رومانس جي خودڪشي
وري هڪ نوجوان ليکڪ جي ڪتاب جو عنوان پڙهيم:”خودڪشي جو رومانس.“ وري سنڌ ۾ روز عام جام خودڪشين جا واقعا خبرن ۾ پئي پڙهيم تہ وري عنوان اچڻ لڳا:”خودڪشي جو رومانس.“
هر معاشري ۾ خوڪشيءَ جو تصور ڪڏهن بہ وڻندڙ يا قابل قبول نہ رهيو آهي، توڙي جو اُن جا سَو دليل هجن. اُن سان، اُن ماڻھوءَ، نينگرن يا نينگرين جي ڏکن، جداين جو خاتمو ٿيندو هجي تہ خدا کي خبر پر اُن دوران سندن توڙي اُن کان پوءِ واسطيدار عزيزن قريبن جو ڪھڙو حشر ٿئي ٿو، اُهو وڌيڪ دکدائڪ ۽ تڙپائيندڙ آهي. پر ڳالھہ اِها آهي تہ خودڪشي ’سان‘ رومانس آهي يا خودڪشي ’جو‘ رومانس آهي، اِهو ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ قصو آهي. سمجهڻ لاءِ کڻي ڊڪشنري کوليم. ڌڻي ڀلو ڪري عزيزم عبدالرشيد ميمڻ جو، جنھن وڏي جاکوڙ کان پوءِ انگريزيءَ مان انگريزي ۽ وري اُن جي سنڌيءَ ۾ معنائن سان ٽن جلدن ۾ ڊڪشنري پڌري ڪئي آهي. وڏي محنت ڪئي اٿائين. ڪڻو ڪاسو دوستن ۽ اسان جو بہ هيو. ڀاءُ شمس کي جو جلد موڪليائين، تہ مون کڻي قبضو ڪيو. کڻي کوليان تہ Suicide (خودڪشي) جي معنيٰ لکيل هئي: ’پاڻ گهات، آتم هچا، آپ گهات، پاڻ مارڻ، خودڪشي وغيرہ وغيرہ.‘ وري لکيل هو Suicide pact جي معنيٰ ’ٻن ماڻھن جي وچ ۾ آپ گهات جو معاهدو‘ وري Suicidal جي لاءِ لکيل هو تہ ’آپ گهاتڪ، نقصانڪار، خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ، تباهڪار، تباهيءَ طرف ويندڙ، وغيرہ.‘ سوچيم تہ،’مار! هيءَ تہ وڏي سلسليوار واردات آهي. هڪ پاسي خودڪشي معنيٰ پاڻ مارڻ يا آپ گهات ڪرڻ، تہ وري ٻئي پاسي آپ گهات جو معاهدو ڪري مرڻ.‘
پر ڄاڻايل اِهو معاهدو United Nations Pacts جا معاهدا يا NATO جھڙا معاهدا تہ نہ آهن، جن ۾ گڏ مرڻ جيئڻ جا واعدا هوندا آهن. پر وقت تي ٿيندو ائين آهي،” چڙھہ جا بيٽا سولي، پر ۽ ڀڳوان ڀلي ڪري گا.“ پر ڪي معاهدا جيڪي ايفائي عهد نہ ٿيندا آهن شايد اُهي Suicidal هوندا آهن، جنھن جي معنيٰ لکيل آهي خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ طرف وٺي ويندڙ. جيئن شايد عاشق معشوق گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪري زهر گڏ پيئندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هڪ جو زهر سچو هوندو آهي ۽ ٻئي جو ملاوٽ مليل. چون ٿا تہ روميو جوليٽ وارو رومانٽڪ قصو اصل ۾ هينئن هو تہ ٻنھي گڏ مرڻ جو معاهدو ڪيو هو. جوليٽ ٺڳي ڪري ملاوٽ يا نشي وارو زهر پيتو هو. پاڻ بچي ويئي، روميو وڃي ڌڻيءَ کي پرتو! شيڪسپيئر يا ٻين بہ کڻي جوليٽ کي اَمر ڪيو تہ هُن خنجر کڻي پاڻ کي هنيو. پر ڪي چون ٿا تہ اِئين نہ هو، جوليٽ جيئري رهي ۽ خوش ٿي اُن همراھہ سان شادي ڪيائين، جنھن کيس عجيب زهر آڻي ڏنو هو جو هوءَ ڪجهہ وقت لاءِ نہ جيئرن ۾ هئي، نہ مئلن ۾. (نوٽ: دروغ برگردن راوي) سائين! ڇا بہ هجي، پر اهڙا داستان بہ آهن، جن ۾ رومانس جي چاشني ڏاڍي وڻندڙ ۽ جيئري رهڻ وارن جذبن کي پالي تاتي وڏو ڪري ٿي.
هڪ ڏينھن هڪ همراھہ زندگيءَ مان ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ خودڪشيءَ جو پئي سوچيائين ۽ اچي مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو مانس،”چريو ٿيو آهين، خودڪشي ڀري ڪر پر Suicide Pact واري ڪنھن سان رومانس ڪر، اڻبرابري وارو رومانس. ان کي ڏٽا پوزيون ڏيئي، ٻئي جھان ۾ ملڻ ۽ ميلاپ وارا سبز نيرا پيلا ڳاڙها خواب ڏيکار، پوءِ هڪ معاهدي هيٺ خودڪشي ڪر، اَمر ٿي ويندين. ان طرح سڄي ڳالھہ کي رومانوي بڻاءِ“ وري جو عزيزم عبدالرشيد جي ڊڪشنري مان Suicide Pact جي معنيٰ ڏيکاري وري Romanticize ڪرڻ جون ڪيتريون معنائون ڏيکاريون مانس تہ وري پڇيائين تہ،”سائين رومانس ٿيندو ڇا آهي.“
مون وري ڊڪشنري کولي رومانس Romance جون ڪجهہ معنائون ٻڌايون.”حيرت انگيز واقعو، رومانوي داستان، معاشقو، مبالغه آميز رنگين بياني، رومانوي انداز يا تخيل، شاعري ۾ تخيلي، جذباتي، هوائي قلعا ٺاهڻ، خيالي پلاءُ پچائڻ......
”بس سائين بس، مان سمجهي ويس. جلد توهان اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي گڏيل معاهدي هيٺ خودڪشي پڙهندوء.“
ڏينھن ئي ڪونہ گذريا ، جو اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي خبر هئي. هن همراھہ جو نالو بہ برابر هو پر ساڻس گڏ مسمات جو نالو بہ هو، پر هيءَ خبر خودڪشي جي نہ پر پريمي جوڙي جي ڪورٽ ۾ ڪيل شاديءَ جي هئي. هن همراھہ اِنھن مٿي ڄاڻايل ڪيترين ئي معنائن مان ڪھڙي معنيٰ کنئي هئي. ٿي سگهي ٿو تہ هُن Suicidal واري معنيٰ بہ پڙهي هجي تہ خودڪشي ڏانھن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ ڏانھن ويندڙ. ڪن شادين جو ويندڙ رستو يا اُنھن جي ترغيب اهڙي بہ ٿيندي آهي، جيڪا آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ جھڙو ڪري ڇڏيندو آهي.
تھان پوءِ مان ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويس تہ ڇا واقعي خودڪشي ۽ رومانس جو پاڻ ۾ ڪو گهاٽو رستو آهي. ڇا خودڪشي سان رومانس يا عشق ڪري سگهجي ٿو. جوڙن جو رومانس يا عشق سڀ ڪجهہ ڪونھي. مون رومانس کي هميشہ انساني جياپي، جيوت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل ڏٺو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا مالڪ خلقي رومانٽڪ نظارن ۽ وارداتن سان ڀريل آهي. رومانٽڪ ماحول ۽ جذبات زندگي ۾ رومانس يا عشق کي جنم ڏيندا آهن. ڪائنات جي سونھن جڏهن ڪيترائي رنگ وکيريندي آهي. ڌرتي پٽ پٽِهرن جھڙا وڳا پائيندي آهي، وڄون وسڻ جا ويس ڪنديون آهن، جبل جاڙون ڇڏي سرسبز ٿي ويندا آهن. درياءُ پنھنجي موج مستي ۾ اچي پنھنجا خشڪ پيٽارا بہ ڀري ڇڏيندو آهي، ڪچا ٻڏڻ لڳندا آهن. پڪا مالوندن جا هوندا آهن، سکن جا سرمنڊل وڄڻ لڳندا آهن، تہ رومانس بہ پنھنجا رنگ ڏيکاريندو آهي.
مون کي ياد آهي تہ ڌرتيءَ جو رومانس مون تي تڏهن وڌيڪ ڇانيل هوندو هو، جڏهن مان ريل رستي ڪوئيٽا ويندو هئس. انگريزن جي ٺاهيل هيءُ ريل جي پٽي عجيب نظارا پسائيندي هئي. بولان ميل جي نالي سان هيءَ گاڏي، من موهڻي سنڌ جا سير ڪرائيندي، سنڌو درياھہ بادشاھہ جون ڇوليون پسائيندي، ڪئين ٻيٽ، پيٽ، پيٽارا پارڪرائيندي، کيرٿر جبل جي جُسي ۽ جان مان لنگهندي، لڪيءَ وٽ پير صدرالدين شاھہ بادشاھہ واري لَڪُ ٽپي، قلندر جي ننگري سيوهڻ تي ساھہ پٽائيندي هئي. مان سڄو رستو گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻيون قديم ۽ قديم قدرن جي امينن جون وستيون، مانجهند، سنُ، آمري، قديم رڻي ڪوٽ ڏانھن ويندڙ رستو ڏسندو، لڪ ٽپندو، لڪي شاھہ صدر وٽ درياھہ جو آباد چهچ سائو پيٽ ۽ڇرون پسي اندر ۾ خوشي محسوس ڪندو هئس. سائين صدرالدين بادشاھہ کان اجازت پني، قلندر سائينءَ جو پري کان چمڪندڙ مقبرو ڏسي، دل مان اِها دعا نڪرندي هئي تہ،”بادشاھہ! هيءُ سرسبز ۽ آباد سنڌ جي ننگري هميشہ آباد رکجانءِ.“
سيوهڻ جي اسٽيشن ماڻھن سان سٿيل هوندي هئي. ٻھڪندڙ
چھرا، ملڪان ملڪ کان آيل آسروند، چوڌاري نعرا نينھن جا. گاڏي جيئن قلندر سائينءَ جي مقبري وٽان موڙ مَٽيندي هئي تہ ”سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر.........حق قلندر..........دما دممست قلندر“ جا نعرا لڳندا هئا. خدا آباد، بوبڪ ڏسندا، دادوءَ جي جادونگريءَ ۾ داخل ٿبو هو. ڪي دوست ڦوٽي ۽کير واري خوشبودار چانھہ کنيو بيٺا هوندا هئا، مُرڪون ئي مرُڪون هيون. لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو................. ڪامريڊ سوڀي جو شھر! دوست سليم خواجه يا ديوان گوپال داس انب کنيو ٽفن جهليو بيٺا هوندا هئا. حبيب ڪوٽ جنڪشن ٽپي شڪارپور پھچبو هو تہ سڳنڌ ئي ٻي هوندي هئي. ڪي دوست شڪارپوري خوشبودار ڪلفي ۽ ديوان جي سڱر واري مٺائي کنيو ايندا هئا. هٿن ۽ ڳچيءَ ۾ گلاب ۽ موتئي جون ڪنڍيون، چوڌاري خوشبو ئي خوشبو! ماڻھن ۾ چرپر ۽ حياتيءَ جا اهڃاڻ پسي خوش ٿيندو هئس. شڪارپور نينھن وارن ۽ شوقينن جو شھر آهي. حسن سان گڏ خوشبو سندن سينگار آهي. جيڪب آباد.......جان جيڪب جي گهڙيال ۽ ٽاور وارو شھر. عبدالڪريم گدائي، غالب لطيف، فتاح عابد ۽ سڌايي جو شھر، قرب وارا چانھہ جهليو بيٺا آهن. رات بہ لڙي هلي آ. گاڏي آهستي آهستي بلوچستان جا برپٽ ميداني علائقا، جهٽ پٽ، ڊيره مراد، سبي، لتاڙيندي، جابلو علائقا ٽپندي، ٻن انجڻين سان ڌوڌاٽ ڪندي، چُرن ۽ غارن (ٽنيلز) مان ٿيندي، صبح جا نظارا پسائيندي اچي ’آب گم‘ پھچندي هئي. هن اسٽيشن تي ٺڪر جي کمرن ۾ چانهه، حلوو پوري ۽ پڪوان. جابلو سيءَ جو مزو الڳ، ٿڪ ٻڪ لھي ويندا هئا. ماڻھو ڄڻ هڪ پوري رومانٽڪ دور مان لنگهندو هڪ نئين رومانس ۾ قابو ٿي ويندو هو. اوچتو خبر پڙهيم تہ ريلوي اختياري وارن بولان ميل بند ڪري، زندگيءَ جي هڪ روان دوان سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو آهي. ائين ڄڻ ڪنھن وهندڙ پاڻيءَ جي وهڪري يا مست سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو هجي. مون پڙهيو ۽ منھنجي اندر ۾ هن سفري رومانس مرڻ شروع ڪيو. دوستن، خاص طرح عزيزم غلام رباني زور ڏيئي چيو ته”رومانس کي بنھہ مرڻ نہ ڏي. تون هاڻ ئي ان گاڏيءَ ۾ وري وڃي چڙهه، توڙي کڻي اُها هاڻي بولان ميل نہ رهي آهي. ڇاڪاڻ تہ مھيني اڌ ۾ اها بہ بند ٿيندي. اڃان ويل وئي ناهي. تنھنجي اندر ۾ وهندڙ رومانس ڪجهہ وقت لاءِ يادگيرين ۾ تہ زنده رهندو.“ سو هڪ ڏينھن وڃي گاڏي ۾ ورُ چڙهيس. هيءَ اُها ميل نہ هئي، ٻن چئن گاڏن واري لنڊي پئسينجر پئي لڳي. عمر ڏٺاسين خواب سھڻا سھڻا، سو خواب ساڻ ڪري دل کي دلبو ڏيئي چيم تہ ڪا ڳالھہ نہ آهي. سنڌ جي عشق کي ورُ مچائڻ لاءِ، اُن جي ماڻھن، ماڳن، مڪانن، اسٽيشنن، جبلن، سنڌو دريا جي مست پنڌ ۽ وهڪري کي پسڻ ۽ ملڻ لاءِ، اُنھن سان رومانس کي زنده رکڻ لاءِ اِهي لنڊيون بہ چڱيون. بلوچستان جو حُسن الڳ ڏسبو.
ڪوٽڙيءَ کان گاڏي هلي، ڀڳل گاڏا، ڀڳل دريون، ائين لُڏان پيو، ڄڻ ڪنھن ڇڪڙي ۾ ويٺو هجان. پر عشق عشق آهي. مان دريا شاھہ کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن هڪ دريءَ کان، ڪڏهن ٻيءَ دريءَ کان پئي ڦريس. دريا شاھہ پَٽا ڏيئي گم ٿي ويو هو. ڄامشورو بہ ٽپي آياسين. دريا شاهه، جيڪو سنڌ جي گجگوڙ هو، سنڌ جي مستي، موج ۽ سُڪار جو اهڃاڻ هو، بنھہ پَٽا ڏيئي ويو هو. واري ۽ مٽي پئي اُڏاڻي! ڪٿي ڪٿي سنواريل پاڻيءَ جا دُٻا هئا، جيڪي ٻڌائين پيا تہ هتان ڪڏهن ڪو درياھہ شاھہ نالي واٽهڙو لنگهيو هو. جيڪو هڪ مسافر جيان هيو. الائي سفر جي ڪھڙي موڙ تي دڳ وڃائي ويھي رهيو.
ٻيٽارا، ٻيٽ، ڍنڍون، ڍورا سب سُڪل هيا. صدرالدين بادشاھہ نٽهڻ ۾ هيو، وڻ سُڪي ڪوڪلا ٿيل هئا. لَڪ وٽان هيٺ نھاريم، سرسبز پَٽن ۽ پوکن جي جاءِ تي ٺوٺ ڌرتي هئي. چمڪندڙ ڇوليون هڻندڙ ڇرون ڄڻ زمين اندر پيھي ويون هيون. کرکنا ٿيل هن گاڏيءَ سيوهڻ تائين پھچائيندي سج لاهي ڇڏيو هو. اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو هئا. چڙهيا تہ ڏٺم تہ سندن منھن ڀيلا ۽ لٿل هئا. حالي احوالي ٿيا تہ چيائيون،”قلندر جي ننگريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ڪانھي. چون ٿا تہ لوڊشيڊنگ آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، دريا شاھہ سڪو پيو آهي، واھہ واٽر بہ سُڪا پيا آهن، فصل سڙي ويا آهن. شايد دريا شاھہ جي بہ لوڊشيڊنگ ٿي آهي.“ ڳالھائين پيا تہ سندن اکين ۾ لڙڪ اوتجي پيا اچن. گاڏي هلي تہ ڪو نعرو ٻڌڻ ۾ نہ آيو. ايترو ضرور ٿيو جو قلندر سائينءَ جي مقبري ويجهو موڙ وٽ گاڏي پھتي تہ ڪيترن ئي دعا لاءِ هٿ کنيا. هڪ نوجوان، جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هو، سو دل جي درد سان پُر هيو. دانھن ڪندي سُر سان شاھہ پڙهيائين:
اندر جُهڙ جهور وهي ٻهر ڪڪر نہ ڪوءِ،
وسائي سا وڄڙي جنھن کي حُب هوءِ،
لالن جهين تِنِ اوڪاڻين نہ اکيون،
ٻيو جوان هر هر اِها دعا پيو گهري:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
ڪنھن چيس تہ اڳتي بہ چئہ تہ ڳوڙهن گاڏڙ کل کليو ۽ آڱر مٿي کڻي چيائين” اڳتي سندس مرضي.“ سيوهڻ کان اڳتي بہ ويراني هئي. اوندھہ هوندي بہ پسجي پيو تہ خداآباد جا زبون پراڻا آثار وڌيڪ ويران هئا. بوبڪن واري ساوڪ جو هڳاءَ بہ نہ هو. لڳو پئي تہ سوڪھڙي جو شڪار هئي. بوبڪن جي ڀنگ ڄڻ تہ سڙي وئي هئي، پر شايد نشئي طوطا بہ اُڏامي هليا ويا هئا. دادوءَ جو جادو پورو ساروهو. هڪ يار آيو، وينڊر کان سڙيل چانھہ جو ڪوپ وٺي پياريائين. اصل نسل خوشبو واري چانھہ جو پڇيو مانس تہ چيائين،”يار ويا آهن پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڳولا ۾. اڄ مٽ دلا ڀڃي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو اٿائون ۽ ڪي بک هڙتال تي بہ آهن. پاڻ واري مينھن کير ئي ڏيڻ ڇڏيو آهي. کيس تڙڳڻ لاءِ پاڻي تہ ٺھيو، پر پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، کير ڌوڙ تي لاهيندي! باقي رهيا ڦوٽا تہ ماڻھن ۾ خوشبو ناهي رهي تہ ڦُوٽن ۾ خوشبو ڪٿان ايندي.“ لاڙڪاڻي ساھہ سيباڻي جو ساھہ سُڪو پيو هو. شري گوپال ڪڏهوڪو سُرڳواس ٿي چڪو هو، سليم خواجا ڪراچي آباد ٿيو هو. ڪن ٻين دوستن کي حيدرآباد وارن دوستن نياپو ڏنو هو، سو هڪ همراھہ بيٺو هجي، چي،”لالڻ مختيارڪار وصولي تي ويل آهي، موٽي ئي نٿو جو نوڪري خطري ۾ اٿس. ماڻھن وٽ نہ فصل نہ روڪڙ، ڍل ڪٿان ڏيندا.“ زرعي بينڪ واري نالي ڀائي دوست عبدالحميد جو نياپو ڏنائين:”سائين اُهو بہ شهدادڪوٽ ۾ غيرآباد زمينن جي آبادگارن کان قرض اُڳاڙڻ جي ناڪام ڪوششن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ڪاميابي لاءِ دعا ڪجوس.“ مون سندس پيرن ڏي نہ پر هٿن ڏي نھاريو. اُن هٿن ۾ نہ ٽفن هو ۽ نہ ديسي انب، هو تہ نياپا ڏيئي هليو ويو، بک بہ ڏاڍي لڳي هئي. هڪ گاڏي ڇڪڙو، اي.سي گاڏا تہ هليا ويا مين لائين جي نائيٽ ڪوچن ۽ تيزگامن ۾، تنھن ڪري گرمي، مٽي ۽ ڌوڙ اصل ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. منجهند واري مانيءَ جي هڙ ۾ مانيءَ ڀور هئا. لھي نل تان هٿ منھن ڌوتم ۽ ٿرماس ۾ پاڻي ڀريم. نل ۾ ڀلا ڍُڪ ڍُڪ پاڻي پي آيس تہ دير لڳي سو ڊوڙي پڪوڙا وٺڻ چاهيم پر اُهي ٿڌا ۽ پاروٿا لڳا. گاڏي واري پڪوڙائي کي ڪجهہ چيم تہ خار مان چيائين، ”صبح کان بيٺا آهيون، هڪ تہ هن لائين جون گاڏيون مردار، ماڻھو ڪين. هيءَ ڍير وڪامي تہ گرم مال آڻيون.“ ڀڳس انبن واري ڏي تہ هڪ همسفر ساٿي بيٺو هو. هٿن ۾ ٻہ وڍيل انب هيس،”سائين نہ وٺجو، هڪ ڦڪا ٻيو رڌل آهن.“ انبن وارو کليو،” انبن جي باغن کي پاڻي نہ ملندوتہ ائين ئي ٿيندو. ڪاربيٽ تي پڪل انب، وري هيءَ گرمي، ڦڪا ۽ رڌل نہ هوندا تہ ٻيو ڇا هوندا.“ گاڏي چُري، مان ۽ هو همراھہ ڊوڙي چڙهياسين. مون هڙ کولي، منجهند جا پيل سُڪل ڀور کائي پاڻي پي ڇڏيم. ڪجهہ اُنھي همراھہ کي ڏنم. هِن ڦڪن ۽ رڌل انبن سان ماني کاڌي. گاڏي هلندي هلي ۽ مان سوچيندورهيس:”هئہ ڙي سنڌ، تنھنجو دريا بادشاھہ وڃائجي ويو، ساوا پَٽ برپٽ بڻيا، نہ سلا نہ گاهه، مينھن کير ڏيڻ ڇڏيو. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي. سنڌ ۾ غريبن جو کاڄ پڪوڙو بہ پاروٿو. انب رُسُ ڇڏي ويا. ماڻھو اُٻاڻڪا، ڀيلا منھن. ڳڻتين ڳاريل، باقي رهيو ڇا؟“ شڪارپور جو بورڊ ڏٺم تہ خوش ٿيس ۽ سوچيم تہ ڪي يار ضرور آيا هوندا ۽ ڪا لکي دروازي واري ڪلفي کڻي آيا هوندا. ٽپ ڏيئي لٿس. اُنھيءَ همسفر ساٿي کي شڪارپور ۾ لهڻو هو. مون لھي پنھنجن يارن کي ڳوليو پئي تہ سوري آيو. پڇيائين تہ ڪنھن کي ڳوليو ٿا. ڇا چوانس؟ چيم”يار! سُئي پيو ڳوليان.“ هو وائڙو ٿي ويو. ”يار، دوستيون ۽ قرب جو ساٿ هاڻ سُئي مثل رهيو آهي. ڀل ڪلفي يا مٺائي نہ کارائين ها پر اچن تہ ها.“ کلي چيائين،”سائين اديب آهيو، تڏهن ائين چئو ٿا. ٿي سگهي ٿو، شڪارپور کي شرم کان پرچائڻ لاءِ نہ آيا هجن. نہ کير ،نہ بجلي، نہ برف، رجيل پاڻي واري ڪلفي کارائين ها ڇا. ديوان جي اصل ڪلفي ۽ سڱرن واري مٺائي هاڻ خواب رهيو آهي.“مان چپ ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس، کائنس موڪلايم بہ نہ.
گاڏي جيسين جيڪب آباد پھتي، منھنجو سڄو سارو سنڌ جو رومانس ڇڙيون هڻي رهيو هو. مون اڃان اُن کي مرڻ نہ ڏنو. ٽپ ڏيئي جيڪب آباد تي لھي پيس. هاڻي ڪھڙا وڃي حلوا، سيرا، پوريون، پڪوان کاوان يا بلوچستان جي مٽي جي سڳنڌ ڏيندڙ کُمرن ۾ وڃي چانھہ پيان يا ٿڌڙن مٺن سيئن جو مزو وٺان. گاڏي گذري تہ جيڪب آباد جي اسٽيشن بنھہ ويران ٿي ويئي. هت بہ ڪير اڳ جيان چانھہ جو ٿرماس ۽ بسڪوٽن جا پُڙا کڻي نہ آيو هو. اُهي يار دوست شايد جان جيڪب جي مَرم شرم کي پرچائڻ ڪارڻ نہ آيا هئا. نہ وري هاڻ اُت گدائي هو يا فتاح يا غالب هو. هڪ خالي بينچ تي آهلي پيس.”هيءَ سفر ڪيڏو نہ ڀيانڪ هو.“ وسوسن انديشن اندر گهر ڪري ورتو هو. مان موٽي پنھنجي پوٽڙي سلمان ارشد کي ڇا ٻڌائيندس، جنھن کي اُٿندي وهندي دريا شاهه، سنڌ جي سونھن، ماڻھن جي سُکيي ستابي هجڻ جا داستان، وفا محبت ۽ بھادريءَ جا قصا ٻڌائيندو هئس. هاڻ سلمان انھن آسُن ۽ اُميدن تي وڏو ٿي رُڃ پسي مايوس ٿي ڇا نہ ڪندو؟ مان ڏڪي ويو هئس. صبح ٿي ويو هو. آهستي وڃي نل تان منھن ڌوئي. ٿيلهڙو ۽ خالي هڙ لوڏيندو اسٽيشن کان نڪتس. دوستن جي گهرن کان لنگهيس. اُهي سڀ دربند هئا. جيڪب آباد اڄ مون کي آباد نہ پئي لڳو. پراڻي ميونسپلٽي ڀرسان اُنھي ديوان جي هوٽل تي آيس، جتي دال پوري، ڀاڄي ڦلڪا، مڇي يا پلو تريل ملندو هو. اڄ اُت ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اڳيان هڪ ٻيو هوٽل هو. وڃي ويٺس. بيرو ڦري آيو.”ڇا کائيندوء ڇا پيئندو؟“ ”ابا ڪا مڇي، ڪو پلو، ڪا مڱن جي دال. ڪو ڦلڪو ڪا ڊڳڙي.“ بيرو کلي پيو. ”سائين ڪھڙن ڏينھن جي ڳالھہ ٿا ڪيو؟ پاڻي لڀي ڪونہ..... ڇا جي مڇي، ڇا جو پلو. فصل ٿيا ڪونہ. مڱن جي دال بہ مھانگي، ڪير چاڙهي؟ چيم ”يا ڪو ڏس پنڌ؟“ وراڻيائين ”سائين ٻڌو اٿم تہ درياھہ ۾ پاڻي آيو آهي. سکر روهڙي وڃو، شايد اُتي ملي پوي. باقي چانھہ پراٺو چئو تہ ڏيانو.“ مون چانھہ گهرائي، اُوڦراٽو هاڻ پراٺُوپرائو ٿي ويو هو، تنھنڪري اُنھيءَ کان پاسو ڪيم. ڪا ڊڳڙي يا ڦلڪو هجي ها تہ کڻي کاوان ها. بسڪوٽ چانھہ سان کاڌم. اُتان اُٿيس تہ بس اسٽينڊ لاءِ ٽانگو ڳوليم. سوچيم تہ ٽڪ ٽڪ ڪندو گهوڙي جي سنبن سان سُر ملائيندو پراڻن واقف رستن کي سڃاڻندو، منجهيل من کي پرڀائيندو ڪو مزو وٺندس. چيائون تہ سائين هاڻ ٽانگا گهٽ ، ڪيونچڪي تي وڃو.هيءَ موٽر سائيڪل سان جوڙيل رڪشا جھڙي سواري هئي. ٽپ ٺينگ ڏيندو هليس. ٽانگي وارو رومانس تہ پورو ٿي چڪو هو. بس هلي تہ اُهي ئي سوڪھڙي وارا نظارا، سارين جا ٻيجارا سڙيل هئا. ڪن تہ ٻيجارو ئي نہ ڪيو هو. ماڻھن ۾ اِها ئي ٻُولاچاري هئي. هن رستي تي ڪئين ئي پنڌ ڪيل هئا. علي نواز پنھور جي ڳوٺ، آباد، مفتون ۽ نياز همايوني جو شھر همايون، آغائن ۽ پٺاڻن جو سلطان ڪوٽ، عجيب ماٺ، مايوسي ۽ موڳائي هئي. شڪارپور ٽپي سرسبز سي، اينڊ ايس ڪاليج وٽان لنگهيس تہ اُهو بہ اُجڙيل هو. جهانو، لکي لنگهياسين. ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي ماڻھو چانھہ تي ائين ويٺا هئا، ڄڻ ڪي پياڪ غم غلط ڪري رهيا هجن. سکر جو شھر برابر شھر هو، پر ڪو ڪاڏي پئي ڀڳو ويو ڪو ڪاڏي، افراتفري جو عالم هو. مان نئين پل تي نئين بس اسٽينڊ تي لٿس. رڪشا ملي ويئي، چيومانس، ”يار چون ٿا سنڌوءَ ۾ پاڻي آيو آهي. پري کان ڏسڻ آيو آهيان. چون ٿا تہ ڏنڀرو بہ آهي تہ پلو بہ آهي. يار اُتي وٺي هل تہ ڪو دريا شاھہ جو ديدار ڪيون.“ رڪشا وارو پھريائين منھنجي منھن ۾ ڏسڻ لڳو، پوءِ يڪدم چڙهي ويٺو. ڦٽ ڦٽ ڪندو سڌو بند روڊ تي دريا شاھہ جي ڪناري تي رڪشا بيھاريائين. مون کي ٻانھن کان وٺي، بند ٽپائي اشارو ڪري چيائين،”هُو ڏس پنھنجو دريا شاهه“ هڪ واهڙُ هو، جو وهيو پئي. ڪي ٻيڙيون پاڻيءَ جي آسري سُڪيءَ تي بيٺيون هيون. سنڌوءَ جاڪنارا آسارا آسارا هئا. هڪ جهونو مھاڻو سُري آيو. مون کي سڃاتائين. ”سائين، توهان مرحوم رشيد ڀٽيءَ جا دوست آهيو نہ، توهان رشيد سان گڏجي ڏنڀرو وٺڻ ايندا هئا. تڏهن تہ پلا بہ جام مرندا هئا. اڄ پلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سير آهي ئي ڪانہ تہ پلي جي سواري ڪٿان ايندي. ڏنڀري ۾ ڏينھن لڳندا . ڪو پاڻي چڙهي، ڪو مالڪ کي رحم پوي. ڪو دريا شاھہ کي جوش اچي. ڏنڀرا ڪُرڙا کوڙ.“ مان ماٺ ميٺ ۾ موٽي اچي رڪشا ۾ ويٺس. چيومانس تہ روهڙي اسٽيشن هل، ڪا گاڏي حيدرآباد لاءِ ملي ويندي. مان نہ مَلڪن نہ سيدن ڏي ويس، جو سندن سور سُجهيا پئي. مون سڄي واٽ رشيد کي ياد پئي ڪيو، جنھن سان سکر آباد هو. اياز ۽ رشيد ڀٽي ڀونءِ ڀيڙا ٿيا. رڪشا وارو، جيڪو ڏاڍوفهميندو هو، تنھن آرام سان هلي اسٽيشن آڏو ٿلھي تي رڪشا بيھاري. پئسا ڏنامانس تہ چيائين.” سائين، اوهان نٿا سڃاڻو، آءُ بہ رشيد ڀٽيءَ جي پاڙي جاگيراڻي پاڙي جو آهيان. ننڍو هئس تہ مون اوهان کي سندس اوطاق تي ڪئين ڀيرا ڏٺو هو. بَگن سائين (رشيد ڀٽي) جھڙا ماڻھو نہ رهيا تہ سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويو آهي. بگن سائين جھڙا سخي، قربائتا، بھادر ماڻھو هليا ويندا آهن تہ درياھہ بہ سُڪي ويندا آهن. سو سائين، آءٌ پئسا نہ وٺندس.“ مون کيس حيرت مان ڏٺو. هو پنڊپهڻ ٿيو ٺنڀ هنيو بيٺو هو. مون کيس ڀاڪر پاتو، پيار ڪيو، پر هو مون وانگر مايوس نہ هو جو هن منھنجو چھرو پڙهي ورتو هو. پوءِ چيائين ”نيٺ هيءُ لُڙ لھي ويندا. ڏسو مان بي.اي پاس آهيان پر پنھنجي محنت ۽ پورهيي سان سکيو ٽڪر کان ٿو. سنڌ جي ڪُک هميشہ سائي رهي آهي اسين نوجوان پنھنجو پاڻي ورائينداسين. هر نئون نسل سنڌڙي کي آباد رکندو ايندو، ٻيو اوهان جھڙن سڄاڻ ماڻھن سان بہ اُٿيا ويٺا آهيون، اهوئي اسان لاءِ گنج آهي، اُهو بہ تہ ڪنھن ڏينھن ڪم ايندو. مان هڪ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس مون کي هوش نہ هو. ڇاڪاڻ تہ منھنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهہ ڀڄي پيوهو. ائين لڳو پئي تہ ڄڻ ڪو مري ويو آهي. شايد منھنجي رومانس خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.
پر چوندا آهن ته”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام.“ سنڌڙيءَ سان هيءُ رومانس مرندي مرندي شايد ڪا اميد جو هڪ ڪرڻو ٻاري ويو هو. اُهو هو رڪشا واري نوجوان جو ڪردار ۽ انداز! مون سوچيو تہ خالي هٿين گهر وڃان پيو. ننڍڙو سلمان ، ڪا نہ ڪا شيءِ گهرندو تہ پوءِ مان کيس اُن رڪشا واري پورهيت جي ڪھاڻي ٻڌائيندس، جيڪو اڃان بہ ٺنڀ هنيو اسٽيشن تي اُميد جو اهڃاڻ بڻجي بيٺو آهي. سندس پيشاني منھنجي رومانس جي آخري چمي سان چمڪي رهي آهي.
(هڪ ڪالم ڪھاڻي)