آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book توکي مون ساريو

زرينا بلوچ: سدا حيات جيجي

ڪا تخليق فنڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي تہ وڏي ڳالھہ ناهي، پر وڏي ڳالھہ اها آهي تہ ڪو فنڪار پنھنجي تخليق جي حوالي سان سڃاتو وڃي. اهڙي ڏات گهٽ فنڪارن ۽ ليکڪن کي نصيب ٿئي ٿي، جو ڪا تخليق سندن سڃاڻپ جو حوالو بڻجي سگهي. زرينا بلوچ جي هڪ تخليق نہ فقط سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻي، پر سندس نالو بہ بڻجي پئي، سو بہ نالي جو پھريون حصو. تڏهن ئي تہ اسان کيس جيجي زرينا بلوچ چئون ٿا. ”جيجي“ اصل ۾زرينا بلوچ جي هڪ ڪھاڻيءَ جو عنوان هو. اها ڪھاڻي هن ايوبي آمريت جي ون يونٽ واري دور ۾ لکي هئي ۽ ان ڪھاڻيءَ سنڌ سان“ جيجيءَ طور سندس تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، پر سچ تہ هوءَ هئي بہ تہ جيجي....جيجل.... امڙ ئي تہ هئي....
انھيءَ امڙ سان منھنجو رشتو ڊرامائي انداز سان تہ ڇا، پر جڙيو ئي ڊرامي سبب هو. 1988-89ع وارن ٻن سالن ۾، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي هئي ۽ ڊراما پروڊيوسر هئس. هڪ ڏينھن اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پاڻ وٽ سڏائي مرڪي چيو هو، ”نوڪري ريڊيو تي ٿو ڪرين ۽ ڊراما ٽي ويءَ لاءِ ٿو لکين! ڪڏهن ڪو ريڊيو لاءِ بہ ڊرامو لک!“ ۽ پوءِ مون ”سمجهوتو“ جي نالي سان اهو ڊرامو لکيو هو، جنھن ۾ جيجي زرينا بلوچ وارو ماءُ جو ڪردار هو. پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ريھرسل واري وقت نہ پھتو، تہ ان فنڪار وارا جملا مون پاڻ ڳالھائي ريھرسل مڪمل ڪرائي. رڪارڊنگ جو وقت ٿي ويو، پر پٽ واري ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيل فنڪار نہ پھتو. مون کي اسٽوڊيو ۾ پريشان ڏسي، جيجي زرينا بلوچ اچي منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وڌو. ماءُ جھڙي سٻاجهي مرڪ سان چيائين، ”منھنجي پٽ جو ڪردار توکان وڌيڪ سٺو ڪير ڪندو!“
وراڻيم، ”جيجي، مان پروڊيوسر آهيان، صداڪار تہ ناهيان!“
جيجيءَ مرڪي چيو، ”پر منھنجو پٽ تہ آهين نہ!“ ۽ ان ڳالھہ کان تہ مون کي انڪار ئي نہ هو. مان وڃي جيجيءَ سان گڏ مائيڪ اڳيان بيٺس ۽ پنھنجي لکيل ڊرامي ۾ جيجيءَ جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيم، پر ان ڊرامي کان پوءِ حقيقي زندگيءَ ۾ تہ، جيجي جو ڪردار منھنجي لاءِ ماءُ جھڙو ئي رهيو.
ريڊيو سان تہ جيجيءَ پنھنجي صحت جي آخري ڏينھن تائين توڙ نڀاهيو، پر ساڳئي وقت جيجي زرينا بلوچ ڏات جي ڪيترين ئي شاهراهن تي نظر ايندي هئي. هوءَ گلوڪارا، ليکڪا، صداڪار، اداڪار، استاد، سياسي ورڪر ۽ بيحد سٻاجهي ماءُ هئي. ٻچن تي پنھنجو ساھہ گهوريندڙ ماءُ، پر ان جي باوجود هوءَ روايتي ماءُ بجاءِ هڪ بھادر ماءُ ۽ بھادر عورت هئي. حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ تہ جيل ڪاٽيائين، پر آمريت خلاف جدوجھد ڪندڙ سندس نياڻي اختر بلوچ جيل وئي تہ، جيجيءَ جو جيءُ جُهرڻ بجاءِ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. جيجيءَ جي اولاد ۾ اختر بلوچ کان وٺي اياز لطيف ۽ سسئي پليجو تائين جيڪو ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو، ان جو سڄو ڪريڊٽ سندس وَر رسول بخش پليجي ڏانھن نٿو وڃي، پر جيجيءَ جو ان ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. ڪريڊٽ تہ جيجيءَ ڏانھن ان کان بہ وڏو وڃي ٿو تہ، سندس ڳايل انقلابي گيتن سنڌ جي نئين نسل ۾ پنھنجي حقن جي حاصلات جو جذبو جاڳايو. هوءَ سنڌي نياڻين لاءِ رول ماڊل جو درجو بہ اختيار ڪري وئي، جو کيس ڏسي نياڻيون بہ جهنڊا کڻي رستن تي نڪري اينديون هيون. جيجيءَ کي آئيڊيل بڻائي فن، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ پير پائيندڙ، يا فقط گهرن تائين محدود هوندي بہ، سنڌ جي جن نياڻين جيجيءَ مان اتساھہ حاصل ڪيو، انھن نياڻين جو اولاد تہ ماءُ جي هنج ۾ ئي سچ جي سُتي پيئندو رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ جيجيءَ جي نالي سان ڪا اهڙي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنھن ۾ سندس آواز جي خزاني ۽ تحريرن کان سواءِ سندس عملي جدوجھد جو مڪمل رڪارڊ بہ محفوظ ڪيو وڃي، جو جيجيءَ جھڙن ماڻھن لاءِ ئي تہ چيو ويو آهي تہ، ”ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا...“ تڏهن ئي تہ جيجيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو چيو هو، ”جيجي زرينا بلوچ جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي. هن پنھنجي گيتن، ڊرامن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبو ۽ اتساھہ پيدا ڪيو. هن جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.“
جيجي زرينا بلوچ 25 آڪٽوبر 2005 تي اسان کان وڇڙي وئي هئي. جيجيءَ جو خال تہ ڪڏهن بہ نہ ڀرجي سگهندو، پر نہ سنڌ ٻاگهل ٻائيءَ کي وساريو آهي ۽ نہ ئي بختاور شھيد کي. نہ ئي سنڌ ڪڏهن شھيد بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ جيجي زرينا بلوچ جھڙي بھادر عورت کي وساري سگهندي. جيجي تہ سنڌ جي وجود ۾ اڄ بہ دل جيان دڙڪي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽي ۾ ملي، سنڌ بڻجي وئي آهي ۽ سنڌ تہ ڪڏهن بہ مرڻي ناهي.

(25 آڪٽوبر 2011ع)