ولي رام ولڀ: موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ مليل دوست
ولي رام صاحب جي حوالي سان ماضيءَ ڏانھن نھار ٿو ڪيان تہ فليش بيڪس جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي ۽ هر فليش بئڪ ۾ مون کي دوستيءَ جو تعلق وڌيڪ ويجهو ۽ مضبوط ٿيندو نظر ٿو اچي. پھرين فليش بيڪ جو سال تہ مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي تہ اهو ”بيل باٽم“ وارو زمانو هو. 1976ع يا 77ع جو سال هو. لاڙڪاڻي جي مھراڻ هوٽل ۾ ساڻس منھنجي پھرين ملاقات ٿي هئي. تڏهن هو سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ مئنيجر هو. ولي رام پنھنجي اداري جي ڪراچيءَ واري نمائندي جيوت واسواڻيءَ سان گڏ لاڙڪاڻي آيل هو ۽ مون سان شايد منھنجو دوست رزاق مھر (جيڪو مون کي مرحوم نہ، پر پنھنجي دل ۾ جيئرو جاڳندو ۽ سدا حيات محسوس ٿيندو آهي) گڏ هو. انھي پھرين ۽ مختصر ملاقات ۾ ئي ولي رام اسان کي ٻئي ڏينھن تي گڏ هلي موهن جو دڙو گهمڻ جي صلاح ڪئي هئي. ٻي ڏينھن سکر کان ادل سومرو ۽ اياز گل لاڙڪاڻي اچي ويا هئا ۽ رزاق کان سواءِ اسين سڀ گڏجي موهن جي دڙي ويا هئاسين. موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ هلندي ولي رام سان منھنجي ڪچھري ٿيندي رهي هئي ۽ موهن جي دڙي جي تاريخ کان ٿيندا اسان ذاتي گفتگو تائين اچي پھتا هئاسين---- ۽ ائين، اسان ٻنھي جي ذاتي تعلق توڙي دوستيءَ جي ابتدا موهن جي دڙي جي گهٽين کان ٿي هئي. هاڻي ستاويھہ- اٺاويھہ سال گذرڻ کان پوءِ اسان جو تعلق اهڙي سطح جو آهي، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان جو اهو تعلق بہ موهن جي دڙي جي تاريخ جيترو آڳاٽو آهي. تعلق تہ ولي رام سان منھنجو فقط پراڻو ئي نہ، پر ڏاڍو مضبوط، ويساھہ جوڳو ۽ محبتن ڀريو شروع کان ئي رهيو آهي. پھرين ملاقات کان پوءِ ولي رام ڪڏهن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ سندس شيڊيول ۾ زيب سان ملڻ ضرور شامل هوندو ۽ زيب حيدرآباد ويو تہ سڌو ولي رام وٽ ويندو، ان کان پوءِ باقي حيدرآباد هوندي. ائين ولي رام ۽ حيدرآباد لازم ملزوم فقط منھنجي لاءِ ئي نہ پر رزاق مھر، اياز گل ۽ ادل سومري لاءِ بہ رهيا. ولي رام لڳ ڀڳ پنجويھہ سال گاڏي کاتي جي شمس چيمبر ۾ رهيو، جتي سندس رهائش سان لڳو لڳ سندس آفيس بہ هوندي هئي ۽ سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي اها آفيس ڄڻ اسان سڀني دوستن جو حيدرآباد ۾ مرڪز هئي.
شمس چيمبر جي ان ننڍڙي گهر لاءِ اسان جي مانائتي شاعر امداد حسينيءَ هڪ ٽستو لکيو هو:
پشپا گوري ڪمليش
ولي رام جو گهر ڄڻ
هڪ ننڍڙو ديش
ان ننڍڙي ديش (گهر) جا سمورا رهواسي، يعني ولي رام، سندس گهرواري هري ۽ ٽئي ٻارڙا مون کي سدائين بيحد قربائتا لڳا. ولي رام گهر تي نہ بہ هوندو تہ هنن ڪڏهن بہ مون کي در تان واپس وڃڻ نہ ڏنو. جنھن گهر جا دروازا دلين وانگي سدائين کليل رهن تہ پوءِ تعلق بہ دلين جو ئي جڙندو آهي ۽ دلين جو جڙيل اهو تعلق هاڻي فقط ٻن فردن جو نہ پر ٻن خاندان جو آهي.
ولي رام جي تعلق ۾ مون کي سدائين ايتري پنھنجائپ محسوس ٿي جو پندرهن سال اڳ جڏهن مان لاڙڪاڻي کان حيدرآباد شفٽ ٿي آيس تہ، لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي سموري پراپرٽي وڪرو ڪري مون ولي رام جي نالي ڊرافٽ ٺهرائي پنھنجي سموري ملڪيت سندس اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي هئي. اهي لکين روپيا ڪيتري وقت تائين سندس اڪائونٽ ۾ ئي پيل رهيا هئا، جن کي مون پنھنجو اڪائونٽ کولائڻ کان پوءِ بہ شفٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪئي هئي ۽ انھن پئسن مان ئي مون پنھنجو حيدرآباد وارو گهر خريد ڪيو هو. اڄ مان حيدرآباد جي جنھن گهر ۾ رهان ٿو، اهو مون سندس صلاح سان ئي خريد ڪيو هو. بلڪ صلاح تہ اسان پنھنجي ٻارڙن جي زندگين جا اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ بہ هڪٻئي سان ڪندا رهيا آهيون.
موهن جي دڙي جي گهٽين کان شروع ٿيل اسان جي دوستي کي، هاڻي هڪ ئي شھر ۾ رهندي، حيدرآباد جي هوائن، سدائين محبت جي تازگي بخشي آهي ۽ محبتن جي تازگي ڪڏهن بہ ختم ناهي ٿيندي.
(2004ع)