طارق عالم: هيءَ گلاب جي خوشبو
طارق عالم زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ بھادر شخص هو، جنھن ڪري هو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ موت کان نہ ڊنو. طارق سان منھنجي دوستي پنجٽيھہ سالن جي طويل عرصي تي پکڙيل رهي ۽ اسان ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ روم پارٽنر بہ رهياسين. راتين جون راتيون گڏ جاڳياسين، گڏ رلياسين، گڏ کلياسين ۽ گڏ رناسين بہ. انھيءَ عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا موت تي بہ ڳالھايوسين، پر هو پنھنجي نوجوانيءَ کان وٺي ڪڏهن بہ مون کي موت کان ڊنل نہ لڳو هو. هو جنم کان موت تائين جي سفر کي ٻن ريلوي اسٽيشنس جي وچ وارو فاصلو ئي سمجهندو هو. هن جي نظر ۾ زندگي هڪ اهڙو سفر هئي، جنھن ۾ ماڻھو صبح جو هڪ اسٽيشن تان چڙهي ٿو ۽ رات جي وقت ڪنھن ويران ريلوي اسٽيشن تي لھي، پليٽ فارم تان هلندو اونداهين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن لکيو هو، ”خبر ناهي ڪيڏي مھل، ڪھڙي ايندڙ گهڙيءَ ۾...هميشه لاءِ خال خال بڻجي، ڪتابن جي طويل ور وڪڙ ڏاڪڻين تي چڙهندو، تازيون هوائون جهٽيندو، لفظن جي ترورن ۾ غائب ٿي وڃان!“
موت جو خوف تہ هن کي ٽيويھہ سال اڳ بہ نہ ٿيو هو، جڏهن هو ٽڙيل گلاب جھڙي ڦوھہ جوانيءَ ۾ هو ۽ سندس گڙدن پھريون دفعو ساڻس بي وفائي ڪئي هئي. تڏهن بہ هو ٽھڪ ڏيندو رهيو هو، ”اڙي يار خير آ...زندگي آهي تہ آهي، ناهي تہ ناهي....!“ پر تڏهن سندس لنڊن ۾ علاج ممڪن ٿي سگهيو هو ۽ هو وري ڄامشوري جي هوائن ۾ موٽي آيو هو...۽ موت جو خوف تہ هن کي ڪجهہ مھينا اڳ بہ محسوس نہ ٿيو، جڏهن کيس خبر پئي تہ هڪ دفعو وري هو موت جي اونداهي کاهيءَ مٿان اچي بيٺو آهي. هو موت کان ڊڄي ها تہ پنھنجي مڪمل صحتيابيءَ واري دور ۾ ڇو ائين لکي ها تہ:
تون نہ روئجانءِ
مان وڃان هُن پار ٿو
ڏک نہ سوئجانءِ!
پر جڏهن ڪجهہ مھينا اڳ هو ٻيھر ساڳئي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ هن ڀيري سندس واهر ۾ ڏينھن ۽ راتيون وهامڻ لڳيون تہ، سندس گهر ڀاتين، ڀائرن ۽ دوستن جون اکيون آليون ٿيڻ لڳيون. سڄي سنڌ مان واڪا ٿيڻ لڳا تہ وقت نہ وڃايو، پر وقت وڃائبو ئي رهيو... هن بندي لکيو هو تہ، ”طارق عالم کي بنا دير جي علاج خاطر ٻاهر موڪليو وڃي، ڇو تہ وقت ڪنھن جو بہ انتظار ناهي ڪندو. وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جيان ٻُڪ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ويندو آهي...ڪٿي ائين نہ ٿئي تہ وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي پئي...!“ پر سمورين رڙين جي باوجود وقت وڃائجي ويو. وقت جي چيچ مان زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي ڪري پيو ۽ گم ٿي ويو...طارق وڇڙي ويو....
طارق ئي لکيو هو تہ:
هر وقت وڇوڙو آ
هر ماڳ جدائي آ
۽ 11-جون تي رات جو جڏهن طارق عالم جي ساھہ جو پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي چڪو ۽ هو وڇوڙي جي وقت، جدائيءَ جي ماڳ تي سرجن اديب رضوي صاحب جي وارڊ ٻاهران ايمبولينس ۾ ستل هو ۽ ڪراچيءَ کان ڄامشوري طرف طارق جي آخري سفر جي شروعات ٿي رهي هئي، تڏهن اديب رضوي صاحب وارڊ مان نڪري ايمبولينس طرف هليو آيو هو. رضوي صاحب طارق جي وڏي ڀاءُ دارا ابڙي جي سامھون اچي بيٺو هو ۽ ڏک سان چيو هئائين، ”ابڙو صاحب، شرمسار هون ڪي مين طارق ڪو نھين بچا سڪا!“
شرمسار سرجن اديب رضويءَ جھڙي انسان کي نہ، ٻين کي ٿيڻ گهرجي....اديب رضوي صاحب تہ طارق لاءِ مسيحا هيو، جنھن ٽيويھن سالن تائين سندس خيال رکيو، پر زندگيءَ جا آخري ٽي مھينا طارق پرڏيھہ مان علاج جي انتظار جا اوجاڳا ڪندي، نيٺ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون، جنھن کانپوءِ نہ هن جي زندگيءَ ۾ ڪو صبح ٿيو ۽ نہ ئي هو پنھنجو اڻ پورو ناول ”صبح“ مڪمل ڪري سگهيو!
عجيب اتفاق آهي تہ طارق پنھنجي مشھور ناول ”رهجي ويل منظر“ جي پڄاڻي انھن سٽن سان ڪئي هئي تہ، ”مان ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو.... ڪيڏو سک آهي هتي....سک، جيڪو ميلن تائين پکڙيل آهي... مان درد جون سموريون سرحدون پار ڪري آيو آهيان....سڀ نفرتون، سڀ محبتون اوندھہ ۾ وڃائجي ويون آهن... ننڊ منھنجي ڇپرن تي ماکيءَ لار جيان اوتجي پئي آهي. مان وڌيڪ جاڳي نٿو سگهان، وڌيڪ جاڳڻ بہ نٿو چاهيان... مون کي معاف ڪري ڇڏجو...مون کي سخت ننڊ....ننڊ....ننڊ....“
طارق تہ ابدي ننڊ سمھي پيو پر سوال اهو آهي تہ معافي ڪنھن کي وٺڻ گهرجي...؟
هن دل مان تہ اهو جواب ٿو اچي، تہ شايد...اسان سڀني کي... پر ڇا ٿيندو.... هو تہ هليو ويو....اڄ تہ سندس ٽيجهو آهي... ٽيجهي کان پوءِ قبر تي رکيل گلاب بہ مرجهائجڻ لڳندا آهن... بس دعا ئي ڪري سگهجي ٿي تہ، زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هن ليکڪ جي ياد، سنڌ جي سيني ۾ سدائين تازي رهي ۽ سندس تربت تي رکيل گلاب ڪڏهن بہ نہ ڪومائجن.
هيءَ گلاب جي خوشبو
ٿي اچي پري تائين
۽ سڏي پئي مون کي
سمنڊ جي تري تائين...
مان وڃي چڪو آهيان
ڇو ٿي مون کي ڀنڀلائي
پيار سان ڳلي لائي
هيءَ گلاب جي خوشبو...! (طارق عالم)
(14 جون 2011ع)