مان ڇو ٿو لکان؟
مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڪئي هئي. تڏهن مان لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. حساب ڪرڻ مون کي ڪڏهن بہ نہ آيا. اڄ بہ پندرهن کي ٽن سان ضرب يا ونڊ جھڙا ننڍڙا حساب ڪرڻ بہ مون کي نٿا اچن. مان حسابن جي پيرڊ دوران اسڪول کان ڀڄي ويندو هوس، پر امان جي دڙڪن جي خوف کان گهر وڃڻ بجاءِ ڪنھن پارڪ ۾ هليو ويندو هوس.گلن، پکين، ڀنڀورين ۽ پوپٽن سان وقت گذاريندو هوس. پوپٽن پويان ڊوڙندو تہ هوس، پر ڪڏهن بہ ڪنھن پوپٽ کي پڪڙي مون پنھنجي ڪتاب ۾ وجهي، سندس زندگي نہ ڦري. ڀنڀوريون پڪڙيم تہ ڏِسي، ڪجهہ دير کان پوءِ وري اڏائي ڇڏيم. پوپٽن ۽ ڀنڀورين پويان ڊوڙي جڏهن ٿڪبو هوس تہ، پارڪ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هوس. انھيءَ اڪيلائيءَ وارين سوچن ۾ منھنجي اندر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪھاڻيون سرجنديون هيون. تن ڏينھن ۾ ئي اردو اخبار ”مشرق“ جو ٻارن وارو صفحو نظر مان گذريو. انھيءَ ۾ ٻاراڻيون ڪھاڻيون پڙهي خيال آيو تہ، انھن کان بھتر ڪھاڻيون تہ روز ٿيون منھنجي ذهن ۾ سرجن. سو ائين هڪ ننڍڙي ڪھاڻي اردوءَ ۾ لکي ”بچون ڪا مشرق“ ۾ موڪليم تہ هڪدم ڇپجي ويئي. ان کان پوءِ اردو توڙي سنڌي اخبارن ۾، ٻارن جي صفحن ۾ لڳاتار منھنجون ڪھاڻيون (اصل نالي محمد خان شيخ سان) ڇپجنديون رهيون. انھن ڪھاڻين سبب اسڪول ۾ ڪيئي ڀيرا مار بہ ملي. جڏهن استاد هوم ورڪ چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪاپي وٺندو هو ۽ ڪاپيءَ ۾ هوم ورڪ بجاءِ ڪھاڻي ڏسندو هو تہ، پوءِ ڪھاڻيون لکندڙ منھنجا نازڪ هٿ رُول سان ڳاڙها ٿي ويندا هئا، پر منھنجا هٿ ڳاڙها بہ ٿيندا رهيا ۽ ڪھاڻيون بہ لکندا رهيا.... ۽ پوءِ .... جڏهن منھنجي عمر سترهن سال هئي، تڏهن مون کان اهڙي سنڌي ڪھاڻي لکجي ويئي، جو لڳو هو تہ ننڍپڻ کان پوءِ ڇوڪرائپ وارو زمانو اوچتو وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هجي. اها پھرين ڪھاڻي هئي، جيڪا ٻارن جي اخباري صفحن بجاءِ وڏن جي رسالي”رهبر ڊائجسٽ“ جي آگسٽ 1974ع جي شماري ۾ ”زخمي دل“ جي عنوان سان ڇپي هئي. انھيءَ ڪھاڻيءَ سان مون پنھنجي اختياري نالي زيب سنڌيءَ سان باقائدي سنڌي ادب ۾ پير پاتو هو. جڏهن زيب سنڌيءَ جي نالي سان لکيل اها پھرين ڪھاڻي ڇپجي منھنجي هٿن ۾ پھتي هئي، تڏهن پھريون ڀيرو مون کي اها خبر پئي هئي، تہ سانڀر جي پھرئين سال کان وٺي منھنجي اندر ۾ بيچيني ڇو هئي. سبب تہ سمجهہ ۾ اچي ويو، پر اها بي قراري گهٽجڻ بجاءِ اڃا بہ وڌي ويئي.... بس اها ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي تہ منھنجي اندر ۾ ڪجهہ آهي، جنھن کي مان اظھارڻ ٿو چاهيان.
پنھنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خيال کي، منھنجي اندر جي اها بي قراري ئي اظھار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي .اهو ئي سبب آهي تہ لکڻ وارن ستٽيھن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ڪڏهن بہ ڪا وڏي وٿي ناهي آئي، جو مان نہ لکي سگهيو هجان. ها، منھنجي لکڻ جي صنف ڪا هڪڙي ناهي رهي. 1974ع ۾ ڪھاڻيءَ سان ابتدا ڪيم، 1977ع ۾ پھريون شعر لکيم ۽ 1986ع ۾ پھريون ٽي وي ڊرامو لکيم. منھنجي تجربي مطابق ڪابہ تخليق پنھنجو فارميٽ پاڻ کڻي ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي جو مون شاعري بہ ڪئي. نہ تہ مان ڪڏهن بہ ڪو شعر نہ لکان ها. منھنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو مھينو تہ اهڙو بہ رهيو آهي، جڏهن شاعريءَ کي مون پنھنجي چوڌاري هوائن ۾ پئي محسوس ڪيو ۽ شعر مينھن ڪڻين جيان منھنجي مٿان پئي برسيا. ان مسلسل ڪيفيت ۾ هر وقت شعر لکي پئي سگهيس. دوستن پاران ڏنل قافيي تي، دوستن جي سامھون ئي پنجن منٽن کان بہ گهٽ وقت ۾ پورو غزل مڪمل ڪري پئي ورتم، جنھن ۾ نواڻ بہ هئي. ڪيترا ئي شعر لکيم ۽ هِتي هُتي رکي وساري ڇڏيم. اڄ بہ هڪ ڪتاب جيتري شاعري مون وٽ موجود آهي، پر شعري مجموعو نہ ڇپرايو اٿم.
ڪھاڻيون مون مسلسل بہ لکيون آهن، تہ ڪڏهن وري ڪھاڻيءَ ۽ قلم جي وچ ۾ فاصلو بہ رهيو آهي. پنجن ستن سالن جي وٿي بہ اچي ويئي آهي، پر اهي سال بہ مان خاموش نہ رهيو آهيان. انھن سالن ۾ لڳاتار ٽي وي ڊراما لکندو رهيو آهيان.
ٽي وي ڊرامو لکڻ جي ابتدا 1986ع ۾ پنھنجي ڪھاڻي ”وڃايل ٻار“ جي ساڳئي نالي سان ئي ڊرامائي تشڪيل ڪري ڪئي هيم. پنجويھن منٽن جو هڪڙو ڊرامو ٽي ويءَ تي ڇا هليو، ڄڻ شھرتن جي شاهراھہ تي پاڻ کي بيٺل ڏٺم. هر طرف کان مڃتا جا گل ملڻ لڳا. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن پاڪستان ۾ هڪڙو ئي ٽي وي چينل هو، پي ٽي وي. سڀ ماڻھو اهو هڪڙو ئي ٽي وي چينل ڏسڻ لاءِ مجبور هيا ۽ هفتي ۾ هڪڙو ئي پنجويھہ منٽن جو سنڌي ڊرامو هلندو هو، جنھن جو خلق سڄي هفتي تائين انتظار ڪندي هئي. ٻن اڍائي سالن ۾ ڏهاڪو سولو پلي لکيم، جيڪي محمد بخش سميجي، بيدل مسرور ۽ سميع بلوچ پروڊيوس ڪيا. انھن ئي ڏينھن ۾ پھرين ڊراما سيريل ”سمنڊ جون سرحدون“ بہ لکيم، جنھن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو. سو شھرتن جي اها شاهراھہ مون کي ڪھاڻيءَ کان ڪجهہ پرتي وٺي ويئي.
حقيقت اها آهي تہ ڪھاڻيءَ تي مشق ڪرڻ واري دور کان اڃا اڳتي مس وڌيو هوس، تہ پي ٽي وي پاڻ ڏانھن ڇڪي وئي ۽ پوءِ جيڪي بھتر ڪھاڻيون لکان ها، اهي ڊرامن جي صورت ۾ هوا ۾ اڏامي ويون. پوءِ جو وري ڪھاڻي لکڻ ويٺس تہ ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ جھڙي ڪھاڻي لکي ورتم، جنھن هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ مون کي هڪ نئين مڃتا ڏني. تڏهن فيصلو ڪيم تہ هاڻي ٽي وي ڊرامو نہ لکندس، پر ادب ۾ پنھنجي پھرين محبت ڪھاڻيءَ سان ئي توڙ نڀائيندس.... پر ائين ڪري نہ سگهيس....!
پاڪستان ۾ ٽيليويزن لاءِ پرائيويٽ پروڊڪشن جو سلسلو شروع ٿيو تہ عبدالقادر جوڻيجي، نورالھديٰ شاھہ ۽ آغا رفيق کان پوءِ مان بہ انھن جي وڪڙ ۾ اچي ويس. مون کي بہ پي ٽي ويءَ جي سرڪاري ريٽ کان چئوڻ تي پئسا مليا تہ وري ڊرامو لکڻ ويھي رهيس. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پويان اردوءَ جا پرائيويٽ چينل کلڻ لڳا تہ ڳالھہ ويتر اڳتي وڌي ويئي. مٿان وري شھرتن، رنگن ۽ روشنين جي هڪ نئين دنيا...... ۽ پئسا ڀلا ڪنھن کي نٿا کپن. موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن ۾ رلڻ بجاءِ ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ سفر ڪرڻ ڪنھن کي سٺو نہ لڳندو.... پر انھيءَ جي بدلي ۾ ڪجهہ ڏيڻو تہ پوندو. سو منھنجون بہ ڪيتريون ئي ميچوئر ڪھاڻين جهڙيون تخليقون، سولو پليز جي صورت ۾ ٽي وي اسڪرين تان گذرنديون هليون ويون. ناول جھڙا وڏا تخيل، سيريلز جي صورت ۾ هٿن مان نڪري ويا..... پر وقت کي مون ڪڏهن بہ وڃڻ ناهي ڏنو. ان ڪري ڪھاڻي بہ مون کان هٿ ڇڏائي نہ وئي آهي. هڪ وٿيءَ کان پوءِ 2007ع کان ڊرامن سان گڏ وري ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون اٿم، تہ اهو سلسلو هاڻي روڪيو نہ اٿم. ڪھاڻيءَ سان گڏ هاڻي مون ناول ڏانھن بہ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
ٽي وي ڊرامي وسيلي مليل شھرتن ۽ آسائشن کان پوءِ بہ، منھنجيءَ نظر ۾ اهميت ۽ اوليت ڪتاب جي آهي. ابتدا ۾ تہ مون ٽي وي ڊرامو پنھنجيءَ ڳالھہ کي گهڻن ماڻھن تائين پھچائڻ خاطر لکيو هو، (ان ڳالھہ کان هاڻي بہ انڪار نٿو ڪري سگهجي) پر هاڻي ٽي وي ڊرامو منھنجي لاءِ مزدوريءَ جو ۽ ڪھاڻي عشق جو درجو رکي ٿي.
سو مان، ڪڏهن پورهئي خاطر لکان ٿو، تہ ڪڏهن وري پنھنجي عشق جي تجديد خاطر...... پر پنجن سالن جي عمر واري، پنھنجي پھرينءَ سانڀر کان وٺي محسوس ڪيل اندر جي بيچيني اڄ بہ برقرار آهي. اها ئي اندر جي بي قراري اڄ بہ مون کان لکرائي ٿي. هاڻي تہ لکڻ منھنجي لاءِ ايترو ضروري ٿي پيو آهي، جيترو کاڌو کائڻ، پاڻي پيئڻ، ننڊ ڪرڻ ۽ ساھہ کڻڻ.
مان لکان ٿو، ان ڪري تہ مان جيئرو آهيان.....
جي مان نہ لکي سگهندس، تہ جيئري ئي مري ويندس.....
(2010ع)