رزاق مھر: Back Mirror ۾ نظر ايندڙ دوست
منھنجي ذهن جي اسڪرين تي اڄ بہ فليش بئڪ جيان اهو منظر ڏاڍو واضح آهي، جڏهن توسان پھرين ملاقات ٿي هئي. چٽي طرح ياد اٿم. اها 1975ع جي هڪ شام هئي ۽ لاڙڪاڻي جو شھر. منھنجون فقط ڪي ٻہ ڪھاڻيون ڇپيون هيون ۽ تو مون کي ڳولي اچي لڌو هو.
”مان رزاق مھر آهيان!“ تو پنھنجو هٿ مون ڏي وڌايو هو. توسان پھريون دفعو هٿ ملائيندي، تنھنجي هٿ مان گرمجوشي جو احساس منھنجي دل تائين وڃي پھتو هو.
رزاق! توکي تہ خبر آهي، تہ مان زندگيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ دوست ٺاهي سگهيو آهيان، جن کي بس هڪ هٿ جي آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو، پر تون تہ اهو واحد دوست آهين، جيڪو پھريون دفعو هٿ ملائڻ سان ئي دوست ٿي ويو هئين. اها دوستي، جنھن جي اٺاويھن سالن ۾ ڪو هڪڙو ڏينھن بہ ڪنھن رسامي يا ناراضگيءَ جي نذر ٿيل ناهي.
1975ع ۾ جڏهن تون مون سان مليو هئين تہ، تو مون سان پنھنجي سڃاڻپ هڪ شاعر طور ڪرائي هئي. ان زماني ۾ بہ تون ڏاڍا سٺا شعر چوندو هئين. تنھنجي ان وقت جي هڪ نظم جون سٽون تہ اڄ بہ مون کي ياد آهن، پر شايد، اهو مون سان تنھنجي محبت جو اظھار هو، جو منھنجين ڪھاڻين تي ڳالھائيندي ڳالھائيندي تو پاڻ بہ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪري ڏنيون هيون ۽ اسان ٻئي ادب جي هڪ ئي پيچري جا پانڌيئڙا بڻجي ويا هئاسين. پنڌ تہ اسان ٻنھي لاڙڪاڻي شھر جا بہ ڏاڍا ڪيا هئا. جڏهن اسان ٻنھي جا وجود مايوسين ۾ ويڙهجي ويا هئا، تڏهن هڪٻئي لاءِ سھارو هوندا هئاسين. راتين جو دير تائين شھر جي رستن تي رلندا هئاسين. پنھنجا پنھنجا ڏک لڪائي هڪٻئي کي سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ۽ پوءِ رستن هلندي روئي پوندا هئاسين ۽ انھي حالت ۾ بہ هڪ ٻئي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين! رزاق، يار اهي درد جون ڊگهيون راتيون ڪٿي ٿيون وسرن! وسري تہ مون کان اها گهڙي بہ ناهي. جڏهن انتھائي مايوسيءَ کان پوءِ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هوسين تہ زندگيءَ جي مايوسين کان انتقام وٺڻ لاءِ جدوجھد ڪنداسين.
توکي بہ ياد هوندو رزاق، جڏهن اسان جي جدوجھد رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. توکي پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچررشپ جي آفر ملي هئي. ڏاڍو خوش هئين تون، پر جنھن ڏينھن توکي لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص وڃڻو هو، ان ڏينھن محمد علي پٺاڻ اچي مون کي ٻڌايو هو.“ رزاق ميرپور نہ پيو وڃي!“
”ڇو؟“ حيرت مان محمد عليءَ کان پڇيو هوم.
”خبرناهي“ محمد عليءَ وراڻيو هو ۽ ٻڌايو هئائين تہ تون واجد جي گهر ويٺو آهين
مان محمد عليءَ کان موڪلائي واجد جي گهر آيو هوس. تو پنھنجي گهر، ٻارن ۽ دوستن کي ڇڏي ميرپور وڃڻ نٿي چاهيو. مان توکي واجد جي گهر کان ٻاهر آڻي، شھر جي ٻي ڪنڊ ۾ تنھنجي گهر تائين پنڌ هلندي، توکي سمجهائيندو رهيو هوس. توسان وڙهندو رهيو هوس تہ ”ڇا سڄي زندگي ڪلارڪي ڪندين؟ جيڪڏهن تون پنھنجي گهر ۾ ٻارن کان پري وڃي رهيو آهين تہ، پنھنجي ٻارن جي مستقبل خاطر ئي ۽ جيڪڏهن دليون ڌار ناهن تہ دوست بہ پري ناهن.....“
تو هلندي هلندي منھنجو هٿ پڪڙي ورتو هو. تنھنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. چيو هيئي، ”زيب، اڄ تون مون سان گڏ رهجانءِ.“
مان شام تائين توسان گڏ رهيو هوس. شام جو لاڙڪاڻي مان ميرپورخاص وڃڻ واري بس ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ تو مون کي ڀاڪر پائي چمي ڏني هئي ۽ چيو هيئي. ”جيسين بس هلي نہ وڃي، تون اتي ئي بيھي رهجانءِ. متان منھنجو ارادو ڪمزور ٿي وڃي ۽ مان بس مان لھي واپس نہ هليو وڃان.“
تون بس ۾ وڃي ويٺو هئين تہ مان بس جي کڙڪيءَ ٻاهران اچي بيھي رهيو هوس. تون بس جي کڙڪيءَ مان پنھنجو هٿ ٻاهر ڪڍي، منھنجو هٿ پڪڙي مون سان ان وقت تائين ڳالھائيندو رهيو هئين، جيسن بس هلڻ نہ شروع ڪيو هو. مان ڪجهہ قدم تہ تنھنجو هٿ پڪڙي بس سان گڏ هلندو رهيو هوس ۽ بس جي رفتار سان هٿ ڇڏائجي ويا هئا تہ وري اهي هٿ هوا ۾ لڏندا رهيا هئا. هڪ ٻئي کي الوداع چوندا رهيا هئا ۽ پوءِ، جڏهن اها بس، اکين کان دور ٿي وئي هئي تہ منظر ڌنڌلو ٿي ويو هو، ڇو تہ منھنجون پنبڻيون پاڻي سان ڀرجي ويون هيون.
۽ رزاق، منھنجا دوست، قسمت جي ستم ظريفي تہ ڏس، اهو ڏينھن، جڏهن توکي اها بس لاڙڪاڻي کان ميرپور خاص کڻي وئي هئي، ان ڏينھن کان پوءِ اسان ٻئي ڪڏهن بہ وري هڪ شھر ۾ گڏ نہ رهي سگهياسين!! ڇھين ٻارهين مھيني ئي ملاقاتون ٿينديون هيون. تون ميرپورخاص ۾ ئي هئين تہ مان ريڊيو تي پروڊيوسر ٿي اسلام آباد هليو ويس. اتان منھنجي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿي تہ اسان ٻنھي ساڳي سبجيڪٽ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ليڪچررشپ لاءِ هلي انٽرويو ڏنو. ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ بہ مون کي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ملي تہ توکي ڪنھن ٻئي هنڌ. مان لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي آيس تہ تون جوهيءَ ۾ هيئن ۽ جيسين تنھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿئي، مان ٻيھر بدلي ڪرائي حيدرآباد هليو ويس. ائين، وري اسان ڪڏهن بہ هڪ شھر ۾ گڏ رهي نہ سگهياسين!
يار، تون تہ هر ملاقات ۾ مون کي لاڙڪاڻي واپس اچڻ لاءِ چوندوس هئين ۽ مان بہ سدائين توکي چوندو هوس تہ، ”رزاق، تنھنجي ڪري واقعي واپس لاڙڪاڻي اچي رهي سگهجي ٿو.“ پر يار، تون پاڻ ئي هليو ويو آهين!
مان سال ۾ ڪو هڪڙو دفعو ئي هڪ ٻن ڏينھن لاءِ لاڙڪاڻي اچي سگهندو آهيان ۽ توکي خبر آهي تہ مان اتي پھچڻ شرط توکي فون ڪندو هوس. تنھنجي وصال کان هفتو کن اڳ، رات جي وقت لاڙڪاڻي پھتو هئس تہ مون پھريون ڀيرو توکي فون نہ ڪئي هئي، جو تنھنجي ماسات ۽ اسان ٻنھي جي دوست نظير ڌوڻ مون کي ٻڌايو هو تہ تون ڪراچيءَ آهين.
لاڙڪاڻي ۾ فقط مان اها هڪڙي رات ئي رهيو هوس. رات جو دير سان ٻاهران اچي سمھي رهيو هوس. صبح جو حيدرآباد واپس وڃڻ لاءِ نڪري رهيو هوس تہ ڀاڀي ٻڌايو هو تہ رات رزاق توهان جو پڇڻ آيو هو! مون کي تہ يار خبر ئي نہ هئي تہ تون ان رات لاڙڪاڻي ۾ هئين ۽ منھنجي اچڻ جي توکي ڪيئن خبر پئي. گهران نڪري گاڏي مراد واهڻ جي رستي ڏانھن ڦيرايم تہ منھنجي پٽ جبران پڇيو، ”ڪاڏي ٿا هلو؟“
وراڻيم: ”رزاق ڏي.“
جبران اعتراض ڪيو، ”دير ٿي وئي آهي، رزاق ڏي کڻي نہ هلو.“
وراڻيم، ”ائين نٿو ٿي سگهي جبران، تہ مان لاڙڪاڻي اچان ۽ رزاق سان ملڻ کان سواءِ واپس هليو وڃان.“
جبران ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ مون اچي تنھنجي گهر جو در کڙڪايو هو. تنھنجو پٽ آصف ٻاهر نڪتو. ڏسڻ سان اندر اچڻ لاءِ چيائين، پر کيس چيم، ”تڪڙو آهيان، بس رزاق کي سڏي وٺ.“
توکي ياد هوندو رزاق، تو اچي ڀاڪر وڌو ۽ اندر هلڻ لاءِ چيئي تہ وراڻيم، ”هتان قمبر ويندس، اتان فيملي وٺي حيدرآباد وڃڻو آهي ۽ وري اڄ ئي ڪراچيءَ پھچڻو آهي.“
تو منھنجا هٿ پڪڙي ورتا هئا، ”يار پنج منٽ تہ ويھہ.“
وراڻيو هوم، ”نہ يار، وقت ڪونھي، بس، توسان اهو هڪڙو ڀاڪر پائڻ ئي آيو آهيان.“
توکان موڪلائي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺس، تون اتي ئي بيٺو رهئين. تنھنجي گهر جي گهٽيءَ مان آهستي آهستي ڪار ڊرائيو ڪندي Back Mirror ۾ ڏٺم تہ تنھنجو عڪس نظر آيو. هٿ لوڏيندي، الوداع چوندي. (۽ اهو منظر منھنجي ذهن جي اسڪرين تي فريز ٿي ويو آهي!) توکي هٿ لوڏي الوداع چئي گاڏي ٻي گهٽي ۾ ٽرن ڪيم. وري بہ لاشعوري طور Back Mirror ۾ ڏٺم، پر آئيني ۾ تنھنجو عڪس نہ هو… پر، تنھنجو عڪس تہ، مون کي پنھنجي دل ۾ ٿو نظر اچي… ۽ هي خط بہ پنھنجي دل جي ايڊريس تي توڏي پوسٽ ڪري ڇڏيندس، پڪ اٿم تہ توکي ضرور ملي ويندو.
تنھنجو پنھنجو
زيب
(2002ع)