آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book توکي مون ساريو

نصير مرزا: پراڻي مڌ جھڙي دوستي

”هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آهي- صبح جا اٺ لڳي ڏھہ منٽ ٿيا آهن. پروگرام پيش ڪجي ٿو، صبح مھراڻ.“
هر جمعي واري ڏينھن تي انائونسر جي انھي جملي کان پوءِ، سگنيچر ٽيون نشر ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ منھنجو آواز فضائن ۾ اڀري ٿو، ”صبح مھراڻ سان حاضر آهيون پروڊيوسر نصير مرزا ۽ مان آهيان توهان جو ميزبان زيب سنڌي.“
ائين ڪيترن سالن کان نصير جو ۽ منھنجو نالو گڏيو اچي، پر دوستيءَ لاءِ کنيل وکن جو سفر تہ اڃا بہ پراڻو آهي ۽ دوستي بہ پراڻي مڌ جيان ئي آهي، جيتري پراڻي، اوتري اهم- ۽ زندگي- زندگي تہ اتفاقن، حادثن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. پوئتي نھار ڪجي ٿي تہ اتفاق، حادثا ۽ واقعا، سالن جي سفر ۾ هڪٻئي پويان قافلي جيان هلندا نظر اچن ٿا.....

1975ع:
نصير ۽ منھنجي لکڻ جو ابتدائي زمانو آهي. اسان هڪٻئي سان مليا بہ ناهيون ۽ اسان جو خطن وسيلي رابطو ٿئي ٿو. هڪ ٻئي ڏانھن بي شمار خط لکون ٿا. اهي خط، جيڪي اسان کي ذهني طور تي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندا رهن ٿا ۽ ڪجهہ مھينن جي خط و ڪتابت کان پوءِ، اسان جي ملاقات ٿئي ٿي تہ اسين هڪٻئي لاءِ قطعي اوپرا ناهيون. هو مون سان ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي هليو ٿو اچي، تہ ڪڏهن مان سندس خاطر حيدرآباد کان اچي ٿو نڪران. لاڙڪاڻي جي گُهٽ ۽ حيدرآباد جون هوائون دوستيءَ جي ٻوٽي کي قدآوار ڪنديون ٿيون رهن. ٻنھي شھرن جي انيڪ رستن تي اسان ٻنھي جي قدمن جا نشان گڏ گڏ ملن/ هلن ٿا.

1976ع:
آگم پبلشنگ ايجنسي/ ماهوار ”نئون نياپو“ جي آفيس. هر شام تي اديبن جو متل ميڙو. مان جڏهن بہ حيدرآباد اچان ٿو. آگم جي کليل دروازي جيان ئي نصير جون کليل ٻانھون آجيان ڪن ٿيون ۽ سائين نثار حسيني پنھنجي کليل دل سان منھنجي لکڻين جي آجيان ڪري ٿو. آگم جو ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيل اهو ننڍڙو ڪمرو ڪيترن ٻين اديبن جيان، مون لاءِ بہ ادبي سفر جو سنگ ميل بڻجي وڃي ٿو.

1977ع:
حيدرآباد جي رستن تي هلندي مان نصير کي چوان ٿو، ”ريڊيو پاڪستان ٿا هلون.“
”ڪنھن وٽ هلنداسين ريڊيو تي؟“ نصير پڇي ٿو.
”آغا سليم سان ملڻ ٿا هلون.“ وراڻيان ٿو.
نصير منھنجي خواهش تي چپ چاپ مون سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڏانھن هلڻ لڳي ٿو.
(اسان ٻئي تہ ڪجهہ گهڙيون آغا سليم صاحب سان گهاري حيدرآباد ريڊيو جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيا هئاسين، پر نڄاڻ اها ڪھڙي گهڙي هئي، جو حيدرآباد ريڊيو ڄڻ اسان ٻنھي جي مستقبل کي پير- ڪڙي وجهي ڇڏي هئي!)

1983ع:
لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ منھنجي اشاعتي اداري سڳنڌ پبليڪيشنس/ ڪتاب گهر جو افتتاح نصير مرزا جي هٿن سان ٿئي ٿو. نصير جي سڀاڳن هٿن جي ڇھاءَ سان شروع ٿيل ان اداري طرفان شيخ اياز، امر جليل، ذوالفقار راشدي، نجم عباسي، ولي رام ولڀ، اياز گل، ادل سومري، شبنم گل، رفيق سومري ۽ ٻين ڪيترن ناميارن ليکڪن جا ڪيترائي ڇپجي پڌرا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ ٿوري ئي عرصي اندر، سڳنڌ جي سڳنڌ سڄي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڦھلجي وڃي ٿي.
نصير مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس پھرين پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ٿئي ٿي. (آگم سان گڏوگڏ اسان دوستن کي حيدرآباد ۾ رابطي جو هڪ ٻيو ٿاڪ ملي وڃي ٿو) نصير هڪ ادبي پروگرام لاءِ منھنجي ڪھاڻي (وڃايل ٻار) رڪارڊ ڪرڻ لاءِ مون کي مائيڪ اڳيان وڃي ويھاري ٿو ۽ اتان کان منھنجي ريڊيو جي سفر جي شروعات ٿئي ٿي. (بلڪ مجموعي طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ لکڻ جي ابتدا ٿئي ٿي) ڪھاڻيءَ جي رڪارڊنگ کان پوءِ نصير مرزا رڪارڊ لاءِ مون کان ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ گهري ٿو. اها ڪھاڻي مون کي نورالھديٰ شاھہ کي سندس رسالي ”مرڪ“ لاءِ بہ ڏيڻي آهي. مان ڪھاڻي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ گاڏي کاتي جي ڪنھن دڪان تي وڃان ٿو تہ اتي سميع بلوچ ملي وڃي ٿو. سميع حجت ڪري منھنجي ڪھاڻيءَ جي هڪ فوٽو ڪاپي کڻي هليو وڃي ٿو ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون کي ڪراچي ٽي وي تان محمد بخش سميجي پاران ان ڪھاڻي کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. منھنجي اها ڪھاڻي ئي منھنجي ڊراما رائيٽر ٿيڻ جو سبب بڻجي وڃي ٿي، جيڪا سڀ کان اڳ نصير ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪئي هئي.

1988ع:
مان ريڊيو پروڊيوسر جي حيثيت سان چونڊجي، ٽريننگ لاءِ وڃي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پھچان ٿو. مون کي هاسٽل ۾ اهو ئي تيرهون نمبر ڪمرو ملي ٿو، جنھن ۾ نصير جي ئي خوشبو رچيل آهي. منھنجي ٽريننگ پوري ٿيڻ واري آهي تہ نصير اليڪشن 1988ع جي ڊيوٽي ۾ اسلام آباد اچي ٿو. ساڻس گڏ منھنجي ڊيوٽي بہ هيڊ ڪوارٽرس ۾ لڳي ٿي. اتي نصير پڇي ٿو، ”ٽريننگ کان پوءِ ڪيڏانھن وڃڻ جو خيال آهي؟“
وراڻيان ٿو، ”ڪراچي، ڪوئيٽا يا پوءِ اسڪردو هليو ويندس. مون اهڙي ئي رضامندي لکي ڏني آهي.“
نصير مون سان اختلاف ڪري ٿو، ”توکي حيدرآباد اچڻ کپي، پنھنجو شھر آهي، پنھنجي اسٽيشن آهي، اهم ڳالھہ تہ عنايت بلوچ صاحب جھڙو مھربان ماڻھو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي. سڪون سان رهندين. گڏجي ڪم ڪنداسين.“
نصير مون کي ڪجهہ بحث کان پوءِ مڃائي وٺي ٿو ۽ مان ٻئي ڏينھن تي ئي، پنھنجي پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڇڏيان. 1988ع جي حالتن سبب منھنجي گروپ جو ڪوبہ پروڊيوسر حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار ناهي. مون کي حيدرآباد ريڊيو تي پوسٽنگ ملي وڃي ٿي ۽ مان سال جي پڇاڙڪي هفتي ۾ حيدرآباد اچي جوائن ڪيان ٿو.

1989ع:
مان ريڊيو جي نوڪري ڇڏي وڃي ليڪچرر ٿيان ٿو، پر نصير، ڪوثر ٻرڙي، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي ۽ سائين عنايت بلوچ جي شخصيت سبب ريڊيو کان منھنجو رابطو نٿو ٽٽي. ڪاليج کان وڌيڪ منھنجو وقت ريڊيو تي گذري ٿو.

1992ع:
علي نواز خاصخيلي ”سڳنڌ“ ۽ ڪوثر ٻرڙو ”صبح مھراڻ“ پروگرام لاءِ ڪمپيئر جي حيثيت سان هڪ ئي وقت مون کي بڪ ٿا ڪن. ڪجهہ عرصي کان پوءِ ”صبح مھراڻ“ جو پروڊيوسر نصير مرزا ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪيترن سالن تائين اسان گڏجي پروگرام ڪندا رهون ٿا.

2002ع:
هاڻي جڏهن دوستيءَ جي سفر کي چوٿائي صديءَ کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ۽ اسين ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهيون، تڏهن مون کي پنھنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ڪا ضروري صلاح گهرجي ٿي تہ، نظر نصير ڏانھن ئي کڄي ٿي. بلڪہ هڪ مرحلي تي سندس صلاح ئي فيصلي جو درجو بہ اختيار ڪري وٺي ٿي.
هن ڪٿا جي ابتدا ۾ مون چيو آهي تہ زندگي اتفاقن، حادثن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. سچ تہ نصير سان دوستي نہ هجي ها تہ مان حيدرآباد ريڊيو تي قطعي پوسٽنگ نہ ڪرايان ها. حيدرآباد ۾ پوسٽنگ نہ هجي ها تہ مان ليڪچرر ٿيڻ لاءِ انٽرويو نہ ڏيان ها ۽ نہ اڄ پروفيسر هجان ها. اسلام آباد کان نصير مون کي حيدرآباد ڇڪي آيو تہ حيدرآباد جي هوائن منھنجا سڀ رستا روڪي مون کي حيدرآباد ۾ ئي گهر ڪري ويھي رهڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو.
هي سڄو ذڪر تہ هو نصير سان ويجهڙائيءَ واري ذاتي تعلق، حجتن ۽ محبتن جو، پر سندس فني صلاحيتن تي تفصيل سان ڪجهہ لکڻ/ چوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ان جو اختصار منھنجي ذهن ۾ ڪجهہ هن ريت جڙي ٿو تہ:
سندس شاعري ٿورڙي سھي پر ڪيترن شاعرن جي ڪنھن وڏي ڍير کان وڌيڪ وزندار آهي.
پير حسام الدين راشدي، نسيم کرل، ممتاز مرزا ۽ نورالھديٰ شاھہ جيان سندس نثر جي بلڪل ڌار سڃاڻپ آهي. سندس پنھنجو منفرد ڊڪشن آهي.

هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان هو بي شمار صلاحيتن جو مالڪ آهي.
۽ هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان، هو سڄي سنڌ ۾ سنڌيءَ جو نمبر ون ڪمپيئر آهي.
۽ مان پنھنجي پيدا ڪندڙ رب پاڪ جو قسم کڻي ٿو چوان تہ، مان هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان سنڌي جي ڪنھن بہ ڪمپيئر کان Conscious ناهيان، سواءِ نصير مرزا جي.

(2002ع)