اَمھاڳ
مان بنيادي طور تي افسانوي ادب لکندڙ (Fiction writer) آهيان. گذريل چاليھارو سالن کان ڪھاڻيون ۽ گذريل اٺاويھن سالن کان ڪھاڻين سان گڏ ٽيلي ناٽڪ بہ لکندو رهيو آهيان، تہ ويجهڙائي ۾ منھنجو هڪڙو ناول بہ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڏات ڪڏهن وڌيڪ مھربان ٿي تہ ڪنھن شعر جي آمد بہ ٿي، تہ ڪڏهن وري ڪجهہ لکڻ خاطر ڪالم بہ لکيا اٿم، پر اخباري ڪالمن کان هٽي ڪري، مون کي اهو اندازو قطعي نہ هيو تہ، مون انھن چاليھارو سالن ۾، ٿورڙي ڳڻپ جيتروئي ڪو غير افسانوي ادب بہ لکيو آهي. سو هي ڪتاب منھنجي خواب خيال ۾ ئي نہ هيو.
مون پنھنجي ٽڙيل پکڙيل شاعري ۽ ڪالمن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ پئي سھيڙيو، جو هڪ ڏينھن منھنجي دوست گل ڪونڌر، ماهوار ”ادب“ ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيل منھنجين ڏهاڪو لکڻين جا ڪمپيوٽر پرنٽ آئوٽ آڻي مون کي ڏنا. هن منھنجيون اهي تحريرون پنھنجي ذاتي ڪمپيوٽر ۾ سنڀالي رکيون هيون، جيڪي هن جڏهن گڏ ڪري اوچتو مون کي ڏنيون تہ، مون کي اندازو ٿيو تہ اهو مواد ڪتاب جي لڳ ڀڳ ستر صفحن جيترو هو. اهو مواد هٿ لڳو تہ، خيال آيو تہ انھيءَ ساڳئي نوعيت جو، ايتروئي منھنجو ٻيو مواد، ٻين مختلف رسالن ۾ بہ موجود هوندو ۽ نثر جي مختلف صنفن تي مشتمل منھنجو ڏيڍ سؤ کن صفحن جو ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو. انھيءَ خيال سان پنھنجي گهر ۾ ئي موجود رسالن ۽ فائيلن کي اُٿلايم تہ، منھنجي اندازي کان وڌيڪ ٻيو مواد پڻ موجود مليو، جنھن جي نتيجي ۾، منھنجي اندازي کان ٻيڻو هي ڪتاب وجود ۾ اچي ويو!
هن ڪتاب ۾، جتي انھن لمحن جو ذڪر آهي، جيڪي يادون بڻجي ذهن جي ڪينواس تي چِٽجي ويا آهن، تہ اتي ڪجهہ انھن اڻوسرندڙ هستين جا عڪس بہ آهن، جن جي وڇوڙن جا لمحا سدائين لاءِ اکين ۾ فريز ٿي ويا آهن…
مون عرض پئي ڪيو تہ، مان بنيادي طور تي افسانوي ادب جو لکندڙ آهيان، سو افسانوي ادب ليکڪ پنھنجو پيغام اڻ سڌي طرح، ڪردارن جي حوالي سان Communicate ڪندو آهي، پر هن ڪتاب ۾ نہ ڪو افسانو آهي ۽ نہ ئي ڪا افسانوي ڳالھہ. مون کي جيڪو ڪجهہ چوڻو آهي، اهو تہ مون هن ڪتاب ۾ موجود تحريرن ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو تہ، هن ڪتاب لاءِ ڪنھن بہ روايتي مھاڳ جي ضرورت ناهي.
زيب سنڌي
Zaibsindhi@hotmail.com
حيدرآباد، سنڌ .
2- مئي 2012ع