہ هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون.
اُن ڏينھن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنھن ڏينھن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻھن جا ميڙاڪا هئا. مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانوَ تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو مائيءَ تي پھرا پئي ڏنا ۽ خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻھن لؤڻا پئي هنيا تہ ڏسون تہ اِها مائي ڪھڙي منھن مھانڊي آهي، جنھن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پـُـٺ ڏيو ڀت واري پاسي منھن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سُڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي.
مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيھي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس.
ائين جج صاحب جو نائڪ آيو، ”صاحب سڏيو اَٿو.“
جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منھنجي سُٺي نيازمندي ٿي وئي هئي. جنھن ڏينھن منھنجو ڪو ڪيس هوندو هو تہ ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان بہ چاھہ هئس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو بہ هو تہ ڪجهہ ڳالھائيندو بہ هو. پھرين پوسٽنگ انھيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هـئس. صبح جي پھر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاھہ نہ هو، پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس تہ وڏو ٽھڪ ڏنائين:
”سائیں! دیکھو آج ہماری کورٹ میں بھی میلا لگا ہوا ہے"۔ "بس سائیں! یہی ہماری سندھ کی بدنصیبی ہے۔ ابھی ابتدا ہے، دیکھنا انتہا کہاں پر ہوتی ہے۔ عورت بیچاری ہمیشہ مظلوم رہی ہے۔"
” یہ مظلوم ہے؟ بھانجے کو مارا ہے “۔
” پتہ نہیں سَر! بھانجا مظلوم تھا یا نہیں، یا پھر دونوں.“
جج منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ جي ڪندي چيائين. ”تہ پوءِ اصل ڳالھہ ڇا آهيس.“
”سَر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالھہ ۾ ڪو رولو آهي.“
نائڪ چانھہ کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو، ”پر مائي قبولدار ٿي آهي. 164 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان تہ فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان تہ رولو نہ بڻايوس.“
”سر! هيءُ ڪيس منھنجي سينئر جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري جو سڄاڻ فرد آهيان. سينئر صاحب اِنھيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنھنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالھہ جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پر پروفيشنل بي ايماني بہ نہ ڪبي.“ مون کلندي کيس چيو.
جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن تہ ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيھاريو تہ مائي ملڪيت جي لالـچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءُ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس بہ هن ۾ شامل آهي. هيءُ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي، غيرت جو ڪو مسئلو نہ آهي.
هڪ ڏينھن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس تہ ڏٺم تہ مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻھو نہ رهيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي ڪنڊ تي اُنھن مان هڪ مائيءَ اچي منھنجو اڳ جهليو، ”اَبا ترس! سفوران توسان ڪجهہ ڳالھائيندي. ٿورو هيڏانھن اَچ.“
مان بيھي رهيس. پھرين سوچيم تہ کيس جواب ڏيئي ڇڏيان، جو پروفيشنل ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالھائڻ مناسب نہ هو. ٻيو اِهو بہ سوچيم تہ منھنجي سينئر کي خبر پوندي تہ بنھہ جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪھاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالھہ جو ڳاٽو تہ جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانھن هليو ويس، جنھن هيترن مھينن ۾ بہ نوان گونچ ڪونہ ڪڍيا هئا. هاڻ تہ سرءُ بہ ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نہ هو. هيءَ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُٿي تہ هـُـن رَئي جو ٻُڪل کوليو تہ ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اَڇي اُجري منھن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منھن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءَ سھڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منھن نہ ڏٺو هو، جو هوءَ منھن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالھايو تہ سندس اڇا ڏند بہ جـَـرڪي پيا، پر سندس منھن تي مـُـرڪ نہ هئي.
”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪھڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان تہ ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنھن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کان پوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو.... بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“ مون سندس نياڻيءَ ڏانھن ڏٺو. هوءَ بہ هـُـن وانگر وڻندڙ ۽ هـُـن جھڙي ئي هئي.
مان گهڙيءَ کن لاءِ تہ چُپ رهيس، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم، ”تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنھنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي تہ سڀڪجهہ ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي تہ تنھنجي نياڻي هندورن ۾ لُڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ؟.... مائي سفوران! تيستائين تہ تنھنجون هڏيون بہ نہ بچنديون، تون ڪھڙي خيال ۾ آهين. الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا، تنھن جي خبر پوءِ پوندءِ.“
مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو. پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳي.
”کاءُ قسم هـن نياڻيءَ جو تہ جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کاءُ قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنھن جو خون بہ تنھنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنھنجي سر تي آهن. ياد رک، هيءَ بہ نہ بچندي.“
مائي سفوران پنھنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيھي نہ پئي سگهي. ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويھاريو.
”منھنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦـِـي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو.
”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. جيڪي ڪجهہ سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ. پوءِ ئي ڪجهہ ٿي سگهندو.“
”ڪورٽ کي ٻڌاءِ تہ تو پنھنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنھنجي سھڻي پياري مڱينديءَ، جنھن سان هـُـن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالھہ تہ ڪر!“
سفوران رويو پئي رني. اوچتو منھنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين، ”سائين، شهمير منھنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟ هو تہ مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاھہ رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو تہ منھنجو ٻچو هو. مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟“
”پوءِ ڪنھن ماريو؟“
هن هيڏانھن هوڏانھن نھاريو. مڙسس شھر ويو هو، اڃا نہ موٽيو هو.
”سائين، اِهو ظلم منھنجي مڙس عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پھريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ تہ شهمير سان ’ڪاري‘ ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منھنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُنبيو، تہ هيئن قبولدار ٿئين ٿي تہ واهه، نہ تہ تنھنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريون. مون کين اهو بہ چيو تہ مون کي ڀل ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نہ ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندن اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻھو ٿو موڪلي تہ ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل. مان تہ جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله انھي منھنجي مڙس عدلوءَ جو منھن ڪارو ڪندو، جنھن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“
مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀـُـڻڪندي ڳالھايو: ”اٿئي همت تہ سڀاڻي پنھنجي بيان تان ڦري وڃ، ۽ ڪورٽ کي هيءَ سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس تہ ڇا ٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نہ ٿيندي، جو هو تنھنجو يا تنھنجي نياڻيءَ جو وار بہ ونگو ڪري سگهن. تون همت ڪندينءَ تہ سڀڪجهہ سڻائو ٿيندو، نہ تہ تنھنجي لاءِ سِرڪڻ ڦاهي تہ ٺھي ئي پيئي آهي.“
مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منھن ڏي ڏٺو. هيءُ هڪ معصوم عورت جو چھرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سـُـڪڻ لڳيون هيون. مان آهستي آهستي چـُـرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نہ هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس تہ سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پھتو ۽ مون ڏانھن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هيءُ هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلھو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو. سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانھن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سھڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قداور عورت هئي. جي هن ڪـُـڌي مامري ۾ نہ ڦاسي ها تہ سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبہ لوڏو نہ هو. هاءِ ڙي قسمت!
پر مائيءَ ۾ اڃا بہ ڪي جولان باقي هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ بيٺي تہ هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنھنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي. هـُـن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالھائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين: ”مون اِهو ڏوھہ صرف ان لاءِ قبوليو هو، تہ مان ڀل ’ڪاري‘ ٿيان، پر منھنجي نياڻي ڪاري نہ ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کي ڌمڪيون ڏيئي زوريءَ ڏياريو هو.“
جج دير ئي نہ ڪئي. حڪم جاري ڪيائين تہ ”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال تہ سفوران جي مڙس، وڏيري ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳيئي ضمانت تي آهي، تنھنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هـُـن سيشن ڪورٽ کي بہ ڪئي. پوليس کي هدايت ڪيائين تہ مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو تہ ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار ڪيو وڃي. مان ٻاهر ئي بيٺو هئس تہ نائڪ آيو، ”سائين! صاحب سڏيو آهي.“
مان چئمبر ۾ داخل ٿيس تہ جج ٽھڪ ڏيئي چيو، ”يو ناٽي بواءِ!... آخر اديبن واري ڪار ڪيئہ. مون کي ڪجهہ خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو، ”قانون جي ديويءَ کي پـَـٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻھن جو ڪم ئي آهي تہ ڪجهہ وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“
”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ جج صاحب مُرڪندي چيو.
”جيڪي ٿيندو، اُن کي ڏٺو ويندو، توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نہ ڇڏيو آهي. هنن بي گناھہ ۽ مظلوم ماڻھن جو داد فرياد ٿيو آهي، اهو ئي مون لاءِ گنج آهي.“
چئمبر مان ٻاهر نڪتس تہ مـَـن تي بار نہ هو. مون ورانڊي ۾ بيھي نھاريو. مائي سفوران پنھنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانھن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منھن تي سَرهائي هئي.
مون وڻ ڏانھن نھاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اُن ۾ نوان گؤنچ نڪري آيا هئا. هن مـُـند ۾ بہ وڻ تي بھار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منھنجي مَن ۾ ڪئين کٽڻھار کڙي پيا هئا!