آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book توکي مون ساريو

سليم چنا: گوڏي گاڏي ۽ دنيا جو گولو

سليم چنا پنھنجي زندگيءَ ۾ ايترو پنڌ ضرور ڪيو هوندو، جو هو دنيا جي گولي تي 90 ڊگري تي هلڻ شروع ڪري ها تہ، شايد هن مھل تائين دنيا جو سڄو گولو پيرين پنڌ لتاڙي واپس اچي وڃي ها. اونھاري جي ساڙيندڙ ۽ ڪاڙهيندڙ منجهندن کان سياري جي انتھائي سرد راتين ۾، هو مون کي حيدرآباد جي رستن تي پنڌ ئي پنڌ نظر آيو آهي. ائين بہ ناهي تہ وٽس ڪرائي جا ڏوڪڙ ناهن، هو مڇي مانيءَ وارو سکيو ستابو شخص آهي ۽ لينڊ ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر آهي، پر بس، پنڌ جي پِٽَ اٿس. قاسم آباد مان گهران نڪرندو تہ سائيٽ ايريا تائين پنھنجي آفيس پنڌ ويندو. وري جو آفيس کان نڪرندو تہ رکندو گوڏن تي زور ۽ وڃي نڪرندو گاڏي کاتي. يارن دوستن سان ملندو، ٺيلھن ۽ بوڪ اسٽالن تي نون آيل ڪتابن ۽ رسالن کي اٿلائيندو، رستي هلندي واقفڪارن سان ڪچھريون ڪندو. رستي هلندي ڪنھن يار دوست فنڪشن جا سؤ کن ڪارڊ پھچائڻ لاءِ هٿ ۾ ڏئي ڇڏيس تہ بنا منھن گهنجائڻ جي مرڪي اها ذميداري قبول ڪري وٺندو ۽ رکندو گوڏي گاڏيءَ تي زور. سڄو حيدرآباد جو شھر پنڌ لتاڙي، هر هڪ اديب کي سندس گهر، آفيس يا دڪان تي ڪارڊ رسائيندو، اڌ رات جو وڃي گهر رسندو. ائين هو هڪڙي ڏينھن ۾ ٽيھہ چاليھہ ڪلوميٽر پنڌ سٽيو وڃي. جيڪڏهن اسان جي هن يار کي ميٽر لڳل هجي، تہ خبر پوندي اسان پارا گاڏين ۾ بہ ايترو نٿا هلن، جيترو هي گوڏي گاڏيءَ وسيلي هلي ٿو، پر حيرت جي ڳالھہ آهي تہ هو ٿڪجي نٿو.
سليم انتھائي سادگي پسند، ماٺيڻو ۽ شريف ماڻھو آهي. پنڌ هلڻ ڪري ساڻس ڪيترائي دلچسپ واقعا بہ ٿيا آهن. هڪ رات هو دير سان قاسم آباد جي واڌو واھہ روڊ تان وڃي رهيو هو، رستي ۾ رينجرس وارا ماڻھن جي تلاشي وٺي رهيا هئا. سليم کي بہ روڪي لائين ۾ بيھڻ لاءِ چيائون. اسان جو هي يار شرافت سان وڃي لائين ۾ بيھي رهيو. ڪجهہ دير کان پوءِ سندس تلاشي ورتائون، تڏهن بہ هن ڪجهہ نہ ڪڇيو. تلاشي کان پوءِ سپاهيءَ کائنس رعبدار آواز ۾ پڇيو، ”ڪيا ڪرتي هو؟“
”انسپيڪٽر هون، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾.“ سليم وراڻيو.
”لگتي تو نھين هو!“ سپاهيءَ حيرت سان چيو.
سليم کلي وراڻيو، ”لگتا تو مين خود ڪي ڀي نھين، ليڪن هون انسپيڪٽر.“
سپاهيءَ کي اعتبار نہ آيو تہ سليم کيس پنھنجو سروس ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريو. سپاهيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن سليم کي سليوٽ ڪيو. سليم ڪارڊ واپس وٺي وري رکيو گوڏن تي زور. اهو ئي واڌو واھہ روڊ، جتي رات جو ڪتا بہ ڏاڍا هوندا آهن.
اڄڪلھہ تہ سليم حيدرآباد ۾ سنگت ساٿ جا ڪارڊ ورهائيندي نظر ايندو آهي، پر ڪجهہ سال اڳ هو مختلف علمي ادبي تنظيمن توڙي اين جي اوز طرفان مختلف موضوعن تي سروي ڪندي نظر ايندو هو. هو روز هڪ نئون رجسٽر کڻي اچي حاضر ٿيندو هو تہ فلاڻي موضوع تي ٻہ چار سٽون لکي ڏيو. ان زماني ۾ مون سندس نالو رکيو هو. ”سليم چنا سروي والا“ ۽ اهو نالو حيدرآباد جي ادبي حلقن ۾ مشھور بہ ٿي ويو هو. هاڻي بہ اسان پارا يار کيس ڪڏهن ڪڏهن ”سروي والا“ ئي چوندا آهن.
سليم اهي سڀ ڪم سدائين معاوضي، نالي ۽ لالچ کان سواءِ ڪيا آهن. بس ڪنھن دوست يار ڪم چيو تہ هن وٽ انڪار ناهي. حفيظ ڪنڀر هن کان سڄي سنڌ جي شھرن ۾، روڊن رستن تي بيھاري ”اسٽريٽ ٿيٽر“ ۾ اداڪاري ڪرائي. ٻہ سال کن اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرامن ۽ فنڪارن جي حقن لاءِ ٿيندڙ هلچل جي سلسلي ۾، اداڪار گلاب چانڊيو سهڪار لاءِ مون وٽ آيو تہ، سڀ کان پھرين مون سليم چنا کي سڏائي گلاب سان ملايو تہ، تحريڪ ۾ هن خدائي خدمتگار جو هئڻ ضروري آهي ۽ سچ تہ ان تحريڪ ۾ سليم جي محنتن جو بنيادي ڪردار رهيو. هو اخبارن ۾ خبرون پھچائڻ ۽ وري صبح سان ويھارو اخبارن مان ڪٽنگس ڪري، اختيارين کي انھن جون فوٽو ڪاپيون پوسٽ ڪرڻ کان وٺي سموري ڪار وهنوار هلائڻ جون سموريون ذميداريون نباهيندو رهيو. باقائدي پورهيو ڪندو رهيو، پر جڏهن پي ٽي وي انتظاميہ سان ڳالھين جي ميز تي پھتاسين، تہ هن هروڀرو ڳالھائڻ وارو شوق ڪڏهن بہ نہ ڏيکاريو. پي ٽي وي جي ان وقت جي جنرل مئنيجر اطھر وقار عظيم سان اسان جي پھرين گڏجاڻي ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ۾ ٿي هئي. ان ڏينھن ”سنڌ آرٽسٽس ۽ رائيٽرس ايڪشن ڪاميٽي“ جو چيئرمن گلاب چانڊيو ڪنھن ڊرامي جي شوٽنگ لاءِ لاهور هليو ويو. دوستن جي صلاح سان مون ئي ڳالھيون هلايون. انھي دوران رحمت ماڃوٺي، طارق عالم ۽ حفيظ ڪنڀر ڳالھين ۾ ساٿ ڏنو، پر سليم چپ چاپ هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهہ ڪاغذن مٿان جهڪيل رهيو. چئن ڪلاڪن جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ جڏهن اٿياسين تہ، سليم ڪاغذن جو ٿهو ڏيکاريندي چيو.، ”يار مون تہ هتي ويٺي ويٺي ڪھاڻي لکي ورتي!“
سو سائين، سليم فقط پنڌ گهڻا نٿو ڪري پر ڪھاڻيون بہ گهڻيون ٿو لکي. مون ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار هوٽل کان وٺي، قاسم آباد جي گرڊ اسٽيشن اڳيان ٻاڪڙا هوٽل جي بينچ تي ويٺي هن کي ڪھاڻيون لکندي ڏٺو آهي. ڪيترا سال اڳ، هو رات جي وقت مون کي گرڊ اسٽيشن وٽ ٿڙي تي ويٺل نظر آيو. ڀرسان وڃي سبب پڇيومانس تہ چيائين، ”اڄ ٻہ ڪھاڻيون لکي چڪو آهيان. هاڻي ٽين پيو سوچيان!“
ڪجهہ فاصلي تي نظر ايندڙ سندس گهر ڏانھن اشارو ڪري چيم، ”وڃي آرام ڪر، هڪ ڏينھن ۾ ٽي ڪھاڻيون لکڻ ضروري آهن ڇا؟“
چيائين، ”هن مھل تائين ٻہ سؤ نوانوي ڪھاڻيون لکي چڪو آهيان، اڄ رات هڪ ڪھاڻي لکي ٽي سؤ پوريون ڪرڻيون اٿم.“
اها ڳالھہ تہ ڪافي سال اڳ جي آهي. هاڻي تہ سندس ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو ٽي سؤ کان گهڻو وڌيڪ ٿي چڪو آهي، پڪ سان هو تعداد جي لحاظ کان نجم عباسيءَ سوڌو سڀني سنڌي ڪھاڻيڪارن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، پر منھنجي دل چاهيندي آهي تہ اسان جو هي يار جيڪر مقدار بجاءِ معيار کي ترجيح ڏي ها، پر اها بہ حقيقت آهي تہ وڏي مقدار مان سندس ڪجهہ ڪھاڻيون معيار تي بہ پوريون لھن ٿيون. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سندس اهي معياري ڪھاڻيون مقدار جي ڍير ۾ دٻجي ويون آهن. جيڪڏهن سليم جي سمورين سوين ڪھاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي تہ، پڪ سان سندس معياري ڪھاڻين جو ايترو تعداد ضرور نڪري ايندو، جيتري ڪل ميراث سان، اسان جا ڪيترائي سينئر ڪھاڻيڪار عظمت جا دعويدار بڻجي ويا آهن، پر اسان جي پياري يار سليم وٽ ڪنھن بہ وڏائيءَ جي ڪا دعويٰ ناهي. هو خاموشي سان پنڌ ڪندو رهي ٿو… حيدرآباد جي شاهراهن جا بہ، تہ ادب ۽ آرٽ جي واٽن جا بہ.

(2003ع(