ممتاز مرزا: اسٽيج جي ٻئي پاسي لھي ويل سونھري وارن وارو شھزادو
ان زماني ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ سڃاڻ هئي ڪونہ. پنھنجو پنڌ هيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تائين، جو ريڊيو جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي ٽي وي لاءِ ڊراما لکندو هوس. سو هڪ ڏينھن ليڪچررشپ وارو اهو آفر ليٽر کڻي ڪراچي ٽي وي سينٽر تي، ان وقت جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ صاحب جي آفيس ۾ وڃي مدعا بيان ڪيم ۽ عرض ڪيم تہ، ڪنھن کي چئوچوا ڪري، حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو يا وري لاڙڪاڻي ۾، باقي نواب شاھہ نہ ويندس، جو منھنجون ڪجهہ مجبوريون آهن. بلوچ صاحب منھنجي ڳالھہ ٻڌي وراڻيو تہ، ”ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تہ منھنجي واقفيت ڪانھي، باقي مان اسماعيل اڍيجي (ان وقت جي منسٽر) کي فون ڪيان ٿو، جو اهو منھنجو دوست آهي. اڍيجو صاحب توهان جو ڪم ڪرائي ڏيندو، توهان وڃي ساڻس ملو.“
عبدالڪريم بلوچ، اڍيجي صاحب سان فون تي ڳالھائي رهيو هو، جو مون کان اڳ ئي بلوچ صاحب جي ڪمري ۾ ويٺل سائين ممتاز مرزا مون کي ڪن ۾ چيو تہ، ”جيڪڏهن ڪم نہ ٿيئي تہ ڪنھن ٻي پاسي نہ رلجانءِ، سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ.“
بلوچ صاحب جي فون کان پوءِ مان ٽي وي اسٽيشن تان نڪري وڃي تغلق هائوس ۾ اڍيجي صاحب جي آفيس پھتس، پر اڍيجي صاحب کي ماڻھن جي ميڙ ۾ ڦاٿل ڏسي، پنھنجي مدعا بيان ڪرڻ کان سواءِ ئي سندس آفيس مان نڪري ويس. ٻاهر رستي تي پھتس تہ، ممتاز مرزا جا لفظ ياد پيا، ”ڪم نہ ٿيئي تہ ڪنھن ٻي پاسي نہ رلجان، سڌو مون وٽ هليو اچجان.“ مون بہ ڪيا پويان پير، ۽ سڌو ٽي وي اسٽيشن تي ممتاز مرزا جي ڪمري ۾ هليو ويس. ممتاز صاحب منھنجو آفر ليٽر پاڻ وٽ رکي، ٻي ڏينھن اچڻ لاءِ چيو. رات جو دير سان ٿڪجي ٽٽي اچي حيدرآباد پھتس، ۽ ٻہ چار ڪلاڪ ننڊ ڪري صبح سان وري ڪراچي جو سفر ڇڪيم. صبح جو ڏهين وڳي وڃي ممتاز صاحب جي آفيس ۾ ويٺس. يارهن ٿي ويا، ٻارهن ٿي ويا، هڪ لڳي ويو، پر ممتاز صاحب آفيس ئي نہ آيو.
وڌندڙ وقت سان گڏ منھنجي پريشاني بہ وئي پئي وڌندي. سوچيم، منھنجو ڪم تہ نہ ٿيو، ممتاز صاحب منھنجو اڄوڪو ڏينھن بہ کاري ڇڏيو. انتھائي مايوسيءَ واري حالت ۾ ٽيبل تي ٺونٺ رکي، مٿي تي هٿ ڏيو ويٺو هوس، جو اوچتو دروازو کليو. پوئتي نھار ڪيم تہ، ممتاز صاحب اندر داخل ٿيو. پگهر ۾ شم، پر مرڪندڙ. پنھنجي سيٽ تي ويھڻ کان اڳ ئي هڪ لفافو منھنجي اڳيان ٽيبل تي رکندي چيائين، ”وڃ، وڃي حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ جوائن ڪر.“
هو منھنجي ڪم خاطر صبح سان پنھنجي آفيس اچڻ بجاءِ سيڪريٽريٽ هليو ويو هو، ۽ جيسين منھنجو ڪم نہ ٿيو، هو اتي ئي ويٺو رهيو هو!
ممتاز مرزا جو مون تي اهو هڪڙوئي احسان نہ هيو، هن تہ مون تي اڻ ملئي ئي احسان بہ هيو. مون 1986ع ۾ پنھنجو پھريون ٽي وي ڊرامو لکڻ کان پھرين، ممتاز مرزا جي ڊرامن جو ڪتاب ”آخري رات“ پڙهيو هو. اهو هڪڙو ڪتاب ڇا پڙهيم، ڄڻ ڊرامو پنھنجو پاڻ مون ڏانھن هليو آيو. هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ڊراما لکيم، جيڪي ممتاز مرزا پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اوڪي ڪندو ويو، ۽ محمد بخش سميجو (مرحوم) پروڊيوس ڪندو رهيو.
ممتاز صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات بہ گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار اسڪرپٽ لکڻ کان پوءِ ئي ٿي. هن پھرين ملاقات ۾ ئي پنھنجي ڪرسي ڇڏي، ٽيبل کان ڦري اچي ڀاڪر وڌو هو. پوءِ ٽي وي تي اڪثر ساڻس ملاقاتون بہ ٿينديون هيون ۽ ڪچھريون بہ. ڪچھريون بہ اهڙيون، جو هن نہ ڪڏهن پنھنجي علمي قابليت جو رعب رکيو ۽ نہ ئي عمر جو فرق محسوس ٿيڻ ڏنو.
منھنجي هڪ سولو پلي ”سمجهوتو“ ۾ ڪي تبديليون ڪرائڻ لاءِ 1987ع ۾ بيدل مسرور مون کي لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ سڏايو. ان زماني ۾ بہ مان پي ٽي وي تي ”A“ ڪيٽيگري جي رائيٽر طور اپرووڊ هيس. پي.ٽي.وي تي A ڪيٽيگري جي ليکڪ کي بہ ان دؤر ۾ پنجويھن منٽن جي ڊراما اسڪرپٽ جا سوا ڇھہ سؤ روپيا ملندا هيا. جڏهن ممتاز صاحب کي خبر پئي تہ مون کي اسڪرپٽ ۾ ڪنھن تبديليءَ لاءِ لاڙڪاڻي کان سڏايو ويو آهي، تہ افسوس سان چيائين، ”يار! اسڪرپٽ جي معاوضي کان وڌيڪ تہ تنھنجو خرچ ٿي ويندو!“
مان جواب ڏيڻ بجاءِ مرڪي چانھن پيئڻ لڳس.
ممتاز صاحب چيو، ”تو شاعري بہ تہ ڪئي آهي نہ؟“
وراڻيم، ”ها! ڪي ٻہ چار غزل ۽ هڪ اڌ نظم.“
هن پڇيو، ”ڪجهہ ياد اٿئي؟“
وراڻيم، ”بس هڪڙو غزل ياد آهي.“
ممتاز صاحب بنا دير جي، ڪنھن اسسٽنٽ کي سڏايو ۽ کيس چيو، ”هاڻي جو هاڻي وڃي ڏسو، ڪنھن ڊرامي جو سيٽ لڳل هجي، تڏهن بہ زيب جو غزل ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪيو.“ ۽ ان ئي ڏينھن ڪنھن سيٽ تي ويھاري مون کان غزل پڙهايو ويو. ڊرامي جي سوا ڇھہ سؤ جي چيڪ کان سواءِ، هڪ هزار کان وڌيڪ جو هڪ ٻيو چيڪ اچي مون کي مليو!
ائين، ٽي وي تي ممتاز صاحب جون مھربانيون ۽ محبتون سدائين مون سان ساڻ رهيون.
ها، تہ مون ڳالھہ پئي ڪئي تہ، ممتاز صاحب ليڪچرر جي حيثيت سان منھنجي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ڪرائي ڏني، جنھن کان جلد ئي پوءِ مان وري اتان بدلي ڪرائي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي هليو ويس، جو پويان لاڙڪاڻي ۾ مان پنھنجو اشاعتي ادارو ”سڳنڌ پبليڪيشنس“ ۽ ڪتاب گهر بہ ڇڏي آيو هوس، جيڪو منھنجي غيرموجودگيءَ سبب فعال نہ رهيو هو. مان لاڙڪاڻي واپس وڃي بہ جڏهن سڳنڌ پبليڪيشن کي ٻيھر فعال نہ ڪري سگهيس، تڏهن مون ڪتاب گهر کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري واپس حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جو سوچيو. اهو 1991ع جو سال هيو. ان وقت ممتاز مرزا ٽي وي جي نوڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل وڃي ٿيو هو. ممتاز صاحب ڊپارٽمينٽ جي طرفان لاڙڪاڻي آيو، تہ منھنجي ڪتاب گهر تي هليو آيو. جڏهن کيس ٻڌايم تہ، ڪتاب گهر بند ڪري رهيو آهيان تہ پڇيائين، ”هي هزارين ڪتاب هتي وڪامي ويندا؟“
وراڻيم، ”ڪجهہ تہ وڪامي ويندا ۽ باقي ٻورن ۾ بند ڪري ڪٿي رکي ويندس.“
ممتاز صاحب هڪ نظر مختلف شيلفن ۾ رکيل ڪتابن ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ چيو ”اسان جا آفيسر تہ ڪميشن جي چڪر ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب خريد ڪري ايندا آهن، پر هتي تہ تمام سٺا ڪتاب پيا آهن.“ ۽ پوءِ هن ڪتاب گهر کان ٻاهر، سندس انتظار ۾ بيٺل پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر کي سڏي چيو، ”هي سڀ جو سڀ ڪتاب اسان پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي لائبريرين لاءِ خريد ٿا ڪريون. تون ويھي زيب کي ٻڌاءِ تہ ڪيترا ڪتاب ڪھڙي لائبريريءَ کي موڪلڻا آهن.“ ۽ پوءِ، سڳنڌ ڪتب گهر جا اهي سمورا ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سڄي سنڌ ۾ پکڙيل لائبريرين ڏانھن موڪليا ويا هئا. انھن سڀني لائبريرين مون کي پئسا بہ امانت باسلامت ڏياري موڪليا هئا، سواءِ ڪراچيءَ جي هڪ لائبريريءَ جي، جنھن جو انچارج حافظ ارشد انڍڙ هيو.
ممتاز صاحب سان منھنجو تعلق پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر واري ٽيبل کان جڙيو هو، جنھن ٽيبل کان ڦري اچي هن مون کي پھريون ڀاڪر پاتو هو ۽ پوءِ ان تعلق جي وچ ۾ ڪنھن بہ وڏي عهدي جي ٽيبل رڪاوٽ نہ بڻجي سگهي. ان ڪري تہ سندس تعلق ۾ سندس محبت بہ شامل هوندي هئي. اها سندس محبت ئي تہ هئي، جو ڀٽ شاھہ تي لطيف ڪانفرنس جي ڪمپيئرنگ ڪندي، ڪنھن مقرر کي اسٽيج تي بيھاري، هو خاموشيءَ سان هيٺ لھي ايندو هو ۽ پنڊال جي وچ ۾ اچي مون کي ڀاڪر پائي، ڪو اجرڪ منھنجي ڪلھن تي ڇڏي، پنھنجي سونھري وارن کي سنواريندو، اسٽيج ڏانھن واپس هليو ويندو هو.
۽ اڄ…
جڏهن مان هي لفظ لکي رهيو آهيان
تڏهن لڳي رهيو آهي
ڄڻ سونھري وارن وارو اهو شھزادو
اسٽيج جي ٻئي طرف هليو ويو آهي
جتي بہ شايد
ڪوئي سندس محبتن جو منتظر آهي......
(2004ع)