رفيق سومرو: ذهين ۽ باشعور ليکڪ
احساسن توڙي منظرن جي ڪميونيڪيشن لاءِ ليکڪ جو ذهن، Audio- Visual Memory جو ڪم ڪري ٿو. معاشري ۾ موجود مختلف تضاد ان ميموري ۾ گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ انھيءَ را ميٽيرل مان جڏهن ڪا تحرير پروڊيوس ٿي نڪري ٿي، تہ اهائي تحرير ليکڪ لاءِ سڃاڻپ جو درجو بڻجي ٿي. ليکڪ جي سڃاڻپ ڪا تحرير تڏهن بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ان تحرير ۾ اهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرائڻ جي سگهہ هجي، جيڪو ليکڪ محسوس ڪرائڻ/ ڪميونيڪيٽ ڪرڻ چاهيو آهي ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ رفيق سومرو پنھنجي اڪثر ڪھاڻين ۾ اهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو هن چاهيو آهي.
رفيق، هڪ حساس ليکڪ جي حيثيت ۾، زندگيءَ جي ڪيترن اهڙن مسئلن کي بہ احساس جي آميزش سان پڙهندڙن تائين پھچايو آهي، جن مسئلن ۽ موضوعن کي اسان جا ڪيترا ليکڪ غير اهم سمجهي لنوائي ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي موضوع زندگي جي حوالي سان، سماج ۾ اهميت جوڳا هوندا آهن.
رفيق سومري بابت لکندي، مان اهو قطعي نہ چوندس تہ هن پنھنجين ڪھاڻين ۾ ”خيال جي آسمان“ کي ڇھيو آهي ۽ نہ ئي اهو چوندس تہ سندس ڪھاڻين ۾ ”فڪر جا پاتال“ ملن ٿا. سندس ڪھاڻين ۾، مون کي فڪر جي اڏام ۽ خيال جي گهرائي بجاءِ ڌرتيءَ جي سطح نظر آئي آهي. ڌرتيءَ جي سطح، جيڪا زندگي جو بنيادي مرڪز آهي. جتي رنگ، سونھن، خوشبو، ڏک، سک، بک ۽ وڇوڙي جا درد آهن. ڌرتيءَ جي سطح تي موجود اهي حقيقتون ئي رفيق جي ڪھاڻين جا موضوع آهن. اهو ئي سبب آهي، تہ هن پنھنجون ڪھاڻيون جن ماڻھن لاءِ لکيون آهن، اهي انھن ڪھاڻين ۾ سمايل پيغام کي سمجهي سگهن ٿا. رفيق جي قلم ۽ پڙهندڙن جي ذهن جي وچ ۾ مون کي ڪنھن بہ قسم جو Communication gap نظر نٿو اچي.
ساڳئي وقت هن وٽ هڪ واضح نقطه نظر بہ موجود آهي، جيڪو سندس سمورين ڪھاڻين ۾ پنھنجي پوري سگهہ سان ملي ٿو. رفيق لفظن جي هيرا ڦيريءَ/بازيگريءَ کان بہ ڪم نٿو وٺي، بلڪ سڌو سنئون پنھنجي نقطه نظر کي پيش ٿو ڪري.
رفيق پنھنجي ڪھاڻين تي خوبصورت لفظن ۽ رنگين جملن جي ميڪ- اپ جا تھہ بہ نٿو چاڙهي، ۽ نہ ئي Aesthetic Scense جي نالي ۾ وڏا وڏا جملا لکي موضوع کان هٽي ٿو وڃي. ان ڪري اسان کي سندس ڪھاڻين ۾ اهڙا جملا نہ ملندا، جن کي پڙهي اسان نثر مٿان شاعري جي اسٽئمپ هڻي ڇڏيندا آهيون.
ڪنھن بہ باشعور ۽ ذهين ليکڪ لاءِ، خاص طور تي انھن حالتن ۾، جن مان اڄوڪي سنڌ گذري رهي آهي، ڪن لاٽار ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي تہ سندس ڪھاڻين مان وقت جي درد جا احساس پڙهندڙن تائين بہ ٽرانسميٽ ٿين ٿا.
هي ذهين ۽ باشعور ليکڪ هڪ ڊگهي وڇوٽيءَ کان پوءِ هن ڪتاب وسيلي اڄ جي نئين پڙهندڙ جي سامھون آيو آهي، جيتوڻيڪ هي هڪ سينئر ليکڪ آهي. اڄ کان پندرهن- ويھہ سال اڳ هن لاءِ چيو ويو هو، تہ هو امر جليل جي انداز ۾ ٿو لکي (راجندر سنگهہ بيديءَ هڪ هنڌ لکيو آهي تہ ”مون کي اردو جو چيخوف نہ چيو وڃي، ۽ نہ منٽو کي اردو جو موپاسان سمجهيو وڃي.“) منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ ليکڪ کي، ڪنھن بہ ٻئي سان نہ ڀيٽڻ گهرجي- ڇو تہ ڀيٽ جا اهي ماڻ ماپا اڪثر پنھنجي وقعت وڃائي ويھندا آهن. رفيق جي بہ پنھنجي هڪ سڃاڻپ واضح ٿي سامھون آئي آهي، جيڪا سندس هن ئي ڪتاب جي، ”انسان جي ڳولا“ کان پوءِ وارين ڪھاڻين، جيڪي ”هڪ دل- هڪ ديوار“ جي سري هيٺ ڏنيون ويون آهن، ۾ ڏاڍي چٽائيءَ سان موجود آهي.
(4- جنوري 1995ع)