قيس عالم ابڙو: هُو جو دور هليو ويو!...
منھنجو دوست قيس عالم ابڙو نہ سياستدان هو، نہ بيوروڪريٽ ۽ نہ ئي اهڙو فنڪار، جنھن جي نظر ڪنھن سرڪاري امداد لاءِ واجهائي. هو تہ فقيراڻي طبيعت وارو سنڌ جو اهڙو چترڪار هو، جنھن سخت بيماريءَ جي حالت ۾ بہ، نہ سرڪاري خرچ تي علاج جو مطالبو ڪيو ۽ نہ ئي همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هن اخباري خبرن جو موضوع بڻجڻ چاهيو. سندس بيماريءَ واري سڄي عرصي دوران هڪڙي ئي خبر منھنجي نظرن مان گذري، جنھن ۾ بہ سندس زال حميده ميتلو پاران فقط دعا جي اپيل ڪيل هئي. 30 آڪٽوبر جي ڪاوش ۾ ڇپيل انھيءَ خبر ۾ ڄاڻايل هو تہ، ”اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي هن نامياري چترڪار قيس عالم ابڙي جي ڦڦڙن کي نقصان پھتو آهي، جڏهن تہ ووڪل ڪارڊس ختم ٿيڻ ڪري سندس ڳالھائڻ جي سگهہ بہ ذري گهٽ ختم ٿي وئي آهي. مختلف اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کان نجي طور تي سندس ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن، پر ڊاڪٽر اڃا بيماريءَ جي تھہ تائين نہ پھچي سگهيا آهن.“ اها خبر پڙهي مون قيس جي موبائل فون تي ڪال ڪئي تہ شايد سندس ٿورڙو ئي آواز ٻڌي سگهان، پر ڀاڀي حميده فون اٽينڊ ڪئي ۽ ٻڌايائين تہ، ”قيس بلڪل ڳالھائي نٿو سگهي!“ افسوس تہ اسان جي ديس جا ڊاڪٽر مرض جي تھہ تائين پھچي نہ سگهيا ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ اسان جو هي سھڻو فنڪار پرديس جي مٽيءَ جي تهن هيٺان هليو ويو!
10 اپريل 1957ع تي قمبر ۾ پنھنجي وقت جي مشھور چترڪار ۽ فوٽوگرافر محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، قيس عالم ننڍي عمر ۾ ئي پنھنجي ڀائرن سان گڏ، درسگاهن جي شھر ڄامشوري جا وڻ اچي وسايا هئا، پر ڄامشوري جي ڪنھن درسگاھہ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ، کيس اتي ڳڀي جي ڳولا ڪرڻي پئي هئي. سندس هم عمر دوست سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ۽ هو ساڳئي يونيورسٽيءَ جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪارٽو گرافر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انھيءَ ننڍڙي نوڪريءَ دوران ئي هن هڪ نامياري چترڪار جي سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي هئي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪيا هئا ۽ ان دور جي ڪجهہ اهم رسالن لاءِ اسڪيچز بہ ٺاهيندو هو. لائين اسڪيچز جو هو باڪمال چتر ڪار هو. هو پنھنجي سامھون ويٺل شخص سان ڪچھري ڪندي، ڏهن پندرهن منٽن اندر سندس اسڪيچ ٺاهي وٺندو هو ۽ انھيءَ اسڪيچ جي لائينن ۾ زندگي ساھہ کڻندي محسوس ٿيندي هئي. 1980ع ۾ هو پنھنجي انھيءَ صلاحيت جي آڌار تي، يونيسيف ۾ چتر ڪار جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، فائين آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري نہ هئڻ جي باوجود انٽرويو ڏيڻ خاطر ڪوئيٽا هليو ويو هو. هڪڙي پوسٽ لاءِ ڪيترائي ڊگرين وارا اميدوار بہ موجود هئا. انٽرويو وٺندڙ پرڏيھين جڏهن کائنس بنا ڊگريءَ جي انٽرويو ڏيڻ لاءِ اچڻ جو سبب پڇيو هو، تڏهن وراڻيو هو، ”توهان پنھنجي اداري ۾ ڪم ڏسڻ ٿا چاهيو يا ڊگري؟“ تڏهن انھن پرڏيھين ڪم ڏسڻ خاطر سندس اڳيان شيٽ رکي هڪ اسڪيچ ٺاهڻ لاءِ آئيڊيا ڏنو هو. قيس انھيءَ خيال کي لمحن اندر خاڪي جو روپ ڏئي ڏيکاريو هو. انھيءَ هڪڙي اسڪيچ کانپوءِ اهي پرڏيھي قيس جي اڳيان خالي شيٽس رکندا رهيا ۽ قيس جون آڱريون منٽن اندر خاڪا جوڙينديون رهيون. اهي پرڏيھي بہ لڪير جا فقير نہ هئا، تنھن ڪري انھن سڀني ڊگريءَ وارن کي ڇڏي، اها نوڪري بنا ڊگريءَ واري قيس عالم کي ڏئي ڇڏي هئي. هو ڪافي سال ڪوئيٽا ۾ اها نوڪري ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هليو ويو هو. اها ئي اسلام آباد، جيڏانھن اسان جو ناميارو شاعر تنوير عباسي ويو تہ وري سندس مڙھہ بہ سنڌ نہ موٽيو! ٻارهن سال اڳ 25 نومبر تي تنوير عباسيءَ اسلام آباد ۾ وفات ڪئي هئي ۽کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو هو... ۽ هن سال، ساڳئي 25 نومبر تي اها خبر آئي تہ اسلام آباد کان علاج خاطر ڪيناڊا ويل قيس عالم ٽورانٽو شھر ۾ گذاري ويو ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو! قيس عالم جي ننڍي ڀاءُ، نامياري ليکڪ طارق عالم جو وڇوڙو بہ ڪالھہ ڪالھوڻي ڳالھہ ٿي لڳي، جيڪو بہ هن ئي سال، پنج مھينا اڳ گذاري ويو هو. طارق عالم کي سنڌ جي مٽي تہ نصيب ٿي، پر سنڌ جي مٽيءَ سان عشق ڪندڙ قيس عالم کي ست سمنڊ پار اجنبي ديس ۾ دفنايو ويو، جنھن تي سندس روح بہ بيچين هوندو. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سندس ٺاهيل اسڪيچز کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي.
(29 نومبر 2011ع)