ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 42
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

اکڙيون ميگهہ ملھار کانپوءِ ڇوٽڪاري جو پيغام

ڏاڏي سونل جڏهن چادري پائي جهُنڊ هڻي هڪ اک سان دنيا جھان کي ڏسندي اچي ٽانگي ۾ چڙهي تہ هن جو ڳاٽ فخر کان اوچو هو. هن حويليءَ جي سالن کان هلندڙ روايتن کي جنھن نموني سان شڪست ڏني هئي، اهو سندس ئي مَرڪُ هو. سندس جگر ۽ همت کي شاباس جو اڄ هيءَ ڪاسائين جي پاڙي پنھنجي ساهيڙيءَ جو مرڻي جو پير ڏيڻ پئي وئي .
هوءَ ٽانگي تي پويان ويٺي هئي ۽ هن مون کي چادري جي اندران هڪ ٻانھن سان قابو جهليو هو ۽ ٻئي هٿ سان چادري کي سوگهو جهلي اک ڪڍيو ويٺي هئي. سندس هنج مون لاءِ ڪشادي هئي، پر مائي ڪاسائڻ جو پوٽو منھنجي ڀرسان ويٺو هو ۽ هوءَ ان کي بہ ڄڻ سنڀاليو ويٺي هئي. يَڪُو ٽانگي وارو هن ڪٽنب جو پراڻو خدمت گذار هو. حويلي وارن يا اوطاق وارن سيٺين کي جنھن مھل وهٽ جي ضرورت پوندي هئي تہ يَڪُو دايو ٽانگي سوڌو هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. پر اڄ يڪو بہ ٽيڪيو ويٺو هو ۽ کيس خبر هئي تہ سندس خاص الخاص سواري ڪير آهي. هن وڏي خاندان جي سربراهه، ڏاڏي سونل پنھنجي وَڏوَرَ پوٽي سان گڏ سوار هئي. سيٺين جي حويليءَ کان نڪرندي رستي جي پرئين پاسي سيٺين جا باغ آهن. ڏاڏي سونل جي وڏڙن جا هنيل باغ، ان جي رستي سان هيءُ وڻراهه، گهوڙي جي مستانا چال، ڏاڏي سونل کي آزادي واري فضا ۾ آڻي ڇڏيو هو. هوءَ هيڏانھن هوڏانھن نظر هڻندي اڳتي وڌي رهي هئي. هن کي اڄ اهو محسوس ٿي رهيو هو تہ ٻاهر جي دنيا کي بہ ڪئين ئي رنگ آهن. ساين کجين جا لھرائيندڙ پاڇا ڪئي گهرا ڪئي ڇڊا، ڪئين ئي سر سبز ساوا پَٽُ. ڪٿي بہ هن ساوڪ کان سواءِ، پَٽُ نہ ڏٺو. هن کي لڳو تہ اها ئي ساوڪ، اها ئي پوک اهي ڊگها سڌا هنيل کجين جا وڻ، سندس وڏڙن جي عظمتن ۽ اوچاين جا اهڃاڻ آهن. هنن پونيرن کيس ڪھڙي بند ۾ اچي هنيو آهي. هوءَ شايد اهو ڪجهہ سوچيندي ئي هلي. مون کي بہ ائين لڳو تہ هيءُ سڳنڌ واسيل جھان ڏاڏيءَ کي بي چين ۽ وياڪل ڪري رهيو آهي. هوءَ جهاڪن سان گڏ ڦٿڪي رهي هئي. سندس جسم هيڏانھن هوڏانھن ڦٿڪي رهيو هو. هن مون کي ويجهو ۽ قابو جهليو، هاڻ مان هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ بہ ٻڌي رهيو هوس. ان گرمائش کان منھنجو وجود الڳ نہ هو. مان ان ماحول ۽ ڏاڏي جي وجود ۽ احساس کان الڳ نہ هوس. ائين مان احساسن جي خوابن مان جاڳي پيس، جڏهن يڪي ٽانگي واري ٻُچڪرن سان گهوڙي کي روڪيو: ”بس! پٽ بس... شاباس پٽ شاباس!“ گهوڙو رينن جي ڇڪڻ ۽ ٻچڪرن تي ڪاسائين جي هڪ ويڙهي جي وڏي در وٽ بيھي رهيو.
ائين گُلو ڏاڏيءَ جو هٿ ڇڏائي سڌو هيٺ ٽپو ڏنو. ڏاڏيءَ گهڻو ”هان هان“ ڪئي پر گلو هوا ٿي ويو ۽ ويڙهي جي اڌ کُليل در مان رڙيون ڪندو اندر داخل ٿيو.
”اڙي امان وڏي آئي آهي... اڙي ڏاڏي سونل آئي آهي.“
ائين ويڙهي جون مايون رڙهي اچي در وٽ بيٺيون. ڏاڏي سونل ٽانگي مان آهستي آهستي لٿي، هلي اچي در وٽ بيٺي. ماسي آسيت جي ڀيڻ وڌي اچي ڏاڏي کي کيڪاريو. جيئن ڏاڏي در اندر داخل ٿي، تہ مايون وڪوڙي ويس، ”ڏاڏي ڀلي آئينءَ“، ننڍين کيڪاريس.
”ادي ڀلي آئينءَ“، وڏڙين اچي ڀاڪر وڌس.
”ماسي کيڪاريومانءِ... ڀلي آئين... جيءُ آئين“. ميڙ مان ڪي ه_ڪاٺ جون تڪڙيون ۽ سَٻرُ مايون نڪري آيون.
ڏاڏيءَ جو هڪ هٿ چادري جي ٻُڪل مان نڪري هنن سان ملندو وڃي، ٻئي هٿ سان هُن مون کي قابو جهليو هو.
هن ويڙهي ۾ چڱا گهر هيا. ڏاڏيءَ کي هڪ پڪي گهر جي ورانڊي ۾ کٽ تي رلي وڇائي اچي وهاريائون. ڪي مرد ننڍا يا وڏا يڪدم ٻاهر نڪري ويا. ڏاڏي چادري لاهي بالم ٿي کٽ تي ائين چڙهي ويٺي ڄڻ پنھنجي گهر اندر ويٺي هجي. هيءُ چوڌاري جيڪو راڄ مڙيو هو سو سندس پنھنجو هو. وڏڙين سڀني کي هيءَ سڃاڻي پئي. شادي غمي ۾ هيءَ وَلَرَ سندس خاندان جي واهر ڪندا آيا هيا. اڳي هو وٽس ويندا هيا، اڄ سندن خبر گيري ڪرڻ واري خاص طرح ماسي آسيت جي ساٿياڻي وٽن هلي آئي هئي. ڪي سامھون کٽن تي چڙهي ويٺيون، ڪن کي هن ڇڪي پاڻ واري کٽ تي ويھاريو جو همسري ڪري ساڻس گڏ وهڻ کان هٻڪيون پئي.
سڄي ويڙهي ۾ هر هڪ جا عجب جذبا هيا. ڏک ۽ خوشي جون گڏيل ريکائون سندن چھري تي ڦھليل هيون. مون اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو جو مان سمجهہ سان هيس. گُلو کان تہ وڏو هيس. ڪن رنو پئي تہ ڏاڏيءَ بہ ڳوڙها پئي ڳاڙيا، ڪن جا ڳوڙها ڏاڏي پئي اگهيا. غم جا پاڇا گهڙي ۾ جهڪا ٿي ويا تہ ڏاڏي هڪ هڪ جو نالو کڻي ساڻن خوش خير عافيت ڪئي.
”ادي شفاعت! تون خوش آن... ادي مومل! ڪيئن آهين، هاڻ تہ ڇوڪرا ڪمائڻ لڳا هوندءِ... ادي شانل! تنھنجون نھرون ڪيئن آهن؟... ۽ ادي آسيت تنھن جون نھرون ڪٿي آهن... اڙي ڇوڪريون ويجهو اچو تہ ڏسانوَ تہ سهي تہ ادي شانل ۽ ادي آسيت ڪھڙيون موملون آنديون آهن.“
ڪي نينگريون کجڪو ڪنديون هڪ ٻئي کي اڳ ڪرڻ جي ڪندي اچي ڏاڏيءَ سان جهڪي مليون. ڪن منھن موچارين سان چڱي طرح ملي تہ ڪن شڪل جي سادين کي ڏسي ٿورڙو منھن کي موڙو ڏنائين. ڏاڏيءَ جي ڪچھري، ملڻ جلڻ، کلڻ بحال ٿي ويو هو. آهستي آهستي محفل مچندي وئي. ڏاڏيءَ لاءِ سندس پسند جي جوئر جي ماني، بصرن، مرچن مسالن سان ڀريل مکڻ جو مَکُ ڏنل ۽ لسي کڻي آيا. مون کي ڊڳڙي تي مکڻ ۽ مٿان کنڊ ٻُرڪي ڏنائون. ڏڌ مون بہ پيٽ ڀري پيتو. يڪي ٽانگي واري جي ٻاهر لئہ لڳي پئي هئي. ائين يڪي ڀڻڪو ڪڍيو تہ ”اندر چئو تہ ڏينھن تپي باھہ ٿي ويو آهي... جيجيءَ کي چئو تہ جيترو جلد نڪري اوترو سٺو.“
اسان اچڻ ۾ منجهند تہ ڪري ڇڏي، هاڻ ڪجهہ پاڇا بہ لڙيا هيا پر ٽئين پھر جي گرمي کي پنھنجا رنگ آهن. ڏاڏيءَ جو ٻڌو تہ بِرُ ٿي وئي: ”ماريي يڪي جو مٿو بہ تپي ٽامڻي ٿي ويو آهي. روز روز تہ نڪرڻ نہ ڏيندا. اڃا حجمن جي پاڙي بہ هلڻو آهي. ٻڌو اٿم تہ ڪمون حجم جي گهر واري... مُلي ڏاڍي بيمار آهي... جيڪر وڃان ۽ کيس پل لاءِ بہ ڏسي اچان.“
ڏاڏيءَ کي پويان جا سور سُجهيا پي، هوءَ ڀڻڪندي اُٿي ۽ ٻہ ٻہ ڀاڪر ڀري هر هڪ کان موڪلايائين ويڙهي جي در تائين هيءَ سادڙيون سودڙيون، ننڍيون وڏيون پر قربائتيون مايون نڪري ٻاهر ٿي بيھي رهيون. ڏاڏي ٽپ ڏئي پويان ويٺي تہ مان بہ ڀرسان ئي ويٺس. هن مون کي اهو ئي ڀاڪر ۾ قابو ڪيو. گلو هن دفعي يڪي سان اڳيان ٿي ويٺو. يڪي ٽانگي جي ڦيٿي ۾ لڪڻ وجهي ٺڙ ٺڙ جا آواز ڪڍندو وڏي رستي تي آيو تہ ڏاڏي اتان ئي هڪل ڪيس.
”هان هان! يڪا تنھنجو ۽ تنھنجي گهوڙي جو هڪڙو ئي رستو ڏٺل آهي ڇا. ٻيو تڪڙ ڇاجي لاتي اٿئي. ابا! نڪتا آهيون اوير سوير انھيءَ عثمان جي ديري تي پھچي وينداسين،“ ڏاڏيءَ جو عثمان جو نالو وٺندي وات ڪوڙو ٿي ويو. ”في الحال تہ حجمن جي پاڙي عبدالڪريم ڪمونءَ جي گهر هل تہ سندس گهرواريءَ کان پڇي اچون.“
يڪو ٽانگي وارو هن حويليءَ جو پراڻو ٽانگي وارو هو. حويلي جي ڊيوٽي يا اوطاق وارن ڏاڏن يا چاچن جي ڊيوٽي مٿس هئي. سندس پٽ جو ٽانگو يا داين جا هڪ ٻہ ٻيا ٽانگا هن در جا ٻَڌل هئا. يڪي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي، اڳيان هلي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هيءُ گَسُ پنڌ ويجهو هو ۽ ڏاڏيءَ جي منزل جو ٻيو ڏاڪو هو.
ٽانگو هڪ ڪچي پڪي جاءِ وٽ بيٺو. ڏاڏي ٽپ ڏئي لٿي. مون کي هيٺ لاٿائين ۽ هڪ اک چادري مان ڪڍي هيڏانھن هوڏانھن ڏٺائين. هن ٽامڻي منجهند جو گهٽي خالي هئي. هوءَ جهڙاپ ڪري هڪ در اندر داخل ٿي، ڄڻ کيس خبر هئي تہ ڪمون حجم جو گهر هيءُ آهي. اندر گهڙياسين تہ ننڍڙي اڱڻ ۾ ڪير ڪونہ هو. هوءَ اسان جي اڳواڻي ڪندي ورانڊو لتاڙي هڪ گهٽي مان ٿيندي جاءِ جي پويان ٺھيل هڪ ڪمري تي هلي بيھي رهي. ”هيءَ جاءِ منھنجي ڏٺل آهي. جڏهن تنھنجو ڏاڏو حيات هو تہ هتي شادي غمي تي ايندي هيس. ڪمونءَ جي گهر واري شادي جي موقعي تي پنھنجيون ڀاڄايون وٺي اسان جي گهر ڊڳڙين جا ٿها پچائي ڏئي ويندي هئي.“
هن ساهي کڻي مون ڏي ڏٺو، پوءِ ٻيڪڙيل در تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران مڙداڻو آواز آيو.
”ابا! ڪير آ... هليو آ.“
ڏاڏي ڪا پل بيٺي رهي. ائين جهونڙو ڪمون حجم، جيڪو هر هفتي اَسان ۽ اسان جي سوٽن جا وار لاهيندو هو، ڪڏهن اُبتي پاڪي وهائي من الپٽي ڪري ڇڏيندو هو. ”ابا هينئر ٺوڙهو ڪرائيندو تہ وڏي هوندي ڏاڍا گهاٽا وار ايندؤ... اچو اچو...“ اسان مان ڪي ڀڄي ويندا هئا، ڪي سندس جهڙپ ۾ ايندا هئا. شادي غمي ۾ اچي رڌ پچاءُ ڪندو هو، رڌ پچاءُ جو وڏو ڪاريگر هو. پلاءُ ۽ پساھہ اهڙو پچائيندو هو جو چئي کڻي بس ڪر. ڪمري جو در کليو. ڪمون جيڪو پوڙهو ٿيو هو پر کڙو تڙو سامھون بيٺو هو. هن مون کي جو ڏٺو تہ يڪدم سڃاتائين، ڏاڏي جيڪا هڪ اک ظاهر ڪريو بيٺي هئي پر ان جي بيھڪ ۽ کڙي تڙي ڳالھائڻ مان سمجهيائين تہ حويلي جي وڏڙي آئي آ.
”ابا! ادي مَمُل کي پڇڻ آيا آهيون... ڪٿي آ.“
هو اڳيئي هَڪو ٻَڪو ٿيل بيٺو هوا کر نہ اڪليس، يڪدم در کولي اشارو ڪيائين. اسان ڏٺو ماسي ممل منھن ويڙهيو پئي هئي. ڏاڏي اندر گهڙي ۽ ڪمون گولي ٿي ويو. ڏاڏيءَ جڏهن منھن تان چادر جو پلئہ هٽايو تہ ماسي ممل جيڪا بيماري وگهي ساڻي ٿيو پئي هئي ٽپ ڏئي اُٿي ويھي رهي. ڏاڏي ڀرسان ويھي دلجوئي ڪيس تہ مائي ڄڻ مُني چاڪ. گهڙيءَ ۾ ماسي ممل جون ڌيئر ٻين ڪمرن مان نڪري نروار ٿيون. ڪي شربت تہ ڪي سڱر مرملا ۽ بسڪوٽ کڻي آيون. ڏاڏيءَ سڀ سوري مون آڏو رکيو. ڏاڏي گهڻو وقت نہ ويٺي پر پُر بھار ٿي اُٿي. اڱڻ تي آئي تہ در ۾ در هو. هوءَ هڪدم ٻئي گهر هلي وئي.ا ئين ڪيئي گهر گهمي آئي. ڪنھن گهر کي پٽڙي جو اولاد ٿيو هو تہ ڪنھن گهر اگهائي هئي. ڏاڏي طوفاني دورو ڪندي اچي ٽانگي ۾ ويٺي. مون کي ڇڪي مٿي ڪيائين ۽ ڀاڪر ۾ جهليائين. گلو اهو ئي اڳيان. يڪي دير ئي نہ ڪئي. پاڇا لڙي هليا هليا. ڊگهين کجين پويان سج لڪندو پئي ويو. شام وارو هڳاءُ رستي تي جام هيو. ڏاڏي وڏا ساھہ پئي کڻي ۽ هڳاءُ کيس ڪنھن ٻئي ديس پئي نيو. مون بہ ٽي دفعا وڏا ساھہ کنيا ۽ وڻن ٻوٽن جي خوشبو مزو ڏئي ڇڏيو. هاڻ منزل پري ڪانہ هئي. گهوڙي جي سنبن جو آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو ۽ پوءِ بيھي ويو.
حويلي اچي وئي هئي. گهوڙو حويليءَ جي ٻاهران گهيڙ وٽ بيھي رهيو. ڏاڏيءَ چادري اندران، رئي کي سٽ ڏئي ٿورو ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪنڊ ۾ ٻڌل ڳنڍ مان ٻہ ڊينگلا رپيا ڪڍي يڪي کي ڏنا. هو وائڙو ٿي ويو. ڀاڙو کيس اوطاق تان ملندو هو، ٻيو اَنُ اناج الڳ ملندو هو. هن گهڻي نہ نہ ڪئي پر ڏاڏيءَ دڙڪو ئي هڪ ڏنس.
”اڙي بابا وٺ. مکڻ پئي مٿو ٿو رجئي. مان چوانءِ ٿي تہ وٺ... فائدي ۾ رهندين. هاڻ تون هوندين ئي منھنجي ڊيوٽيءَ ۾.“ يڪي وڌيڪ دڙڪن کان بچڻ لاءِ ڊينگلا ورتا. ڏاڏي حويليءَ ۾ داخل ٿي تہ ڏاڏي عثمان جو گوڙ لڳو پيو هو. اڄ تاريخي حڪم عدولي ٿي هئي. سڄو گهر هن جي آواز سان گونجيو پئي ۽ مَڪين ويچارا سهميا پيا هئا. ڪُڇڻ جي بات نہ هئي. ڏاڏي کي ڏسي سڀني جي پيٽ ۾ ساھہ پيو. سندن منھن تي رونقون موٽي آيون. ڏاڏي چادري لاهي کٽ تي سٽي.
”ڇائي... گوڙ لاٿو اٿئي عثمان! اسان کي جيئڻ بہ ڏيندين يا نہ.“ پوءِ هن منھنجي چاچي ۽ پنھنجي ننڍي پٽ کي سڏ ڪرايو.
”اڙي، حاجن ڪاٿي آهي، سڏ ڪيوس.“
چاچو حاجن ڪمري مان اکيون مهٽيندو ڊوڙندو نڪتو.
”جي قبلا! جي قبلا!“
”حاجن! مون جو توکي چيو هو تہ ڪا جاءِ هٿ ڪر، اسان کي هن حويليءَ ۾ ناهي رهڻو. هت گهُٽَ ٻوسٽُ آ. ڇوٽڪارو کپي، هن عذاب کان ڇوٽڪارو!“
”قبلا جاءِ وٺي ڇڏي آ... ڀرسان ادي وڏي لاءِ جاءِ بہ ورتي آهي. هيءُ وانڪيون جايون هيون، ڪليمن ۽ مھاجرن کي مليون هيون. ڪجهہ ڪاڳرن ۾ ۽ ڪجهہ مرمت ۾ وقت تہ لڳي ويندو. توهان سڀاڻي هلو.“
”سڀاڻي ڇو؟ اسين اڄ هلنداسين.“ ڏاڏيءَ جي ڳالھائڻ ۾ فَلڪَ هئي. هن ڏاڏي عثمان کي ٻڌائڻ پئي چاهيو.
”بابلا! وڃ يڪي کي چئو تہ گهڙيءَ ۾ موٽي اچي داين جي سڄي آڪھہ جا جيڪي ٽانگا اٿس وٺي اچي. اسين اڄ لڏيون ٿا. جيڪي ديوان لڏي ويا تہ اسين سندن جاءِ ڀرينداسين. اسان جا وڏڙا بہ لھاڻا هيا. اسين کانئن ڪھڙو جادو آهيون. وڃ جلدي ٽانگن جو چئي آ. هن گهر جو تہ پاڻي بہ حرام آ.“
بس وٺ وٺان ٿي وئي، سامان ٻڌجي ويو. ڪجهہ ٽانگن تي ويو ڪجهہ هٿو هٿ ويو. جڏهن ڏاڏي وَلرَ ۽ نھرن سان حويليءَ مان هلڻ لڳي تہ سج لھي چڪو هو. لالٽين جي روشني تي هن اُنھن اداس چھرن کي ڏٺو، جن کي ڏاڏي عثمان جي حاڪميت ۾ اڃا گذارڻو هو. هوءَ مرڪي پئي.
”دل نہ لاهيو، نئين سج نڪرڻ سان توهان بہ هتئون نيٺ نڪرندو، هر هڪ کي پنھنجو گهر هوندو. عثمان گهڻا ڏينھن جيئرو هوندو.“
پوءِ پٺي ورائي ڏاڏي عثمان کي گهوري ڏٺائين. هو پينگهي ۾ خاموش ويٺو هو. ”عثمان مان وڃان ٿي، ٻين کي تنگ نہ ڪجانءِ، اهي پکي بہ اُڏري ويندءِ. تون هنن جي ڳڻتي نہ ڪر، رڳو پنھنجو فڪر ڪر ڪڏهن ٿو تنھنجي پاپن جو گهڙُو چوُر ٿئي. اڙي! معصوم ماريا اٿئي، معصومن ۽ ابهمن جي مار پوندءِ. گنهگار تہ مان بہ آهيان پر ڌڻي منھنجا گناھہ بخشيندو. ڪا خير خيرات ڪندس، هنن ابهمن کي آجو ڪري پڙهائيندس. ٻي دنيا ڏيکاريندس تہ ڪجهہ چڙهي پوندس. هن جمعي تي خيرات آهي. سڄي ڳوٺ کي دعوت آهي، توکي ۽ باقي هن بچيل ڪٽنب کي بہ دعوت آهي پر اهو خيال ڪجانءِ تہ هن دعوت ۾ غريب ڪاسائي ڪاسائڻيون، حجم ۽ حجمياڻيون، دايا ۽ دايون، ڪڙمي ۽ ڪاسبي سڀ هوندا. پلئہ سوگها ڪجانءِ ۽ ڏسجانءِ متان تنھنجو پلئہ لڳي پوي ۽ مانُ هيٺ ٿئي.“ ڏاڏي ايئن، اهو ئي چادري جو ٻُڪل هڻي ڏيڍيءَ کان ٻاهر نڪري وئي. هيل کيس ڏيڍي سڌي ۽ بنا ور وڪڙڻ جي لڳي. هوءَ سڌو يڪي واري ٽانگي ۾ اچي چڙهي. يڪي مون کي مٿي چاڙهيو. ڏاڏي ڀاڪر ۾ جهليو. ائين ڪنھن آواز ڪيو.
”ڏاڏي امان!“
هيءُ گُلو هو جيڪو گهٽيءَ ۾ يڪو ويٺو رهيو هو ۽ هاڻ ڏاڏيءَ کيس ڇڪي مٿي ڪيو ۽ پنھنجي ٻئي پاسي ويھاريائين ۽ کلي چيائين، ”اڙي تون تہ منھنجي سِرَ سان آهين.“
ڏاڏي ڏاڍي ڪَرُو فڙ سان ويٺي ۽ اچي نئين جاءِ ۾ داخل ٿي.
ڳوٺ وارا چون ٿا تہ هئڙو خيرُ اسان حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو. ڳوٺ جو ڪو ڪٽنب ڪو قبيلو نہ رهيو هو. ڪو غريب غربو، پورهيت ڪونہ رهيو هو، رڳو عثمان بچيو هو جيڪو خاموش حويلي ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ واءُ ٿي ويو. کيس ڪير بہ ياد ڪونہ ٿو ڪري، پر اڄ بہ ڏاڏي سونل سڀ ڪنھن کي ياد آهي. هن جا سڀني سان پير ڀريل ياد آهن ۽ مون کي ڏاڏي سونل نہ ٿي وسري. خاص طرح هن جو ڇوٽڪاري ۽ آجپي وارو هڳاءُ وارو سفر جنھن سان چوڌاري ڇوٽڪاري جي هوا گهلي وئي. اڄ هندن ديوانن وارا گهر آباد آهن پر نوان گهر ٺھيا آهن. ور وڪڙ ڏيڍين واريون قديمي حويليون ڊهي چڪيون آهن. ان سان ڏاڏي سونل جھڙا مڻيادار ماڻھو بہ ڊهي ڀُري پنھنجن قدرن جي پرچار جي وزن سان گڏ زمين اندر دفن ٿي ويا آهن. پر سندن ڏنل پيغام اڄ بہ ”انسان جي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪاري“ جي صورت ۾ چوڌاري گونجي پيو.

(هيءَ ڪھاڻي ”مھراڻ“ جي گذريل پرچي ۾ ڇپيل ڪھاڻي ”اکڙيون ميگهہ ملھار“ جي تسلسل ۾ لکي وئي آهي.)