آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book توکي مون ساريو

امرجليلِ: اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ جا دوست آهيون

امر جليل سان سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران رٿيل شام ۾ عام شرڪت وارو دعوت نامو مليو ۽ رات دير سان، شام جي رٿيل وقت کان فقط ويھہ ڪلاڪ اڳ، منھنجي دوست تاج جويي فون ڪري چيو تہ، ”توکي امر جليل تي ڳالھائڻو آهي ۽ جيڪو ڳالھائڻو آهي، اهو لکي بہ کڻي اچڻو آهي!“ تاج ڪندو آهي سڀ ڪم افراتفري ۾، سو مون کان بہ هن، افراتفري ۾ لکائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. امر جليل تي لکڻ کان انڪار تہ ٿي نٿو سگهي ٿو ، پر سچ تہ، چاليھارو سالن کان لڳاتار لکندڙ ليکڪ تي، ويھن ڪلاڪن جي نوٽيس تي لکڻ سبب، ڪنھن بہ طرح سان ساڻس انصاف ڪري نٿو سگهجي. ائين پيو محسوس ڪيان، ڄڻ وقت منھنجو ويري ٿي پيو هجي. هي پيپر لکندي، وال ڪلاڪ جي ٽڪ ٽڪ هر لمحي مون کي احساس پئي ڏياري تہ باقي ٿورو وقت آهي...... باقي ٿورو وقت آهي.... پر وقت جي رفتار امر جليل جي تحريرن جو ڪجهہ بہ بگاڙي نہ سگهي آهي.
ستاويھہ سال اڳ، اسڪول جي زماني ۾ مون جيڪو پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب پڙهيو هو، اهو امر جليل جو ”دل جي دنيا“ هو ۽ انھي ڪتاب ۾ پڙهيل ڪردار چرٻٽ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان کان پوءِ امر جليل جي ٻئي ڪردار چيني متاثر ڪيو هو. هاڻي، جڏهن چيني ۽ چرٻٽ جي ڪردارن کي تخليق ٿئي ٽيھارو سال گذري ويا آهن ۽ منھنجي نسل جا مٿا اڇا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن بہ چينو ۽ چرٻٽ اوترائي معصوم آهن، جيترا ٽيھہ سال اڳ معصوم هئا. انھن ڪردارن ٽيھہ سال اڳ جيڪو ڪجهہ ڳالھايو هو، اهو اسان جي هاڻوڪين حالتن جو بہ اوتروئي واضح عڪس آهي، جيترو ٽيھہ سال اڳ جي حالتن جو. نہ امر جليل جا ڪردار پراڻا ٿيا آهن ۽ نہ ئي سندس موضوع. امر جليل سان ذاتي ڪچھرين ۾ مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي تہ کيس انھي ڳالھہ تي خوشي بجاءِ ڏک آهي، تہ چاليھہ سال گذرڻ کان پوءِ بہ سندس ڪھاڻيون ماضي جو ذڪر نہ، پر حال جو حصو آهن! امر جو اهو ڏک فطري بہ آهي، ڇو تہ هو ذاتي امرتا لاءِ نہ، پر سنڌ جي آجپي لاءِ سوچيندڙ ليکڪ آهي. هن 1983ع ۾، هڪ خط ۾ مون کي لکيو هو، ”اسان جي بي رحم معاشري جي بي رحم ڪيفيت ايتري قدر تہ مستقبل مزاجي سان قائم رهي آهي، جو 1965ع ۽ 1968 واري دؤر جا لکيل افسانا ائين پيا محسوس ٿين، ڄڻ هينئر لکيا اٿم.“
ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪ ڏئي ٽڙي پوندڙ امر، ڌرتي ۽ انسانيت جي حوالي سان ڏاڍو حساس آهي. ڪنھن بہ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ذڪر سان سندس گھريون گھريون اکيون پنبڻين تائين ڀرجڻ کان پوءِ ڇلڪي پونديون آهن. مون پاڻ ڪيترا دفعا سندس اکين مان موتي ڪرندي ڏٺا آهن.
1990ع ۾ منھنجي شھر لاڙڪاڻي جي معصوم راجيش کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. انھي ڏک جو اظھار امر هڪ خط ۾ ظاهر ڪندي لکيو هو، ”ننڍڙي راجيش جي اغوا ۽ قتل جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي- ڏاڍو ڏک آهي. ڇھن ستن سالن جو هو..... ڏاڍو ڏک آهي. جيڪڏهن قلم سچ پچ ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ طاقتور آهي، تہ مان راجيش جي قاتل ڌاڙيلن کي مرڻ گهڙيءَ تائين نہ ڇڏيندس.... ڏسجي تہ قلم ۽ ڪلاشنڪوف جي جنگ ۾ ڪير ڪنھن کان ڏاڍو آهي.“
راجيش جا قاتل ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ هر وقت موجود رهيا آهن. اهي قاتل روپ مٽائي، ڪڏهن لاڙڪاڻي جي ئي ذيشان کي ماريندا رهيا آهن تہ ڪڏهن خيرپور ميرس جي ابھم راشد کي جنسي ڏاڍ کان پوءِ ماريندا رهيا آهن. انھن ڪڏهن ميرپور خاص جي ڳوٺ کاڻ جي گاگن کي خاموش ڪرايو آهي، تہ ڪڏهن گهوٽڪي جي ڪائنات کي ڪٺو آهي. نہ ڄاڻ ڪيسيتائين راجيش، ذيشان، راشد ۽ گاگن جھڙا معصوم ماريا ويندا ۽ نہ ڄاڻ ڪيترين ڪائناتن کي ڪٺو ويندو! جيسين اهي ۽ ٻيا مڪروھہ رويا اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، تيسين امر جون تحريرون ماضيءَ جو حصو بڻجي نہ سگهنديون ۽ امر جي تحريرن جو درد اسان جي دلين ۾ تازو ئي رهندو.
سنڌ جي افسانوي ادب جي تاريخ جي بيسٽ سيلر، حساس دل واري ليکڪ امر جليل جو ڪتاب ”دل جي دنيا“ سدائين منھنجي اسڪولي ڪتابن سان گڏ منھنجي هٿن ۾ رهيو هو ۽ اهو بہ عجيب اتفاق آهي تہ 1991ع ۾ امر جليل ساڳي ڪتاب جي چوٿين ڇاپي جي مھاڳ لکڻ جو اعزاز مون کي بخشيو هو. عجيب ٻڏتر ۾ پئجي ويو هوس، لکڻ ويٺس تہ زندگيءَ ۾ پھريون دفعو پنھنجا هٿ ڏڪندي ڏٺم. نتيجي ۾ چاهيندي بہ طويل مھاڳ لکي نہ سگهيس ۽ انتھائي مختصر مھاڳ لکيم. شايد ان ڪري ئي 1998ع ۾ انھي ڪتاب جي ڏهين ايڊيشن لاءِ وري امر جليل کي پاڻ مھاڳ لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. انھيءَ مھاڳ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکيو آهي تہ، ”زيب سنڌي ۽ علي نواز گهانگهري جڏهن دل جي دنيا جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي ڳالھہ ڪئي، تڏهن ڪجهہ دير لاءِ مون کي تعجب ٿيو هو. تعجب ان ڪري ٿيو هو جو مون سمجهيو هو تہ چيني ۽ چرٻٽ جا ساٿي کين ڇڏي هليا ويا آهن. چينو ۽ چرٻٽ اڪيلا رهجي ويا آهن، ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا آهن، نہ ڪو سندن ڳالھہ ٻڌڻ وارو آهي ۽ نہ ئي ڪو سندن ڳالھہ سمجهڻ وارو وڃي بچيو آهي.... دل چاهيو زيب سنڌي ۽ علي نواز کان پڇان، چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي موٽي آيا آهن ڇا، جو ”دل جي دنيا“ جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي صلاح ٿا ڏيو.“
امر، منھنجا دوست! چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي هر دور ۾ موجود رهيا آهن. ستاويھہ سال اڳ ”دل جي دنيا“ منھنجي اسڪولي ڪتابن ۾ مون سان گڏ هوندو هو ۽ يقين ڪيو تہ، ڪالھہ گهڻي ڳولا کان پوءِ مون کي اهو ڪتاب پنھنجي پٽ جبران جي اسڪول بيگ مان هٿ آيو! هتي ويٺلن سوڌو اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ جا دوست آهيون.
چيني ۽ چرٻٽ جا دوست هر طبقي ۾ ۽ هر هنڌ موجود آهن. مون چار درجا پڙهيل هاريءَ کي شھر مان سيڌي سامان سان گڏ، امر جليل جو ڪتاب خريد ڪري ساڳي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڳوٺ کڻي ويندي بہ ڏٺو آهي تہ ايم آر ڊي تحريڪ جي قيدين کي دوستن پاران جيل جي ڪال ڪوٺڙين ڏانھن بہ امر جليل جي ڪتابن کي موڪليندي ڏٺو آهي. نوجوانن کي، پنھنجي محبوبائن کي امر جا ڪتاب گفٽ ڪندي بہ ڏٺو آهي تہ ساڳي وقت امر جو ڪو ڪتابن مارڪيٽ ۾ موجود نہ هئڻ ڪري، سڄي جو سڄو ڪتاب نازڪ آڱرين سان پنھنجي ڪاپي ۾ اتاريندڙ ڇوڪريءَ بابت ۾ ڄاڻ اٿم.
اهي سڀ محبتون پنھنجي جاءِ تي، پر اهي سڀ محبتون هڪ طرفيون بہ ناهن. هو چاليھہ ٻائيتاليھہ سالن کان لڳاتار لکندو، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان پنھنجي اڻ مَئي محبت جو اظھار ڪندو رهيو آهي. اها محبت، جيڪا امر جليل جي رڳن ۾ رت جيان موجود آهي ۽ سندس قلم ۽ مَسُ جي صورت ۾، جنھن وسيلي هو سنڌ سان پنھنجي محبت جي تجديد ڪندو رهي ٿو.

(2000ع)